سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:8 

باب ٻيو

سنڌ مدرسة الاسلام جو علم ۽ ادب جي ترقي ۾ حصو

        “سنڌ مدرسة الاسلام” سنڌ جو اهو مکيه تعليمي ادارو آهي، جنهن نه رڳو سنڌ جي مسلمانن لاءِ تعليمي خدمتون سر انجام ڏنيون، پر سياست ۽ علم ادب جي به اهم خدمت ڪئي آهي. مدرسي سنڌي علم ادب جي ترقي ۾ جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انهيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: پهريون اشاعت وسيلي ادب جي خدمت، ٻيو استادن وسيلي ادب جي خدمت ۽ ٽيون پيدا ڪيل اديبن وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت. هيٺ ٽنهي طريقن جو ڌار ڌار ذڪر ڪجي ٿو:

الف: اشاعت وسيلي علم ادب جي خدمت:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” اشاعت توڙي تبليغ جي ذريعي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت پئي ڪئي. هڪ طرف علمي ۽ ادبي نوعيت جون مختلف سوسائٽيون قائم ڪيون ويون ۽ ٻئي طرف اخبارون ۽ رسالا جاري ڪيا ويا. سوسائٽيون جن جو تفصيلي ذڪر اڳ ڪيو ويو آهي، توڙي رسالا شاگردن، استادن ۽ اديبن لاءِ ادبي جوهر ڏيکارڻ جا مکيه ذريعا ۽ وسيلا هئا.

        1885ع ۾ جڏهن “سنڌ مدرسة الاسلام” قائم ڪيو ويو ته رجعت پسند مسلمانن مدرسي ۽ ان جي باني جي مخالفت ڪرڻ لڳا. اِها وقت جي تقاضا هئي، ته عام راءِ کي هموار ڪيو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ هن تحريڪ جا مخالف هن عظيم ڪارنامي کي نقصان رسائي ٿي سگھيا ۽ مدرسي جي ڪارڪردگي متاثر ٿي پي سگھي. اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1889ع ۾ مدرسي طرفان “معاون” نالي سان هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي[1]. جنهن ۾ نه رڳو مخالف ڌرين کي مدلل جواب ڏنا ويندا هئا، پر ان ۾ علمي ۽ ادبي مواد به شايع ٿيندو رهندو هو. ان اخبار جو پهريون ايڊيٽر مرحوم مولوي الهه بخش اٻوجھو مقرر ٿيو. جنهن کان پوءِ اِها ذميواري سنڌ جي نامور شاعر شمس الدين “بلبل” کي ڏني ويئي[2]. “بلبل” جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ “آمري” جو مولوي سيد محمد شاهه مصطفوي، انهيءَ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو[3]. مولوي صاحب هن اخبار جو آخر تائين ايڊيٽر ٿي رهيو. جڏهن آگسٽ 1895ع ۾ مدرسي جو باني هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، ته “معاون” به پوءِ جلدي ئي بند ٿي ويئي. جنهن کان پوءِ “سنڌ مدرسه مخزن” جو اجراع ٿيو هن مخزن جو تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

سنڌ مدرسه مخزن

تعارف:

       1857ع واري آزاديءَ واري جنگ کان پوءِ  برصغير  جي مسلمانن ۾ اجتماعي سوچ ۽ جدوجهد جو جذبو ويتر وڌي ويو. هن واقعي کان چوڏهن سال اڳ سنڌ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو هو. سنڌ پنهنجي نئين ڌارئيي حاڪم کي چڱا ٽوٽا چٻايا ۽ 1857ع واري واقعي ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن آزاديءَ جي تڙپ مسلمانن جي زندگيءَ ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. مسلمان زندگيءَ جي هر ميدان ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا. “سنڌ مدرسي” جو قيام انهيءَ ڪوشش جي سلسلي جي ڪڙي هئي. هن مدرسي ۾ ٻين اعليٰ اسڪولن ۽ تعليم گاهن جي روايت کي برقرار رکندي اشاعتي سلسلو جاري ڪيو ويو.

        هن مخزن جو اجراع نومبر 1903ع کان شروع ٿيو ته جيئن هڪ طرف اسڪول جون ڪارڪردگيون رڪارڊ تي آنديون وڃن ۽ ٻئي طرف وري سنڌي مسلمانن جي معلومات لاءِ ادبي ۽ تاريخي مواد مهيا ڪيو وڃي. مخزن  شروعات ۾ “الحق” پريس حيدرآباد ۾ ڇپي هئي ۽ هن ۾ ڪل 40 صفحا هوندا هئا، 10 صفحا انگريزي لاءِ ۽ 30 صفحا سنڌي لاءِ. اڳتي هلي هن مخزن جا صفحا وڌايا ويا ۽ ان ۾ اردو توڙي گجراتي حصا به ڏنا ويا. هي مخزن سال ۾ ڏهه مهينا نڪرندي هئي. هن جو ساليانو چندو شاگردن لاءِ هڪ روپيو ۽ ٻين لاءِ ٻه روپيا هوندو هو[4].

        مخزن شروعات ۾ ماهوار هوندي هئي، جيڪا پوءِ آگسٽ 1907ع کان ٽماهي جي صورت ۾ نڪرڻ لڳي، جنهن کان پوءِ هن مخزن کي “مدرسه ڪرانيڪل” سڏيو ويو. اهو سلسلو ڊسمبر 1909ع تائين جاري رهيو. جنهن کان پوءِ مالي مشڪلاتن سبب مخزن جون 1912ع تائين نه نڪري سگھي. تنهن کان پوءِ وري جولائي 1912ع کان شايع ٿيڻ لڳي[5]. وچ ۾ وري مالي مشڪلاتون مخزن جي اشاعت لاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻيون، ان ڪري وري نئين سري سان هي مخزن جنوري 1925ع کان نڪرڻ شروع ٿي[6].

        هن مخزن جا ايڊيٽر مدرسي جا استاد ئي هئا. ان جو پهريون چيف ايڊيٽر عبدالحق شيخ هو. هن مخزن جي ٻئي پرچي ڊسمبر 1903ع کان وٺي سندس پيشاني تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو هي شعر ڏنو ويندو هو:

“دلا در ملک ما آمد روائح روح دلهارا
مطالع ماهوار کرد دم مسرور مارا
اگر داد هوس کس سال او در مصرع مهمل
دلم کرده سوال- مدعا علامه علماره
صدا کرده ملک مع امدول الحمد در سمعمه
رساله مدرسه اسلام.....صلح آرا”[7].

مواد:

        هن مخزن ڪيترائي سال مسلم لکندڙن جي خوب همت افزائي ڪئي. هن مخزن جي سنڌي حصي ۾ چڱي معيار جا ادبي ۽ معلوماتي مضمون پوندا هئا ۽ ان جي قابل ليکڪن سنڌي نثر توڙي نظم جي خاصي خدمت ڪئي هئي.

        مخزن ۾ مختلف موضوعن تي مواد شايع ٿيندو رهندو هو، جنهن جو ڌار ڌار مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

مذهبي ۽ اخلاقي مواد:

        هي مخزن مسلمان استادن، عالمن ۽ شاگردن جي گڏيل علمي ۽ ادبي ڪوشش جو نتيجو هئي. مخزن جا ليکڪ بنيادي طور تي مسلمان هئا ۽ هنن وقت توڙي حالتن جي روشني ۾ پنهنجي مذهب ۽ اخلاق کي گھر گھر پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هونئن به تعليم جو وڏي ۾ وڏو مقصد اهو آهي ته انسان کي تعليم يافته شهري بنائڻ. ان ڪري جڏهن تعليم مان مذهب ۽ اخلاق کي ڪڍي ڇڏبو ته نتيجو مڙئي نقصان ڏيندڙ نڪرندو.

        مدرسي جي هن مخزن پنهنجي پڙهندڙن جي چڱي ريت مذهبي ۽ اخلاقي رهنمائي ڪئي. ان ۾ جنهن قسم جو مذهبي ۽ اخلاقي مواد شايع ٿيندو رهندو هو ان جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو:

نمبر

عنوان

ليکڪ

پرچو

1

جواهر نصائح

شمس الدين “بلبل”

جنوري 1906ع

2

مڪالمه شاهه سڪندر ۽ وزير

عبدالغفور هالائي

مارچ 1906ع

3

حضرت بشر

مير بشارت حسين

اپريل 1906ع

4

اعليٰ تعليم روحاني تفهيم

مولوي محمد عثمان “فقيه”

جولائي 1906ع

5

اسلام جي خوبين جو اظهار

مولوي محمد عثمان “فقيه”

آگسٽ 1906ع

6

قرآن شريف

محمد صديق مورائي

آڪٽوبر1906ع

7

خدا جي وجود جو يقني دليل

محمد صديق مورائي

ڊسمبر 1907ع

8

اسلامي همدردي ۽ ان جو دردناڪ فرياد

محمد صالح هالائي

جولائي 1912ع

9

شيخ شرف الدين سوري

علي اڪبر ميمڻ

نومبر 1925ع

10

لا اڪراه في الدين

عبدالله شيخ

نومبر 1925ع

11

انجمن اصلاح اسلام

علي اڪبر ميمڻ

اپريل 1926ع

12

تبصره

عطا حسين موسوي

جون 1927ع

13

تڪبر ۽ سندس نتيجا

عبدالله ڪوهستاني

سيپٽمبر 1929ع

14

حليمي

صدرالدين جوڻيجو

مارچ 1930ع

15

سهڻي صورت کان سهڻي سيرت ڀلي

الهه ورايو

مارچ 1930ع

16

بيبي رابعه بصري

شيخ نور الدين

مارچ 1932ع

17

نيڪي بدي

محمد يعقوب “مفتقر”

آڪٽوبر 1932ع

18

صبر جي صفت

شيخ عبدالستار

آڪٽوبر 1932ع

19

اسلام ۽ دنيا طلبي

مترجم: قاضي عبدالرزاق

آڪٽوبر 1932ع

20

اخلاق

محمد حسين شيخ

آڪٽوبر 1933ع

21

صبر جي صفت

علي محمد خان

آڪٽوبر 1933ع

22

ڪاميابي جون ڪنجيون

الهه بچايو

آڪٽوبر 1934ع

23

حضرت خواجه حسن بصري

شيخ نور الدين

مارچ 1937ع

علمي ۽ ادبي مواد:

        سنڌ مدرسي جي استادن مان ڪيترائي قلم جا ڌڻي ۽ ڏات وارا دانشور ٿي گذريا آهن. جن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي سهڻي نموني سان سينڌ سنواري آهي، انهن جون تصانيف ۽ تاليف اڄ به ادب ۽ ٻولي جي تاريخ ۾ وڏو مقام رکن ٿيون. انهيءَ ڪري اهڙن اديبن جي موجودگيءَ ۾ مخزن جو متاثر ٿيڻ نه صرف ضروري هو پر لازمي به! خود مدرسي جا ڪيترائي شاگرد علمي ادبي ذوق رکندا هئا. جن اڳتي هلي ادب جي ميدان ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. هن مخزن کي انهن استادن ۽ شاگردن کان سواءِ ٻاهرين عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جوعلمي ۽ ادبي ساٿ به مليو. ان ڪري هن مخزن ۾ وقت به وقت علمي ۽ ادبي مواد پوندو هو، جنهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

نمبر

عنوان

ليکڪ

پرچو

1

تڪبر جو خراب نتيجو (ڪهاڻي)

مرزا قليچ بيگ

اپريل 1926ع

2

اٽلي جي مشهور راڳي کي خطاب قوبيس جو راڳ

مترجم: هاسارام آڏواڻي

اپريل 1926ع

3

رات

عبدالله ڪوهستاني

اپريل 1926ع

4

مغربي ٻولين ۾ قرآن شريف جا ترجما

محمد بخش

مارچ 1930ع

5

علم ادب جي وصف ۽ ان جو مطلب

قاضي عبدالرزاق

مارچ 1930ع

6

قلم جي بادشاهت جو تاجدار

قاضي عبدالرزاق

مارچ 1930ع

7

ڪامياب ڪاريگر (افسانو)

مترجم: قاضي عبدالرزاق

سيپٽمبر 1930ع

8

لڪشمي (افسانو)

محمد يعقوب “مفتقر”

مارچ1931ع

9

مضمون نويسي

ايڊيٽر

سيپٽمبر 1931ع

10

عزت ۽ حسد (افسانو)

غلام احمد نظاماڻي

سيپٽمبر 1933ع

11

شاعر

غلام احمد نظاماڻي

آڪٽوبر 1933ع

12

مفلس دوست جو تحفو (ڪهاڻي)

محمد پنهون

مارچ 1935ع

 

تعليمي مواد:

        هي مخزن سنڌي مسلمانن جي علمي تحريڪ جي پيداوار- سنڌ مدرسة الاسلام طرفان نڪرندي هئي، ان ڪري مخزن مدرسي جي بنيادي مقصد يعني تعليم پکيڙڻ جو بنيادي ذريعو ٿي ڪم ايندي هئي. هن مخزن ۾ اهڙا مضمون به شايع ٿيندا رهندا هئا، جيڪي نج تعليم، ان جي اهميت ۽ افاديت سان واسطو رکندا هئا. اهڙن مضمونن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

نمبر

عنوان

ليکڪ

پرچو

1

ايران ۾ نئين تعليم

محمد رفيق

جنوري 1906ع

2

جپان ۾ تعليم کاتي جو دستور ۽ ضابطو

محمد رفيق

مارچ 1906ع

3

تعليم

واليڏنو

آگسٽ 1906ع

4

علم ۽ ان جو اصلي مقصد

قاضي عبدالرزاق

جون 1927ع

5

علم جي فضيلت

ناصر علي

مارچ 1932ع

6

علم ۽ ان تي عمل

رب ڏنو

مارچ 1933ع

 

تاريخي مواد:

        مطالعي هيٺ آيل دور سنڌ جي مسلمانن جي لاءِ ڏکيو دور هيو، جنهن ۾ هڪ طرف کين پرڏيهي سامراج جون سَٽون ٿي سَهڻيون پيون ۽ ٻئي طرف وري ڏيهي دشمنن جي ٺڳي ۽ فريب جو نشانو بڻجڻو پيو. انهيءَ ڪري ضروري هيو ته مسلمان اهڙين سنگين حالتن جو مقابلو ڪن. ڪا به قوم پنهنجي تاريخي ورثي تي نظر رکڻ کان سواءِ نه ته پنهنجو مستقبل سڌاري سگھي ٿي ۽ نه وري حال کي ٺيڪ بڻائي سگھي ٿي. مخزن جي سنواريندڙ ۽ سينگاريندڙن انهيءَ حقيقت کي چڱي طرح پرکي ورتو هو، ان ڪري وقت به وقت تاريخي مواد به ڏيندا رهندا هئا. انهن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو:

 

نمبر

عنوان

ليکڪ

پرچو

ا

ننگر ٺٽي جي شهر ۽ ان جي اوليائن ۽ علمائن جي تاريخ

؟

جون 1906ع

2

اوڪتائي خان بن چنگيز خان

هاسا رام جهانگيل

نومبر 1925ع

3

مائي بلڙي

شيخ نور الدين

سيپٽمبر 1931ع

4

مسلم قوم ۽ ان جو تنزل

شيخ الهه ورايو

مارچ 1932ع

5

شيراز

قاضي جان محمد

آڪٽوبر 1932ع

6

سڪندر ۽ سندس ساٿي

غلام احمد نظاماڻي

مارچ 1933ع

7

موهن جو دڙو

الهه بچايو

آڪٽوبر 1934ع

8

اورنگزيب عالمگير

نورالدين

سيپٽمبر 1940ع

شاعري:

        هن مخزن ۾ شروع کان وٺي آخر تائين استاد، شاگرد ۽ وقت جا مشهور شاعر پنهنجو ڪلام ڏيندا رهندا هئا. جيڪو قومي، اخلاقي ۽ تعليمي نوعيت جو هوندو هو. سندس ڪلام جو مختصر نمونو هن مقالي جي ٻئي موزون هنڌ تي ڏنو ويو آهي، هن هيٺ محض شاعرن جي نالن جو مختصر وچور ڏجي ٿو.

        مولانا محمد عثمان “فقه”، مرزا قليچ بيگ، ثناءُ الله “ثنائي”، شمس الدين “بلبل”، غلام قادر “قيس”، عبدالڪريم مڱريو “صائب”، غلام احمد “نظامي”، محمد هاشم “مخلص” ۽ محمد يعقوب “مفتقر”.

متفرقه مواد:

        هن مخزن ۾ مٿي ذڪر ڪيل موضوعن کان سواءِ متفرقه مواد به شايع ٿيندو رهندو هو. جنهن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو.

 

نمبر

عنوان

ليکڪ

مضمون

پرچو

ا

قوت حافظه

هاسارام جهانگيل

صحت

نومبر 1925ع

2

رفارم ڪلب

علي اڪبر ميمڻ

مزاحيه

آڪٽوبر 1927ع

3

قرض جا مرض ۽ ان جا علاج

علي اڪبر ميمڻ

سماجي

سيپٽمبر 1929ع

4

سنڌ مدرسي جي منگھڻن جي مسافرن سان جنگ

ولي محمد

مزاحيه

سيپٽمبر 1930ع

5

حب الوطني

قادر بخش ميمڻ

قومي

مارچ 1934ع

6

زنده قومن جي ترقي جو راز

محمد قاسم

قومي

سيپٽمبر 1940ع

خاص نمبر:

        سنڌ مدرسه مخزن جا وقت به وقت خاص نمبر نڪرندا هئا. جيئن 1925ع ۾ “اسپيشل ڊبل فائونڊر نمبر” ۽ 1935ع وارو “گولڊن جوبلي نمبر” ذڪر ڪيل، پهرين نمبر ۾ سنڌي جا ڪل 24 صفحا ڏنا ويا هئا ۽ گولڊن جوبلي نمبر ۾ وري صفحا وڌائي 44 ڪيا ويا هئا.

        گولڊن جوبلي نمبر ۾ نثر توڙي نظم جي صنفن ۾ ڪيترو ئي معلوماتي علمي ۽ ادبي مواد ڏنو ويو هو، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

 

نمبر

عنوان

ليکڪ

مضمون

ا

خانبهادر حسن علي آفندي جي زندگي جو احوال

قاضي عبدالرزاق

سوانح

2

سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ

قاضي عبدالرزاق

تاريخ

3

چچيءَ جي چالاڪي

ميمڻ غلام الله

افسانو

4

بدگماني

خليفو محمد قاسم

افسانو

5

آهه ڪوئٽيا

محمد سليمان

واقعاتي

6

مدرسي جي زندگي

يار محمد انڙ

تاريخ

7

ماءُ جي پيار جو آخرين اثر

دين محمد

اخلاقي

8

ڪاميابي جو راز

آغا اعجاز حسين

اخلاقي

9

زماني جا رنگ

عبدالحسين “سانگي”

شاعري

10

ويو بهار آئي خزان

عبدالحسين “سانگي”

شاعري

11

ڪسب حلال ۽ طلب رزق

عبدالغفور سيتائي

مذهبي

12

بانسري جي فرياد

عبدالرزاق

شاعري

13

منهنجو خواب

الهه بچايو ميانداد

افسانو

14

ٽريڊ مارڪ

يار محمد ٽانوري

معلوماتي

15

زمانو

غلام حسين شاهه

اخلاقي

16

خطاب سنڌ مدرسة الاسلام

عبدالمجيد عابد

شاعري

17

سچي قرباني

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

شاعري

18

سنڌ مدرسي جو ماضي ۽ مستقبل

حاجي جاڙو

تاريخ

19

قومي

يار محمد ٽانوري

شاعري

 

ب: استادن وسيلي علم ادب جي خدمت:

        1885ع کان وٺي 1947ع تائين ڪيترائي استاد “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ تعليم ۽ تدريس جي منصب تي فائز رهيا. انهن مان ڪيترائي استاد پنهنجي وقت جا نامور اديب، عالم ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. انهن پنهنجي ملازمت جي دوران سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ ورتل حصي ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. اهڙن استادن ۾ مولانا الهه بخش اٻوجھو، مولانا نورنگزادو، لعلچند امرڏنو مل، آغا تاج محمد، نورمحمد نماڻو، مولانا عبدالرحيم ۽ عبدالمجيد عابد جا نالا قابل ذڪر آهن. ڪن مکيه استادن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

مولانا الهه بخش “اٻوجھو”:

        مولانا الهه بخش اٻوجھو “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي جي باني خانبهادر حسن علي آفندي جو همعصر ۽ دست راست هو. سنڌ مدرسي جي قائم ڪرڻ ۾ مولانا تمام اهم ڪردار ادا ڪيو هو. قومي اصلاح جي لاءِ “حالي” جي طرز تي “مسدس اٻوجھو” ڪتاب لکيائين[8]. 1884ع ۾ حسن علي آفندي جي مشوري سان “مجمع محمدي” قائم ڪيائين[9].

        1889ع کان 1901ع تائين “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ فارسي جو استاد ٿي رهيو[10]. “هفتيوار معاون” اخبار جاري ڪيائين، جيڪا سنڌ مدرسي جي پريس ۾ ڇپبي هئي. مولانا هڪ سچو قومي جذبات رکندڙ اعليٰ پايه جو شاعر هو. مسلمانن ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ مدرسي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي مولانا پنهنجي جذباتن جو اظهار “مسدس اٻوجھو” ۾ تمام بهترين نموني سان ڪيو آهي. مولانا جي زندگي جو تفصيلي احوال مقالي جي ٻئي هنڌ ڏنو ويو آهي. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

 

سنڌ مدرسة الاسلام جي شاگردن کي نصيحت.

 

اڙي طالبو سمجھو ۽ ڌيان ڌاريو
 اهو مدرسو ڀاڱ ڀاري نهاريو
انڌو انڌگير نڀاڳي وساريو
سچي طلب تعليم جي سان گذاريو
پڙهو علم پورو ڪريو ڪي سڌارا
لهن مسلمانن مٿان ڪال ڪارا.

“سوجھي” ڪيا تان فتوحات باري
ڪرايو مينهن چشمه ء فيض باري
وٺو خلق تي وڏ ڦڙو ڪروگاري
ته تعليم جي ٿي اچي نوبهاري
سڪا وڻ ٽڙيا، باغ اسلام وارا
ڦٽن ٿا وري، رب وري ڏين وارا.

گلن جو سڄو سارو سامان سارو
ڪيو آهه معبود، موجود سيارو
وڏي رنگ و بو وڏي سونهن وارو
اکين ۽ ڏسڻ سان پوري ٺارو ٺارو
ٺهائڻ پيا يار، تختو گلن جو
وڌائڻ پيا روءِ صحن-چمن جو.

جڏهن تخت تي گل اچي وهڪ وارن
اتي يار چوڌار ساوڪ نهارن
چمن کي ڏسي، ڳوٺ گوندر وسارن
بهاري، مزي، عيش سان هو گذارين
ٿين گڏ اچي جام و ساقي صراحي
اچي گرم ٿي، سرد مجلس “فراحي”.

سوجھي سندو يار احسان سمجھو
سڌاري سندو سازو سامان سمجھو
ڪبو گڏ انهيءَ آهه اي جان سمجھو
ڪيو مشڪل ان آهه آسان، سمجھو
وٺو هاڻ توفيق، همت ڏيکاريو
پڙهو علم ۽ پاڻ پنهنجو سڌاريو؛[11]

 

مولوي محمد عثمان نورنگزادو “فقيه”:

مولانا محمد عثمان “فقيه”، خانبهادر حسن علي آفندي جو ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي هوندو هو. “سنڌ مدرسي” جي اڳواڻن مان هي صاحب به هڪ هو. مولانا “فقيه” هڪ ادبي شخصيت هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو تاريخ نويس به هو. شعر جي ميدان ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس شعر ۾ رواني ۽ مٺاس آهي[12].

        هي صاحب 1885ع ۾ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي قائم ٿيڻ تي ئي اچي هڪ استاد جي حيثيت سان مدرسي جي خدمت ڪرڻ لڳو. جتي 1912ع تائين ڪم ڪندو رهيو[13]. پرنسپال وائنس جي زماني ۾ مدرسه منٿلي نڪرڻ شروع ٿي. جنهن جو مولانا صاحب پاڻ ايڊيٽر هو. مدرسه منٿلي ۾ سندس مضمونن سان گڏ شعروشاعري به هوندي هئي. جيڪا مدرسه منٿلي جي سونهن ۽ سينگار هئي. مولانا جيترو وقت مدرسي ۾ رهيو پنهنجي نازڪ خيالي سان مخزن کي سينگاريندو رهيو. سندس وفات 1918ع ۾ ٿي[14]. سندس تصنيفن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

1. “فتح القيب سنڌي”، 2. “اڪسير الاحمر”، 3. “حالات غوث الاعظم”،

4. “بينات القرآن”،      5. “خطبات سنڌي”،   6. “تحفة الاسلام”.

سندس هڪ نظم مثال طور هيٺ ڏجي ٿو:

 

ڏسان ٿو ڪنگ اُتي رڙندا
جتي هئا هنج سوڀارا
ٿيا اُت زاغ سڀ ظالم
جتي بلبل جا اوتارا

جتي هئا نور نوراني
سدا چمڪاٽ حقاني
ڏسان اُت هاءِ ظلماني
وڏا انڌير اونڌارا

جتي ڪرڪاٽ ڪونجن جا
ٻڌي لُنو لُنو ٿي ڪانڊارئا
پيا ڪن ڏس اُتي پڌرا
ٺلها ڀڻڪاٽ ڀنگھارا

جتي هئا واڪ وحدت جا
خدا جي نور برڪت جا
اتي شرڪن جي شرومت جا
رهڻا انگارا منهن ڪارا

هئا جت شاهه شهبازي
جنهن وٽ حال هو ماضي
پيا ڏسجن اتي پيازي
 چُٻن جي جوڙ جھينگاري

“فقيها” يار اڙ ڀتگي
ڪٿي آهين نر ننگي
آبرالاوقات يڪ رنگي
سدا سچ ساڻ سچ وارا[15].

 

لعلچند امر ڏنو مل:

      لعلچند امر ڏنو مل جڳتياڻي 1885ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو[16]، 1903ع مئٽرڪ پاس ڪري ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ  “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ 1907ع کان وٺي 1913ع تائين هڪ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو[17].

      هي عظيم انسان نفرت جي ناسورکان پاڪ ۽ محبت ۾ مستغرق هوندو هو. هو جيترو وقت مدرسي ۾ رهيو، اوترو وقت شاگردن کي پنهنجي فن ۽ فڪر جي سوغات ڏيندو رهيو. هن صاحب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهي کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. پاڻ 1914ع کان وٺي “سنڌي ساهت سوسائٽي” طرفان ماهوار رسالو جاري ڪيائين. 1940ع ۾ جڏهن سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ٿيو، ته هن کي ان جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. انهيءَ بورڊ طرفان جڏهن مهراڻ رسالو جاري ڪيو ويو، ته هي انهيءَ سان وابسته رهيو. هن 1954ع ۾ وفات ڪئي[18].

        سندس تصنيفن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

الف: ڇپيل:

1. سدا گلاب، 2. سچ تان صدقي، 3. سون ورنيون دليون، 4. ڦلن مٺ، 5. ڪشتي جو ڪشٽ، 6. برنو، 7. ڏکن ڏڌي زندگي، 8. حُرمکي جا، 9. رام بادشاهه، 10. پريم جو پل، 11. لڳي ننڍو جئي گھڻو، 12. ماتمين کي دلداري، 13. حضرت محمد رسول الله ، 14. شاهاڻو شاهه، 15. سچل سرمست، 16. سنڌي چمن، 17. بيرنگي باغ جو سنڌي گل، 18. مسافريءَ جو مزو، 19. سر ڪيڏارو، 20. نقد رقم، 21. عمر مارئي، 22. سهڻي ميهار، 23. هندستان جي تاريخ، 24. ماڻڪ موتي لال، 25. نوريءَ جو خون، 26. ننڍڙي تشنا، 27. لڄاوتي، 28. هندو نارين سان ويل، 29. شاعراڻا گل، 30. ڀنڀور، 31. عملدارن ڪين رعيت آزاد، 32. هي هو ڇا؟، 33. تيرٿ رس، 34. ميران، 35. سُر ڏهر، 36. اندرا ۽ چندرا، 37. وچن، 38. گانڌي، 39. بسنتي ديوي، 40. سهجان جي سڪ، 41. سسئي رُل مئي، 42. چوٿ جو چنڊ، 43. سنڌي شعر جو رسالو، 44. دلوراءِ رشت، 45. کٽ تان پٽ تي، 46. ٻه خط

ب: اڻ ڇپيل:

1. ننڍڙا ناٽڪ، 2. شاهه جا ڪي سُر، 3. ساميءَ جا سلوڪ[19].

 

مولوي عبدالرحيم مگسي:

        مولوي عبدالرحيم ولد سرائي پريو خان مگسي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ سرائي پريو خان مگسي تعلقي دادو ۾ 1878ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مولوي محمد ابراهيم عباسي وٽ ويهاريو ويو، جتي هن صاحب عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سيتا ڳوٺ ۾ مولوي ميان غلام صديق سولنگي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي فارسي جو نصاب پورو ڪيائين. جنهن کان پوءِ علامه مولوي غلام محمد ملڪاڻي وٽ ڳوٺ رپ تعلقه بدين ۾ اچي درس نظامي ۾ عربي جو نصاب ختم ڪري دستار بندي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ کيس طب جي علم پرائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جيڪو مولانا حڪيم خير محمد جوڻيجي وٽان حاصل ڪيو.

        فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ رياست لسٻيلي ۾ وڃي نائب قاضي  ٿيو. جڏهن لسٻيلي جي ڄام مراد علي خان انگريزن جي ظلم ۽ تشدد کان بچڻ خاطر افغانستان هليو ويو، ته مولوي عبدالرحيم پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو ۽ اچي طب جو ڪم شروع ڪيائين.

        1910ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ معلم “فقيه و دينيات” مقرر ٿيو. جتان 1940ع ۾ رٽائر ڪيائين، سندس لاڏاڻو 1943ع ۾ ٿيو.

        مولوي عبدالرحيم انگريز دور جي انهن ليکڪن مان هڪ آهي، جن وقت جي نزاڪت کي آڏو رکي سنڌي ٻولي ۾ ديني ادب جو اضافو ڪيو، نه صرف ايترو پر هي سنڌ مدرسي جي استادن مان هڪ هيو، جن جي شخصيت ۽ ڪردار سُوين نه پر هزارين شاگردن کي متاثر ڪيو. هن خلافت تحريڪ جي دوران اهم ڪردار ادا ڪيو، ان جو اثر اهو ٿيو جو مدرسي جي شاگردن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو ۽ خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳا. مولوي صاحب تحريڪ آزاديءَ ۾ به بهرو وٺندو رهيو.

        مولوي عبدالرحيم تعليم و تدريس جي دوران ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جن جو وچور هن ريت آهي.

1. اسلامي تاريخ (حصو پهريون: سيرت النبي، حصو ٻيو: خلفاءِ الراشدين، حصو ٽيون: خلفاءِ بنو اميه، حصو چوٿون: خلفاءِ بنو عباس)، 2. تاريخ اندلس، 3. سيرت الصحابيات (حصو پهريون: امهات المومنات، حصو ٻيو: صحابيت ڪلام)، 4. اسلامي احڪام، 5. حقوق الذمبين، 6. شهيد عبدالرحيم گرهوڙيؒ جو ڪلام، 7. تحفة المصلين (نماز)، 8. تحفة الصائمين (روزا)، 9. ڪتاب الزڪواة، 10. عقائد الاسلام، 11. ڪتاب الحج و الزيارة (سنڌي)، 12. اسلام جا دنيا تي احسان (ٻه جلد)، 13. دلائل الايمان، 14. تفسير پاره عم، 15. ڪتاب الاخلاق، 16. تفسير قرآن مجيد

اڻڇپيل ڪتاب:

1.      قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو

2.     مناقب الصحابه والصحابيات  رضوان الله تعاليٰ عليه في القرآن مجيد (سنڌي زبان ۾)

3.     مرج البحرين (يوناني طب) ترجمو

4.     سيرت الصحابه والصحابيات، 6 جلد (مولانه عبدالسلام ندوي جي اردو ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو)

5.     طبي فارماڪوبيا (2جلد)، (اردو ترجمو)

6.     مشاهير الاسلام (سنڌي ۾)[20].

 

آغا تاج محمد:

        آغا تاج محمد 16 سيپٽمبر 1904ع تي باگڙجي تعلقي سکر ۾ ڄائو[21]. قرآن شريف ۽ فارسي جي بنيادي تعليم وٺڻ کان پوءِ ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتان چار درجا پاس ڪري، سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. 1925ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڊي-جي-سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو[22]. جتان 1929ع ۾ بي-اي جو امتحان پاس ڪيائين[23]. آغا صاحب 1930ع کان 1935ع تائين “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ استاد به ٿي رهيو. پاڻ سنڌ مدرسي جي لائق ۽ محنتي استادن مان هڪ ٿي گذريو آهي. سندس پڙهايل شاگرد اڄ وڏن عهدن تي فائز آهن. 1932ع ۾ “سنڌ مدرسه بورڊ” جي خرچ تي علي ڳڙهه مان بي-ٽي جو امتحان فرسٽ ڪلاس پوزيشن ۾ پاس ڪيائين[24].

        1935ع ۾ “سکر ڊسٽرڪٽ بورڊ” جو فرسٽ ايجوڪيشنل سپروائزر مقرر ٿيو. ڏيڍ سال کان پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ “ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ” جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ٿيو[25]. 1940ع ۾ سنڌ سرڪار کيس گزيٽيڊ آفيسر ڪلاس ٽو مقرر ڪيو. 1941ع ۾ سندس تعليمي ۽ سماجي خدمتن جو اعتراف ڪندي سرڪار کيس “قيصر هند” جو “تمغو” ڏنو[26]. 1942ع ۾ خيرپور رياست جو ڊي-پي-آءِ مقرر ٿيو. اتان جي سرڪار سندس تعليمي خدمتن جو قدر ڪندي کيس 1945ع ۾ “خانصاحب” جو لقب ڏنو[27]. 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي ته انهيءَ جو پهريون رجسٽرار مقرر ٿيو ۽ اهو عهدو وفات تائين ماڻيائين. سندس وفات 10 آڪٽوبر 1959ع تي ٿي[28].

        آغا صاحب جو شمار سنڌ جي نامور اديبن ۾ ٿئي ٿو. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

1. نئون سنڌي گرامر 3 ڀاڱا، 2. جاميٽري، 3. اصولي انگي حساب، 4. ڏِسُ ۽ سِکُ جاگرافي هندستان، 5. نئون سنڌي گرامر، 6. سماجي اڀياس، 7. سولو ڏيهي حساب، 8. چيد سبق (اخلاقيات)، 9. اخلاقي سبق (اخلاقيات)، 10. ٻاراڻيون ڳالهيون (ٻاراڻو ادب)، 11. نيڪ نصيحتون (اخلاقيات)، 12. بهارستان (ترجمو)، 13. سيرت منصور (شخصيات)، 14. فلسفه روزه (مذهبيات)، 15. تفريق ۽ تقطيع (تنقيد)، 16. سوڪس پاڪستان ايڊيشن درجو پهريون، 17. سوڪس پاڪستان ايڊيشن درجو ٻيو، 18. ڪفايت شعاري (اخلاقيات)، 19. سنڌي نصاب، 20. ٻاراڻو ڪتاب، 21. سنڌي جو سليبس قائدو، 22. عڪس لطيف، 23. سنڌي نثر، 24. نئون سنڌي پروگرام[29].

ج : پيدا ڪيل اديبن وسيلي سنڌي علم ادب جي خدمت:

      “سنڌ مدرسة الاسلام” پنهنجي ٻاهٺ ورهين جي ڄمار ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي انسانن کي علم جو نور ڏنو، جن اڳتي هلي اهم ڪارناما سر انجام ڏنا. سنڌ جا ڪيترائي نامور عالم، اديب، شاعر، محقق، ايڊيٽر ۽ دانشور “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ پڙهيا ۽ تعليم حاصل ڪيائون. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت چئي سگھجي ٿو. هن مدرسي جي پيدا ڪيل عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو تفصيلي ذڪر ايندڙ باب ۾ ڪيو ويندو.

حوالا ۽ حاشيا


[1] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, (Karachi, for the year,1888-1889, P-7).

2 ڊاڪٽر ابراهيم “خليل”: بلبل سنڌ، حيدرآباد، آزاد بڪ ڊيپو، 1951ع، ص-36.

[3] Mir Muhammad Shah: Late T.H.Vinces (Article), The Platinum Jubilee Book, Karachim, Sind Madressahtul Islam, Section-III, 1960, P-33.

[4] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, (Karachi, for the year, 1903-1904, P-10).

[5] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, July 1912, P-2.

[6] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, January 1925, (Editorial).

7 حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: حيات حڪيم، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، نومبر 1961ع، ص-18-19.

[8] محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ، (ڀاڱو ٻيو)، حيدرآباد، آر-ايڇ احمد، 1968ع، ص-475.

[9] مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجھو، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص-54 (حاشيه).

[10] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam (Karachi for the year 1901-02, P-6).

11 مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجھو، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص-77.

[12] محبوب علي چنه: ڪليات امين، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1944ع، ص- 256.

[13] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam (Karachi for the year 1912-13), (Last Cover).

14 محبوب علي چنه: ڪليات امين، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1944ع، ص- 256.

15 ڏسو: سنڌ مدرسه منٿلي، نمبر 9، جلد 3، ڪراچي، سنڌ مدرسة الاسلام، آگسٽ 1906ع، ص-1-2.

16 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص-364.

[17] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam (Karachi for the year 1907-08, P-26 and 1912-13, P-22.)

18 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن، 1966ع، ص-175.

19 درمحمد پٺاڻ: ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب جي ترقي ۾ حصو، (پي-ايڇ-ڊي جو مقالو)، 1978ع، ص-859.

20 معلومات: جناب ابوبڪر پٽ مولوي عبدالرحيم کان 3-3-1978ع تي ورتي وئي.

21 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-669.

22 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-670.

[23] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of D.J.S.College, 1887-1937, Part-II, Karachi, Educational Printing Press. 1939, P-16.

[24] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam (Karachi for the year 1939-40, P-10).

25 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-676.

26 ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: آغا تاج محمد مرحوم، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، ڊسمبر، 1966ع، ص-27.

27 ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: آغا تاج محمد مرحوم، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، ڊسمبر، 1966ع، ص-27.

28 ڏسو: روزانه عبرت، حيدرآباد، تاريخ 11 آڪٽوبر، 1959ع، ص-1.

29 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974، ص-24.23.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org