سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر پورب

صفحو :10

 

 

 

تڏهن ڦڪهَڏِهِين

 

سُر پورب

 

داستان پهريون

 

(1)

ڪري ڪانگَ ڪوُرِنِشُون، پيرينءَ پِرِين پَئيج،

آئُون جو ڏِيانءِ سَنِيهڙو، وِچِ مَ وِساريج،

اَللهَ لَڳِ لَطِيفُ چَئي، ڳُجهو ڳالهائيج،

چُئان تِئن چَئيج، ته کِنياتا خوش هُئين.

 

(2)

اُڏُر لَڳِ اَللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾،

آئُون جو ڏِيانءِ سَنِيهو، سانڍِ بَرابَرِ ساهَ،

سَندي ڳُجهاندَرَ ڳاهَ، ڪَهجِ مَ قَرِيبَنِ ري.

 

(3)

آءُ اُڏامِي ڪانگَڙا، پارانڀانِ پَچار،

ويهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوار،

جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسار، سي اُڏامي آڻِ پِرِين.

 

(4)

مَٿي لامَ لَطِيفُ چَئي، پارانڀانِ پَچار،

ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اوهان جِي ڪار،

جي ڏِٺَئِي ۾ ڏيسار، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

 

(5)

وَهلُو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻ ويههُ،

جَنِ ڏوُرِ وَسايو ڏيههُ، سي اُڏامِي آڻ پِرِين.

 

(6)

پِرِين جي پَرَڏيههِ وِيا، ڪانَگَلَ سيئِي ڪوٺ،

جَنِين ري جَهانُ ۾، اَکَڙِينِ اَروٺ،

اَلله لَڳِ لَطِيفُ چَئي، ڪِجِ ڳاراچو ڳوٺ،

جي ڏَمَرِيا ڪِنهن ڏوٺ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

 

(7)

پِرِين جي پَرَدِيسِ وِيا، تَنِ جِي ڪانگا ڪِجِ خَبَرَ،

تَه سَڀِ مَڙهِيان سونَ سين، پَکِي تُنهِنجا پَرَ،

گهُمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينِ کي.

 

(8)

آءٌ ڪانگا وَڻ ويههُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيههَ جُون،

چَڱا ڀَلا سُپِرِين، ڪِي سُکِ وَسي ساڻيههُ،

پِرِيَنِ لَئي پَرَڏيههُ، مُون تان گَهَڻون نِهارِيو.

 

(9)

ڪَرُ کَڻِيو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،

آڻِيو ڏِئي آتَڻَ ۾، سَنِيها ثابُوتُ،

ڪانگَلَ اَٿئون قُوتُ، پيغامق تَنِ پِرِيَنِ جا.

 

(10)

مَٿان مَنَهن مُنهِنجي، ڪِنهن اُڏايو ڪانءُ،

ڳِنهي آئِيو ڳالَهڙي، سَندي سُپِيرِيانءُ،

جيڏيُون جاڙَ ڪِيانءُ، سُئُمِ هوُندَ سَنِيهڙو.

 

(11)

ڪَڍي ڪانگا تو ڏِيان، هِنئُون ساڻَ هَٿَن،

وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَن،

پِرِين مانَ چَون، تَه هيئن قُربانِ ڪير ٿِئي.

 

(12)

ڏائِي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَهِيو،

سُوريتِيءَ سُور پَئِي، پَهو پَٽِ هَنيو،

کامِي اَرٽُ کَنيو، ويچاريءَ وِروُنَهن مانِ.

 

(13)

ڏائي چَڙهي ڏارَ تي، ٿو زاغُ ڪَري زارِيُون،

آڻِيو ڏي آتَڻَ ۾، سَنيها سارِيُون،

ماٺِ ڪَرِيو مارِيُون، تَه ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو.

 

(14)

ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪا جا لاتِ لَتي،

آتَڻَ ۾ اَندوهُ ٿِيو، سَگهي ڪانَ ڪَتي،

ويڙهِي مَنجههِ وَتي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَمائِيو.

 

(15)

ڪِي جو زاغ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ،

پَهُچايائين پِرِينِ جا، سَرتِيُون اَڄ سَلامَ،

ڪاڪِيُون ڪَتي ڪا مَ، تَه ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو.

 

(16)

واڪا ڪيو وَڻَنِ ۾، اَچِيو اَچِيو پُونِ،

سَنيها سيڻَنِ جا، چوٽِي چڙهيو چُونِ،

ڪانگَ نَه ڪوڙا، هُونِ، پِرِيان سَندي پارَ جا.

 

(17)

پِريان سَندي پارَ جو، ڪانگَلُ نَه ڪوڙو،

اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دوڙو،

جو اَندر اوسيڙو، سو لاٿائين لَطِيفُ چَئي.

 

(18)

ڪانگَل قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،

تو ۾ بُوءِ بَهارَ جي، مُشڪَ کَٿُوري مڻُ،

اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهج اَڱَڻُ،

توکي پَسِي تَڻُ، سُورِنِئُون صافُ ٿِئي.

 

(19)

آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واهَ،

مَنَ مُرادوُن پُنيُون، ٿِيُون سَرهائِيُون ساهَ،

آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنهنجا ساب پِيا.

 

(20)

پيو آهين پَٽَ ۾، ڪانگَلَ ڪوهُ ٿِيوءِ،

اَڳي اُس تِڙڪو نَه سَهِين، اَڄُ سارو ڏِينهُن سَٺوءِ،

پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِيو.

 

(21)

هُئين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگَلَ پاڙِيَئِي ڪانَ،

اُتوءِ ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاهِرُ ساڻ زَبانَ،

توڙ پَهُتين تان نه، اورِيان ئِي آڻِيو ڏِئين.

 

(22)

ڪانگَلَ تُنهنجي ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِيو،

مَٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولئين سِر ٻيلانگَ،

اُڏُرَ مٿان ڦانگَ، ته گهَر اَوَنِ سُپِرِين.

 

(23)

ڪانگَلَ نيئِي ڪانگِ، مُنهِنجي ڏي مَحِبُوب کي،

لالَن لايَئِي ڏينِهَڙا، ڪِنهن سٽاڻي سانگِ،

اوهان ريءَ آڙانگِ، ويٺِي وِرهَ وَسائِيان.

 

(24)

آءٌ ڪانگَلَ تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،

مُنهِنجي ڏِجِ مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائي،

پِرين پَڙهائي، مانَ سُڌِ لَهَنِ سُورُ جِي.

 

(25)

اَڱڻان هيٺ نَه اُتَري، ڪانڪان ڪانگُ ڪَري،

پِرِيان سَندي پارَ جِي، ڪانگَل ڳالهه ڳَري،

پَٽِ نَه پيرُ ڌَري، اُڀو چَوي آيا پِرِين.

 

(26)

آءُ ڪانگا ٻَهُو ڪولِ، سُڌِيُون ڏي ساڻيههَ جُون،

جي آندَءِ عَجِيبَنِ جا، سي خَطّ خُوشِيءَ مان کول،

آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيهو سَڄَڻَ جو.

 

(27)

ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِئي خُوبُ خَبَرَ،

لَسَ تِنهيِن ۾ لِکيا، دِلاسا دِلبَرَ،

هِينئڙو مُون هَرَ هَرَ، وانچِيو وانچِيو وِندري.

 

(28)

ري پِرِيان پَرَديسَ ۾، وِرَه وَڌي ڪِي وَسُ،

اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، ٿِيُون گامَ نِهارِينِ گَسَ،

ڏِيندا پانڌي ڏسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَروُن.

 

(29)

زاغُ تُنهنجِيءَ ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون،

اُڏامِجِ، عَبدُاللطِيفُ چَئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏوُنهن،

ڪِجِ وِينتِيُون وِترِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَهون،

لالَن ڪون لَهُون، جِهو تو جَهانَ ۾.

 

(30)

قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، ٽاريءَ تي ٽِلي،

کَڻِيو کِنياتو خَبَروُن، کِيروُن ڏِيو کِلي،

لائِي جَنهن لالَنَ سان، مُنهنجِي باتِ بِلي،

سو وَر چَشمَنِ تِي چَلي، جو دَرباري دوس جو.

 

(31)

ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِينءَ جا اَڱَڻِ آيو ٽِلُ،

بِيائيدِ، بنشِنيدِ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،

زاغ گُفتِ فَهميدَم، خوُشحالُ ويٺو کِلُ،

غُرابُ نَه غافِلُ، جِنهن طعنا تَنڪا لائِيا.

 

(32)

پِريان سَندي پارَ جو، ڪُتو جي ڪانءُ،

اُنِهين مَٿان آءٌ، ڪوڙين قُربانِي ٿِيان.

 

(33)

سو ڪانگُ مَ قاصِد ڪَر، جو سَدا ڍوُنڍي ڍُونڍَ کي،

ڪِ ڪَندو پَنهنجي پيٽَ جي، ڪِ وِيندو دوسن دَرِ،

جِنهن جي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَهِيو.

 

وائي

سائِين! سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄِي سين جوڳِئين،

هَلَڻَ جو هَنگلاجَ ڏي، آدِيسِيَنِ اُتوم،

سائِين! سَڱَ سَندوم!

نيئِي پُورَبَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ،

سائِين! سَڱَ سَندوم!

سوئِي تِيرَٿُ تَڪِيو، سوئِي پَنڌَ سَندومِ،

سائِين! سَڱَ سَندوم!

هُو جو تِيرٿَ تَڪِيو، سامِيَنِ سُونهايومِ،

سائِين! سَڱَ سَندوم!

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

سَدا شوق پِريَنِ جي، ڦِران ڦيري دار،

مانَ سَڃيهُون يارُ، اَڳِيان اَکَڙِيُون کَڻِي.

 

(2)

تَنِ اَکِيَنِ اُتان سُکَ، کِلَندي کَڻَنِ جي،

پِرينَ پاٻوهَڻ سان، ڏوُر ڪِيا سَڀِ ڏُکَ،

ماڙهُنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنهان ڪِيا.

 

(3)

سامِي چائِيين، سُک طلَبِئين، هُوندَنِ جِئن مَ هو،

توکي ويسَ وِڃائيِو، ويسُ وِڃايو تو،

سامِي آهي سو، جنهن پاڻُ وِڃائي پُوريو.

 

(4)

سامِي چائِيين، سُک طَلِبئين، سِکئين نَه سامِي،

اَڃا اورِئين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي،

گُرَ کي تُون نَه گَڏِئين، چائيين اِنعامِي،

دائِمُ مُدامِي، پُورو رَهِجِ پِرِينِ سين.

 

(5)

سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، هو مَ هُوندَنِ جِئن،

لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي، هُونِ آدِيسِي اِئَن،

سي ڪاپَڙي ڪِئن، جي تَعلق رَکَنِ تَڪِيا.

 

(6)

سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، وارِئين نَه ويراڳُ،

لاڳاپا لَطِيفُ چَئي، جوڳِي ڇَڏي جاڳَ،

جيئن تُون ڀُڻين سَنَرو، ايّ آدِيسِيَنِ اَڀاڳَ،

لاهُوتِيڪو لاڳُ، مَرين جي تَه ماڻِئين.

 

(7)

سامِي چائيين، سُک طَلبِئين، تَسِئا ڏِئين نَه تَنَ،

ماڙُهنِ کان منهن ڪيو، پِنين اَٽا ۽ اَنَ،

ڪاپَڙي تو ڪَنَ، ڪِ چِيرايا چَشَن لئي.

 

(8)

پُوربِيا پُوري وِيا، آسَڻ آڌيءَ راتِ،

سُيُمِ نَه سَناسِيَنِ جُون، پَچاروُن پِرڀاتَ،

ڪا جا جوڳِي ذاتِ، سِٽَ نَه مَعذوُرن جا.

 

(9)

پُورَبيا پُوري وِيا، آسَڻَ اَڄُ صُبُوحِ،

خَستُوريءَ خُوشبُوءِ، آهي آديسِي گَيا.

 

(10)

مَٿي راهُ رَوان ٿِيا، پوُرب پُورِيائُون،

هِي گهَر گهورِيائُون، اَڳانڍِيائُون اَڳِيان.

 

(11)

پُورب ۾ پيهِي، تان مُون گهَڻُون نِهاريا،

سُڌِ نَه مُڪِي سَڄَڻين، جيهِي نَه تيهِي،

هُئا پَرَڏيهِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا.

 

(12)

پُورب مارِياسِ، ڪِنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙي؟

مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَري پاڻَ ٿِياسِ،

جنهِين نَه جِيهِياسِ، ما لَنئُون لَڳي تَنِ سين.

 

(13)

پُورب پُورب تَب ڪَروُن، جُب هِينئري آوَن پُورَ،

سِڪَندي کي سَڄَڻين، نڪُون لايُون نُورَ،

مارِيَسِ انَهِين سُورَ، جِئن ساڄَنُ سُڄي، نَه مِلي.

 

وائي

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا! سي ڪِئن رَهندا نيڻَ مُنهِنجا؟

آگي اُڀ خَلقِيا، ڀَلي خَلقِيائِين ڀُون،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!

جوڙِيائِين جوڙَ جَهانِ جِي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!

ڪُوڙي دُنِيا، ڪُوڙا پَسارا، ڏِينهن مِڙيئِي ڏوُن،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!

آهِيُون اَلفَ آسَري، مُحَمّدُ مَڃيوسُون،

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!

  

سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، هو مَ هُوندَنِ جِئن،

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com