سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:22 

05-

سنڌ مدرسه بورڊ جا قائدا ۽ قانون

قانون

1. جماعت جو نالو ۽ مقصد:

“سنڌ مدرسة الاسلام بورڊ” انهيءَ ڪري قائم ڪيو ويو هو ته جيئن سنڌ جي مسلمانن کي مذهبي ۽ اخلاقي تعليم ڏئي سگھجي ۽ انهيءَ مقصد لاءِ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي نالي هڪ اسڪول قائم ڪيو وڃي.

2. مدرسه بورڊ:

اسڪول جي انتظام ۽ نگراني جو ڪم “سنڌ مدرسة الاسلام بورڊ” جي حوالي هوندو.

3. مدرسه بورڊ جو آئين:

بورڊ هيٺين ميمبرن تي مشتمل هوندو:

(الف) سنڌ جو ڪمشنر، بورڊ جو صدر هوندو ۽ ٻه ميمبر ڪمشنر خود نامزد ڪندو.

(ب) هر هڪ رياست يا لوڪل باڊي يا رجسٽرڊ سوسائٽي يا ائسوسيئيشن طرفان صرف هڪ مسلمان ميمبر نامزد ڪيو ويندو، جيڪو سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ ساڍا ست سؤ روپيا (0-0-750) مدرسي کي مالي امداد ڏيندو.

        پر جيڪڏهن ڪا رياست، لوڪل باڊي، سوسائٽي يا جماعت ساليانو پنج هزار روپيا (5000-00) يا ان کي مٿي مالي امداد ڏئي ٿي، ته ان طرفان ٻه ميمبر نامزد ٿي سگھن ٿا.

(ج) “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” طرفان نامزد ڪيل ڇهه ميمبر.

(د) سنڌ مدرسه اولڊ بوائز ائسوسيئيشن طرفان نامزد ڪيل هڪ ميمبر.

(هه) سنڌ مدرسة الاسلام جي مالي امداد ڪندڙ مخير ماڻهن مان چونڊيل هڪ ميمبر.

        بورڊ جي صدر کي ئي اهو اختيار حاصل هوندو ته هو ميمبرن مان ڪنهن به هڪ ميمبر کي بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ مقرر ڪري.

4. سنڌ مدرسه بورڊ جي آفيس جو مدو:

مدرسه بورڊ جا ميمبر ٽن سالن تائين پنهنجي عهدي تي رهي سگھندا ۽ کين ٻيهر چونڊ لڙڻ جو حق حاصل هوندو.

5. نمائندن جي چونڊ:

(الف) جيستائين سنڌ محمدن ائسوسيئيشن، رياست، سوسائٽي يا ڪنهن جماعت جي نمائندن جي چونڊ جو واسطو آهي ته ان لاءِ اِهو سيڪريٽري جو فرض رهندو ته هو واسطيدار جماعت يا رياست کي اطلاع ڏئي ته انهن کي ڪڏهن کان وٺي ۽ ڪيترا ميمبر چونڊي موڪلڻا آهن.

(ب) انهيءَ اطلاع ملڻ تي واسطيدار ادارو يا رياست پنهنجي طرفان ميمبر چونڊيندي يا نامزد ڪندي، پوءِ اهڙو اطلاع بورڊ جي سيڪريٽري کي ڏنو ويندو.

6. ميمبر جي جاءِ خالي ٿيڻ:

جيڪڏهن بورڊ جو ڪو ميمبر مري وڃي ٿو، يا استعيفا ڏئي ٿو ته مختصر وقت اندر انهيءَ جي جاءِ تي ٻئي ميمبر کي مقرر ڪيو ويندو، جيڪو سابق ميمبر جي باقي رهيل عرصي تائين ميمبر ٿي رهندو.

7. خالي ٿيل جاين جو عارضي طور ڀرڻ:

جيڪڏهن ڪو ميمبر وفات ڪري وڃي ٿو يا استعيفا ڏئي ٿو ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ “بورڊ” جي اختيارن تي ڪوبه اثر نه پوندو ۽ “بورڊ” انهيءَخالي جاءِ جي ڀرجڻ واري عرصي دوران به ڪم ڪندو رهندو.

8. پرنسپال جي حيثيت:

سنڌ مدرسة الاسلام جي پرنسپال کي مدرسه بورڊ ۾ ٻٽي حيثيت حاصل هوندي. هو هڪ طرف “بورڊ” جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪندو ۽ ٻئي طرف مشير ميمبر ٿي رهندو. پر کيس ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل نه هوندو. ان کان سواءِ مدرسه بورڊ جي ٻئي ڪنهن به ملازم کي ميمبر جي حيثيت ۾ نامزد يا چونڊي نٿو سگھجي.

9. گڏجاڻي سڏائڻ جو طريقه ڪار:

بورڊ پنهنجي مرضي مطابق اجلاس سڏائي يا ملتوي ڪري سگھي ٿو، پر صدر يا ان جي غير حاضريءَ ۾ نائب صدر جيڪڏهن ضروري ڄاڻي ٿو، يا کيس “بورڊ” جا پنج ميمبر لکت ۾ عرض ڪن ٿا ته هو “خاص گڏجاڻي” سڏائي سگھي ٿو.

10. گڏجاڻي جي صدارت:

“بورڊ” جي هرهڪ گڏجاڻي “صدر” جي صدارت هيٺ ٿيندي پر هن جي غير حاضري ۾ “وائيس پريزيڊنٽ” اِهي فرائض ادا ڪندو، پر جيڪڏهن پريزيڊنٽ ۽ وائيس پريزيڊنٽ موجود نه هوندا ته حاضر ميمبرن مان ڪنهن به هڪ کي گڏجاڻي جي صدارت لاءِ چونڊيو ويندو.

11. گڏجاڻين جي طريقه ڪار:

گڏجاڻين جو طريقه ڪار “بورڊ” پنهنجي مرضي مطابق طئه ڪندي. جنهن مطابق گڏجاڻين جي جاءِ، تاريخ ۽ وقت جو تعين ڪيو ويندو. گڏجاڻين جا فيصلا ڪثرت راءِ سان ڪيا ويندا. ڪنهن به گڏجاڻيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ چئن ميمبرن جو هئڻ ضروري هوندو.

12. گڏجاڻين جون ڪاروايون:

گڏجاڻين جون ڪارواين جو باقائدگي سان رڪارڊ رکيو ويندو ۽ اهي هڪ رجسٽر (منٽس بُڪ) ۾ لکيون وينديون. منٽس بُڪ ۾ حاضر ميمبر جا نالا به پڻ لکيا ويندا. هرهڪ ڪاروائي لکڻ کان پوءِ گڏجاڻي جو “صدر” ان تي پنهنجا دستخط ڪندو ۽ هي رجسٽر عام ميمبرن جي مطالعي لاءِ کين ڏيکاريو ويندو.

13. فنڊن جو انتظام:

“بورڊ” کي پنهنجي فنڊن تي مڪمل اختيار حاصل هوندو، پر انهيءَ جو طريقه ڪار هن ريت هوندو:

(الف) “بورڊ” سرڪاري اداري، رياست، جماعت يا لوڪل باڊي يا ڪنهن فرد کان مالي مدد وٺي فنڊ ڪٺا ڪري سگھي ٿي.

(ب) مدرسه لاءِ گڏيل فنڊن جو سيڙاپو:

(1) سرڪاري ضمانتون.                       (2) نيم سرڪاري ضمانتون.

(3) سرڪاري منظوري سان مختلف ادارن کي قرض. (4) اصل ملڪيت.

(ج) اهي فنڊ جن جو سيڙاپو ڪراچي ۾ ٿيڻو آهي، سي “چئريٽيبل انڊومينٽ” (Chariatable Endowment) جي خزانچي وٽ جمع ڪرائڻا پوندا.

(د) ڪن ادارن طرفان ملندڙ سمورا مستقل فنڊ جن جو سيڙاپو ڪراچي ۾ ٿيڻو آهي، سي پريزيڊنٽ يا وائيس پريزيڊنٽ جي نالي سان منظور شده بئنڪ ۾ رکيا ويندا.

(هه) عارضي فنڊ، مختصر عرصي دوران خرچ ڪرڻا پوندا، سي خزانچي ۽ سيڪريٽري جي گڏيل نالي ۾ ڪنهن منظور شده بئنڪ جي “جاري کاتي” (Current Account)، “فڪس ڊپازٽ” يا گورنمينٽ سيڪيورٽيز جي صورت ۾ رکڻا پوندا.

14. حساب ڪتاب ۽ ان جي جاچ پڙتال:

بورڊ جو حساب ڪتاب ڪراچي جي ڪليڪٽر کي رکڻو پوندو،جو هن “بورڊ” جو خزانچي ٿي ڪم ڪندو. هو جيڪڏهن چاهي ته پنهنجا اختيارات ڪراچي جي سرڪاري خزانچي ءَ جي حوالي به ڪري سگھي ٿو.

    “بورڊ” جو سڄو حساب ڪتاب ڪنهن مقرر وقت تي سرڪاري اڪائونٽنٽ کان آڊٽ ڪرايو ويندو.

15. سالياني رپورٽ ۽ بجيٽ:

“بورڊ” کي هر سال پنهنجي سالياني ڪارڪردگي جي رپورٽ تيار ڪرڻي پوندي. جنهن ۾ سمورو حساب ڪتاب ڏيکاريو ويندو. ان کان سواءِ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن”، سرڪار ۽ ٻين مستقل چندو ڏيندڙ ادارن ۽ فردن جي اطلاع ۾ عمل ڪرڻ لاءِ بجيٽ تيار ڪرڻي پوندي. اها “بجيٽ” ۽ سالياني رپورٽ ڇپرائي مالي امداد ڏيندڙن ۽ ميمبرن ۾ تقسيم ڪئي ويندي.

16. قائدن ۽ قانونن ۾ تبديلي:

“بورڊ” کي اهو اختيار حاصل هوندو ته وقت به وقت قائدن ۽ قانونن ۾ تبديلي ڪري، پر بنيادي تبديلي آڻڻ لاءِ کيس سرڪار کان منظوري وٺڻي پوندي.

قائدا (Bye- Laws):

1. عام گڏجاڻيون:

       مدرسه بورڊ جون گڏجاڻيون هر سال جي مئي ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ سڏايون وينديون.

2. گڏجاڻين جو اطلاع:

       هر قسم جي گڏجاڻي جا اطلاع “بورڊ” جي پريزيڊنٽ جي نالي ۽ صحيح سان ڏيڻ ۾ ايندا. پر جيڪڏهن صدر غير حاضر آهي ته اهڙي حالت ۾ وائيس پريزيڊنٽ جي نالي ۾ اها لکپڙهه نيڪال ڪئي ويندي. عام گڏجاڻي جو اطلاع گڏجاڻي کان پندرهن ڏينهن اڳ ۽ “خاص گڏجاڻي” جو اطلاع گڏجاڻي کان هڪ هفتو اڳ ڏنو ويندو.

3. ايجنڊا (Agneda):

        سڀني ميمبرن کي گڏجاڻي جي اطلاع سان گڏ ايجنڊا کان به باخبر رکيو ويندو.

4. سب ڪميٽيون:

       سنڌ مدرسه بورڊ کي اهو اختيار رهندو ته اها جڏهن ۽ جيتري وقت لاءِ مناسب ڄاڻي ته ڪنهن به مقصد خاطر “سب ڪميٽيون” مقرر ڪري سگھي ٿو.

5. ميٽنگ جون ڪاروايون:

        بورڊ جي “دستور” جي آرٽيڪل نمبر 11 موجب، ميٽنگ جي ڪارواين کان مڪمل طور تي باخبر رکيو ويندو.

6. بجيٽ (Budget):

       بجيٽ هر سال جي جنوريءَ تائين تيار ڪئي ويندي ۽ مارچ مهيني ۾ ان کي آخري صورت ڏني ويندي.

7. گڏجاڻين جو طريقه ڪار:

       سڀئي گڏجاڻيون دستور مطابق هلايون وينديون ۽ پنهنجي (Point of Order) نقطه نگاهه پيش ڪرڻ وقت ميمبرن کي چيئرمين (Chairman) طرف رجوع ڪرڻو پوندو ۽ جنهن جو فيصلو آخري رهندو.

8. اسٽينڊنگ ڪميٽي:

       گھٽ ۾ گھٽ چئن ميمبرن تي مشتمل بورڊ جي هڪ “اسٽينڊنگ ڪميٽي” هوندي، جنهن جو تقرر چونڊيل بورڊ جي پهرين گڏجاڻيءَ ۾ ڪيو ويندو. هي ڪميٽي نئين “اسٽينڊنگ ڪميٽي” جي تشڪيل ٿيڻ تائين ڪم ڪندي ۽ پنهنجي مدي دوران بورڊ جي دستور مطابق ڪم ڪندي رهندي.

        بورڊ جو وائيس پريزيدنٽ هن ڪميٽيءَ جو ايڪس آفيشو ميمبر ۽ چيئرمين (Ex-Officio Member and Chairman) هوندو. جيڪڏهن هن ڪميٽيءَ ۾ ڪا جاءِ خالي ٿي پوي ٿي، ته اها بورڊ جي ايندڙ گڏجاڻيءَ ۾ ڀري ويندي. پر انهيءَ عرصي دوران جيڪڏهن ڪميٽي ضروري ڄاڻي ته عارضي طور تي اِها جاءِ ڀري سگھي ٿي، جا بورڊ جي ايندڙ گڏجاڻي تائين هلي سگھندي.

9. سيڪريٽري:

       مدرسي جو پرنسپال، مدرسه بورڊ جو سيڪريٽري ۽ صلاحڪار ميمبر هوندو، پر کيس ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل نه هوندو.

10. ڪاروايون:

       اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سڀني گڏجاڻين جي ڪارواين کان ميمبرن کي باخبر رکيو ويندو.

·       مدرسه بورڊ، مناسب ڄاڻي ته اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي طريقه ڪار ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ غور ڪري سگھي ٿو ۽ اها تبديلي ڪنهن هڪ ميمبر جي مرضي مطابق ٿي سگھي ٿي، بشرطيڪ ميمبر کي گڏجاڻي کان 20 ڏينهن اڳ ۾ اهڙو تحريري اطلاع ڏيڻو پوندو.

·       اهو اسٽينڊنگ ڪميٽي تي ڇڏيل هوندو ته اها بورڊ طرفان سونپيل ڪم جو پنهنجي مرضي ۽ سهوليت مطابق اُڪلاءُ ڪري.

·       اسٽينڊنگ ڪميٽي پنهنجي ڪم جي اُڪلاءُ خاطر گھٽ ۾ گھٽ مهيني ۾ هڪ دفعو گڏجاڻي ڪندي.

·       اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي ڪورم لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽن (3) ميمبرن جو هئڻ ضروري آهي.

·       اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي کان گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڏينهن اڳ سيڪريٽري پنهنجي ميمبرن کي ايندڙ گڏجاڻي جي ايجنڊا کان باخبر ڪندو. گڏجاڻي ايجنڊا جي بنياد تي ٿيندي، پر جيڪڏهن ڪو ميمبر ڪنهن خاص ڪم يا نقطي کي هٿ ۾ کڻڻ چاهي ته پوءِ ان کان اڳ کيس چيئرمين کان اهڙي اجازت وٺڻي پوندي.

·       اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏجاڻين جون ڪاروايون گڏجاڻين کان پوءِ ٽن ڏينهن اندر چيئرمين کان صحيح ڪرايون وينديون.

·       اڪائونٽنٽ کي هر ماهه جي آخر ۾ روزانه خرچ پکي جو وچور ٺاهڻو پوندو ۽ ان جو اختصار لکي ڪري ميمبرن کي ڏيڻو پوندو. ان کان سواءِ پنهنجي حساب ڪتاب جا انگ اکر هميشه تيار ڪري رکڻا پوندا ۽ ايندڙ گڏجاڻي دوران اِهي ميمبرن کي ڏيکارڻا پوندا.

·       سيڪريٽري کي هر سال جي جنوري مهيني جي آخري ڏينهن تي بجيٽ جو تخمينو تيار ڪرڻو پوندو ۽ گذريل سال جي آمدني ۽ روانگي جو تفصيل تيار ڪرڻو پوندو. ڪميٽي فيبروري مهيني جي گڏجاڻي ۾ اها بجيٽ بحال ڪري پاس ڪرڻ لاءِ بورڊ جي حوالي ڪندي.

·       سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي پهرين گڏجاڻي ۾ اهڙي رڪارڊ جو وچور پيش ڪندو.

·       اسٽينڊنگ ڪميٽي جيڪڏهن مناسب ڄاڻي ته ڪو به “مسودو” يا “رڪارڊ” يا ان جو اقتباس اخبارن ۽ رسالن جي حوالي ڪري سگھي ٿي.

·       اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏجاڻين جو ڪاروايون مدرسه بورڊ جي هرهڪ ميمبر ڏانهن موڪليون وينديون.

·       مدرسي جون سڀئي مستقل جايون (Permanent Vacancies) اسٽينڊنگ ڪميٽي بورڊ پاران ڀريون وينديون ۽ ان کي اهو به اختيار حاصل هوندو ته عملي جي ڪنهن به ميمبر کي ڊسمس ڪري سگھي ٿي، يا ڪنهن جو اضافو يا ترقي روڪي سگھي ٿي، پر متاثر ٿيل شخص بورڊ کي اپيل ڪرڻ جو حق رکي ٿو.

11. پرنسپال جا فرائض:

پرنسپال، سنڌ مدرسه بورڊ ڏانهن رجوع ڪرڻ کان سواءِ هيٺيان ڪم ڪري سگھي ٿو:

·       استادن کي موڪلون ڏيڻ ۽ موڪل دوران قانون مطابق سندن پگھارن جو فيصلو ڪرڻ ۽ عارضي طور تي خالي ٿيل جايون ڀرڻ.

·       پراويڊنٽ فنڊ جو انتظام رکڻ، قرض ڏيڻ ۽ قسطون واپس وٺڻ.

·       ڊسٽرڪٽ آفيسرن، والدين ۽ تعليم کاتي جي بالا آفيسرن سان لکپڙهه ڪرڻ.

·       کيس ڏنل ڪنٽيجنٽ (Contigent) جو استعمال ڪرڻ، مدرسي جي مرمت ڪرائڻ ۽ بورڊنگ جو انتظام رکڻ.

·       پرنسپال پنهنجي عملي جي ڪنهن به فرد کي سسپنڊ ڪري سگھي ٿو ۽ ڪنهن تي ڏنڊ ڏوهه وجھي سگھي ٿو.

·       پرنسپال پنهنجي عملي جي ڪنهن به فرد کي سسپنڊ ڪري سگھي ٿو، پر اهڙو اطلاع اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڏيڻ ۾ ايندو.

·       پرنسپال کي اهو اختيار هوندو ته مدرسي جي مفاد خاطر ڪنهن به شاگرد کي مدرسي مان ڪڍي سگھي ٿو، يا ان کي سزا ڏيئي سگھي ٿو.

12. مدرسه محمدن ڪميٽي:

·       بورڊ هر سال ڏهن ميمبرن تي مشتمل “مدرسه محمدن ڪميٽي” مقرر ڪندو، جيڪا بورڊنگ هائوس ۽ مذهبي معاملن ۾ پرنسپال جي مدد ڪندي.

·       هي ڪميٽي بورچين کي مقرر ڪري يا ڊسمس ڪري سگھي ٿي.

·       ڪراچي ۾ رهندڙ مسلمان پوءِ ڇو نه کڻي مدرسه بورڊ جا ميمبر نه به هجن، پر هن ڪميٽيءَ جي ميمبر ٿيڻ جي لائق آهن.

·       جيڪڏهن سال دوران “محمدن ڪميٽي” ۾ ڪا جاءِ خالي ٿي پوندي ته اها خود ڪميٽيءَ کي ڀرڻ جو اختيار هوندو. 

06-

سنڌ مدرسة الاسلام جا مکيه عهديدار

الف: پريزيڊنٽ:

نمبر

نالو

سال

1

خانبهادر حسن علي آفندي

1885 کان 1894ع تائين

2

خانبهادر علي محمد حسن علي

1895 کان 1896ع تائين

3

سر ايڇ-اِي جيمس (Sir H.E.James)

1896 کان 1897ع تائين

4

سر اَي- ونگيٽ(Sir A.Wingate)

1897 کان 1898ع تائين

5

مسٽر آر گلس (Mr. R.Giles)

1898 کان 1900ع تائين

6

سر ايڇ-اي جيمس (Sir H.E.James)

1900 کان 1901ع تائين

7

مسٽر آر گلس (Mr. R.Giles)

1901 کان 1902ع تائين

8

مسٽر اَي- قيومن (Mr. A.Cumine)

1903 کان 1904ع تائين

9

جي-ڊبليو-ميور ميڪنز(J.W.Muir Mackenzie)

1904 کان 1905ع تائين

10

ڊبليو-ٽي موريسن (W.T.Morison)

1905 کان 1906ع تائين

11

اَي-ڊي-ينگ هسبنڊ (A.D.Young Husband)

1906 کان 1911ع تائين

12

ڊبليو-ايڇ ليوڪس (W.H.Lucas)

1912 کان 1915ع تائين

13

آر-پي بارو(R.P.Barrow)

1915 کان 1916ع تائين

14

سر ايڇ-ايس لارينس (Sir H.S. Lawrance)

1916 کان 1918ع تائين

15

سر پي-آر ڪئڊل (Sir P.R.Cadell)

1919 کان 1920ع تائين

16

سر جي-ايل ريئو (Sir J.L.Rieu)

1920 کان 1925ع تائين

17

سر پي-آر ڪئڊل (Sir P.R.Cadell)

1926 کان 1927ع تائين

18

سر ڊبليو-ايف هڊسن (Sir W.F.Hudson)

1927 کان 1928ع تائين

19

جي-اَي-ٿامس (G.A.Thomas)

1929 کان 1930ع تائين

20

آر-اَي گبسن (R.A Gibson)

1931 کان 1934ع تائين

21

جي-آءِ ايس ڪولنس (G.I.S.Collins)

1935 کان 1938 تائين

22

مسٽر ايوب خان

1938 کان 1939ع تائين

23

پير الاهي بخش

1939 کان 1940ع تائين

24

مسٽر غلام علي غلام حسين چاڳلا

1940 کان 1942ع تائين

25

پير الاهي بخش

1942 کان 1949ع تائين

 

ب: وائيس پريزيڊنٽ:

 

نمبر

نالو

سال

1

خانبهادر نجم الدين

--

2

خانبهادر محمد حسين

--

3

آر-گلس (R.Giles)

1885 کان 1890ع تائين

4

جي-سلاڊن (J.Sladen)

1891 کان 1896ع تائين

5

آر-گلس (R.Giles)

1896 کان 1897ع تائين

6

آر-پي بارو (R.P.Barrow)

1898 کان 1899ع تائين

7

ايڇ-ايس-ميولس (H.S.Mules)

1899 کان 1900ع تائين

8

آر-پي بارو (R.P.Barrow)

1900 کان 1903ع تائين

9

ايڇ-ايس-ميولس (H.S.Mules)

1903 کان 1904ع تائين

10

ايڇ-ايس لارينس(H.S. Lawrance)

1904 کان 1905ع تائين

11

اي-ايس-اي ويسٽروپ (A.S.A.Westropp)

1905 کان 1910ع تائين

12

جي-ايل ريئو (J.L.Rieu)

1910 کان 1913ع تائين

13

جي-آر-مارٽن (J.R.Martin)

1913 کان 1916ع تائين

14

ڊبليو-ڊبليو سمارٽ (W.W.Smart)

1916 کان 1917ع تائين

15

ڊبليو-ايف هڊسن (W.F.Hudson)

1923 کان 1924ع تائين

16

ايس-ايڇ ڪورنٽن (S.H.Covernton)

1924 کان 1927ع تائين

17

ڊبليو-ايف هڊسن (W.F.Hudson)

1927کان 1928ع تائين

18

آر-اي گبسن (R.E.Gibson)

1928 کان 1929ع تائين

19

جي-آر هُڊ (J.R.Hood)

1929 کان 1932ع تائين

20

جي-ايف-ايس-ڪولينس (G.F.S.Collins)

1932 کان 1935ع تائين

21

اي- جي ٽالر (E.G.Taylor)

1935 کان 1938ع تائين

22

جي-ڊبليو ميڪ اُلهني (G.W.Mc.Elhinny)

1938 کان 1939ع تائين

23

مير ايوب خان

1939 کان 1942ع تائين

24

محمد هاشم گذدر

1942 کان 1948ع تائين

ج: سيڪريٽري:

 

نمبر

نالو

سال

1

مولوي عمر الدين

1885 کان 1886ع تائين

2

مسٽر سجاد مرزا

1886 کان 1887ع تائين

3

خانبهادر ولي محمد حسن علي

1887 کان 1896ع تائين

4

مسٽر ڊي-پي ڪوٽوال (D.P.Kotwal)

1896 کان 1897ع تائين

5

مسٽر پرسي هائيڊ (Percy Hide)

1897 کان 1903ع تائين

6

مسٽر ٽي-ايڇ وائينس (T.H.Vines)

1903 کان 1919ع تائين

7

خانبهادر ايس-ڊي-ڪانٽريڪٽر (K.B.S.D.Contractor)

1919 کان 1921ع تائين

8

مسٽر ٽي-ايڇ وائينس (T.H.Vines)

1921 کان 1922ع تائين

9

خانصاحب مريد علي

1922 کان 1925ع تائين

10

مسٽر اي-ايم ميٿيوز (A.M.Mathews)

1925 کان 1927ع تائين

11

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

1927 کان 1930ع تائين

12

مسٽر ايڇ-ايف-ايل-ٽي هيريسن (Mr. H.F.L.T.Harrison)

1930 کان 1938ع تائين

13

مسٽر ايف-ڪي ڀائيجي

1938 کان 1939ع تائين

14

مسٽر آءِ-واءِ سليمان

1939 کان 1943ع تائين

15

قاضي خدا بخش خان

1943 کان 1944ع تائين

16

خانبهادر اين-اي-غلام علي

1944 کان 1946ع تائين

17

مسٽر حسن علي عبدالرحمان

1946کان 1960ع تائين[1]


حوالا  ۽ حاشيا

 

[1] See Annual Reports of Sindh Madressahtul Islam for the year 1885-86 to 1947-48.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org