سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:4 

باب ٽيون

سنڌ مدرسة السلام جو تاريخي جائزو

الف: ابتدائي مشڪلاتن ۽ ڪاميابين جا ڪارڻ:

        مدرسي جو قيام ڪا آسان ڳالهه نه هئي، هي اها تحريڪ هئي، جنهن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انسانن ڪامياب بنائڻ جو عزم ڪيو هو، پر اڻ ڳڻن انسانن مخالفت جو ٺيڪو کنيو هو. مدرسي جي باني کي شروع ۾ ڏاڍا ڏک ڏسڻا پيا ۽ ڏونگر ڏارڻا پيا. انهن مشڪلاتن ۽ مسئلن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ڪڏهن به بي مهل نه ٿيندو.

استادن جي اڻاٺ:

        مدرسي کولڻ کان پوءِ “مدرسه بورڊ” کي هڪ وڏي مشڪلات سان مُنهن ڏيڻو پيو. خاص ڪري انگريزي پڙهائيندڙ استادن جي وڏي کوٽ هئي. سنڌ ۾ اهڙن استادن جو ملڻ محال هو ڇاڪاڻ ته سموري سنڌ ۾ فقط ٽي مسلمان گريجوئيٽ هئا، مسٽر علي محمد حسن علي، ولي محمد حسن علي ۽ مرزا صادق علي بيگ، اُهي ٽئي سرڪاري عملدار هئا[1].

        اِهو ئي سبب هيو جو اتر هندستان مان استادن گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انگريزي ۽ اردو پڙهائڻ وارا استاد اڪثر ڪري ٻاهريان آيل هئا، مدرسي جو پهريون پرنسپال مولانا عمرالدين به خود “پنجاب صوبي” سان تعلق رکندڙ هو[2].

        انسان هر انهيءَ جي مخالفت ڪري ٿو جنهن کي هو ڄاڻي نه ٿو. سنڌ مدرسي جو قيام جيتوڻيڪ سنڌ جي ماڻهن جي عظيم مفادن ۾ هيو. پر انهيءَ جي باوجود به پنهنجن توڙي پراون طرفان مدرسي جي قيام جي مخالفت ٿيندي رهي، مدرسي کلڻ جي پهرين ڏينهن تي جڏهن صبح جو استاد ۽ شاگرد مدرسي ۾ داخل ٿيا ته انهن جون نگاهون ڀتين تي لڳل پوسٽرن تي پيون، جن تي لکيل هو ته “هي مدرسو شيطانن جو آهي”[3]. خانبهادر حسن علي آفندي جهڙي بردبار ۽ سلجهيل انسان انهيءَ مخالفت ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو، پر حريف پنهنجيون اڳرايون ڪندا رهيا، گاريون ۽ گند لکي موڪلڻ کان به نه رهيا[4].

        جيئن ته سنڌ جا هندو “آرٽس ڪاليج” کولڻ لاءِ اڳ ئي تحريڪ هلائي چڪا هئا، پر خان بهادر حسن علي آفندي جڏهن 1882ع ۾ اتر هند ۽ حيدرآباد دکن جي دوري تي ويو ته سانگي سان چار هزار روپيا به چندي وسيلي ڪٺا ڪيائين. اها رقم ڄڻڪ مدرسي جي قيام جي پهرين ڪوشش هئي، پاڻ جڏهن ڪراچيءَ موٽي آيو، ته سنڌ جي هندن مٿس زور آندو ته هو “آرٽس ڪاليج” جي قيام واري تحريڪ ۾ ساڻن ساٿ ڏئي، پر ائين ڪرڻ حسن علي آفندي لاءِ ممڪن نه هو، ڇو ته کيس يقين هو ته تعليم جي ضرورت هندن کان وڌيڪ مسلمانن کي آهي. ان ڪري هو مدرسي قائم ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪري چڪو هو، جنهن لاءِ کيس هندن کي جواب ڏيڻ لازمي هو[5]. مدرسي کلڻ کان پوءِ خانبهادر حسن علي آفندي ويهن ماڻهن تي مشتمل هڪ وفد خيرپور جي مير علي مراد خان ٽالپور ڏانهن موڪليو[6]، ته جيئن مدرسي جي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ کانئس امداد حاصل ڪري سگهجي. مير صاحب پنهنجي هندو وزيرن جي چُرچ تي -/5000 هزار روپيه ڏيڻا ڪري هڪ شرط رکيو ته مدرسه تي نالو بدلائي سندس رکيو وڃي، جيڪا ڳالهه نه صرف ناممڪن هئي پر مشڪل به[7].

        هندن جي مخالفت انهيءَ وقت کلي آڏو اچي وئي جڏهن “مدرسه بورڊ”، “ڪراچي ميونسپالٽيءَ” کان مالي مدد جي گُهر ڪئي، ته انهيءَ وقت “ڏيارام ڄيٺمل” ڀرپور مخالفت ڪئي[8]؛ ۽ ڪراچي ميونسپالٽي جي جنرل ميٽنگ ۾ اهو سوال اٿاريو ته جڏهن جٿي ڪٿي هاءِ اسڪول کلي ويا آهن، ته پوءِ “ سنڌ مدرسة السلام” کولڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي[9].

        خانبهادر حسن علي آفندي جڏهن سنڌ مدرسه جي بورڊنگ هائوس وارو پلاٽ ميونسپالٽيءَ کان 75 روپين مسواڙ تي حاصل ڪيو[10] ته سندس انهيءَ ڪاميابي تي هن جا حريف خاموش رهڻ وارا نه هئا. انهن چند مسلمانن کي انهيءَ پلاٽ جي ذاتي ملڪيت جا دعوى دار بڻائي “محمدن ائسوسئيشن” ۽ ميونسپالٽيءَ جي خلاف ديواني دعوى درج ڪرائي[11]. خانبهادر حسن علي آفندي بذات خود انهيءَ دعوى جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل ٿي[12].

مالي مشڪلاتون:

        جڏهن مخالفت ختم ٿيڻ لڳي ته هڪ طرف مسلمانن کي ڪجهه سمجهڻ ۽ سوچڻ جو موقعو مليو ۽ هن علمي ۽ ادبي تحريڪ جي دل و جان سان پٺڀرائي ڪرڻ ۽ ٻئي طرف وري خانبهادر حسن علي آفندي کي وقت مليو ته مدرسي کي هلائڻ لاءِ هٿ پير هڻي، ناڻو ڪٺو ڪري. انهيءَ سلسلي ۾ حيدآباد دکن ۽ جهونا ڳڙهه جي فراخ دل ۽ جهانديده حاڪمن کي اپيل ڪئي، جنهن تي حيدرآباد دکن جي نظام -/4000 هزار روپيه ڏنا[13]، جهونا ڳڙهه جي نواب-/10,000 هزار روپيه جو شاندار عطيو ڏنو[14].

        جڏهن خانبهادر حسن علي آفندي ڏٺو ته ماڻهو چندو ڏيئي به ڪيترو ڏيندا ته خرچ جي پورائي لاءِ هن سنڌ جي ميونسپالٽين جا در کڙڪايا[15]. اپيلن جي جواب ۾ اهي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺيون ۽ بجيٽ ۾ ساليانه گرانٽ بحال ڪرڻ لڳيون. ننڍي ميونسپالٽيءَ به 1000/= روپيه کان گهٽ امداد بحال نٿي ڪئي[16]. هن فراخ دليءَ مدرسي جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ڏني. ان کان سواءِ وقت جي سرڪار 5,000/= روپيه مدرسه کي ساليانه گرانٽ مقرر ڪري ڏني[17].

        انهن ٻاهرين آمدني جي وسيلي کان سواءِ اندروني طور تي به مدرسه جي انتظاميه ڪافي اپاءَ ورتا. مثال طور: استادن کي پورو سارو پگهار ڏنو ويندو هيو ۽ ٻين ملازمن کي رضاڪارن طور تي گهٽ رقمون ڏنيون وينديون هيون.

غلط روايتون:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” انهيءَ دور ۾ قائم ڪيو ويو، جڏهن مسلمان ڪٽرپڻي جي حد تائين انگريزي ٻوليءَ، علم ادب ۽ تهذيب جي خلاف هئا. ان کان سواءِ وقت جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ مسلمان ٻارن کي نه رڳو مفت تعليم ڏني ويندي هئي، پر رهائش جو مناسب بندوبست پڻ ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڪري ماڻهو رڳو مدرسه جي قيام جي مخالف هئا. پر پنهنجا ٻار به هن مدرسه ۾ داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. اهو ئي سبب آهي جو مدرسه کلڻ جي پهرين ڏينهن تي ڪُل چوڏهن شاگردن اچي داخلا ورتي، جيڪي خود “محمدن ائسوسئيشن” جي سرگرم ڪارڪنن ۽ ميمبرن جا ٻار هئا[18].

جاءِ جو مسئلو:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” لاءِ بروقت پنهنجي اسڪول جي عمارت تيار ٿيل نه هئي. انهيءَ ڪري “بولٽن مارڪيٽ” جي سامهون ٻه ماڙ جاءِ مسواڙ تي ورتي ويئي[19]. جنهن ۾ ڪجهه سال مدرسه هلندو رهيو. مدرسه جي اها عمارت محل وقوع ۾ ماحول جي لحاظ کان قطعي تعليمي اداري لاءِ مناسب نه هئي، ڇو ته بازار جي منهن تي هئڻ ڪري رستن تي گوڙ گهمسان لڳو پيو هوندو هو. “بولٽن مارڪيٽ” ۾ گوشت، مڇي، ۽ ڀاڄين جي نيلام واري واڪن ۾ ايترو ته شور و غل هوندو هو، جو استادن کي پڙهائڻ ۾ ڏاڍي تڪليف محسوس ٿيندي هئي، خود مدرسي جي ڀر ۾ ڪي دڪاندار ڀنگ گهوٽي وڪڻندا هئا[20]. جنهن ڪري مدرسه جي شاگردن جي ڪردار بگڙجڻ جو هميشه انديشو هوندو هو. ان کان سواءِ “مدرسه بورڊ” جو اهو منصوبو هيو ته تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ رهائش جو انتظام ڪيو وڃي، انهيءِ ڪري عمارت جي تبديلي “مدرسه بورڊ” لاءِ وڏن مسئلن مان هڪ اهم مشڪلات هئي. خانبهادر حسن علي آفندي کي به ساڳي ڳڻتي هوندي هئي ۽ ڪنهن موزون جاءِ جي تلاش ۾ سرگردان هيو.

        خانبهادر حسن علي آفندي هڪ ڏينهن پنهنجي فرزند خانبهادر ولي محمد سان ڪورٽ کان بگهيءَ ۾ موٽيو ٿي ته جڏهن پاڻ موجوده مدرسه بلڊنگ واري جاءِ (جنهن کي ان وقت “قافله سراءِ” چيو ويندو هو) کان لنگهيو ته سندس نظر اوچتو وڃي “قافله سراءِ” جي دروازي جي چوٽيءَ واري پٿر تي پئي جتي چنڊ ۽ تاري جو اسلامي نشان لڳل هو[21] ڏسڻ شرط بگهيءَ کي بيهاري هيٺ لهي ان کي اندران ڏسي هڪ دم هي لفظ چيائين “هن جاءِ تي چنڊ ۽ تاري جو اسلامي نشان لڳل آهي الله پاڪ جو قسم ته هي جاءِ هڪ ڏينهن “دارالاسلام” ٿيندي[22].

        اها “قافله سراءِ” ڪوئيٽا واري ريلوي لائين نڪرڻ کان اڳ ۾ ميونسپالٽي ڪابل، قنڌار، چمن ۽ ان جي ٻين ويجهڙائي وارن ملڪن جي قافلن وارن مسافرن لاءِ جوڙائي هئي[23]. جتي اُٺن جا قافلا اچي آرام ڪندا هئا جيڪي انهن ملڪن مان پشم، سُڪو ميوو ۽ ٻيون اهڙيون تجارتي شيون آڻيندا هئا، انهي جاءِ جا ان وقت ٻه ڀاڱا هئا، موجوده بورڊنگ واري جاءِ تي پٿر جي ننڍن ٿنبن تي وڏي “لانڍي” ٺهيل هئي، جن ۾ اهي سوداگر اچي رهندا هئا، انهيءَ لانڍي جي اڳيان جتي موجوده مدرسي واري عمارت اڏيل آهي، هڪ لوڙهو ڏنل جاءِ هئي، انهيءَ ۾ قافلي وارا پنهنجا اٺ ويهاريندا هئا. پر ڪوئيٽا واري ريلوي لائين نڪرڻ کان پوءِ اها جاءِ خالي پيل هئي. جيئن ته اها جاءِ ان وقت ميونسپالٽيءَ جي قبضي ۾ هئي، خانبهادر حسن علي آفندي ڪوشش ڪري ميونسپالٽيءَ کان 75 رپين ماهوار مسواڙ تي حاصل ڪئي[24].

        جاءِ جي قبضي وٺڻ کان پوءِ “مدرسه بورڊ”مستقل طور تي اها جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ تدبيرون اختيار ڪيون. خانبهادر حسن علي آفندي “جيمس گرانٽ” ۽ “اسٽريچن” جي تعاون سان انهي ڳالهه کي ميونسپل جي ايندڙ ميٽنگ جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو[25]. ميونسپل جي اها تاريخي گڏجاڻي “فريئر هال” ۾ ڏيارام جيٺمل جي اڳواڻي هيٺ ٿي. هندن انهيءَ رٿ جي شديد مخالفت ڪئي، پر انگريزن ۽ پارسين مسلمانن جو ساٿ ڏنو ۽ “قافله سراءِ” جو پلاٽ تعليمي مقصدن خاطر مفت مدرسي جي حوالي ڪيو ويو[26].

        انهيءَ کان پوءِ مدرسي جي عمارت جي اڏاوت جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو، جنهن جي ابتدا ان وقت جي گورنر جنرل “لارڊ ڊفرن” هٿان 14 سيپٽمبر 1887ع تي سنگ بنياد رکڻ سان ٿي[27]. مدرسي جي عمارت 197188 روپين 10 آنن ۽ 6 پاين جي لاڳت سان 1890ع ۾ ٺهي راس ٿي[28]، عمارت جو تفصيل ضميمي نمبر پهرين ۾ ڏنو ويو آهي.

ڪاميابين جا ڪارڻ:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” جو قيام ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه هو. انهيءَ جي شروعات کان وٺي رجعت پسند قوتن ڀرپور مخالفت ڪئي، ۽ ان کان سواءِ وقت توڙي حالتن ڪيترين ئي دشوارين کي جنم ڏنو، جن جو مختصر ذڪر هن کان اڳ اچي چڪو آهي. حقيقت ۾ “مدرسي جي قائم ٿيڻ سان سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جو سوال حل ٿي رهيو هو. ان ۾ ڪو به شڪ نه هو ته مدت کان صوبي ۾ جيڪا ضرورت سختي سان محسوس ڪئي پئي ويئي، ان کي هي مدرسو حُسن خوبيءَ سان پورو ڪري رهيو هو”[29]. اها ڪاميابي “مدرسي بورڊ” جي بي لوث محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هئي. جيڪڏهن هن تحريڪ جي ڪاميابي جا راز ڳولهبا ته هي قابل ذڪر ٿيندا.

مخالفت جو خاتمو:

        مدرسي جي افتتاح ۽ ابتدا کان پوءِ سنڌ ۾ رجعت پسند قوتن طرفان سخت مخالفت ڪئي ويئي. جنهن ۾ غير مسلم سنڌ واسين به ڀرپور حصو ورتو. اِها مخالفت خطن ۽ پوسٽرن کان نڪري اخبارن ۽ ميونسپالٽين جي ڪارواين ۽ گڏجاڻين تائين پهچي ويئي[30].

        اها وقت جي تقاضا هئي ته انهيءَ شديد مخالفت کي ڪنهن تدبير سان روڪيو وڃي. مخالفن ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا هئا، جن کي جواب نه ڏيڻ به هڪ وڏو جواب هو، ۽ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا جن جي ڳالهين جو معقول جواب ڏيڻ ضروري هو. انهيءَ ڪري هفتيوار “معاون” اخبار “مجمع محمدي” مدرسي طرفان جاري ڪئي ويئي[31]. جنهن ۾ غير واجبي اعتراضن ۽ تنقيدن جا جواب شايع ٿيندا رهندا هئا. ان کان سواءِ “جديد طرز جي تعليم مسلمانن لاءِ ڇو ضروري آهي؟” جي عنوان سان اصلاحي مضمون پڻ شايع ڪيا ويندا هئا[32]. مدرسي جي اهميت ۾ مدرسي مان سنڌ جي مسلمانن کي حاصل ٿيندڙ فائدن تي به ڀرپور روشني وڌي ويندي هئي. اهو پرچو گهڻي حد تائين نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو ۽ مدرسي جي مفاد ۽ موافقت ۾ زمين هموار ٿيڻ لڳي جنهن جي ڪري مخالفت جو زور گهٽجڻ لڳو ۽ ماڻهو سنڌ مدرسه ڏانهن راغب ٿيڻ لڳا.

مذهبي تعليم:

        سنڌ مدرسي جي قائم ٿيڻ وقت سنڌ ۾ ٻيا به اسڪول هئا، مگر شاگردن هن مدرسي ۾ داخل ٿيڻ تي زياده زور رکيو. ان جو خاص سبب هي هو ته هن مدرسي ۾ شروع کان وٺي ديني ۽ عربي تعليم ڏيڻ لاءِ پورو پورو بندوبست رکيو ويو هو[33] ۽ شاگردن کي روزانه ‘فقه’ جي تعليم پوري توجهه سان ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو. ان کان سواءِ بورڊنگ ۾ رهندڙن لاءِ پنج وقت نماز لازمي ڪئي ويئي، جنهن لاءِ پيش امام رکيو ويو هو. روزانه نماز تي شاگردن جي حاضري ورتي ويندي هئي ۽ غير حاضر شاگردن کي سزا ڏني ويندي هئي.

        تنهن کان سواءِ هن اداري ۾ سُني ۽ شيعا شاگردن لاءِ علحده علحده مسجدون تعمير ڪرايون ويون هيون. ان سان گڏوگڏ سُني ۽ شيعا عالم رکيا ويا هئا[34]. جيڪي پنهنجي فرقي ۽ فقيه جي اصول پٽاندڙ تعليم ڏيندا هئا. مدرسي جي شاگردن جي اخلاق تي به تمام گهڻو توجهه ڏنو ويندو هو. بورڊنگ ۾ رهندڙن کي هفتي ۾ صرف هڪ دفعو شهر وڃڻ جي اجازت هوندي هئي. شهر ويندڙ شاگرن جي نظرداري لاءِ هڪ استاد تي ڪم سونپيو ويندو هو، ته جيئن شاگرد موڪل جو ناجائز فائدو وٺي خراب جاين ڏانهن نه وڃن[35].

        انهن ڳالهين شاگردن توڙي سندن والدين کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو، جنهن ڪري اِهي ٻين اسڪولن جي ڀيٽ ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ تعليم وٺڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا.

شاگردن لاءِ سهولتون:

        جيتوڻيڪ ابتدا ۾ سنڌ مدرسي جي مالي حالت ايتري سٺي نه هئي، ان جي باوجود به سنڌ جي هر هڪ تعلقي ۾ هڪ شاگرد کي فري بورڊري ڏني ويندي هئي، هن رعايت جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ مدرسي جي نيڪ نامي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي. ان کان سواءِ “مدرسي جون جمله فيون ان وقت ايتري قدر ٿوريون هيون جي سرڪاري اسڪولن جي فين جو ٽيون حصو هيون، ان ڪري شاگردن کي هن اسڪول ڏانهن اچڻ جي ترغيب ملي ۽ شاگردن جو تعداد وڌندو ئي رهيو گهٽ ٿيڻ جو ته نالو نشان ئي ڪو نه هو”[36].

ب: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جو تاريخي احوال:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” جي اڌ صدي جي تاريخ کي هن مختصر باب ۾ سموهي نه ٿو سگهجي. ڇو ته هن عظيم تعليمي اداري جي تاريخ جا ايترا ته مختلف پهلو آهن، جيڪي پنهنجي جاءِ تي الڳ الڳ بابن ۾ ورهائي سگهجن ٿا. مقالي جي طويل ٿي وڃڻ جي انديشي کان هتي محض مختلف واقعن جو ذڪر ڪجي ٿو، پر ان هوندي به باقي مکيه ڳالهين کي ضميمن جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو.

        مطالعي هيٺ آيل دور جي شاگردن مدرسي جي فيض سان مستفيد ٿي ميٽرڪ پاس ڪري چڪا آهن. انهن جو سالوار تعداد ضميمي نمبر (7) ۾ ڏنو ويو آهي، ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ جن عالمن ليڊرن ۽ آفيسرن مدرسي جو معائنو ڪيو، جن جو وچور ضميمه نمبر (3) ۾ ڏنو ويو آهي، هن علمي ۽ ادبي اداري جي هلائڻ لاءِ “سنڌ مدرسه بورڊ” کي جو پاڻ پتوڙڻو پيو، ۽ مختلف هنڌن تان مالي مدد وٺـي ڦڙي ڦڙي تلاءُ بڻايو تنهن جو ذڪر ضميمه نمبر (4) ۾ ڏنو ويو آهي.

        پهرين سيپٽمبر 1885ع تي “سنڌ مدرسة الاسلام” قائم ٿيو[37]. انهيءَ کان پوءِ مطالعي هيٺ آيل دور تائين انهيءَ جي تاريخ ڪيترائي اهم موڙ ڏٺا جن مان خاص واقعن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

        سنڌ مدرسة الاسلام جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين ٿيو[38] جيڪو نه رڳو مولوي هيو پر “پنجاب يونيورسٽي” جو ڊبل گرئجوئيٽ هو. کيس عربي زبان ۽ ادب تي ڪافي دسترس هئي. مولوي عمرالدين اهڙي شخصيت جو مالڪ نه هو جو مدرسي جو نالو روشن ڪري سگهي. يا انهيءَ کي ماڻهن ۾ مقبول بڻائي سگهي. هي نهايت سادو انسان هو.

        هن جي دور 1885ع ۾ ناميارو تعليم دان ڊبليو-ڊبليو-هنٽر(W.W. Hunter) مدرسي ۾ آيو. جنهن عظيم تعليمي اداري جو معائنو ڪندي لکيو ته: “سنڌ مدرسة الاسلام جي قائم ٿيڻ سان سنڌ ۾ مسلمانن جو تعليمي مسئلو حل ٿي رهيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جيڪا ضرورت صدين کان وٺي محسوس ڪئي پئي ويئي سا مدرسي جي قائم ٿيڻ سان پوري ٿي رهي آهي”[39].

        مولوي عمر الدين 1886ع تائين سنڌ مدرسي جو پرنسپال رهيو. جيئن ئي کيس پنجاب ۾ نوڪري ملي ته مدرسو ڇڏي ويو [40]، جنهن کان پوءِ مسٽر سجاد مرزا کي عارضي طور تي پرنسپال مقرر ڪيو ويو، هو صاحب به پنجاب کان آيل هو ۽ “علم هندسه” (Mathematics) جو قابل استاد هو. پاڻ 1887ع تائين مدرسي جو عارضي پرنسپال ٿي رهيو[41].

        مولوي عمرالدين جي وڃڻ کان پوءِ پرنسپال جي جاءِ خالي ٿي پئي، جنهن لاءِ “سنڌ مدرسه بورڊ” فيصلو ڪيو ته خانبهادر ولي محمد حسن علي کي سندس جاءِ تي رکيو وڃي، 1887ع مسٽر غلام حسين ڇاڳلا اها رٿ ڏني ۽ سرڪار کي درخواست ڪئي ويئي ته خانبهادر ولي محمد جون خدمتون ڪجهه سالن لاءِ مدرسي جي حوالي ڪيون وڃن[42].

        خانبهادر ولي محمد حسن علي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ايڊيوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ شڪارپور هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر رهي چڪو هو، 1887ع ۾ کيس مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو[43]. “خانبهادر ولي محمد حسن علي کي ان وقت مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جڏهن مدرسي کي پوري ۽ ڪامل پرورش جي ضرورت هئي، مرحوم ان کير پياڪ ٻار جي نهايت ئي ديانتداري سان پرورش ڪئي، ان کي شباب جي منزل تي پهچايو، اِها حقيقت آهي ته مدرسي جي شان ۽ عزت کي وڌائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي، خانبهادر ولي محمد نظم ۽ نسق جو وڏو ڄاڻو ۽ ان سان گڏ ڪامياب استاد به هو”[44].

        خانبهادر ولي محمد حسن علي کي قومي خدمت، سخت محنت ۽ تعليمي صلاحيتون ورثي ۾ مليل هيون. هو هڪ بهترين منتظم ۽ لائق استاد هو. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي مان 1889ع ۾ پهريون دفعو شاگرد ميٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺا[45].

        هن صاحب نصابي ڳالهين کانسواءِ غير نصابي شغلن ڏانهن به توجهه ڏنو، هن عربي جي تعليم ڏانهن پڻ خاص توجهه ڏنو. ۽ پنهنجي کيسي مان انهيءَ مقصد لاءِ اسڪالرشپون ڏنائين، فني تعليم جو خاصو انتظام ڪيائين. کانئس اڳ شاگردن جي مذهبي ڪارڪردگي تي ڪڙي نظر نه رکي ويندي هئي، هن صاحب پهريون دفعو امام مقرر ڪيو ۽ شاگردن لاءِ هر نماز تي حاضري جو دستور جاري ڪيو[46].

هن جي زماني ۾ 1887ع ۾ “ڊبيٽنگ سوسائٽي” قائم ٿي[47]. جنهن جي سهاري هيٺ ادبي نشستون ٿينديون هيون. ساڳيو ئي سال مدرسي جي تاريخ ۾ اهم مقام رکي ٿو. ڇو ته هن سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ وقت جي گورنر جنرل لارڊ ڊفرن مدرسي جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو[48]. سنڌ مدرسي ۾ پهرين انعامي تقريب به مارچ 1887ع ۾ ٿي جنهن جي صدارت بمبئي جي گورنر “لارڊ ري” (Lord Rey) ڪئي[49].

        1887ع کان مدرسي جي عمارت جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو. جيڪو 1890ع ۾ پايه تڪميل تي پهتو[50]. پوري عمارت تي 197188 روپيه 4 پايون 10 آنا خرچ آيو[51]. مدرسي جي عمارت ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڌن ڌڻين جي مالي مدد سان ٺهي راس ٿي. اهڙن ماڻهن ۾ جهونا ڳڙهه جو نواب به قابل ذڪر آهي، هن صاحب مدرسي بلڊنگ جي لاءِ 10,000/= هزار روپيا امداد ڏني[52]. جنهن جو قدر ڪندي 1891ع ۾ مدرسي جي امتحان هال تي سندس نالو رکيو ويو[53]، ۽ 10,000/= هزار روپيا سني مسجد لاءِ پڻ ڏنائين[54].

        خيرپور رياست جي مير فيض محمد “سنڌ مدرسة الاسلام” جي جيڪا مالي مدد ڪئي، انهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي، 1894ع ۾ هن مدرسي کي هڪ طرف 60,000/= هزار روپيا ڏنا ته جيئن اعلى تعليم حاصل ڪندڙ سنڌي مسلمانن کي اسڪالرشپون ڏيئي سگهجن ۽ ٻئي طرف مير صاحب سنڌ مدرسي ۾ شيعه مسجد ٺهرائڻ لاءِ 5000/= روپيا ڏنا[55].

        فني تعليم جي ابتدا مدرسي جي ابتدا سان گڏ ڪئي ويئي هئي، پر مدرسي کي پنهنجو ورڪ شاپ نه هو، اهو 1895ع ۾ ٺهي راس ٿيو[56].

        1895ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” جو باني خانبهادر حسن علي آفندي خدا کي پيارو ٿيو[57]. جنهن جي نتيجي ۾ “سنڌ مدرسه بورڊ” کي نئين سر تشڪيل ڏنو ويو. جنهن جو تفصيل هن مقالي جي ٻئي هنڌ تي ڏنو ويو آهي، اهي ترميمون ۽ تبديليون خانبهادر ولي محمد حسن علي جي زماني ۾ ٿيون.

        1896ع ۾ خيرپور رياست جي مير فيض محمد خان “سنڌ مدرسه بورڊ” کي آڇ ڏني ته جيڪڏهن مدرسي ۾ انگريز پرنسپال مقرر ڪيو وڃي ته پاڻ ساليانو 5000/= هزار روپيه گرانٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، نه صرف ايترو پَر پِرنسپال جي رهائش جي جاءِ به ٺهرائي ڏيندس ۽ پرنسپال کي پگهار به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان[58]، خيرپور رياست جي والي جي اِها آڇ ڌيان ۾ رکندي آفندي خاندان جو چشم و چراغ ۽ مدرسي جو هڏ ڏوکي پرنسپال خانبهادر ولي محمد حسن علي آفندي آگسٽ 1896ع ۾ مدرسو ڇڏي ويو[59] جنهن جي جاءِ تي ڊي - پي ڪوٽوال کي عارضي پرنسپال مقرر ڪيو ويو[60].

        پورو هڪ سال سنڌ مدرسي جي واڳ مسٽر ڊي - پي ڪوٽوال جي هٿ ۾ رهي، جيڪو “ڪاڪا ڪوٽوال” جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ڪوٽوال چوٿائي صدي تائين هن اداري سان وابسته رهيو، هي صاحب 1920ع ۾ مدرسي جي ملازمت کان رٽائر ٿيو[61]. سنڌ صوبي جا ڪيترائي عملدار توڙي آفيسر، شاعر توڙي اديب، سماجي ڪارڪن۽ سياسي ليڊر سندس شاگرد هئا.

        5 آڪٽوبر 1897ع تي پرسي هائيڊ (PercyHide) سنڌ مدرسي جو پرنسپال مقرر ٿيو، هن کان اڳ سرڪاري سطح تي ميرن جي اولاد لاءِ ڌار تعليمي اداري ٺاهڻ لاءِ غور ٿي رهيو هو. مسٽر پرسي هائيڊ ذاتي طور تي دلچسپي وٺي سنڌ جي ميرن کي مدرسي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ آماده ڪيو، کيس ذاتي طور تي سنڌ جو دورو ڪرڻو پيو، جنهن ۾ گهڻي حد تائين ڪاميابي حاصل ٿيس[62].

        پاڻ فوجي قبيلي جو فرد هو، انهيءَ ڪري هن واري دور کي فوجي دور سڏيو ٿو وڃي. هن لازمي فوجي تربيت جو بنياد وڌو ۽ شاگردن جي جسماني تربيت ڏانهن توجهه ڏنائين، هي صاحب سنڌ ڪلب ۽ ڪراچي جيم خانه جو سيڪريٽري هو، انهيءَ عهدي تي رهڻ ڪري يورپي عملدار هن جا واقف ٿيا مدرسي کي پنهنجو سمجهڻ لڳا ۽ مدرسي جي مدد به ڪندا هئا[63].

        هن صاحب جي اچڻ جي پهرين سال 17 ٽالپر شاگردن داخلا ورتي، مدرسي ۾ ٽالپورن جو خاص خيال رکيو ويندو هو، ۽ اسڪول ٽائيم کان پوءِ به هنن جي پڙهائي لاءِ هڪ استاد مقرر ڪيو ويو هو[64].

        1897ع کان ڪراچيءَ ۾ پليگ منهن ڪڍيو[65]، جنهن ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي معصوم جانين کي نهوڙي ڇڏيو، پليگ جو اثر “سنڌ مدرسة الاسلام” تي به پيو، مدرسه جي انتظاميه کي غير معمولي قدم کڻڻا پيا. مدرسي کي ڪجهه وقت لاءِ بند ڪيو ويو، 1898ع ۾ ٽالپور شاگردن کي سکر منتقل ڪيو ويو، ته جيئن پنهنجي پڙهائي جاري رکي سگهن، پر پوءِ سمورن بورڊرن کي سکر موڪليو ويو[66].

        سنڌ مدرسة الاسلام رڳو اسڪول نه هو پر کيس بورڊنگ هائوس به هوندو هو، وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ بورڊنگ هائوس جو انتظام به “سنڌ مدرسه بورڊ” جو توجهه ڇڪائيندو رهيو، انهيءَ ڪري 1898ع ۾ “مدرسي بورڊ” جي اٽيڊنگ ڪاميٽي “مدرسه محمدن ڪاميٽي” جي نالي سان هڪ سب ڪاميٽي مقرر ڪئي[67]،جيڪا سالن جا سال بورڊنگ هائوس جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.

        يورپي پرنسپال جي رهائش جي مسئلي ڏانهن مدرسه بورڊ شروع کان وٺي خاصو توجهه پئي ڏنو، جولائي 1898ع ۾ 24898 روپين 4 پاين 12 آنن جي لاڳت سان پرنسپال جو بنگلو ٺهي راس ٿيو، هن عمارت جي اڏاوت تي ايندڙ سمورو خرچ خيرپور جي مير فيض محمد ادا ڪيو[68] ۽ وري ٽالپور هائوس 1901ع ۾ ٺهي تيار ٿيو[69].

        “پرسي هائيڊ” ڇهه سال سنڌ مدرسة السلام ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 12 آگسٽ 1903ع تي استعيفا ڏني[70] ۽ وڃي “انڊين ايجوڪيشنل سروس” ۾ ملازمت اختيار ڪيائين.

“پرسي هائيڊ” جي وڃڻ کان هڪ مهينو پوءِ ٽي - ايڇ - وائنس(T. H. Vines) 15 سيپٽمبر 1903ع تي مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو[71]، هو پاڻ ان وقت چڱي پگهار تي علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پروفيسر هو. پر محنت ڪش طبيعت کيس سنڌ مدرسي ڏانهن متوجهه ڪيو، هن صاحب اچڻ شرط مدرسه ميگزين جو اجراع ڪيو[72].

        1904ع ۾ بورڊنگ ۾ رهندڙ شاگردن مدرسي جي باني جي ياد ۾ “حسن علي ڪلب” قائم ڪئي[73]. (T. H. Vines) ٽي - ايڇ - وائنس طرفان شاگردن لاءِ هڪ “ريڊنگ روم” ۾ ڪيترن ئي “انڊور گيمس”(Indoor Games) جو بندوبست ڪيو ويو.

        1902ع سنڌ مدرسي جي تاريخ ۾ پهريون سال هو جڏهن مئٽرڪ ۽ فائنل جي امتحان ۾ گذريل سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڇوڪرا پاس ٿيا[74]. ڪراچي ۾ ٻيهر پليگ پئي ان ڪري اپريل ۽ مئي مهينن ۾ مدرسي کي بند ڪيو ويو[75]، ساڳي سال پرنسپال وائنس مدرسي جي مسلمان استادن ۽ شاگردن لاءِ حڪم جاري ڪيو ته جمع جي نماز پابندي سان پڙهي وڃي، هي صاحب ذاتي طور تي مسجد وڃي معائنو ڪندو هو[76]، هن سال پرنسپال وائنس جي ڪوشش سان “اولڊ بوائز ائسوسيئيشن” (Old Boys Association) جو قيام عمل ۾ آيو[77]، ته جيئن هڪ طرف مدرسي جي مالي مدد ڪري سگهجي ۽ ٻئي طرف “پراڻن شاگردن” لاءِ مدرسي توڙي هڪ ٻئي سان لاڳاپي جو موقعو فراهم ڪري سگهجي، پاڻ هن ائسوسيئيشن جو پهريون آنرري سيڪريٽري ٿيو.

        ٻارن جي ذهني تربيت اصل ۾ جسماني تربيت جو مرهون منت ٿئي ٿي، مدرسه شروع کان وٺي پنهنجي شاگردن لاءِ راندين جو بندوبست ڪيو، 1907ع هن اداري جي تاريخ جو پهريون سال ليکيو ويندو جو هن سال مدرسي جي شاگردن پهريون دفعو “اسڪول فٽ بال چئمپين شپ” کٽي[78]، 1909ع ۾ “حسن علي هائوس” ۽“خيرپور هائوس” ٺهي راس ٿيا[79].

        1910ع ۾ ٽالپور شاگردن “وائنس ڪلب” قائم ڪئي[80]، جيڪا پنهنجي ڪارڪردگي ۽ مقصدن جي لحاظ سان “حسن علي ڪلب” جهڙي هئي. ان کان ٻه سال پوءِ يعني 1912ع ۾ ٽالپور شاگردن پرنسپال جي نالي سان هڪ لئبرري کولي[81]، 1913ع ۾ پرنسپال، سپرنٽينڊنٽ ۽ بورڊنگ ۾ رهندڙ شاگردن جي گڏيل ڪوششن سان “اخوان الصفا” ٺاهي ويئي ته جيئن غريب شاگردن جي مدد ڪري سگھجي ۽ جملي شاگردن جي اخلاقي توڙي مذهبي رهبري ڪري سگھجي[82].

        مارچ 1914ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ “وائنس يونين ڪلب” قائم ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد هو ته شاگردن ۾ تقريري توڙي تحريري مادو پيدا ڪجي ۽ کين دنيا جي روزمرهه وارين حالتن کان باخبر رکجي[83]، 1917ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پهريون دفعو اسڪائوٽنگ جي ابتدا ڪئي ويئي[84].

        1919ع ۾ پرنسپال وائنس سخت بيمار ٿي پيو جنهن ڪري موسم بدلائڻ لاءِ ٻه سال مدرسي کان ٻاهر رهيو[85]، سندس غير حاضري ۾ ايس-ڊي ڪانٽريڪٽر کي عارضي پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جيڪو پاڻ ايجوڪيشنل آفيسر هو. هن جي وقت ۾ سرڪار مدرسي جي گرانٽ وڌائي ڏني، جنهن جو فائدو حاصل ڪندي هن استادن جا پگھار وڌايا.

        هن صاحب جي دور ۾ سنڌ توڙي هند سياسي خلفشار جو نشانو بڻي، پر سندس انتظامي لياقتن ۽ صلاحيتن مدرسي جي ڪارڪردگي کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو، حالانڪ “خلافت تحريڪ” جي هلچل سبب ڪيترائي شاگرد مدرسو ڇڏي وڃي انهيءَ جدوجهد ۾ شامل ٿيا[86]. پر تنهن هوندي به مدرسي جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته 1919ع کان 1921ع تائين مدرسي جي ڪارڪردگي بهتر رهي[87]، 1919ع ۾ “سردار هائوس” پايه تڪميل تي پهتو[88].

        پرنسپال وائنس جو زمانو مدرسة الاسلام جي تاريخ جو سونهري دور آهي. هن عظيم انسان غير مسلم هئڻ جي باوجود به مسلمانن جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. جڏهن مدرسي کي وئڪيشن (Vacation) ملندي هئي ۽ اسٽاف جو هر ميمبر موڪلون ماڻيندو وتندو هو ته هي مدرسي جو سچو هڏ ڏوکي انسان سنڌ جو دورو ڪري چندا گڏ ڪندو هو[89]، سندس ڏينهن ۾ مدرسي جو انتظام مثالي نوعيت جو هوندو هو. ٻارن جي نصابي توڙي غير نصابي شغلن ڏانهن توجھه ڏنو ويندو هو. پاڻ عيسائي هو، پر ان هوندي به مسجد ۾ وڃي مسلمان ٻارن تي چوڪسي رکندو هو ته جيئن ڪو به نماز کان غير حاضر نه رهي. غريب ۽ هوشيار شاگردن جو تمام گھڻو خيال رکندو هو ڪيترن ئي غريب شاگردن جو تمام گھڻو خيال رکندو هو ڪيترن ئي غريب شاگردن جون فيون پنهنجي کيسي مان ڏيندو هو [90].

        ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ جڏهن 1921ع ۾ وري مدرسي ۾ موٽي آيو ته وري سخت محنت کيس ٻيهر بيمار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري 1922ع ۾ علاج خاطر لنڊن هليو ويو. اتي ساڳي سال جي آگسٽ مهيني ۾ وفات ڪيائين[91].

        زندگي جا آخري پساهه کڻندي پني ۽ پين جي گھر ڪيائين، جڏهن کيس ٻئي شيون ڏنيون ويون ته هن لکڻ شروع ڪيو ، رڳو “سنڌ مدرسة الاسلام” لکيائين ته سندس دم پرواز ڪري ويو[92]، سندس وفات کان پوءِ “مدرسه بورڊ” سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن جي پوئنيرن کي ڏهه هزار روپيا ڏياري موڪليا[93]. هي صاحب مدرسي جو واحد پرنسپال هو جنهن جي اهڙي ريت قدرداني ڪئي وئي.

        پرنسپال وائنس کان پوءِ خانصاحب مريد علي کي مدرسي جي چارج ڏني وئي جو 1922ع کان 1925ع جي دوران ٻه سال اٺ مهينا سنڌ مدرسي جو پرنسپال ٿي رهيو. هن 30 سال مدرسي ۾ ملازمت ڪئي[94]. جنهن مان 15 سال وائيس پرنسپال ۽ چار سال ائڪٽنگ پرنسپال ٿي رهيو. هن جي ڏينهن ۾ پهريون “اسڪائوٽ ٽرپ” قائم ڪيو ويو، سندس دور ۾ مئٽرڪ جا نتيجا تمام سٺا نڪتا[95].

        وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ سنڌ مدرسي لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا رهيا، جيئن:

الف.

مدرسو شروعات ۾ هڪ کليل پلاٽ تي ٺاهيو ويوجيڪو وقت گذرڻ کان پوءِ گھرن ۽ گھٽين جي وچ ۾ اچي ويو.

ب.

مدرسي جي جاءِ شهر ۾ هئڻ ڪري هر وقت گوڙ گهمسان کان سواءِ وبائي بيمارين جي ضد ۾ ايندو رهيو.

ج.

شاگردن جي تعداد ۾ واڌارو ايندو رهيو، پر انهن جي رهائش ۽ پڙهائڻ جي جاءِ ساڳي رهي.

د.

مدرسي ۾ شاگردن جو تعداد ايترو وڌي ويو هو جو اڳوڻو راند جو ميدان انهن جي لاءِ ڪافي نه رهيو ۽ ساڳي وقت شاگردن جي گھڻائي سبب پرنسپال لاءِ انتظامي مسئلو پيدا ٿي پيو.

هه.

1902ع کان وٺي “انڊومينٽ فند” (Endovement Fund) ۾ ڪم اچڻ لڳي جنهن ڪري مدرسي کي مالي مشڪلاتن اچي ورايو.[96] انهيءَ ڪري جولائي 1919ع ۾ “مدرسه بورڊ” اهو سوچيو ته جيڪڏهن مدرسي کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ته هوند ڪيترائي مسئلا ختم ٿي سگھن ٿا. انهيءَ ڪري ساڳي سال ۾ جي-آر-مارٽن (J.R.Martin) جي چيئرميني هيٺ ايس-جي حاجي يوسف علي، علي ڀائي خانبهادر ولي محمد حسن علي، محمد قادر شيخ ۽ غلام علي ڇاڳلا تي مشتمل هڪ سب ڪاميٽي ٺاهي ويئي[97]. جنهن آڪٽوبر 1920ع ۾ رپورٽ ڏني ته مقامي شاگردن کي موجوده بلڊنگ ۾ تعليم ڏني وڃي ۽ ٻاهرين شاگردن لاءِ پڙهائي توڙي رهائش جو بندوبست ڪنهن ٻئي هنڌ ڪيو وڃي[98].

انهيءَ رپورٽ جي روشني ۾ ٻاهرين شاگردن جي لاءِ “لانڍي” ۾ مدرسه کولڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. پر ايگزيڪيٽوِ انجنيئر مشورو ڏنو ته لانڍي ۾ مدرسو کولڻ ڪري سڀ کان وڌيڪ مسئلو پاڻي جي اڻاٺ جو ٿيندو. انهيءَ ڪري لانڍي ڏانهن مدرسي جي منتقلي واري رٿ تي عمل نه ڪيو ويو[99]. انهيءَ کان پوءِ مدرسي کي جيل روڊ ڪراچي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. ايس-جي حاجي کي جيل روڊ واري جاءِ جي معائني ڪري رپورٽ لاءِ مقرر ڪيو ويو. جنهن رپورٽ ڏني ته مدرسي جي لاءِ اها جاءِ مناسب نه آهي[100]. انهيءَ سان گڏوگڏ سرڪار سان لکپڙهه هلائي ويئي ته جيئن موجوده مدرسي جو پلاٽ جو ڪجھه حصو وڪڻي پئسا هٿ ڪجن جيئن ڪنهن ٻئي هنڌ تي مدرسي جي جاءِ ٺاهي سگھجي، پر ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي شديد مخالفت سبب ۽ ايس-جي حاجي جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ مدرسي جي منتقلي جي خيال کي 1922 ۾ ختم ڪيو ويو[101].

        جڏهن مدرسي جي منتقلي غير ممڪن ٿي پئي ته 1923ع ۾ اردو برانچ “سرائي ڪواٽرس” ڏانهن منتقل ڪيو ويو[102].

        1925ع ۾ اي-ايم ميٿيوز (A.M.Mathews) کي “سنڌ مدرسة الاسلام” جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو[103]. هن پنهنجي زماني ۾ استادن کي گائون پائڻ جو رواج وڌو، نان گريجوئيٽ جي گائون ۾ پٺيان ڳوٿري نه هوندي هئي، ليڪن ان جي برعڪس گريجوئيٽ استادن جي گائون ۾ ڳوٿري هوندي هئي جنهن مان گريجوئيٽ ۽ نان گريجوئيٽ جو فرق نمايان ٿيندو هو[104].

        1927ع ۾ پرنسپال ميٿيوز مدرسو ڇڏي ويو. جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي 21 سيپٽمبر 1927ع تي ائڪٽنگ پرنسپال جي حيثيت سان چارج ورتي[105]. ساڳي سال “سنڌ مدرسة الاسلام” جي اسڪائوٽن پهريون دفعو “آل انڊيا اسڪائوٽس جمبوري” ۾ شرڪت ڪئي، 1928ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ “فزيڪل ڪلچرل ڪلب” ٺاهي ويئي[106]، جنهن ۾ شاگردن کي جسماني تربيت ڏني ويندي هئي،1929ع ڊائيننگ هال کي “ٽالپور هائوس” ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ سابق “ڊائيننگ هال” کي “سائنس ليبارٽري” ۽ “آرٽ روم” ۾ تبديل ڪيو ويو، هن سال “سنڌ مدرسة الاسلام” جي مئٽرڪ جو نتيجو تمام سٺو نڪتو، جملي 17 شاگردن امتياز سان امتحان پاس ڪيو، جو مدرسي جي تاريخ ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو[107].

        1930ع ۾ علامه دائود پوٽي جي ڪوشش سان “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ ڪمرشل ڪلاس شروع ٿيا جن ۾ شاگردن کي “ٽائيپ رائيٽنگ”، “شارٽ هينڊ” ۽ “بڪ ڪيپنگ” جي تعليم ڏني ويندي هئي[108]، علامه دائود پوٽي سيپٽمبر 1930ع ۾ سنڌ مدرسي جي ملازمت ڇڏي وڃي “گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ” ۾ عربي جو پروفيسر مقرر ٿيو.

        علامه دائود پوٽي جي ڏينهن ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪيترائي ڏکيا ڏينهن ڏٺا، سرڪار مدرسي جون گرانٽون گھٽائي ڇڏيون جنهن جي نتيجي ۾ بورڊ کي مختلف شعبن ۽ ملازمتن ۾ تخفيفون / گھٽتايون آڻڻيون پيون. پرائمري برانچون ختم ڪيون ويون، استادن جا پگھار گھٽايا ويا ۽ ڪجھه فري بورڊر شپون ختم ڪيون ويون[109].

        انهن حالتن کي ڏسي دائود پوٽي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ 17000/= هزار روپيه گڏ ڪيا[110].

        سنڌ مدرسو اُن وقت ڪو معمولي ادارو نه هو، سندس شهرت برصغير جون سرحدون ٽپي چڪي هئي ۽ وقت جا ڪيترائي عالم هن اداري جا استاد ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندارهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو دائود پوٽي جي وڃڻ کان پوءِ “سنڌ مدرسه بورڊ” پرنسپال جي جاءِ لاءِ اشتهار ڏنا، جنهن جي موٽ ۽ کين برصغير مان 124 درخواستون پهتيون [111]. “مدرسه بورڊ” درخواستن جي ڇنڊڇاڻ ڪري چئن اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گھرايو ليڪن انهن مان ڪنهن کي به “بورڊ” مدرسي جي پرنسپال ٿيڻ جي لائق نه ڄاتو، تنهن کان پوءِ مسٽر هيريسن (Harrison) کي اهو اعزاز مليو، جنهن 12 جنوري 1931ع ۾ خانصاحب مريد علي کان چارج ورتي[112]، جيڪو دائود پوٽي جي وڃڻ کان پوءِ مدرسي جو عارضي پرنسپال ٿيو هو.

        مسٽر هيريسن “برهمنگام يونيورسٽي” مان سائنس ۾ ڊبل گريجوئيشن ڪئي هئي، پاڻ انگلستان جي “رائل سوسائٽي آف ٽيچرس” جو ميمبر هو. ان کان سواءِ کيس فوجي ملازمت جو آزمودو هو. مدرسي جي پرنسپال ٿيڻ کان اڳ پاڻ “پبلڪ اسڪول انگلينڊ” ۾استاد ۽ “يورپين هاءِ اسڪول انڊيا” جو هيڊ ماسٽر ٿي رهيو هو[113]، پاڻ هندستاني ٻوليون نه ڄاڻندو هو، جنهن ڪري خانصاحب مريد علي اسڪول جي عملي ۽ شاگردن جي درميان هن لاءِ ترجماني جا فرائض انجام ڏيندو هو[114].

        مسٽر هئريسن جي زماني ۾ مدرسي جي ثانوي ڪلاس ۾ ايترا ته شاگرد هئا جنهن جو مثال سنڌ مدرسي جي تاريخ مان ملي نه ٿو سگھي. هن جي ئي وقت ۾ “اسٽاف سروس رولس” “ڪنڊ ڪٽ رولس” “ليئو رولس” “پرائيويٽ فنڊ رولس” تي نظر ثاني ڪئي ويئي ۽ “گريجوئٽي فنڊ” قائم ڪيو ويو[115].

        1932ع ۾ “سائنس سوسائٽي” ٺاهي ويئي جنهن جي رهبري لاءِ سائنس ٽيچر مسٽر ٽالڪر کي مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال “جھونا ڳڙهه اسٽيٽ” جي مالي ۽ اخلاقي امداد جو اعتراف ڪندي “مدرسه بورڊ” اتان جي نواب کي اهو حق ڏنو ته هو پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن به شخص کي “مدرسه بورڊ” جي ميمبر شپ لاءِ نامزد ڪري سگھي ٿو. مير ايوب خان پهريون شخص هو، جيڪو “جھوناڳڙهه اسٽيٽ” طرفان 1932ع ۾ “مدرسه بورڊ” جي ميمبر جي حيثيت سان نامزد ٿيو[116].

        جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته 1906ع ۾ “اولڊ بوائز ائسوسيشن” قائم ڪئي ويئي هئي، هن ائسوسيئيشن پنهنجي وسيلن ۽ حالتن مطابق سنڌ مدرسي جي خاصي مالي مدد ڪئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي 1935ع کان وٺي “مدرسه بورڊ” هن ائسوسيئيشن مان هڪ ميمبر کي پنهنجي بورڊ تي ميمبر جي حيثيت ۾ کڻڻ شروع ڪيو، اهو ميمبر ايسوسيئيشن پاڻ نامزد ڪندي هئي، خانبهادر اين-اي-غلام علي پهريون شخص هو جيڪو هن جماعت طرفان 1935ع ۾ “مدرسه بورڊ” جو ميمبر نامزد ڪيو ويو[117].

        1935ع ۾ سنڌ مدرسي جي تاريخ جا ٻه اهم واقعا رونما ٿيا. 31 مئي 1935ع تي ڪوئيٽا ۾ موت مار زلزلو آيو، جنهن ڪيتريون ئي انساني جانيون ورتيون سنڌ مدرسه هن حادثي جي پيدا ڪيل حالتن کي چڱي طرح منهن ڏنو ۽ ڏکي وقت ۾ پاڻ موکيو. لڳ ڀڳ ڇهه سو متاثرين کي مدرسي جي هاسٽل ۾ رهايو ويو. جن جون نه رڳو کاڌي پيتي جون ضرورتون پوريون ڪيون ويون، پر سندن دوا درمل جو انتظام به پاڻ مدرسي ڪيو[118].

        هن وقت مدرسو پنهنجو اڌ صدي جو سفر طئه ڪري چڪو هو. هڪ ننڍو انگريزي سنڌي اسڪول جيڪو گجراتي، اردو ۽ سنڌي برانچن تي مشتمل هو، سو اڄ نو سو شاگردن وارو معياري هاءِ اسڪول ٿي چڪو هو. سنڌ جا ڪيترائي مسلمان هن اداري جي تعليمي ماحول، ريتن ۽ روايتن مان گھڻو ڪجھه پرائي چڪا هئا. خانبهادر حسن علي آفندي جي اڻ لکي ڪوشش سنڌ جي تاريخ کي نئين موڙ ڏيڻ جي قوت بڻجي چڪي هئي.

        هي مدرسو سنڌ کي ڪيترائي عالم، اديب، مفڪر، دانشور ۽ سياستدان ڏيئي چڪو هو، جڏهن سندس “گولڊن جوبلي” ملهائڻ جو وقت آيو ته انهيءَ سلسلي ۾ 31 آگسٽ 1935ع کان تقريبات جو آغاز ٿيو[119]. پهرين ڏينهن تي سالياني انعامن ورهائڻ واري تقريب ٿي جنهن جي صدارت مسٽر حسن علي ولي محمد ڪئي. انهيءَ ڏينهن تي 220 مهمانن کي رات جي ماني جي دعوت ڏني ويئي، جنهن ۾ سنڌ جو ڪمشنر جي - ايف - ايس ڪولنس (G.F.S.Collins) مهمان خصوصي هو، باقي مهمانن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاهه، سر غلام حسين هدايت الله، سر عبدالله هاورن، مير ايوب خان، جمشيد مهتا، مير فيض محمد خان (خيرپور اسٽيٽ)، ڪي-بي نانا غلام علي، مسٽر حسن علي ولي محمد، قاضي خدا بخش، حاتم علوي ۽ غلام حسين ڇاڳلا جا نالا قابل ذڪر آهن[120].

        پهرين سيپٽمبر سنڌ جي اسڪولن جي وچ ۾ راندين جو مقابلو ٿيو، جنهن کان پوءِ مدرسي جي شاگردن جي پريڊ ٿي، تقريب جي آخري ڏينهن تي سڀني مهمانن کي کاڌي جي دعوت ڏني ويئي[121].

        سنڌ مدرسي ۾ نه رڳو مذهبي تعليم ڏني ويندي هئي پر انهيءَ تعليم ڏيندڙ استادن جو هر طرح سان خيال به رکيو ويندو هو. اهوئي سبب آهي جو 1936ع ۾ 8029-12-0 روپين جي لاڳت سان “مولوي ڪواٽرس” ٺهرايا ويا[122].

        سنڌ مدرسو، خانبهادر حسن علي آفندي جي ڪوشش جو نتيجو هو، هن عظيم انسان ذاتي طور تي اداري جي سالن جا سال خدمت ڪئي سندس وفات کان پوءِ هن جا پوئنير ساڳي ئي نقش قدم تي هليا، سندس فرزند خانبهادر ولي محمد حسن علي پورا ڏهه سال مدرسي جو پرنسپال رهيو . اها وقت جي تقاضا هئي ته هن خاندان جي خدمتن کي ڌيان ۾ رکي انهيءَ جي ڪنهن فرد کي مدرسي جي انتظاميه ۾ شامل ڪيو وڃي اهوئي سبب آهي جو 1937ع کان انهيءَ روايت جي ابتدا ڪئي ويئي. حسن علي ولي محمد پهريون شخص هو جو پنهنجي خاندان طرفان 1937ع ۾ مدرسه بورڊ جو ميمبر نامزد ٿيو[123].

        مسٽر هئريسن جي پوئين ڏينهن ۾ مدرسو ذري گھٽ پنهنجي ساک وڃائي چڪو هو، پڙهائي جو معيار گھٽجي ويو هو ۽ پرنسپال اڪثر ڪري مدرسي کان غير حاضر رهندو هو[124]. هن جي وقت ۾ مدرسي جي انتظام تي قبضو انگريزن جو ٿي ويو هو. ڇو ته ان وقت جو سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ڪولنس بورڊ جو پريزيڊنٽ هو. “اسٽينڊنگ ڪميٽي” جو ايڪس آفيشو چيئرمين ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر هو ۽ بورڊ جو سيڪريٽري خود مسٽر هئريسن هو، يعني مکيه عهدا هنن جي هٿ وس هئا[125].

        مسٽر حسن علي عبدالرحمان اُن وقت ۾ مدرسي جي معاملن ۾ دلچسپي ورتي، جيئن ته هڪ ڏينهن مدرسي ۾ داخل ٿيو ته کيس هئريسن گرفتار ڪرايو[126]، جنهن کان پوءِ سنڌ جي اخبارن انهيءَ واقعي کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي ڇڏيو، اهڙي ريت سنڌ جي ماڻهن جو توجھه مدرسي جي مسئلن ڏانهن ڇڪجي ويو.

        حسن علي عبدالرحمان ڪوشش وٺي “سنڌ مدرسه امپروومينٽ بورڊ” (S.M.Improvement Board) قائم ڪيو ۽ انهيءَ جي سهاري هيٺ آگسٽ 1939ع ۾ خالقڏنه هال ۾ هڪ عام ميڙ ڪوٺايو ۽ پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. انهيءَ عوامي دٻاءُ کان مجبور ٿي “مدرسه بورڊ” جي ميٽنگ سڏائي ويئي جنهن ۾ مسٽر هئريسن اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري نه سگھيو، جنهن ڪري نه رڳو مسٽر هئريسن پر مدرسه جي پريزيڊنٽ به استعيفا ڏني[127].

          هئريسن جي استعيفا ڏيڻ کان پوءِ سنڌ جي ان وقت جي وزير اعليٰ سر غلام حسين هدايت الله “بورڊ” کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي اجازت ڏني. جيڪا 1939ع ۾ آندي ويئي، هن ترميم موجب “سنڌ مدرسه بورڊ” جي صدارت سنڌ سرڪار جي تعليم جي وزير کي ڏني ويئي[128].

        هئريسن جي وڃڻ کان پوءِ مسٽر فدا حسين ڀائيجي ۽ مسٽر ايم-اي يزداني مدرسي جا پرنسپال ٿي ڪم ڪندا رهيا[129]. يزداني جي وقت ۾ مدرسي جو انتظام بلڪل درهم برهم ٿي ويو انهيءَ ڪري هو استعيفا ڏيئي پنجاب هليو ويو[130]. ان کان پوءِ “مدرسه بورڊ” پرنسپال جي جاءِ لاءِ درخواستون گھرايون ۽ آخرڪار سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊپٽي انسپيڪٽر آءِ-واءِ سليمان کي مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جنهن عارضي پرنسپال خانصاحب مريد علي کان چارج ورتي[131]. هي صاحب بمبئي يونيورسٽي جو بي-اي-بي-ٽي هو، جنهن “ليڊس يونيورسٽي” ۾ سنڌ جي تعليم جي تاريخ تي مقالو لکي ايجوڪيشن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو هو. پاڻ مدرسي جو پرنسپال ٿيڻ کان اڳ ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۽ نوشهرو فيروز مدرسه جي هيڊ ماسٽر ٿيڻ کان سواءِ لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ سکر جي لوڪلبورڊ اسڪولن جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر به ٿي رهيو[132].

        1939ع ۾ جڏهن آءِ-واءِ سليمان مدرسي جو پرنسپال ٿي آيو، ته اهو وقت مدرسي جي بي چيني ۽ افراتفري جو هو. هن صاحب مدرسي جي غير اطميناني حالتن کي نهايت قابليت سان منهن ڏنو ۽ ايمانداري ۽ ديانتداري سان مدرسي جي خدمت ڪيائين.

        “مدرسه ڪرانيڪل” جي اشاعت کي بهتر بنايو ويو ۽ اهو ڪم جناب اي-ڪي بروهي جي سپرد ڪيو ويو[133]. ڪرانيڪل ۾ مدرسي جي ماهوار ڪارگذاري پڻ ڏني ويندي هئي، سڀ کان نمايان ڪارنامو اهو ليکجي ٿو ته هن صاحب شاگردن جي “والدين جو هفتو” ملهائڻ شروع ڪيو. ساڳي وقت مدرسي لاءِ هڪ نئون دستور مرتب ڪيو ويو، پرنسپال ۽ سيڪريٽري جا عهدا ڌار ڪيا ويا[134].

        1940ع ۾ “سنڌ مدرسه بورڊ” پنهنجي تعليمي خدمتن ۾ اضافو آڻيندي “لياري برانچ” قائم ڪئي، جنهن جو پهريون هيڊ ماسٽر محمد دائود کي مقرر ڪيو ويو[135]، 1943ع ۾ اڻ ٽر مجبورين سبب ڪمرشل ڪلاس ختم ڪيا ويا[136]، ساڳي سال “سنڌ مدرسه بورڊ” گرلز اسڪول قائم ڪيو[137].

        1898ع ۾ بورڊنگ هائوس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ “مدرسه محمدن ڪاميٽي” تشڪيل ڏني ويئي هئي. جنهن جي ٺاهڻ جو خاص مقصد اهو هو ته نئين قائم ڪيل مدرسي جي انتظام کي خوش اسلوبيءَ سان هلائڻ مقامي ماڻهن جو تعاون حاصل ڪيو وڃي، وقت گذرڻ سان انهن جي تعاون جي ضرورت گھٽجي ويئي انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڪميٽي کي ختم ڪيو ويو هو[138].

        1943ع ۾ “مدرسه بورڊ” جي قائدن قانونن ۾ ترميم آڻي مدرسه جي پرنسپال کان بورڊ جي سيڪريٽري جا فرائض واپس ورتا ويا ۽ ان جي جاءِ تي ميمبرن منجهان هڪ سيڪريٽري منتخب ٿيڻ لڳو. قاضي خدا بخش “مدرسه بورڊ” جو پهريون اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيو[139].

        هن ئي سال “مدرسه بورڊ”، “سنڌ مدرسه آرٽس ڪاليج” قائم ڪيو، جنهن جو افتتاح جون 1943ع تي قائد اعظم محمد علي جناح ڪيو[140]. ڪاليج کلڻ کان پوءِ مدرسي جي منتظم کي پرنسپال بدران هيڊ ماسٽر سڏيو ويو. انهيءَ تبديلي موجب مسٽر غلام حسين سومرو، سنڌ مدرسي جو پهريون هيڊ ماسٽر سڏجڻ ۾ آيو[141].

        1943ع ۾ جناب آءِ-واءِ سليمان جون خدمتون وري سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيون ويون، جنهن جي جاءِ تي ٽنڊي باگي مدرسي جو هيڊ ماسٽر غلام حسين سومري کي مدرسي جو هيڊ ماسٽر مقرر ڪيو ويو[142]. هن صاحب جنهن محنت سان ڪم ڪيو انهيءَ جو ثبوت هن ڳالهه مان ملي سگھي ٿو ته “مدرسه بورڊ” سندس ڪارڪردگي کي ڏسي کيس سونو ٻلو (Gold Medal) انعام طور ڏنو، هي صاحب ٻه سال مدرسي جو هيڊ ماسٽر ٿي رهيو[143].

        1945ع ۾ مسٽر غلام حسين سومرو مدرسو ڇڏي ويو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي عملي جي جھوني استاد ايف-ڪي ڀائيجي (F.K.Bhaiji) کي عارضي هيڊ ماسٽر مقرر ڪيو ويو[144] ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مستقل هيڊ ماسٽر لاءِ درخواستون گھرايون ويون.

        1946ع ۾ اسان جي مطالعي هيٺ آيل دور جو آخري هيڊ ماسٽر ڪي-آءِ ٿامس مقرر ڪيو ويو[145]، مسٽر ٿامس اينگلو انڊين هو ۽ ڏکڻ هندستان جي رياست ٽراونڪور سان تعلق رکندڙ هو، مدرسي ۾ اچڻ کان اڳ راج ڪوٽ جو پبلڪ اسڪول جو هيڊ ماسٽر هو، هي صاحب نوجوان ۽ لائق شخص هو، جنهن ڪري جلد ئي هر طرف کان حمايت حاصل ڪري ويو. هن جي عرصي ۾ شاگردن جو تعداد غير معمولي طور تي وڌي ويو ۽ ڪن ڪلاسن ۾ نَوَ نَوَ سيڪشن کوليا ويا.

        مسٽر ٿامس جي ڏينهن ۾ مدرسي تعليم جي سلسلي ۾ نهايت اعليٰ ترقي ڪئي مئٽرڪ جي امتحان ۾ 80 سيڪڙو شاگرد ڪامياب ٿيا.

1946ع ۾ “لياري برانچ” کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو[146]. انهيءَ سال جناب محمد ابراهيم جويي جي ڪوشش سان سنڌ مدرسة الاسلام ۾ “سنڌي لئٽرري سوسائٽي” قائم ٿي.

        1947ع ۾ “سنڌ مدرسه گرلز اسڪول کي هاءِ اسڪول” بڻايو ويو[147] ۽ نئين عمارت جي اڏاوت جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو جنهن جي پيڙهه جو پٿر محترمه فاطمه جناح رکيو، جنهن ڪري انهيءَ ڏينهن کان هي اسڪول “فاطمه جناح گرلس هاءِ اسڪول” سڏجڻ لڳو.

        مطالعي هيٺ آيل دور ۾ “سنڌ مدرسه بورڊ” جو آخري ڪارنامو هو، “لاڪاليج” جو قيام، جنهن جو تفصيلي ذڪر مقالي جي هن ئي ڀاڱي جي ٻئي هنڌ تي ڪيو ويو آهي.


 

حوالا ۽ حاشيا


 

[1] Khwaja Ali Mohammed: Histiory of the Sindh Madrissah tul Islam, Karachi, Sindh Madrissah, Golden Jubilee, 1935, P-12.

[2] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi for the year 1886-87, P-5.

[3] Wali Muhammad Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, Sind Madrissah, Chronicle, November 1925, P-40.

[4] Khwaja Ali Muhammad: History of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, the Platinum Jubilee book Sind Madrissahatul Islam, 1960, Section II, P-55.

[5] See: K.B.Wali Muhammad Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, The Platinum Jubilee Book. Sind Madrissahtul Islam Karachi, Part-V, 1960, P-2.

[6] مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، 1949ع، ص-58.

[7] مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، 1949ع، ص-58.

[8] Wali Muhammad Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, Sind Madrissah Ohronicle, April 1925, P-18.

[9] Wali Muhammad Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, Sind Madrissah Ohronicle, April 1925, P-18.

[10] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ، ڪراچي، ڪرانيڪل، گولڊن جوبلي نمبر، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو)، ص-7.

[11] Wali Mohd. Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, The Platinum Jubilee Book Sind Madrissahtul Islam, 1960, Sect.V, P-5.

[12] Wali Mohd. Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, The Platinum Jubilee Book Sind Madrissahtul Islam, 1960, Sect.V, P-5.

[13] Wali Muhammad Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, Sind Madrissah Chorincle, November, 1925, P-5.

[14] Khwaja Ali Muhammad: History of the Sind Madrissahtul Islam, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-11.

[15] See: Sind Gazettee, Karachi, dated 5th April, 1886, P-3.

[16] Khwaja Ali Muhammad: History of Sind Marissahtul Islam, Karachi, Jubilee 1935, P-15.

[17] مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949، ص-59.

[18] See: General Register of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, No: 1, P-1.

[19] See: The Sind Gazette, Karachi, Friday, 4th September, 1885, P-5.

20 سيد معين الدين: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، ڪراچي، علم و آگهي، گورنمينٽ نيشنل ڪاليج، ص- 100.

[21] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ، ڪراچي، گولڊن جوبلي، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو)، ص-7.

[22] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ، ڪراچي، گولڊن جوبلي، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو)، ص-7.

[23] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ، ڪراچي، گولڊن جوبلي، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو)، ص-7.

[24] Wali Muhammad Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, Sind Madrassah Chronicle, April, 1925, P-16.

[25] Wali Muhammad Hassan Ali: Reminiscences, Karachi, Sind Madrassah Chronicle, April, 1925, P-16.

[26] Wali Muhammad Hassan Ali, Reminiscences, Karachi, Sind Madrassah Chronicle, April, 1925, P-16.

[27] مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، حيدرآباد، 1925ع، ص-35.

[28] J.W. Smyth: Gazetter of the Provice of Sind, Karachi District, B, Vol.1, Govt. Central Press Bombay, 1919, P-38.

[29] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi for the year 1886-87, P-6.

[30] See: Sind Gazettee, Karachi dated 7th June, 1886, P-3.

[31] ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن، 1966ع، ص-10.

[32] Muhammad Saleh Bhatti: Sind Madrissahtul Islam Karachi, Madrissah Ohorincle, February 1914, Selection Sindhi, P-4.

[33] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ ڪراچي، گولڊن جوبلي نمبر، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو)، ص-8.

[34] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ ڪراچي، گولڊن جوبلي نمبر، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو)، ص-8.

[35] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ ڪراچي، گولڊن جوبلي نمبر، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو)، ص-8.

[36] مولانا قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر 1960ع، ص 16.

[37] J.W. Smyth: Gazetteer of the Province of Sind Karachi District B, Volume 1, Bombay, Govt. Central Press, 1919, p-38.

[38] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year 1886-87, P-5.

[39] See: Visitor’s Book of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, dated 24-9-1885, P-7.

[40] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year 1886-87, P-5.

[41] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year 1886-87, P-4.

[42] See: Sind Madrissah Ohronicle, Karachi, Golden Jubilee, 1935, P-15.

[43] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year 1886-87, P-4.

[44] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسته الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، جلد 14، نمبر 9، (حسن علي آفندي نمبر)، سيپٽمبر 1960ع، ص-8.

[45] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year 1886-87, P-7.

[46] See: Sind Madrissah Chronicle, Karachi, Golden Jubilee, 1935, P-38.

[47] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year 1886-87, P-7.

[48] See: Sind Madrissah Chronicle, Karachi, Golden Jubilee, 1935, P-22.

[49] مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، حيدرآباد 1925ع، ص-35.

[50] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year 1887-88  ,P-12.

[51] J.W. Smyth: Gazetteer of the Province of Sind, Bombay, Karachi District, B-Vol. 1, Govt. Central Press, 1919, P-38.

[52] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1891-92, P-12.

[53] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1891-92, P-12.

[54] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1891-92, P-14.

[55] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1894-95, P-6, 7.

[56] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1895-96, P-10.

[57] مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، حيدرآباد، 1925ع، ص-49.

[58] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1896-97, P-3.

[59] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1896-97, P-14.

[60] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1896-97, P-14.

[61] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي تاريخ، ڪراچي، نئين زندگي، جلد 14، نمبر 10، آڪٽوبر 1920ع، ص-22.

[62] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1897-98, P-1.

[63] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي تاريخ، ڪراچي، نئين زندگي، جلد 14، نمبر 10، آڪٽوبر 1920ع، ص-22.

[64] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1898-99, P-3.

[65] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1898-99, P-5.

[66] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1898-99, P-5.

[67] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1898-99, P-5.

[68] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1898-99 P-2.

[69] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ ڪراچي، گولڊن جوبلي، 1935ع، (سنڌي ڀاڱو) ص-8.

[70] See: Sind Madrissah Chronicle, Karachi, Golden Jubilee, 1935, P-40.

[71] See: Sind Madrissah Chronicle, Karachi, Golden Jubilee, 1935, P-40.

[72] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1903-1904, P-10.

[73] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1904-1905, P-8.

[74] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1905-06, P-6.

[75] See: Sind Madrissahtul Islam, Magazine, Karachi, april 1906, P-14.

[76] See: Sind Madrissahtul Islam, Magazine, Karachi, april 1906, P-8.

[77] Arif Shah C. Jilani: History of the Sind Madrissah old Boys Assocation, Karachi, Sind Madrissah Chronicle, Golden Jubilee, 1935, P-257.

[78] F.G Pengelly :Sports: Sind Madrissah Chronicle, Karachi, Golden Jublee, 1935, P-25.

[79] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ ڪراچي، (سنڌي ڀاڱو)، گولڊين جوبلي، 1935ع، ص-7.

[80] See: Sind Madrissahtul Islam, Chronicle, Karachi, August, 1913, P-10.

[81] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1907-1908, P-7.

[82] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, August 1913, P-9.

[83] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-48 (d).

[84] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1917-1918, P-8.

[85] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر 1960ع، ص-9.

[86] ڏسو: روزانه الوحيد، جلد نمبر 75، 4 آگسٽ 1920ع، ص -3.

[87] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Golden Juiblee, 1935, P-42.

[88] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ، ڪراچي، گولڊن جوبلي 1935ع، ص-8.

[89] Mir Muhammad Shah: Late Mr.T.H.Vines, Karachi, Platinum Juiblee Sind Madressahtul Islam, Karachi, 1960, Section III, P-36.

[90] Mir Muhammad Shah: Late Mr.T.H.Vines, Karachi, Platinum Juiblee Sind Madressahtul Islam, Karachi, 1960, Section III, P-36.

[91] See: Sind Gazette, Karachi, dated 1-9-1922, P-3.

[92] Hassan Ali Abdul Rehman: Those were the days, Karachi, Platinum Jubilee, 1960, Section V, P-8.

[93] See: Annual Report of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, for the year,1922-1923, P-6.

[94] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ، ڪراچي، نئين زندگي آڪٽوبر 1960ع، ص-24.

[95] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-42.

[96] See: Report of the Sub Committee: appointed by Sind Madressah Board, Karachi, on 16th July, 1919, P-2.

[97] See: Resolution No: V; passed by the Sind Madressah Board, Karachi at their meeting on 16th July, 1919.

[98] See: Report of the Sub Committee, Karachi, dated: 19th October, 1920, P-8.

[99] See: Minutes Book, Sind Madressah Board, Karachi, Resolution No:8, dated: 21st March, 1922, P-42.

[100] See: Standing Committee Resolution No: 9-B Karachi, dated: 22nd December, 1922.

[101] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1922-1923, P-9.

[102] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1922-1923, P-9.

[103] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-42.

[104] قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ ڪراچي، نئين زندگي، آڪٽوبر 1960ع، ص-24.

[105] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1926-1927, P-7.

[106] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi, Chronicle March 1931, P-14.

[107] Dr. Arif Shah Jilani: The sage of Sind, Karachi, Platinum Jubilee 1960, Section III, P-45.

[108] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-48.

[109] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-42.

[110] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-43.

[111] See: Minutes Book of Madressah Board, Karachi, Item XII dated 26-12-1930, P-129.

[112] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1930-1931, P-8.

[113] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر 1960ع، ص-10.

[114] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر 1960ع، ص-15.

[115] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-44.

[116] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1932-1933, P-1.

[117] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1935-1936, P-24.

[118] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Golden Jubilee 1935, P-46.

[119] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1935-1936, P-5.

[120] See: Sind Gazette, Karachi, dated: 1-9-1935, P-3.

[121] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1936-1937, P-5.

[122] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1936-1937, P-8.

[123] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1937-1938, P-19.

[124] Hassn Ali A.Rahman: Those were the days, Karachi, Platinum Jubilee 1960, Sind Madressahtul Islam, Section-V, P-9.

[125] ڏسو: روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، مورخ: 11 اپريل 1976ع، ص-6، (حسن علي عبدالرحمان جو انٽرويو).

[126] Hassn Ali A.Rahman: Those were the days, Karachi, Platinum Jubilee 1960, Sind Madressahtul Islam, Section-V, P-9.

[127] Hassn Ali A.Rahman: Those were the days, Karachi, Platinum Jubilee 1960, Sind Madressahtul Islam, Section-V, P-10,11.

[128] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1939-1940, P-2.

[129] Syed Nisar Hussain: Ro-Retrospect, Karachi, Platinum Jubilee, 1960, Sind Madressahtul Islam Karachi, Section IV, P-63.

[130] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، آڪٽوبر 1960ع، ص-15.

[131] Syed Nisar Hussain: Ro-Retrospect, Karachi, Platinum Jubilee, 1960, Sind Madressahtul Islam Karachi, Section IV, P-64.

[132] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، آڪٽوبر 1960ع، ص-15.

[133] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي آڪٽوبر 1960ع، ص-15.

[134] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1939-1940, P-2.

[135] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1941-1942, P-.

[136] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1942-1943, P-7.

[137] See: Minutes Book of Madressah Board, Karachi for the year, 1943, P-18.

[138] هي معلومات جناب قاضي محمد اڪبر پٽ قاضي خدا بخش کان 25-4-1977ع تي ورتي ويئي.

[139] See: Minutes Book of Madressah Board, Karachi for the year 1942 resolution No: VI, memo 6, date: 18th May, 1942, P-110.

[140] See: Prospectes of the Muslim College, Karachi 1943, p-1.

[141] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، آڪٽوبر 1960ع، ص-16.

[142] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year,1943-1944, P-8.

[143] Syed Nisar Hussain: Ro-Retrospect, Karachi, Platinum Jubilee, 1960, Sind Madressahtul Islam Karachi, Section IV, P-65.

[144] Syed Nisar Hussain: Ro-Retrospect, Karachi, Platinum Jubilee, 1960, Sind Madressahtul Islam Karachi, Section IV, P-65.

[145] پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام جا پرنسپال، ڪراچي، نئين زندگي، آڪٽوبر 1960ع، ص-16.

[146] See: Prospects of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1946-47 , P-28.

[147] ڏسو: روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 11، اپريل 1947ع، ص-6 (حسن علي عبدالرحمان جو انٽرويو).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org