سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:5 

باب چوٿون

سنڌ مدرسة الاسلام جي ڪارڪردگي

الف: سنڌ مدرسة السلام جو انتظام:

        جيئن مٿي ذڪر ڪيل آهي ته 1884ع ۾ “مجمع محمدي” قائم ڪئي وئي جنهن جي طرفان اِنهيءَ سال “مدرسه بورڊ” تشڪيل ڏنو ويو، جيئن ته “مدرسه بورڊ” سنڌ جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ ميمبرن تي مشتمل هو، ان ڪري مدرسي جي انتظام هلائڻ لاءِ بورڊ طرفان هڪ “ايگزيڪيوٽو بورڊ” جوڙيو ويو، جيڪو ڪراچي واسي ميمبرن تي مشتمل هو، پهرين “ايگزيڪيوٽو بورڊ” ۾ هي ميمبر هئا[1] .

1.      خانبهادر حسن علي آفندي.

2.     خانبهادر محمد حسين.

3.     خانبهادر خداداد خان.

4.     خانصاحب صالح محمد عمر ڏوسل.

5.     سيٺ غلام حسين ڇاڳلا.

6.     سيٺ علي ڀائي ڪريم جي.

7.     نور محمد لالڻ.

8.     سيٺ غلام حسين خالق ڏنو.

9.     خانصاحب محمد علي.

10. مولوي الله بخش اٻوجھو.

11.  مولوي تاج محمد.

حسن علي آفندي جي وفات کان پوءِ مدرسي کي نئين سر تشڪيل ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي انهيءَ ڪري 11 سيپٽمبر 1896ع تي بورڊ جا نوان قائدا ۽ قانون تيار ڪيا ويا جن جو تفصيل ضميمي نمبر-5 ۾ ڏنو ويو آهي. انهيءَ تاريخ تي بورڊ کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو ۽ ان جي تشڪيل هيٺين ريت ڪئي وئي [2].

نمبر

ڪنهن طرفان نامزد/مقرر ٿيل

عهدو

تعداد

1.

سنڌ جو ڪمشنر

ايڪس آفيشو پريزيڊنٽ

هڪ

2.

ڪمشنر طرفان.

وائيس پريذيڊنٽ ۽ ميمبر

ٻه

3.

لوڪل بورڊ طرفان جيڪا سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ 500 روپيه ڏي.

ميمبر

هڪ

4.

ميونسپالٽيءَ طرفان، جيڪا سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ 500 روپيه ڏي.

ميمبر

هڪ

5.

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن طرفان.

ميمبر

ڇهه

        بورڊ جو ايڪس آفيشو پريزيڊنٽ وقت جو ڪمشنر هوندو هو، ۽ جنرل سيڪريٽري جا فرائض مدرسي جو پرنسپال ادا ڪندو هو، 1906ع ۾ جڏهن “اولڊ بوائز ايسوسيئيشن” قائم ٿي[3]، ته 1935 کان هن ايسوسيئيشن طرفان “مدرسه بورڊ” تي هڪ ميمبر نامزد ٿيڻ لڳو[4]، 1932 ع ۾ “جھونا ڳڙهه اسٽيٽ” مدرسي کي مالي امداد ڏيڻ شروع ڪئي انهيءَ ڪري پنهنجي طرفان هڪ ميمبر کي “مدرسه بورڊ” تي نامزد ڪيو[5]. 1937ع کان وٺي مدرسي جي باني مرحوم خانبهادر حسن علي آفندي جي خاندان مان هڪ فرد کي “مدرسه بورڊ” جي ميمبر جي حيثيت ۾ کنيو ويو[6].

        1939ع ۾ “مدرسه بورڊ” جي قائدن ۽ قانونن ۾ ترميم آڻي ڪمشنر جي جاءِ تي سنڌ گورنمينٽ جي هڪ وزير کي “مدرسه بورڊ” جو پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو[7].  1943ع ۾ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ڪئي ويئي جنهن موجب پريزيڊنٽ ته سنڌ گورنمينٽ طرفان نامزد ڪرڻ ۾ آيو پر وائس پريزيڊنٽ کان سواءِ اعزازي سيڪريٽري ۽ اعزازي خزانچي “مدرسه بورڊ” منتخب ٿيڻ لڳا[8].

        “مدرسه بورڊ” پنهنجي طرفان اسٽينڊنگ ڪميٽي تشڪيل ڏيندو هو، جيڪا مدرسي ۽ ان سان واسطو رکندڙ برانچن جو انتظام هلائيندي هئي، بورڊ استادن جي تقرري، پگھارن، نوڪري جي طريقن کان سواءِ عمارت جي اڏاوت ۽ سنڀال سوڌو سمورو ڪم ڪندو هو، بورڊ ئي مدرسه جو مڪمل انتظام رکندو هو، 1898ع ۾ “مدرسه بورڊنگ هائوس” جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ “مدرسه محمدن ڪميٽي” تشڪيل ڏني[9]. جيڪا 1942ع ۾ ختم ڪئي وئي[10].

        “مدرسه بورڊ” جي ڪم جي نبيرڻ لاءِ وقتي طور تي سڀ ڪميٽيون به تشڪيل ڏنيون وينديون هيون، 1943ع ۾ ايس- ايم- آرٽس ڪاليج قائم ٿيو، ته ان جي انتظام هلائڻ لاءِ سنڌ مدرسه بورڊ “ڪاليج گورننگ باڊي” تشڪيل ڏني[11]. ۽ ان کان پوءِ 1947ع ۾ جڏهن ايس- ايم- لا ڪاليج قائم ٿيو ته ان جي انتظام لاءِ به الڳ “ڪاليج گورننگ باڊي” ٺاهي ويئي[12].

        ابتدا کان وٺي آخر تائين “مدرسه بورڊ” جي مکيه عهديدارن جو وچور ضميمي نمبر 4 ۾ ڏنو ويو آهي.

ب: نصابي شغل:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” جو قيام هڪ بي مثال علمي تحريڪ جو نتيجو آهي. هي مدرسو نه ته ڪنهن هڪ شهر لاءِ قائم ڪيو ويو هو ۽ نه وري هڪ گروه لاءِ کوليو ويو هو. پر هي مدرسو سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. مدرسي جي بانيءَ جي اها منشا هئي ته هي مدرسو اڳتي هلي گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪاليج جو روپ وٺي ۽ ان ۾ سنڌي مسلمانن جي لاءِ اعليٰ تعليم جو بندوبست ٿي سگھي. اهو ئي سبب آهي جو 1885ع کان وٺي 1943ع تائين سنڌ مدرسة الاسلام جي تعليمي منتظم کي هيڊ ماستر جي بدران پرنسپال سڏيو ويو.

        مطالعي هيٺ آيل دور ۾ هي مدرسو گھڻو تڻو ثانوي تعليم جو مرڪز بڻيو. ان هوندي به پرائمري تعليم، اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم کي به “مدرسه بورڊ” نظر انداز نه ڪيو، هن هيٺ مدرسي جي سڀني شعبن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

پرائمري تعليم:

        ابتدا کان وٺي مدرسي ۾ پرائمري تعليم جو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن اهي ٻار اڳتي هلي مدرسي ۾ ثانوي تعليم ۽ پوءِ اعليٰ تعليم وٺي سگھن. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جي آبادي جو وڏو حصو سنڌي ڳالهائيندڙ تي مشتمل هوندو هو، پر ان هوندي به مدرسي غير سنڌي مسلمانن جي ضرورتن کي به نظر انداز نه ڪيو، ان ڪري گجراتي ۽ اردو برانچون کوليون ويون. پر جيئن ته غير سنڌي مسلمان اڪثر واپاري نوعيت جا هئا، ان ڪري هو پنهنجي اولاد کي پرائمري تعليم پوري ڪرائڻ کان پوءِ يا ان کان اڳ ئي مدرسي مان ڪڍي ڇڏيندا هئا، اهڙين حالتن کي نظر ۾ رکندي گجراتي برانچ کي 1908ع ۾ ختم ڪيو ويو[13] ۽ ان کان پوءِ 1922ع ۾ اردو برانچ کي ميونسپالٽي جي حوالي ڪيو ويو[14].

        ويهين صدي جي ٽين ڏهاڪي تائين حالتون گھڻو بدلجي چڪيون هيون. جن مان هي قابل ذڪر آهن:

1.      جاءِ جي تنگي ۽ شاگردن جي اڪثريت: وقت جي گذرڻ سان گڏ مدرسي جي ڪارڪردگي ۽ نتيجا سنڌ جي واسين کان سواءِ ايران، برما، افغانستان سيلون ۽ عراق جي رهواسين کي به متاثرڪرڻ لڳا ان ڪري شاگردن ۾ هميشه اضافو ٿيندو رهيو، پر ان جي برعڪس مدرسي جي جاءِ اوتري ئي رهي جنهن ڪري وڌيڪ شاگردن جي پڙهائي توڙي رهائش جو مسئلو پيدا ٿي پيو.

2.     1927ع ۾ سرڪار ڪنهن سبب کان سواءِ مدرسي جي گرانٽ ۾ تخفيف آڻي ڇڏي، مدرسو اڳ ئي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو هو، مٿان هي فيصلو ان جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي هو.

3.     ڪراچي ميونسپالٽيءَ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي سماجي، علمي ۽ مذهبي جماعتن “مدرسه بورڊ” جي پيروي ڪندي پنهنجا پنهنجا اسڪول قائم ڪيا، ان ڪري ڪراچي اندر پرائمري تعليم عام ٿي پئي.

اهڙين حالتن “سنڌ مدرسه بورڊ” کي هڪ نئين فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، اهو هو “سنڌي برانچ” جو وقتي طور تي خاتمو. اهڙي ريت “سنڌ مدرسة الاسلام” 1885ع کان پرائمري تعليم ڏيندو ٿي آيو، سو 1929ع ۾ نج هاءِ اسڪول ٿي پيو[15]. جنهن ۾ صرف ثانوي تعليم ڏني ويندي هئي.

ثانوي تعليم:

      ثانوي تعليم جي ابتدا 1885ع کان ٿي، مدرسي جي پهرين ڏينهن تي جن چوڏهن شاگردن داخلا ورتي. انهن جا نالا هي آهن:[16]

 

1.       

علي احمد حسن علي

درجو پنجون

ڪراچي

2.      

احمد محمد جعفر

     = =

حيدرآباد

3.      

پريل جلو

=          =

ڪراچي

4.      

نور محمد هاشم

=       چوٿون

=

5.      

محمد ابراهيم ايس اسماعيل

=          ٻيو

=

6.      

الله بخش محمد شاهه

=          =

=

7.      

ناصر لطف علي

=          =

=

8.      

حسين دوست ميان

=          =

=

9.      

بنده علي فضل حسين

=          =

=

10.  

موليڏنو سعد علي شاهه

=          =

=

11.   

غلام حسين رحيم ڏنو

=      پهريون

=

12.  

غلام علي غلام حسين ڇاڳلا

=          =

=

13.  

قربان علي عبدالله

=          =

=

14.  

غلام حسين ڀاپو

=          =

=

 

جيئن وقت گذرندو ويو ته “سنڌ مدرسة الاسلام” جي ثانوي تعليم جو پروگرام وسيع ٿيندو ويو، ان ڪري “مدرسه بورڊ” ڪجهه برانچون ضرورت مطابق کوليون جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

لياري برانچ:

        ڪراچي شهر جي مختلف حصن ۾ 1940ع ۾ 32 هاءِ اسڪول هئا[17].پر لياري ڪوارٽر انهن تعليمي سهولتن کان محروم هو. سنڌ مدرسة الاسلام جو 53 سالن کان سنڌ جي تعليمي خدمت ڪري رهيو هو، آخرڪار انهيءَ مدرسي جي توسيع لياري ڪوارٽر جي مسلمانن جون تعليمي ضرورتون پوريون ڪيون.

“لياري ڪوارٽر” مدرسي جي برانچ کولڻ لاءِ 23 آگسٽ 1938ع ۾ “سنڌ مدرسه بورڊ” جي اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ “سب ڪميٽي” مقرر ڪئي[18]. جنهن جو سيڪريٽري اي - ايم يزداني مقرر ڪري کيس خانصاحب مريد علي، مسٽر محمد ذڪي ۽ حسن علي عبدالرحمان ميمبر ڪري ڏنا ويا[19]. هن ڪميٽي رپورٽ ڏني ته پنجين درجي تائين اسڪول کوليو وڃي[20]. انهيءَ کان پوءِ “سنڌ مدرسه بورڊ”، سنڌ گورنمينٽ جي تعليم کاتي سان لکپڙهه ڪئي ته جيڪڏهن حڪومت مالي مدد جو اقرار ڪري ته “سنڌ مدرسه بورڊ” خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي[21]. جنهن تي سرڪار مالي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو[22].

“مدرسه بورڊ” 17 جون 1939ع تي مير ايوب خان، خانبهادر اين – اي غلام علي، مسٽر حاتم علوي ۽ سيڪريٽري آءِ واءِ سليمان تي مشتمل ٻي سب ڪاميٽي مقرر ڪئي[23]. جنهن 28 آگسٽ 1939ع تي رپورٽ ڏني ته چوٿين درجي تائين مڊل اسڪول کوليو وڃي[24]. نيٺ سرڪار پهرين سال لاءِ پنج هزار روپيه ۽ باقي هر سال چار هزار روپيه گرانٽ منظور ڪري ڏنا[25]. جنهن کان پوءِ پهرين اپريل 1940ع تي لياري ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جي شاخ کولي ويئي[26]. هي شاخ “ميونسپل اينگلو ورنيڪيولر اسڪول چاڪيواڙه” جي جاءِ ۾ کولي ويئي[27]. برانچ اڳتي هلي 1946ع ۾ هاءِ اسڪول جو روپ ورتو[28]. هي برانچ 1947ع ۾ پنج سؤُ شاگردن کي ثانوي تعليم ڏيندي هئي[29].

ايس – ايم – بي فاطمه گرلز هاءِ اسڪول:

                “سنڌ مدرسه بورڊ” سنڌ واسين جي بي مثال تعليمي خدمت ڪئي آهي. 1885ع کان وٺي هن بورڊ ڇوڪرن جي تعليم ڏانهن توجھه پئي ڏنو، پر جيئن جيئن حالتون بدلبيون رهيون، ۽ مدرسه بورڊ پنهنجي عظيم مقصدن ۾ بي لوث خدمت جو ثبوت پي ڏنو، ته وقت جي تقاضا ڪَرَ کڻي بيٺي ته مدرسه بورڊ ڇوڪرين جي تعليم ڏانهن به توجھه ڏي، ڇو ته علم رڳو مرد تي فرض نه آهي، انهيءَ نعمت ۾ عورت به برابر جي شريڪ آهي. حقيقت ۾ قومن جي تقدير تڏهن بدلجي سگھي ٿي، جڏهن عورت تعليم جي زيور سان آراسته هجي. انهيءَ اشد ضرورت ڏانهن “مدرسه بورڊ” 1942ع ۾ ڌيان ڏنو[30]. پنجن ميمبرن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن اسڪول کولڻ لاءِ سفارشون پيش ڪيون هن ڪم ۾ قاضي خدا بخش، پير الاهي بخش ۽ حسن علي عبدالرحمان وڏي دلچسپي ورتي[31]، جنهن جي نتيجي ۾ سيپٽمبر 1942ع ۾ سنڌ مدرسه گرلز اسڪول قائم ڪيو ويو[32].

                هي اسڪول 13 شاگردياڻين سان شروع ٿيو ۽ وقت به وقت تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهيو[33]، اسڪول ۾ عام رواجي تعليم سان گڏ شاگردياڻين کي سگھڙ زال ٿيڻ لاءِ رڌ پچاءُ، ڀرت ۽ سلائي جو ڪم به سيکاريو ويندو هو[34].

                گورنمينٽ پهرين سال انهيءَ اسڪول کي ساڍا ست سؤُ روپيا گرانٽ ڏني، جيڪا 1946ع ۾ ارڙهن سؤُ روپيا ۽ 1947ع ۾ پنج هزار روپيا مقرر ڪئي ويئي[35]، اسڪول ۾ پهرين چار عورت استاد مقرر ڪيون ويون، جن مان ٻن کي پگھار ڏني ويندي، باقي ٻه ڪجھه وقت تائين ڪنهن معاوضي وٺڻ کان سواءِ تعليم ڏينديون رهيون[36]، پهرين سال ٽين درجي انگريزي تائين تعليم ڏيڻ ۾ ايندي هئي ۽ 1945ع ۾ اسڪول ۾ پنجين درجي تائين پڙهايو ٿي ويو[37].

                1947ع ۾ هي اسڪول ترقي ڪري وڃي هاءِ اسڪول ٿيو ۽ شاگردياڻين جو تعداد 150 ٿيو[38]، اسڪول شروع ۾ مسلم خواتين هال ڪراچي ۾ کوليو ويو، 1947ع ۾ “مدرسه بورڊ” ڪوشش ڪري اسڪول لاءِ پلاٽ حاصل ڪيو ۽ عمارت جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو، جيئن ته اسڪول جي عمارت جو سنگ بنياد محترمه فاطمه جناح پنهنجي ڀاءُ قائد اعظم محمد علي جناح جي شموليت ۾ رکيو، اهوئي ڪارڻ آهي جو اسڪول جو نالو ايس – ايم – بي فاطمه گرلز هاءِ اسڪول رکيو ويو[39].

 

اعليٰ تعليم:

                سنڌ مدرسة الاسلام انهيءَ ڪري نه قائم ڪيو ويو هو، ته رڳو محدود پئماني تي سنڌ جي مسلمانن کي ثانوي تعليم ڏي، “مدرسه بورڊ” يا سنڌ مدرسة الاسلام جي باني خانبهادر حسن علي آفندي جي اِها دلي تمنا هئي ته سندن هي ابتدائي ڪوشش سنڌ جي مسلمانن کي انتهائي اعليٰ تعليم مهيا ڪرڻ جو وسيلو بڻجي[40]، پر هڪ طرف مدرسي جو باني رحلت ڪري ويو، ۽ ٻئي طرف “مدرسه بورڊ” جون مالي حالتون به اهڙيون نه هيون جو هڪ ٻئي ڪاليج جو خرچ برداشت ڪري سگھي، انهيءَ سبب اعليٰ تعليم جي اداري کولڻ واري خيال کي ذري گھٽ فراموش ڪيو ويو.

                1912ع ۾ هزهائنس سر سلطان محمد شاهه پرنس آغا خان جي مدرسي ۾ آمد ٿي، جنهن “مدرسه بورڊ” کي ڪاليج کولڻ جي ضرورت محسوس ڪرائي. ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مالي مدد ڪرڻ جو ارادو به ڏيکاريو[41]. وري 1925ع ۾ لاڙڪاڻي جي سيد غلام رسول شاهه، “مدرسه بورڊ” کي هڪ درخواست موڪلي، جنهن ۾ هن صاحب ڪاليج کولڻ جي رٿ پيش ڪئي، انهيءَ درخواست تي “مدرسه بورڊ” ويچار ڪيو[42] ۽ ڪاليج کولڻ تي سنجيدگي سان سوچڻ لڳو.

 

ايس- ايم- آرٽس ڪاليج:

                5 ڊسمبر 1925 تي شيخ غلام حسين هدايت الله جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ هڪ عام ميڙ ڪٺو ٿيو[43]، جنهن ۾ “مسلم ايسوسيئيشن” جو قيام عمل ۾ آندو ويو[44]، ته جيئن سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڪو ڪاليج قائم ڪري سگھجي، انهيءَ جٿي عملي قدم کڻندي جيڪب آباد جو گھوڙن جي ميلي واري موقعي تي دورو ڪيو[45]، ته جيئن ڪاليج لاءِ چندو ڪٺو ڪري سگھجي، پر کين ڪاميابي ته حاصل نه ٿي پر قوم جو ڀلو گھرندڙ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويا. هڪڙن راءِ ڏني ته ڪاليج سرڪار کي کولڻ گھرجي ۽ ٻين جو خيال هو ته ڪاليج پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي قائم ڪيو وڃي[46].

                سنڌ مدرسه بورڊ به هن مسئلي تي سنجيدگي سان غور ڪيو ۽ 8 جنوري 1938ع تي خانبهادر جي.اين.قاضي، خانبهادر ايس - ڊي ڪانٽريڪٽر، مير ايوب خان، عبدالرحمان محمد يعقوب ۽ جناب حاتم علوي تي مشتمل هڪ سب ڪميٽي ٺاهي، ته جيئن ڪاليج کولڻ جي ضرورت جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪري[47]، پر “مسٽر هئريسن” جي ڏنل استعيفا جي پيدا ڪيل حالتن ڪري اها سب ڪاميٽي رپورٽ نه ڏيئي سگھي، ان ڪري سيپٽمبر 1938ع ۾ مير ايوب خان، عبدالرحمان يعقوب، حسن علي عبدالرحمان تي مشتمل هڪ ٻئي سب ڪاميٽي ٺاهي[48]، جون 1942ع تائين اهي ڪاميٽيون ۽ سب ڪاميٽيون ٺهنديون رهيون پر ڪو خاص ڪم ڪري نه سگھيون[49].

                آگسٽ 1942ع ۾ علامه دائود پوٽو، مير ايوب خان، خانبهادر اين – اي غلام علي، قاضي خدا بخش ۽ حسن علي ولي محمد تي مشتمل هڪ سب ڪاميٽي ٺاهي ويئي[50]، هن “سب ڪميٽي” پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن جي روشنيءَ ۾ “سنڌ مدرسه بورڊ” 23 ڊسمبر 1942ع تي ڪاليج کولڻ جو فيصلو ڪيو[51].

                21 جون 1943ع تي “آل انڊيا مسلم ليگ” جي صدر ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي جھوني شاگرد جناب قائد اعظم محمد علي جناح ڪاليج جو افتتاح ڪيو[52]، جيتوڻيڪ 40 شاگردن جي داخلا سان هي ڪاليج قائم ٿيو پر انهيءَ کي سنڌ جي مسلمانن جي هڪ وڏي تعليمي ڪوشش چئي سگھجي ٿي، ڪاليج جو پهريون پرنسپال ڊاڪٽر اي – ايڇ صديقي مقرر ڪيو ويو[53]. هي ڪاليج ٽالپور هائوس جي بلڊنگ ۾ شروع ڪيو ويو هو، جون 1944ع ۾ “بمبئي يونيورسٽي”، ڊگري ڪاليج بنائڻ جو حڪم صادر ڪيو[54]، 1945ع ۾ سائنس جو شعبو کوليو ويو ۽ ان کان جلد پوءِ ڪامرس جا ڪلاس پڻ شروع ڪيا ويا. هن اداري جو پهريون نالو “سنڌ مدرسه ڪاليج” رکيو ويو هو، پر 1945ع ۾ بورڊ طرفان اهو نالو بدلائي “سنڌ مسلم ڪاليج” رکيو ويو[55].

ايس ايم- لا ڪاليج:

                بمبئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جا ادارا “بمبئي يونيورسٽي” سان ملحق هئا[56]، جنهن ڪري سنڌ ۾ تعليم جي ترقي متاثر ٿي رهي هئي، انهيءَ حقيقت کي ذهن ۾ رکندي فيبروري 1947ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ “سنڌ يونيورسٽي ائڪٽ” پاس ڪيو[57]، جيئن ته سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي واڳ هندن جي هٿ وس هئي، انهيءَ ڪري هنن هن بل جي سخت مخالفت ڪئي، پر جڏهن هنن جو زور بار نه هلي سگھيو ته سنڌ يونيورسٽي جي قيام کان پوءِ انهن پنهنجا ڪاليج “سنڌ يونيورسٽي” سان ملحق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو[58]. نتيجو اهو نڪتو ته مسلمانن کي بي حد مشڪلاتون ڏسڻيون پيون، جيئن ته ڪاليج هندن جا هئا، انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ وڃي ٻه طريقا رهيا، يا ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هندن جي ڪاليج ۾ داخلا وٺي “بمبئي يونيورسٽي” جا سُور سهن يا وري اعليٰ تعليم وٺڻ کان ڪناره ڪش ٿي وڃن.

                انهيءَ کان جلد پوءِ سنڌ سرڪار اهڙين ڊگرين کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جن جي حاصل ڪندڙن اهڙن ڪاليجن مان اِها ڊگري ورتي هجي. جيڪي “سنڌ يونيورسٽي” سان ملحق نه هئا[59]. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو مشڪلاتون وري به مسلمانن کي ڏسڻيون پيون، ڇاڪاڻ ته انهن جي لاءِ اهڙا ڪاليج نه هئا، جيڪي مسلمانن قائم ڪيا هجن ۽ اهي “سنڌ يونيورسٽي” سان پڻ ملحق هجن.

                انهن حالتن کي ڏسي “سنڌ مدرسه بورڊ” جي پريزيڊنٽ پير الاهي بخش بورڊ جي گڏجاڻي اڳيان “لا ڪاليج” قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي[60]، آخرڪار 24 ڪلاڪن جي اندر جون 1947ع ۾ ڪاليج قائم ڪيو ويو[61]، جنهن جو افتتاح 28 جون 1947ع تي چيف ڪورٽ جي جج آنريبل مسٽر حسن علي آغا ڪيو[62].

                هي ڪاليج سنڌ جي مسلمانن جو پهريون “لا ڪاليج” هو جنهن جو پهريون پرنسپال جناب حسن علي عبدالرحمان ٿيو[63]، هن ڪاليج ۾ نه رڳو سنڌ پر پشاور، ايران، سيلون، بمبئي ۽ آفريڪا جا به ڪيترائي شاگرد قانون جي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن[64]، ڪاليج ۾ ڪيترن ئي ناميارن انسانن، قانون دانن استاد جا فرائض انجام ڏنا جن ۾ سابق صدر ۽ وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، جناب طفيل علي عبدالرحمان (اٽارني جنرل آف پاڪستان)، مسٽر اي - ڪي بروهي، مسٽر ڪوٽوال، جسٽس انعام الله خان جا نالا قابل ذڪر آهن[65].

فني تعليم:

                جيتوڻيڪ سنڌ مدرسو مسلمانن جي علمي ۽ اخلاقي سڌاري لاءِ قائم ڪيو ويو هو، پر شروع کان وٺي هن اداري کي گھڻن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ذريعو ڪري استعمال ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو مدرسي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ کان سواءِ سکڻ يا ڪرڻ جي تعليم ۽ تربيت به ڏني ويندي هئي فني تعليم ڏانهن توجھه به انهيءَ سبب ڪري ڏنو ويندو هو.

                فني تعليم شروع کان وٺي مدرسي ۾ ڏني ويندي هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مدرسي جي انتظاميه کي ڪيترائي ڪنڊا ڪڍڻا پوندا هئا، جڏهن فني تعليم جا ڪلاسز شروع ڪيا ويا، ته شاگردن جي والدين پنهنجي اولاد کي هٿ جي پورهئي سکڻ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي، وڏ گھراڻن، پرنسپال کي زباني ۽ لکت ۾ اعتراض ڪيا[66]، اِهو ته هيو سرندي وارن والدين جي حالت، پر غريب والدين به پنهنجي اولاد کي فني تعليم ڏيڻ کان لهرائيندا هئا، ڇو ته مطالعي هيٺ آيل دور ۾ ڪراچي هڪ واپاري، تجارتي ۽ صنعتي مرڪز هو، جتي ڏهه يا ڏهن کان مٿي عمر جو ٻار به هٿ جو پورهيو ڪري پنهنجي گھر جي مالي مدد ڪري پيو سگھيو، اهڙين حالتن ۾ ۽ اهڙي ماحول ۾ گھڻن والدين نه ٿي چاهيو ته سندن اولاد ڪنهن اجوري کان سواءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مدرسي جي فني تعليم حاصل ڪرڻ ۾ رڌل رهن[67].

                اهڙين حالتن جي باوجود به مدرسي جي انتظاميه نراس ۽ مايوس نه ٿي ۽ آهسته آهسته فني تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪندي هئي. 1889ع ۾ مدرسي جي “ڪارپينٽري” ۽ “ليٿوگرافي” ۾ 76 شاگرد داخل هئا[68]، اهو تعداد 95-1894 ۾ وڌي 150 ٿيو[69]، اهي شاگرد “ورنيڪيولر برانچن” مان چونڊيا ويندا هئا جن جي عمر ڏهن سالن کان مٿي هوندي هئي ابتدا ۾ فني تعليم اسڪول جي شروع ٿيڻ کان اڳ ڏني ويندي هئي، جنهن ۾ شاگردن ايتري دلچسپي نه ڏيکاري، انهيءَ ڪري فني تعليم کي اسڪول ٽائيم ۾ شامل ڪيو ويو[70]، مدرسي کي شروع ۾ پنهنجو “ورڪشاپ” نه هو، پر بعد ۾ شڪارپور لوڪلبورڊ جي گرانٽ مان 1892ع ۾ جوڙايو ويو[71]، شاگردن کي واڍڪي، لوهارڪي، درزڪي ڪم کان سواءِ پينٽنگ، فوٽوگرافي ۽ ٽيليگرافي به سيکاري ويندي هئي[72].

        وقتن ۽ حالتن جي تقاضا پوري ڪندي 1930ع ۾ علامه دائود پوٽي مدرسي ۾ ڪمرشل ڪلاس شروع ڪرايا، جن ۾ شاگردن کي ٽائيپ رائيٽنگ، شارٽ هينڊ ۽ بڪ ڪيپنگ جي تعليم ڏني ويندي هئي[73]، شاگردن دلچسپي سان ڪمرشل تعليم حاصل پئي ڪئي، پر علامه دائود پوٽي جي وڃڻ کان پوءِ تعليم جو سلسلو ٽٽي پيو، ان کان پوءِ 01 آگسٽ 1939ع کان ڪمرشل ڪلاس وري شروع ڪيا ويا[74]، مسٽر عبدالقيوم، بي- بي ٺاڪر ۽ مسٽر راول، ڪمرشل ڪلاسن ۾ تعليم ڏيندا هئا، هن دفعي شاگردن کي اڪائونٽنگ ۽ بئنڪنگ جي تعليم ڏني ويندي هئي[75]، شاگردن کان 8 آنا مهينو هر سبجيڪٽ تان في ورتي ويندي هئي، پر غريب شاگردن کان ڪجھه به نه ورتو ويندو هو[76].

        1940ع ۾ شاگردن جو تعداد وڌي 20 ٿيو[77]، پر اِهو تعداد ڪافي نه هو، جنهن ڪري 1941ع ۾ شارٽ هينڊ ۽ بڪ ڪيپنگ جا ڪلاس ختم ڪيا ويا[78]، ان کان هڪ سال پوءِ ٽائيپ رائيٽنگ جا ڪلاس پڻ بند ڪيا ويا[79]، ۽ اهڙي طرح سنڌ مدرسة الاسلام ۾ فني ۽ تجارتي تعليم جو خاتمو اچي ويو.

 

ج: غير نصابي شغل:

        تهذيب ۽ تمدن توڙي ان جا قدر زندگي جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل ٿين ٿا. تهذيب ۽ تمدن جو دامن نهايت وسيع ٿئي ٿو، ان ۾ قومن جو علم ادب به اچي وڃي ٿو، ته سياست دين ۽ ڌرم به اچي وڃي ٿو، ته معاشرت به! مدرسن ۽ مڪتبن، تعليمي ادارن ۽ اسڪولن جا ٽي مکيه مقصد ٿين ٿا، تهذيب ۽ تمدن جي قدرن جو بچاءُ ڪرڻ، وقت ۽ حالتن مطابق انهن جي تشريح ڪرڻ ۽ نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ.

        جيڪڏهن اسڪولن ۾ رڳو درسي تعليم ئي ڏني وڃي ته شايد ئي ڪنهن انسان جي شخصيت ۽ ڪردار جي باقائدي تڪميل ٿئي، شاگرد جي شخصيت ۽ ڪردار جي تڪميل لاءِ نصابي شغلن سان گڏ غير نصابي شغل به وڏي اهميت رکن ٿا. غير نصابي شغلن جي افاديت کان ڪڏهن به منهن موڙي نه ٿو سگھجي.

        سنڌ مدرسة الاسلام شروع کان وٺي پنهنجي شاگردن لاءِ غير نصابي شغلن جو انتظام پڻ ڪندو رهيو، هن هيٺ مدرسي جي غير نصابي شغلن جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو.

سنڌ مدرسه ڊيبيٽنگ سوسائٽي:

        هيءَ سوسائٽي پرنسپال ولي محمد حسن علي جي اچڻ کان جلد پوءِ نومبر 1887ع ۾ قائم ڪئي ويئي[80]، پرنسپال هن سوسائٽي جو صدر هوندو هو[81]، باقي ٻيا عهديدار شاگردن مان کنيا ويندا هئا، سوسائٽي جا ٻيا عهدا هن ريت هئا، وائس پريزيڊنٽ، سيڪريٽري، مئنيجر ۽ چئن ميمبرن جي مئنيجنگ ڪميٽي[82].

        هن ڊبيٽنگ سوسائٽي ۾ مختلف موضوعن تي هفتيوار مباحثا ڪرايا ويندا هئا، جن ۾ شاگرد توڙي استاد دلچسپي سان بهرو وٺندا هئا، ان کان سواءِ وقت به وقت ان جي گڏجاڻيون به ٿينديون هيون. جن ۾ سنڌي توڙي انگريزي ٻولي ۾ شعر ۽ مقالا پڙهيا ويندا هئا[83].

        سوسائٽي وقت به وقت ڪراچي جي مشهور معروف شخصيتن کي دعوتون ڏيئي تقريرون ڪرائيندي هئي، ته جيئن مدرسي جا شاگرد اهڙين گڏجاڻين مان فائدو حاصل ڪري سگھن. اهڙين شخصيتن ۾ غلام علي ڇاڳلا، ناصر لطف علي، ڊاڪٽر ايس-جي حاجي، ڊاڪٽر ڊيسوزا، ڊاڪٽر نور محمد، ايم-ٽي تيجاڻي، پرشوتم رام، احسان غني ۽ ولي محمد جا نالا قابل ذڪر آهن[84].

حسن علي ڪلب:

        هي ڪلب مدرسي جي باني خانبهادر حسن علي آفندي جي ياد ۾ ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر جي - ڊبليو - پي - ايم - ميڪنزي (Mr.J.W.P.M.Mackenzie) جي سرپرستي هيٺ سنڌ مدرسي جي بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙ شاگردن جولائي 1904ع ۾ ٺاهي هئي[85].

        هن ڪلب پنهنجي چندي جي پئسن مان هڪ “ريڊنگ روم” قائم ڪئي، جنهن ۾ ملڪي اخبارن کان سواءِ غير ملڪي اخبارون ۽ رسالا به گھرايا ويندا هئا[86]، ان کان سواءِ ميمبرن جي لاءِ “ان ڊور گيمز” (Indoor Games) جو بندوبست به ڪيو ويندو هو[87]، هر هڪ ميمبر لاءِ هڪ ٽرم لاءِ هڪ روپيو چندو ورتو ويندو هو[88].

        شاگردن جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، خيالن جي ڏي وٺ کان سواءِ خرچ جو حساب ڪتاب پڻ ڪيو ويندو هو، ڪلب مان شاگردن کي ملڪي ۽ غير ملڪي مسئلن جي ڄاڻ حاصل ٿيندي هئي، ساڳي وقت ٻارن جو ذهن علمي ۽ ادبي دنيا ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيو.

 

سنڌ مدرسه اولڊ بوائز ائسوسيئيشن:

        “اولڊ بوائز ائسوسيئيشن” پرنسپال وائنس جي ڪوشش سان 18 آڪٽوبر 1906ع تي قائم ٿي[89]، هن جو پهريون پريزيڊنٽ سيٺ يوسف علي “علي ڀائي” ٿيو[90]، پرنسپال وائنس کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ مسٽر غلام حسين کي خزانچي جا فرائض سونپيا ويا[91]، ان کان سواءِ 12 ميمبرن تي مشتمل هڪ “اسٽڊنگ ڪميٽي” پڻ ٺاهي ويئي، جن جا نالا هن ريت هئا[92]:

1.      مسٽر غلام حسين قائم، 2. مسٽر نثار لطف علي، 3. مسٽر غلام حسين، 4. سيد محمد شاهه، 5. مسٽر اي-ايم دريشاني، 6. مسٽر عبدالرحيم فتح محمد، 7. مسٽر عبدالقادر، 8. مسٽر مهر علي طالب، 9. مسٽر ايس-عبدالحق، 10. مسٽر طيب علي، علي ڀائي، 11. مسٽر مهر علي محمد، 12. مسٽر تاج محمد.

ائسوسيئيشن جا مکيه مقصد هي هئا[93]:

الف.

سنڌ مدرسي جو پوري سنڌ ۾ اثر پکيڙڻ.

ب.

عوام جو مسلمانن جي تعليمي ترقي ڏانهن توجھه متوجهه ڪرائي منجھن دلچسپي پيدا ڪرڻ.

ج.

مسلمان شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ.

هن جماعت نه صرف سنڌ مدرسي جي خدمت ڪئي پر سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمت به ڪئي، جماعت جون پوري سنڌ اندر برانچون هونديون هيون[94]. جماعت ساليانه ميڙ ڪرائيندي هئي، جن جو مدرسي اندر بندوبست ڪيو ويندو هو، کاڌي پيتي کان سواءِ رانديون به ٿينديون هيون، دعوتن ۾ وقت جا وڏا عملدار شريڪ پڻ ٿيندا هئا، ۽ سٺي رانديگر کي ائسوسيئيشن طرفان انعام ڏنو ويندو هو[95].

ائسوسيئيشن جي ڪراچي واري مرڪزي شاخ سنڌ مدرسي ۾ ماهوار تحريري مقابلن ۽ علمي، ادبي گڏجاڻين جو بندوبست ڪندي هئي[96]، هن جماعت 1920ع تائين وڏي سرگرميءَ سان ڪم ڪيو[97].

ائسوسيئيشن، مدرسي جي مالي ۽ اخلاقي به مدد ڪندي هئي، جماعت جي پهرين گڏجاڻي واري موقعي تي هڪ “فري بورڊرشپ” جو انتظام ڪيو[98]، يعني جماعت ڪنهن به هڪ غريب ۽ ذهين بورڊر جو ساليانو خرچ پنهنجي فند مان ڏيندي هئي، اڳتي هلي 1914ع کان ٽن بورڊن جو خرچ ڀرڻ لڳي[99]، اهو طريقو 1938ع تائين هلندو رهيو[100]، 1907ع ۾ “وائنس اسڪالرشپ”[101]، 1908ع ۾ “مسزينگ هسبنڊ اسڪالرشپ” قائم ٿيون[102]، 1911ع ۾ “ينگ هسبنڊ ۽ لارينس” جي نالن پٺيان ٻه اسڪالرشپون قائم ڪيون ويون[103]. 1912ع ۾ “بيٽس”، 1913ع ۾ “دي ڪلرڪ”[104]، ۽ 1914ع ۾ “شيخ غلام محمد” جي نالن پٺيان اسڪالرشپون قائم ڪيون ويون[105]، 1933ع ۾ “گبسن مارس” ۽ “گبسن ڪولنس” جي نالن سان اسڪالرشپون هڪ سال لاءِ قائم ڪيون ويون[106]، ان کان سواءِ ائسوسيئيشن وقت به وقت سنڌ مدرسي جي پوئر بوائز فنڊ (Poor Boys Fund) ۾ عطيو به ڏيندي رهندي هئي، 1931ع ۾ سر شاهنواز ڀُٽي غريب شاگردن جي ڪپڙن لاءِ 400 روپيا ڏنا[107].

“سنڌ مدرسه اولڊ بوائز ائسوسيئيشن” مالي ۽ اخلاقي مدد کان سواءِ مختلف موقعن تي انعام اڪرام به تقسيم ڪندي هئي، جيئن 1907ع ۾“مارس وائنس ڪرڪيٽ ڪپ”[108]، 1913ع ۾ “دي ينگ هسبنڊ سلور ميڊل”[109]، ۽ 1933ع ۾ “دي گبسن ميٿا ميٽڪ پرائيز”[110]وغيره.

سنڌ جا ڪيترائي نامور عالم، اديب، سياستدان ۽ قومي ڪارڪنن هن جماعت جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا، جن ۾ سر شاهنواز ڀُٽو، سر غلام حسين هدايت الله، مير ايوب خان، غلام حسين چاڳلا، حاتم علي، عبدالحق جا نالا قابل ذڪر آهن[111].

1935ع ۾ “مدرسه بورڊ اولڊ بوائز ائسوسيئيشن” جي خدمتن جو قدر ڪندي جماعت مان هڪ ميمبر بورڊ تي نامزد ڪيو ويو[112].

وائنس ٽالپور ڪلب:

تنهن وقت جي پرنسپال سنڌ مدرسي جي جيڪا خدمت ڪئي ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي ان کان سواءِ سنڌ جي ٽالپور خاندان به مدرسي جي مالي ۽ اخلاقي مدد به پئي ڪئي، ٽالپور شاگردن وائنس جي خدمتن جو قدر ڪندي “وائنس ٽالپور ڪلب” جي نالي سان 11 مئي 1910ع تي قائم ڪئي[113].

هن ڪلب جي سهاري هيٺ ميمبرن لاءِ “فري ريڊنگ روم”(Free Reading Room) کان سواءِ “ان ڊور گيمس” (Indoor Games) جو بندوبست ڪيو ويندو هو، ٽن سالن جي اندر ڪلب جي ميمبرن لاءِ 30 اخبار ۽ رسالا گھرايا ويندا هئا[114]، هن ڪلب جا ساليانا جلسا ٿيندا هئا، جن ۾ ايندڙ سال جا عهديدار منتخب ڪيا ويندا هئا.

سنڌ مدرسه اخوان الصفا سوسائٽي:

هي جماعت بورڊرن، پرنسپال ۽ بورڊنگ هائوس جي سپرنٽينڊنٽ جي گڏيل ڪوشش سان جولائي 1913ع ۾ قائم ڪئي ويئي هئي[115]، هن جماعت جا هيٺيان قائدا ۽ قانون هئا[116].

الف.

اسلام جي اصولن ۽ تعليم سان شاگردن کي روشناس ڪرايو وڃي.

ب.

شاگردن جو اخلاقي معيار بلند ڪيو وڃي.

ج.

غريبن جي مدد ڪئي وڃي.

د.

لئبرري ۽ ريڊنگ روم هلائي وڃي.

هن سان سوسائٽي جون گڏجاڻيون هفتيوار ٿينديون هيون[117]، ۽ انهن ۾ صرف بورڊنگ هائوس جا شاگرد شموليت ڪندا هئا، هر شاگرد کي آزادي هوندي هئي ته هو پنهنجا رايا بنا ڪنهن ڊپ جي ٻين جي آڏو پيش ڪري سگھي[118]، جماعت جو سربراهه پرنسپال وائنس هوندو هو[119]، هو صاحب اڪثر ڪري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ شاگردن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو.

دي وائنس يونين ڪلب:

“وائينس يونين ڪلب” 21 مارچ 1914 تي قائم ڪئي ويئي[120]، ڪلب جي برپا ڪرڻ جو مقصد هو ته شاگردن ۾ اسڪولي تعليم کان سواءِ دنيا جي روزمرهه جي حالت کان واقف ڪرڻ لاءِ منجھن تقريري مادي پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارآمد سکيا ڏيئي سگھجي جيڪا اڳتي هلي کين عملي زندگي ۾ پنهنجي خيالن جي بي خوف اظهار يا سياست ۾ بهري وٺڻ لاءِ ڪارگر بڻائي[121].

ڪلب جو پهريون صدر مسٽر عبدالغني هيو[122]، ان کان پوءِ مسٽر عارف شاهه گيلاني[123]، ۽ پوءِ عبدالقيوم شيرواني ٿيو[124]. ڪلب جو هي عهدو استادن لاءِ مخصوص هوندو هو ۽ باقي ٻيا عهديدار شاگردن مان کنيا ويندا هئا، مٿين ڪلاسن مان ڪنهن به هوشيار شاگرد کي هن ڪلب جو سيڪريٽري ۽ لئبريرن بڻايو ويندو هو[125].

هن ڪلب طرفان وقت به وقت مذاڪرن ۽ تقريرن جا مقابلا ڪرايا ويندا هئا[126]، ان کان سواءِ تحريري مقابلن تي انعام به ڏنا ويندا هئا[127]. ڪڏهن ڪڏهن ناميارا عالم، اديب ۽ استاد به گڏجاڻين کي خطاب ڪندا هئا، ڪلب کي پنهنجي لئبرري به هوندي هئي[128].

سنڌ مدرسه اسڪائوٽنگ:

        اسڪائوٽنگ پرنسپال وائنس جي ڪوشش سان 1917ع ۾ شروع ڪئي ويئي[129]، مسٽر جمع تيجاڻي ان جو پهريون اسڪائوٽ ماستر هو[130]، 1920ع ۾ مدرسي پهريون “اسڪائوٽ ٽروپ” (K.B.Hassan Ali’s own) قائم ڪيو[131].

        پرنسپال وائنس جي مدرسي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اسڪائوٽنگ ڏانهن ڪوبه توجھه ڪونه ڏنو ويو، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي اچڻ کان پوءِ وري اسڪائوٽنگ ۾ نئون روح ڦوڪيو ويو[132].

        1927ع ۾ جڏهن بمبئي ۾ “آل انڊيا اسڪائوٽس جمبوري” ٿي ته سنڌ مدرسي جي اسڪائوٽن کي پهريون دفعو انهيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو [133]، مسٽر غلام علي خان، جي - ايم مهر علي، مسٽر محمد يوسف ۽ مسٽر ملهوترا مدرسي جي ناميارن اسڪائوٽ ماسٽرن مان ٿي گذريا آهن[134].

سنڌ مدرسه فزيڪل ڪلچر ڪلب:

        “فزيڪل ڪلچر ڪلب” آڪٽوبر 1928ع ۾ انهيءَ مقصد کي آڏو رکي ٺاهي ويئي[135] ته جيئن شاگردن جي روحاني ۽ علمي تربيت ۽ نظرداري سان گڏ سندن جسماني تربيت ۽ تعليم جو بندوبست به ڪيو وڃي.

        هن ڪلب جو پهريون صدر مير ايوب خان هو[136]، ڪلب پهرين سال 50 شاگردن کي تربيت ڏني[137]، ڪلب عملي نظري تعليم ڏيندي هئي، ميمبرن کي پنهنجي پسند ۽ دلچسپي مطابق مختلف رانديون ڪرايون وينديون هيون، ۽ انهن کان صحت ۽ صفائي جي موضوع تي مباحثا پڻ ڪرايا ويندا هئا[138].

        ڪلب جو پهريون انسٽرڪٽر جي-ايل ملهوترا  (G.L.Malhotra)هو[139].

سنڌ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽي:

        هي سوسائٽي 1931ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي پراڻن شاگردن جي ڪوششن سان قائم ٿي[140]. هن سوسائٽي جو خاص مقصد اهو هو ته: مسلمانن ۾ پرائمري، سيڪنڊري، اعليٰ، مذهبي ۽ فني تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ پرچار، ڪانفرنس ۽ ٻين طريقن سان عملي پروگرام رٿيو وڃي.

        هن سوسائٽي جا پهريان عهديدار هن ريت هئا[141].

1.      سر شاهنواز خان ڀٽو           =      صدر

2.      خانبهادر ولي محمد حسن علي       =      نائب صدر

3.      شيخ عبدالمجيد سنڌي               =      جنرل سيڪريٽري

4.      قاضي خدا بخش

5.      محمد راشد                    =      (سنڌ مدرسي جو استاد)

6.      شيخ محمد حسن                                     =                 =         =

7.      سيٺ عبدالله ايڇ ذڪريا               =      خزانچي

سنڌ مدرسه سائنس سوسائٽي:

        “سنڌ مدرسه سائنس سوسائٽي” آگسٽ 1932ع ۾ قائم ڪئي ويئي[142]. جنهن جي رهبري لاءِ مدرسي جي سائنس ٽيچر مسٽر اي - بي - ٽالڪر (A.B.Talker) کي مقرر ڪيو ويو[143]، جيئن ته هي سوسائٽي مسٽر هئريسن (Mr: Harrison) جي وقت ۾ قائم ٿي ان ڪري هو صاحب سوسائٽي جي ڪارڪردگي لاءِ چڱي ريت پاڻ پتوڙيندو هو[144].

        سوسائٽي گھڻو تڻو سير تفريح جا پروگرام رٿيندي هئي، جنهن ڪري ٻارن کي مطالعي سان گڏ مشاهدي ۽ تجزيي ڪرڻ جو موقعو ملندو هو[145].

سنڌ مدرسه اميچوئر فوٽوگرافڪ سوسائٽي:

        هي سوسائٽي مسٽر هئريسن (Mr: Harrison)جي ڪوشش سان 1935ع ۾ قائم ٿي[146]، سوسائٽي جا ميمبر، جھونن توڙي نون شاگردن کان سواءِ استاد به ٿي سگھندا هئا[147]، هن سوسائٽي جو خاص مقصد هو ته ٻارن ۾ اهڙو شوق پيدا ڪجي ، جيئن هو پنهنجو فالتو وقت ڪنهن مقصد ۽ مطلب خاطر استعمال ڪري سگھن ۽ جيئن شاگردن ۾ ذوق جماليات پيدا ڪري سگھجي[148].

        هن سوسائٽي جي سهاري هيٺ ميمبرن کي نه رڳو فوٽوگرافي جي فن جي تعليم ڏني ويندي هئي، پر انهن کي هن فن جي اهميت ۽ افاديت کان به روشناس ڪرايو ويندو هو[149].

سنڌ مدرسه سنڌي لٽريري سوسائٽي:

        هي سوسائٽي 1946ع ۾ ان وقت جي قابل ۽ هوشيار استاد محمد ابراهيم جويي جي ڪوشش سان قائم ٿي[150]، سوسائٽي ٺاهڻ جو اهو مقصد هيو ته جيئن سنڌي شاگردن ۾ ٻوليءَ ۽ علم ادب لاءِ چاهه پيدا ڪري سگھجي ۽ منجھن تقرير توڙي تحرير جو مادو پيدا ڪجي.

        سوسائٽي جون هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن ۾ مختلف موضوعن تي استاد توڙي شاگرد تقريرون ڪندا هئا[151]، شاگردن ۾ اڪثريت بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙن جي هوندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن مدرسي جا ٻيا شاگرد به اچي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا هئا.


 

حوالا ۽ حاشيا


 

[1] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1891-92, P-3.

[2] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1896 -97, P-2. 

[3]  See: Sind Madressahtul Islam Karachi, Monthly Magazine, Karachi October, 1906, P-4.   

[4] See: Annual report of Madressahtul Islam, (Karachi, for the year 1935-36, P-24.   

[5] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1932-33, P-1.

[6] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1937-38, P-19.

[7] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1939-40, P-2.

[8] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1943-44, P-1.

[9] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1998-99, P-3.

[10] See: Minutes Book of Sind Madressahtul Islam for the year 1942, Karachi Resolution No: VI, memo No: 6, dated 18th May, 1942, P-110.

[11] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1943-44, P-3.

[12] Jamiluddin Ahmed Khan: Sind Muslim Law College, Karachi, The Platinum Jubilee Book Sind Madressahtul Islam Karachi, 1960, Section IV, P-73.

[13] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1908-1909, P-2.

[14] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1921-1922, P-14.

[15] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1929-1930, P-1.

[16] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No:1, Karachi, Page 1 and 2.

[17] See: The Lyari 1947, Karachi, The Annual of the Sind Madressahtul Board’s Lyari High School, P-4.

[18] See: The Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam Karachi, Section VI, 1960, P-68.

[19] See: The Lyari 1947, Karachi, The Annual of the Sind Madressahtul Board’s Lyari High School, P-4.

[20] See: The Lyari 1947, Karachi, The Annual of the Sind Madressahtul Board’s Lyari High School, P-4.

[21] See: The Lyari 1947, Karachi, The Annual of the Sind Madressahtul Board’s Lyari High School, P-4.

[22] See: The Director of Public Instruction, Karachi, Sind’s Letter No: S-1379 dated 28th April, 1939.

[23] See: The Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam Karachi, (Section VI), 1960, P-68.

[24] See: Standing Committee Book, Karachi, No:5, P-92.

[25] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1940-41, P-2

[26] See: The Lyari 1947, Karachi, The Annual of the Sind Madressahtul Board’s Lyari High School, P-7.

[27] See: The Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam Karachi, (Section VI), 1960, P-72.

[28] See: Prospects of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Year 1947, P-28.

[29] See: The Lyari 1947, Karachi, The Annual of the Sind Madressahtul Board’s Lyari High School, P-7.

[30] See: Secretary’s Memo, Karachi Sind Madressahtul Islam, No: G-B-10, dated 22-7-1942

[31] See: Minutes Book. No:5 of Sind Madressahtul Board, Karachi, P-438.

[32] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1942-43, P-5.

[33] See: The Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam Karachi, Section VI, 1960, P-69.

[34] See: The Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam Karachi, Section VI, 1960, P-69.

[35] See: Sind Madressahtul Islam Budget Estimate, Karachi, for the year 1946-47, P-3.

[36] See: Secretary’s Memo, Karachi Sind Madressahtul Islam, No: S.C.S, dated 2-9-1942

[37] See: Secretary’s letter addressed to the Secretary General, Karachi, Department Govt. of Sind letter No: 29 dated 20-4 1945.

[38] See: Welcome address to Quaid-e-Azam Mohammad Ali Jinnah, Karachi, printed by: Sind Madressah Board, Aage Kadam Printing, Karachi, 1947, P-1. 

[39] See: Welcome address to Quaid-e-Azam Mohammad Ali Jinnah, Karachi, printed by Sind Madressah Board, Aage Kadam Printing, Karachi, 1947, P-1.

[40] Khwaja Ali Muhammad: History of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-21.

[41] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1911-12, P-7.

[42]  See: Secretary Sind MadressahBoard’s Memo, Karachi, No:1924 dated 15-4-1925.

[43] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi Chronicle, April 1926, P-25.

[44] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1925-26, P-15.

[45] See: Sind Gazette, Karachi, 25th December 1925, P-3.

[46] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, September 1927, P- 28,29.

-           هن جماعت جا عهديدار هيٺين ريت مقرر ڪيا ويا:

1.         سيٺ حاجي عبدالله هارون -           صدر

2.         خانبهادر ولي محمد حسن علي ۽ ڊاڪٽر مٿيوز- جوائنٽ سيڪريٽري

3.         قاضي عبدالرحمان ۽ مولانا عبدالرزاق - اسسٽنٽ سيڪريٽري

اسٽينڊنگ ڪميٽي: 

مير ايوب خان، سيٺ طيب علي، سيٺ حاجي عبدالشڪور، حاجي محمد غلام حسين، عبدالرحمان ۽ مهر علي طالب.

ٽرسٽيز: حاجي محمد غلام حسين، حاجي عبدالله هارون ۽ خانبهادر ولي محمد حسن علي.

[47] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1937-38, P-5.

[48] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1938-39, P-5.

[49] See: Secretrary’s Memo, Karachi Sind Madressahtul Islam, No: G-B-9 dated 2-7-1942.

[50] See: Minutes Book No:5 of Sind Madressah Board, Karachi, Item No:VI dated 30-9-1942, P-129.

[51] See: Minutes Book No:5 of Sind Madressah Board, Karachi, Item No:III dated 23-12-1942, P-137-140.

[52] See: Prospects of the Muslim College, Karachi, Sind Observer Press Ltd., Karachi, Year 1943, P-1.

[53] See: Prospects of the Muslim College, Karachi, Sind Observer Press Ltd., Karachi, Year 1943, P-1.

[54] See: Minutes Book No:5 of Sind Madressah Board, Karachi, Item No:VII, P-153.

[55] See: Resolution No:2 Passed by Sind Maderssah Board, Karachi, on 25th March,1945.

[56] See: Sind Muslim Law College Magazine, Karachi, March 1947-48 (Editoriol).

[57] See: Sind Muslim Law College Magazine, Karachi, March 1947-48 (Editoriol).

[58] See: Sind Muslim Law College Magazine, Karachi, March 1947-48 (Editoriol).

[59] See: Sind Muslim Law College Magazine, Karachi, March 1947-48 (Editoriol).

[60] See: Minutes Book No: 5 of Sind Madressah Board, Karachi, Item No: XII, P-174.

[61] Jamiluddin Ahmed Khan: Sind Muslim Law College, Karachi, Platinum Jubilee Book of Sind Madressahtul Islam 1960, Section IV, P-73.

[62] Jamiluddin Ahmed Khan: Sind Muslim Law College, Karachi, Platinum Jubilee Book of Sind Madressahtul Islam 1960, Section IV, P-73.

[63] See: Prospectus of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Liberty Printers Karachi, 1968, P-24.

[64] See: Prospectus of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Liberty Printers Karachi, 1968, P-24.

[65] See: Prospectus of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Liberty Printers Karachi, 1968, P-24.

[66] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1889-90, P-8.

[67] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1889-90, P-9.

[68] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1889-90, P-9.

[69] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1894-95, P-5.

[70] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1891-92, P-11.

[71] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1891-92, P-10.

[72] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1895-96, P-8.

[73] See: Sind Madrissah Chronicle, Karachi, Golden Jubilee,1935, P-48.

[74] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1939- 40, P-7.

[75] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi Chronicle, September, 1940, P-XVI.   

[76] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi Chronicle, September, 1940, P- XVII.

[77] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1840- 41, P-4.

[78] See: Standing Committee Minutes of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Book No: 5, Memo No: 21, P-82.

[79] See: Standing Committee Minutes of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Book No: 5, Memo No: 10, P-136.

[80] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1887-88, P-7.

[81] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1887-88, P-7.

[82] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Monthly Magazines, November, 1908, P-8.

[83] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1891-92, P-15.

[84] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Monthly Magazines, November, 1907, P-7.

[85] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1904-1905, P-8.

[86] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1905-1906, P-9.

[87] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Magazine, November, 1905, P-11.

[88] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1904-1905, P-8.

[89] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Monthly, Magazine, October, 1906, P-4.

[90] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Chronicle, March, 1932, P-22.

[91] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Monthly,  Magazine, March, 1907, P-9.

[92] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Monthly,  Magazine, March, 1907, P-9.

[93] See: Sind madressah Old boys Association’s Rules & Regulation, Karachi, P-1.

[94] See: The Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam Karachi (Section VII), 1960, P-41.

[95] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1922-1923, P-8.

[96] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Monthly,  Magazine, November, 1908, P-14.

[97] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Chronicle, March, 1952, P-21.

[98] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Monthly,  Magazine, March, 1907, P-9.

[99] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1914-1915, P-9.

[100] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1938-1939, P-16.

[101] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1907-1908, P-7.

[102] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Magazine, March, 1908-1909, P-12.

[103] See: The Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam Karachi (Section VII), 1960, P-38.

[104] Arif Shah C.Gilani: S.M.Old Boys Association, Karachi, Platinum Jubilee Book, Sind Madressahtul Islam 1960, Section. IV, P-39.

[105] Arif Shah C.Gilani: S.M.Old Boys Association, Karachi, Platinum Jubilee Book, Sind Madressahtul Islam 1960, Section. IV, P-39.

[106] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, March, 1934, P-63.

[107] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, November, 1931, P-47.

[108] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1907-1908, P-7.

[109] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1912-1913, P-7.

[110] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1912-1913, P-7.

[111] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-260.

[112] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1935-1936, P-4.

[113] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, August 1913, P-10.

[114] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, August 1913, P-10.

[115] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, August 1913, P-9.

[116] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, August 1913, P-9.

[117] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, November 1914, P-12.

[118] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, November 1914, P-12.

[119] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, November 1913, P-9.

[120] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Golden Jubilee, 1935, P-48.

[121] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, June 1927, P-30.

[122] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-48.

[123] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1935-1936, P-15.

[124] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1938-1939, P-17.

[125] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1922-1923, P-5.

[126] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1939-1940, P-13:14.

[127] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1940-1941, P-12:13.

[128] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1920-1921, P-11.

[129] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1917-1918, P-8.

[130] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1919-1920, P-9.

[131] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-247.

[132] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-248.

[133] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1927-28, P-9.

[134] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-248.

[135] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, March 1931, P-14.

[136] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, March 1931, P-15.

[137] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, March 1931, P-14.

[138] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, June 1932, P-12.

[139] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi Chronicle, September 1930, P-6.

[140] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi Chronicle, November 1931, P-15.

[141] See: Regulations of the Muslim Education Society, Karachi, (Typed Copy), P-1.

[142] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-48.

[143] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, October 1933,P-28 and 29.

[144] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-48.

[145] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, March, 1934, P-35.

[146] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, October, 1936, P-47.

[147] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, October, 1936, P-47.

[148] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, March, 1937, P-24.

[149] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, October, 1936, P-47.

[150] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, November, 1947, P-21.

[151] See: Sind Madressahtul Islam, Chronicle, Karachi, November, 1947, P-21.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org