سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:2 

 

ڀاڱو پھريون

 

سنڌ مدرسة الاسلام جو قيام ۽ ڪارڪردگي

باب پهريون

سنڌ جو آڳاٽو تعليمي نظام ۽ انگريز دور

الف: انگريز دور کان اڳ جي تعليم ۽ تعليمي نظام:

        سنڌ جي سرزمين پنهنجي قديم تهذيب ۽ تمدن لاءِ دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائي انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪئي آهي ته جڏهن دنيا تهذيب ۽ تمدن جي طريقن کان اڻواقف هئي، تڏهن واديءِ سنڌ سڌريل ۽ ترقي يافته تهذيب ۽ تمدن جي هام ٿي هنئي، اهڙيءَ طرح جيتري آهي هن سرزمين جي تهذيب جي تاريخ پراڻي؛ اوتري آهي هن جي تعليم جي تاريخ جھوني. اهو اعليٰ مقصدن تي ٻڌل معياري تعليمي نظام جو ئي اثر هو، جنهن سنڌ کي باقي دنيا کان جدا حيثيت ڏني.

        “موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان اٽڪل 800 کن مهرون ۽ تائٿ لڌا آهن، جن تي شڪليون، تصويرون ۽ نشانيون اڪريل آهن، انهن مان مک نشانيون خاص طور سڃاڻپ ۽ ايندڙ جهڙيون ۽ مڪمل نشانيون 400 کن ملن ٿيون”[1].

        ڪيترن ئي عالمن جهڙوڪ پروفيسر لئنگڊن، مئڪي، سڊني، سمته، سي-جي-گئڊ، طرفان انهن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي[2] ۽ اڄ به ڪئي پئي وڃي، پر عالمن کي اڃا تائين ڪاميابي حاصل ٿي نه سگھي آهي. ان هوندي به انهن تائٿن ۽ مهرن کي ڏسي چئي سگھجي ٿو ته ان وقت جا سنڌ واسي لکڻ پڙهڻ کان چڱي طرح واقف هئا ۽ اهو سندن تعليمي نظام جو ئي ڪرشمو هو جو هو نه صرف پنهنجي ٻولي ڳالهائي سگھندا هئا، پر لکي پڙهي به سگھندا هئا.

        موهن جي دڙي مان نڪتل شين مان هڪ لکڻ جي سليٽ به ملي آهي. البت اها سليٽ اڄ ڪلهه جهڙي يعني پٿر جي نه آهي، مگر اها سليٽ ٺڪر جي آهي. جنهن تي اکر لکي وري ڊاهي سگھجن ٿا[3]. هن سليٽ جي ملڻ مان اهو اهڃاڻ ڪڍي سگھجي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ سنڌ اندر تعليم جو اهو نظام رائج هو ۽ اها منظم طريقي سان ڏني ويندي هئي، ايتري قدر جو تنهن وقت جا شاگرد سليٽن جو استعمال ڪندا هئا.

        سنڌ جو اڳوڻو تعليمي نظام اعليٰ ۽ معياري هوندو هو. اسلام کان اڳ هتي تعليم ٻن طريقن جي ڏني ويندي هئي، هڪ تعليمي ادارن وسيلي ۽ ٻيو سنياسين جي ذريعي؛ ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته تعليم جا رسمي توڙي غير رسمي طريقا رائج هئا.

        سناسي اهو تعليم دان هوندو هو، جنهن پنهنجي زندگي جو ڳچ حصو تعليم ۽ تدريس ۾ صرف ڪيو هو ۽ گھڻو ڪري ڪنهن تعليمي اداري مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي سناسي بڻجي راجا توڙي رعيت کي تعليم ڏيندا هئا[4]. اهڙي قسم جي تعليم کي تنهن زماني جي غير رسمي تعليم چئي سگھجي ٿي.

        ويدن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته آرين سنڌ ۾ آشرم طريقي واري تعليم رائج ڪئي[5]. اها بنيادي ۽ رسمي نوعيت جي تعليم هئي جنهن موجب شاگردن کي ڇهن سالن کان وٺي ايڪيهن سالن جي ڄمار تائين تعليم حاصل ڪرڻي پوندي هئي[6]. جن ادارن ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، تن کي “گروڪل” ۽ “آشرم” سڏيو ويندو هو. گروڪل شهرن کان پنج ڇهه ميل پري ندين جي ڪنارن تي هوندا هئا. شاگردن کي پوک ڪرڻ جي سکيا به ڏني ويندي هئي ۽ انهن جو گذارو پوک جي پيداوار تي ٿيندو هو . شاگرد اتي ويد ۽ شاستر پڙهي پنڊت ٿيندا هئا ۽ پوءِ گروڪل ڇڏيندا هئا[7].

        يجرويد واري زماني ۾ ڪيترو وقت موجوده پاڪستان جي صوبن سنڌ ۽ پنجاب واري ايراضي تي هڪ ئي حڪومت هئي[8]. انهيءَ زماني ۾ سريرام چندر جي ڀائٽي تڪش جي نالي پٺيان “تڪش شلا” شهر ٻڌو ويو. جتي عيسوي سنه کان ڇهه صديون اڳ انهيءَ جي نالي سان هڪ وڏي “وديه آليه” (يونيورسٽي) برپا ڪئي ويئي[9]. “تڪش شلا” ان وقت جي ٻين درسگاهن کان وڏي ۾ وڏي درسگاهه هئي جتي هندو زماني جي اوج کان وٺي ٻڌ ڌرم جي زور واري زماني تائين علم جو چرچو هلندو رهيو. هتي جي استادن کي ساري ايشيا ۾ شهرت حاصل هئي. سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نوجوان ڪهي اچي هتي تعليم حاصل ڪندا هئا[10]. هن درسگاهه ۾ تير اندازي ۽ ٻين جنگي فنون جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي[11].

        هن يونيورسٽيءَ ڪيترائي عالم ۽ اديب پيدا ڪيا، جن ۾ “پاڻيني” جو نالو قابل ذڪر آهي. پاڻيني سالارپور (لاهور) جي نزديڪ ڄائو هو. سنسڪرت جو گرامر “اشٽاڌيائي” سڀ کان اول هن ئي لکيو هو. اهو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته پاڻينيءَ کان اڳ ۾ هن يونيورسٽي ۾ ڪي ودوان ۽ عالم موجود هئا، جن وٽ پاڻينيءَ تعليم ورتي هئي[12]. انهيءَ يونيورسٽيءَ جو قيام ثابت ٿو ڪري ته واديءَ سنڌ جو ماضي شاندار تعليمي ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي.

        برهمڻ جي زماني ۾ سنڌ جي تعليم ذات پات جو شڪار ٿي هڪ مخصوص طبقي تائين محدود رهجي ويئي. ان هوندي به انهيءَ زماني ۾ هڪ شاگرد جي زندگي به هڪ مثالي زندگي هوندي هئي. تعليم جي راهه ۾ سندس پير رکڻ هڪ مسافر جي ڊگھي سفر جي برابر هوندو هو. ننڍن ٻارن لاءِ پاٺ شالائون هونديون هيون، جيڪي ابتدائي تعليم جي ادارن جو ڪم ڏينديون هيون ۽ اعليٰ تعليم لاءِ وري وڏيون درسگاهون هيون. ان کان پوءِ ٻڌ ڌرم وارن تعليم کي وري عام ڪيو. جنهن جا آثار اڄ به سنڌ جي کنڊرات مان ملي سگھن ٿا. ٻڌڌرم وارن تعليم جي ترقي لاءِ گھڻو ڪجھه پاڻ پتوڙيو. اها تعليم دنيا کي دارالفنا ڄاڻي رڳو روحانيت واسطي ڏني ويندي هئي. ٻڌ ڌرم جا استاد، شاگرد جي اخلاق ۽ شخصيت جي تعمير ڪرڻ، آئنده جي نسلن کي سماجي ۽ مذهبي فرضن جي بجا آوريءَ لاءِ تربيت ڏيڻ پنهنجي تعليم جو نصب العين ڄاڻيندا هئا[13].

        ٻڌ ڌرم، هندو ڌرم جو رد عمل هو، انهن ٻنهي مذهبن جي باهمي نظرياتي چٽاڀيٽي، اڳوڻي تعليمي نظام کي به متاثر ڪيو، جنهن ڪري مروج تعليم کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي علمن جو به اضافو ٿيو، تعليمي نصاب ۾ علم منطق، فلسفو، مناظرو، ڌرم شاستر، حساب، ويا ڪرڻ، لغت، طبابت، جادو، ناٽڪ ۽ سنگتراشي وغيره جهڙن علمي ڪمن جو اضافو ٿيو[14].

        اسلام کان اڳ واري دور جي تعليمي نظام تي هندو توڙي ٻڌ ڌرم جو گڏيل اثر نظر اچي ٿو. مطالعي هيٺ آيل دور ۾ تعليم ۽ تعليمي نظام جون ٻه خصوصيتون نظر اچن ٿيون. هڪ طرف هندن جي اثر هيٺ تعليم ۽ تعليمي نظام گروهي فرقيوارانه ۽ قبيلائي رنگ اختيار ڪيو، ٻئي طرف ٻڌ ڌرم وري تعليم کي ايترو ته عام ڪيو جو تعليم جي هڪ هٽي ٽٽي پئي. جتي اڳ تعليم جا مرڪز رڳو شهر ۾ هوندا هئا، اتي ڳوٺن ۾ رهواسين جون اهي ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳا. تعليم ايتري ته عام ٿي ويئي جو سنڌي ٻوليءَ جا هڪ کان وڌيڪ رسم الخط رائج ٿي ويا[15]. جن مان ڪي خط ته اڄ به آسانيءَ سان پڙهي سگھجن ٿا[16].

        سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان پوءِ تعليم جي ميدان ۾ وڏيون تبديليون رونما ٿيون. ابتدائي ٽن صدين اندر اڻ ڳڻين سنڌي عالمن، مدبرن ۽ محققن جا نالا ملن ٿا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جو ماضي پنهنجي تعليمي ترقي ڪارڻ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ دور ۾ “عبدالملڪ محمد پنهنجي زماني ۾ زبردست عالمن مان هو. امام اوزائي السنڌي حديث جي چئني امامن مان هڪ هو. ابو نصر بن فتح بن عبدالله السنڌي فقيه متڪلم جي لقب سان شهرت حاصل ڪئي”[17].

        منصوره، سنڌ جو تخت گاهه علمي لحاظ سان دمشق ۽ بغداد جو هم پلئه هو، ان وقت سنڌ پهريون ملڪ هو جتي مدرسن جو رواج پيو. منصوره ۾ قاضي ابو محمد منصوره جو مڪتب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور هو[18]. ان کان سواءِ ساڳي زماني ۾ ديبل، الور، بکر ۽ سيوهڻ به علم ادب جا مرڪز هئا[19]. رڳو ديبل شهر ۾ اهڙي ته علمي رونق هئي جن ۾ ابو جعفر محمد، ابراهيم بن محمد، ابو قاسم شعيب، ابوالعباس محمد، قاضي محمد بن ابي الشوراب ۽ سندس پٽ علي، مطيع بن اياس ۽ احمد بن صالح جا نالا قابل ذڪر آهن[20].

        سيوهڻ جو مدرسو اسلامي دنيا ۾ “فقهاءُ الاسلام” جي نالي سان مشهور هو، هتي مصر جا شاگرد به تعليم وٺڻ ايندا هئا[21].

        سومرن جي ڏينهن ۾ “اگھم ڪوٽ” ۾ وڏو مدرسو هو. جتي پنج سو شاگرد قرآن شريف جي تعليم وٺندا هئا. سندن رهائش، خوراڪ ۽ پوشاڪ جو خرچ سومرا امير ڀريندا هئا.[22]

         اهو سومرن جو زمانو ئي هو جنهن ۾ اسلام جي جدا جدا فرقن جا دائي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا. ٻڌ ڌرم توڙي جين ڌرم جي پوڄارين وانگر نو مسلمن کي سندن مقامي زبانن ۾ اسلام جا اصول سمجھائڻ لڳا. هڪ طرف اسماعيلي فڪر جا دائي ۽ مبلغ پنهنجي دعوت ۾ مصروف هئا ته ٻئي طرف قادري طريقي جا بزرگ ۽ غوثي درويش سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي چڪا هئا[23]. اهي بزرگ سنڌ جي اڳوڻي زماني وانگر هن دور ۾ تعليم جا مکيه ذريعا هئا، مثال طور جناني ۽ محمد طور ۾ جيڪي سهروردي، بخاري ۽ جيلاني بزرگ رهندا هئا، تن پنهنجون درسگاهون قائم ڪيون[24].

        تاريخ جي شاگردن کي معلوم آهي ته سنڌي ٻولي قديم آهي جا نه فقط روزمره واري ٻولي هئي، پر جيئن عرب سياحن جي سفرنامن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي آمد کان به اڳ هيءَ ٻولي لکي ويندي هئي. ان وقت جيڪي رسم الخط مروج هئا، تن مان هڪڙو لوهاڻڪو رسم الخط هو، جيڪو هندو لوهاڻن ۾ هلندو هو.

        هن دور ۾ جيئن فرقن اسلامي درس ۽ تدريس جي شروعات ڪئي تيئن اسماعيلي دائين پنهنجي نومريد اسماعيلي مسلمانن لاءِ ڌار تعليم جو اهتمام ڪيو. جيئن ته سنڌ ۾ اسماعيلي مسلمانن هندن جي ذاتين جهڙوڪ لوهاڻن، ڀاٽين، ٻاون مان پنهنجي داعين جي منطقي ۽ فلسفيانه طريقي سان اسلام قبول ڪيو هو. تنهن ڪري هنن شريعت جي پابندين کي سختيءَ سان قبول نه ڪيو هو. اسماعيلي مبلغن انهن لاءِ رواداريءَ وارو اصول قائم ڪيو. کين پنهنجا پراڻا نالا رکڻ لباس پائڻ، ريتون رسمون اختيار ڪرڻ، ايتري قدر جو سندن ڌرمي طريقن مان به ڪن جي اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، تنهن ڪري اسماعيلي مسلمان جن کي سنڌ ۾ خواجه سڏيو ويو، هندو-مسلم گڏيل اسلام جا پيروڪار هئا. هنن پنهنجو اڳوڻو رسم الخط جاري رکيو، انهيءَ رسم الخط ۾ پنهنجن مرشدن جا گنان، امامن جي تاريخ، اسلام جي اصولن جي سمجھاڻي، ڪلمو، درويشن ۽ ولين جا ڪلام لکندا هئا. سنڌ ۾ اسماعيلي خواجه تصوف جا پيروڪار هئا، سندن تعليم جو طريقو، جيڪو ڪجھه تبديلين کان پوءِ اڄ به جماعت خانن ۾ هلندو اچي ٿو.

        اسان مٿي اسماعيلي تبليغ ۽ تعليم جو ذڪر ڪيو آهي. اسماعيلي مبلغ سيدنا پير صدر الدين تعليمي ڏس ۾ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيندي انهيءَ خط ۾ ماترائون شامل ڪيون ۽ ان سان گڏ ٻيا سڌارا ۽ واڌارا آڻي انهن تي خواجڪي سنڌي، لپي يا چاليهه اکري نالو رکيو[25]. هي خط نه رڳو هزارها خواجن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻيو پر انهيءَ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جن کي سنڌ جو اڳوڻو ادب چئي سگھجي ٿو.

        سمن جي ڏينهن ۾ سيوهڻ، بکر، ٺٽو، درٻيلو، ٽلٽي، ڳاهو، ٻٻرلو، هالڪنڊي، نصرپور، اگھاماڻي ۽ ٻين شهرن ۾ مدرسا قائم هئا، جن ۾ شاگردن کي تعليم کان سواءِ مفت کاڌو ۽ ڪپڙو به ملندو هو[26]، هن زماني ۾ مخدوم عبدالعزيز ابهري،مولانا محمد، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم فخر پوٽو، مخدوم بلاول سمون، قاضي ڏنو سيوهاڻي، مخدوم ميران بن يعقوب، مولانا مصلح الدين ۽ شيخ عبدالله جا نالا قابل ذڪر آهن.

        ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ حڪومت جي زبان فارسي هئي، پر ان جي باوجود به سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم جو ئي اهو اثر هو جنهن قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم جهڙا شاعر پيدا ڪيا. هن دور جي عالمن ۾ سيد نظام الدين ٺٽوي، مولانا ابوالخير، قاضي ابراهيم، ملا محمد[27]. شيخ صدرالدين، مخدوم علي قادري، علامه قاضي محمود، ملا عبدالرشيد، سيد قاضي شڪر الله، سيد طاهر محمد سيلاني ۽ سيد جمال بن سيد جلال الدين جا نالا قابل ذڪر آهن[28]. هن زماني ۾ اگھم ڪوٽ، راڄو خاناڻي، ٺٽو، ميران ڪڙيو گھنور، ڪوٽ عالم ۽ لنواري شريف مشهور شهر ۽ ڳوٺ هئا، جتي علم ۽ ادب جو چرچو هلندو هو[29].

        سنڌي ٻوليءَ علم ادب ۽ تعليم کي ٽن وڏين مذهبي تحريڪن وڏا موڙ ڏنا آهن. عربن جي آمد کان پوءِ ملڪ ۾ اسلام پکڙيو ته سنڌ ۾ عربي ٻولي ۽ تعليم کي سرپرستي ملي. سومرن جي دور ۾ اسماعيلي فرقي تبليغن ۽ تحريڪن سنڌ ۾ “خواجڪو خط” رائج ڪيو ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ وري سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغداد مان ٺٽي ۾ آيو. جنهن جي تبليغ تي ڪيترائي هندو مسلمان ٿيا ۽ ميمڻ سڏجڻ لڳا. هن تحريڪ مخدوم ابو الحسن ٺٽوي کي سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ٺاهڻ واري اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ۽ هن صاحب آخرڪار 1700ع ۾ پنهنجي طرفان تجويز ڪيل رسم الخط ۾ “مقدمه الصلوات” ڪتاب لکيو[30].

        ڪلهوڙن جو دور سنڌ جي تعليمي تاريخ جو سونهري باب آهي، هن دور ۾ مخدوم ابوالحسن کان سواءِ مخدوم ضياءُالدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، مولوي عبدالخالق ۽ مولوي محمد حسن جهڙا ناميارا عالم ۽ معلم ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي زندگي جو ڳچ حصو تعليم تدريس، تاليف، تصنيف جي ڪمن ۾ گذاريو.

        ٽالپورن جي دور ۾ تعليم جي ايتري ته ترقي ٿي جو وقت جا عالم قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ڪرڻ جي قابل ٿيا. آخوند عزيز الله مٽياري وارو، سنڌي ٻوليءَ جو اهو پهريون نثر نويس هو، جنهن هن دور ۾ قرآن شريف جو تَحتُ اللَّفظ ترجمو ڪيو[31].

        ڪيترائي مير پاڻ عالم ۽ شاعر هئا، جن سيدن جي سرپرستي ڪئي. ٺٽي ۽ روهڙي جي سيدن کي مالي امداد ڏني ويندي هئي، اهي ٻئي مقام سنڌ جون يونيورسٽيون سڏي سگھجن ٿيون[32]. وقت جا امير ماڻهو پنهنجي اولاد لاءِ خاص آخوند مقرر ڪندا هئا. جيڪي نه رڳو اميرزادن پر پاڙي جي ٻين غريبن کي به تعليم ڏيندا هئا[33]. هندن جي لاءِ الڳ اسڪول نه هوندا هئا، پر اهي مسلمانن جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا. پر واپاري هندو پنهنجي ٻارن کي تجارتي ۽ واپاري تعليم گھرن توڙي دڪانن تي ڏيندا هئا[34]. عربن جي آمد کان وٺي ميرن جي آخرين ڏينهن تائين سنڌ ۾ جيڪو تعليمي نظام رائج رهيو ان جو خاڪو هن ريت آهي.

 

ابتدائي تعليم:

ابتدائي تعليم مذهب جي بنيادي معلومات ۽ سنڌي ٻولي جي ابتدائي تعليم تائين محدود هوندي هئي. مسلمان ٻارن کي پنهنجو آخوند شروعات ۾ “الحمد لله رب العالمين” جا اکر چئورائيندو هو. ان کان پوءِ ڇهن مهينن اندر ٽيهون سيپارو ختم ڪرائيندو هو. جنهن کان پوءِ ٻار کي ڪلڪ ۽ ڦرهي ڏني ويندي هئي. پهرين سال اندر ٻار لکڻ پڙهڻ جي لائق ٿي ويندو هو. جنهن کان پوءِ کيس “نورنامو” مخدوم محمد هاشم جو تفسير، “حڪايت الصالحين”، “معراج نامو” ۽ “سو مسئلا” پڙهايو ويندو هو[35]. جمع جو ڏينهن دور ڪرڻ ۽ موڪل لاءِ مخصوص هوندو هو. باقي ڏينهن صبح کان شام تائين پڙهائي ٿيندي هئي[36]. هندو ٻارن کي وري برهمڻ ڏانهن موڪليندا هئا. جيڪي کين لکڻ پڙهڻ، حساب ڪتاب ۽ مذهب جي تعليم ڏيندا هئا[37].

ثانوي تعليم:

 سنڌ جي ثانوي تعليم انتظامي نقطه نگاهه کان سيڪيولر بنيادن تي ٻڌل هوندي هئي. هيءَ تعليم اڪثر ڪري آخوند ڏيندا هئا ۽ سندن مڪتبن ۾ هندو توڙي مسلمان ڪنهن ذات پات ۽ رنگ نسل جي مت ڀيد ۽ فرق کان سواءِ اچي تعليم وٺندا هئا. مقصديت جي لحاظ کان هيءَ تعليم سنڌ جي مڇي ماني لائق وچين طبقي لاءِ مخصوص هوندي هئي. ڇو ته هن درجي کان پوءِ ماڻهو سرڪاري ملازمت ڪرڻ جي لائق ٿيندو هو. هن منزل تي شاگردن کي لسانيت (داويو، ٽوايو ۽ چشم چراغ وغيره)، شعر ۽ ادب (ڪريما ۽ ناگهان وغيره) تاريخ ۽ علم خط جي تعليم ڏني ويندي هئي[38].

        فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي ۽ اها روزگار ڪمائڻ جو مکيه ذريعو هوندي هئي[39]. ان ڪري چيو ويندو هو ته: “پارسي گھوڙي چاڙهسي”، ڪو فارسي خواندو جهڙو تهڙو ڌنڌو وڃي ڪندو هو ته ٻيا عجب کائيندا هئا ۽ چيو ويندو هو ته “پڙهيو پارسي وڪڻي تيل، ڏسو يارو قسمت جو کيل”[40]

اعليٰ تعليم:

اعليٰ تعليم اڪثر ڪري سنڌ جا مشهور سيد گھراڻا ڏيندا هئا. جن کي وقت جا حاڪم مالي مدد ڪندا هئا، هن منزل تي طالبن کي صرف، نحو، منطق، فقيه، تفسير، حديث، معاني، بيان، بديع، قرئت، مناظره، علم عروض، طب، رمل، نجوم، جفر، تاريخ ۽ حڪمت وغيره جي تعليم ڏني ويندي هئي[41].

        حال ماضي جو ورثو ٿئي ٿو، اڄ جون ڪيتريون ڳالهيون ماضيءَ جون پيداوار ٿين ٿيون. اهو اصول زندگي جي هر هڪ شعبي سان لڳائي سگھجي ٿو. پوءِ اهو مذهب هجي يا سياست، سماج هجي يا تعليم، اڄوڪي تعليمي نظام ۽ نصاب جون ڪيتريون ڳالهيون ماضي جون يادگار آهن.

 

انتظام ۽ طريقو:

مدرسا گھڻو ڪري وقف تي هلندا هئا، جن کي مالدار ماڻهو يا ملڪي حاڪم وظيفا به ڏيندا رهندا هئا[42]. ان کان سواءِ شاگردن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست شهر يا ڳوٺ ۽ ان جي تَرَ وارا ماڻهو ڪندا هئا. عام طرح شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آخوند ۽ ملن جي پادائش “جمعگي” هوندي هئي، يعني هر جمعي تي شاگرد پنهنجن استادن کي ڪجھه روڪڙ يا اَن داڻا يا ڪاٺيون ڏيئي ايندا هئا. اَن ڏيڻ جو رواج وڌيڪ عام هو. انهيءَ کان سواءِ آخوندن کي ڏڻ وار تي پڻ شاگردن جي مائٽن وٽان ڪجھه ملندو هو. انهيءَ کان سواءِ هونئن به ٻارن کي جيڪو ٽول سندن کائڻ لاءِ گھران ملندو هو، يا پنهنجي خرچيءَ مان بچائيندا هئا، ته آخوند کي صلاح ڪندا هئا ۽ آخوند صاحب جو حصو به “صلاح” سڏبو هو[43].

        اڱاري ۽ جمع جي ڏينهن کان سواءِ سارو ڏينهن پڙهائي هلندي هئي. عيد برادن، عاشورن ۽ وڏن مذهبي ڏينهن تي شاگردن کي موڪل ڏني ويندي هئي، جنهن کان سواءِ اڪثر ڪري شاگرد زندگيءَ جو ڳچ حصو مدرسي ۾ گذاريندا هئا[44].

بهرحال مختصر لفظن ۾ ائين چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته سنڌ جو ماضي تعليمي ترقي، انتظام ۽ نصاب جي شاندار يادگارن جي تاريخ آهي.

ب: انگريزن جي دور جي تعليمي پاليسي:

انگريز دور جي تعليمي تاريخ جو ٻن زاوين کان مطالعو ڪري سگھجي ٿو، هڪ انتظامي نقطه نگاهه کان ۽ ٻيو پاليسيءَ جي نقطه نگاهه کان. “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي دور جي تاريخ ۽ بمبئي سان الحاق واري زماني جي تعليم، پر انگريزن جي تعليمي پاليسي جي ارتقا ۽ تاريخ لاءِ پوري ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي تعليمي تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو.

      جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ کان سواءِ باقي پوري ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ انگريزن جي ٻيو نمبر تعليمي پاليسي رائج هئي، جنهن جي ابتدا 1835ع کان ٿي هئي[45]. جيڪا ان وقت جي گورنر جنرل جي ڪائونسل جي قانوني ميمبر ۽ بنگال جي “پبلڪ انسٽرڪشن ڪاميٽي” جي پريزيڊنٽ “ٿامس بي ميڪالي” جهڙي مشرقي علم ادب جي سخت ۽ ڪٽر دشمن جي فلسفي تي ٻڌل هئي. جنهن جو ايمان هو ته “ مغرب جي هڪ سٺي ڪتب خاني جو فقط هڪڙو طاق، سموري هندستان ۽ عربستان جي علم ۽ ادب جي برابر آهي ۽ هندستان توڙي عربستان جي سموري علم ادب جي قيمت مغربي ادب تي ڪم آيل “مَسُ” ۽ “پني” جيتري به مَسَ آهي[46].

      هن پاليسيءَ مطابق فارسي کي هميشه لاءِ خيرباد چيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي انگريزي کي سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت سان رائج ڪيو ويو. سنڌ تي هن پاليسيءَ جو سڌو سنئون اثر پيو، فارسي مان ته جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر ان جي جاءِ تي انگريزي کي مسلط ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويا. پر شروعات ۾ جڏهن انگريزي ٻولي سيکارڻ جا خانگي طريقا ناڪام ويا ته سنڌي ٻولي ڏانهن توجهه ڏنو ويو، “1845ع ۾ بمبئي جي بورڊ آف ايجوڪيشن، سنڌ ۾ ايجوڪيشنل ايجنسي جي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو. ساڳي وقت اها تحريڪ به هلي رهي هئي ته سنڌي کي صوبي جي سرڪاري زبان بڻائجي”[47].

      جيئن اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته “ميڪالي تعليمي پاليسي” 1835ع کان لاڳو ڪئي ويئي، پر سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، انهيءَ کان پوءِ جيئن مختلف وقتن تي فرنگي سرڪار طرفان تعليمي سڌارا ٿيندا رهيا، يا تعليمي پاليسي مرتب ٿيندي رهي، تنهن جو سڌو سنئون اثر سنڌ تي پڻ پيو، مطالعي هيٺ آيل دور تائين انگريز سرڪار جي تعليمي پاليسي جو مختصر خاڪو هن ريت آهي.

      لارڊ ڊلهائوسي جي وقت ۾ انگريزي “پارليامينٽ انڊيا”، “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي تعليمي ڪوششن ۽ خدمتن جي تحقيقات ڪرائي وئي، جنهن جي روشني ۾ “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي انتظامي جماعت جي صدر “سرچارلس ووڊ” 1854ع ۾ هندستان جي تعليمي سرشتي بابت هڪ مراسلو موڪليو[48]. انهيءَ مراسلي ۾ تعليم ڦهلائڻ، صوبن جي زبانن جي اهميت ۽ مذهبي تعليم متعلق سرڪار جي غير جانبدارانه پاليسيءَ بابت فيصلو ڪيل هو، مراسلي جي سفارش ۾ تعليمي انتظام ۽ تعليم لاءِ خانگي ڪوششن جي همت افزائي ۽ ماسترن جي تربيت لاءِ سفارشون ڪيل هيون[49].

      1882ع ۾ سرڪار “وليم هنٽر” جي صدارت هيٺ هڪ تعليمي ڪميشن ويهاري ته جيئن “چارلس ووڊ” جي تعليمي مراسلي بعد ٿيل تعليمي ترقيءَ جو جائزو ورتو وڃي هن ڪميشن سرڪار کي پرائمري تعليم تي توجھه ڏيڻ لاءِ سفارشون پيش ڪيون[50].

ج: انگريزن جون تعليمي ڪوششون:

        1843ع ۾ انگريزن سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيو[51]. 1845ع ۾ بمبئي جي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ “ايجوڪيشنل ايجنسي” جي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو[52]. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر “سر جارج ڪلرڪ” پنهنجي حڪم نامي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻائڻ جا احڪام جاري ڪيا[53]. 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر هڪ اطلاع نامو ڪڍيو جنهن ۾ هدايت ڪئي ويئي ته سرڪاري عملدار سنڌي امتحان پاس ڪن[54]. نتيجي طور 1853ع ۾ سنڌي الف-ب جي اصلاح ٿي[55]. جنهن کان پوءِ سرڪار سنڌ جي تعليم ڏانهن توجھه ڏنو.

        انگريزي تعليم جي ابتدا سنڌي الف-ب جي اصلاح کان گھڻو اڳ ٿي چڪي هئي. سنڌ تي انگريزن جي قبضي ٿيڻ کان ٽي سال پوءِ يعني1846ع ۾ ڪراچي جي ڪليڪٽر “ڪيپٽن پريڊي” ڪراچي فري اسڪول کوليو[56]. جنهن ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪئي ويندي هئي. هي اسڪول 1853ع ۾ چرچ مشن سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو[57].

        انهيءَ کان پوءِ جيڪي اسڪول قائم ٿيا، تن ۾ “نارائڻ جڳناٿ هاءِ اسڪول ڪراچي”، 1853ع ۾[58]، “گرامر اسڪول ڪراچي”، 1854ع ۾[59]، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد”،1858ع ۾[60]، “سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي 1859ع ۾ [61]، “شڪارپور هاءِ اسڪول” 1873ع [62] جا نالا قابل ذڪر آهن.

        انگريزن جي ابتدائي دور ۾تعليم لاءِ ڪو ڌار کاتو نه هوندو هو، پر تعليمي انتظام روينيو کاتي جي زيردستي ۾ هلندو هو. ان لاءِ هڪ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيل هوندو هو، سنڌ جو پهريون ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ايس-آر-نارائڻ جڳناٿ وديا هو جو 1872ع تائين عهدي تي فائز رهيو[63].

        جيئن ته اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي روينيو کاتي جي ڪمن ۾ حد کان وڌيڪ مصروف رهندو هو، ان ڪري تعليمي انتظام ڏانهن ايترو توجھه نه ڏئي سگھندو هو. هن ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنرن کي ڏهن سالن تائين بمبئي سرڪار کي سنڌ ۾ ڌار ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪرڻ لاءِ لک پڙهه ڪرڻي پئي، جا نيٺ 1878ع ۾ وڃي قبول ٿي[64]. جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيڻ لڳا. 1900ع ۾ سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر مسٽر اي-جيمس تعليم جو ڌار کاتو کوليو[65].

د: انگريزن جي تعليمي ڪوششن ۽ پاليسين جو اثر:

        انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، ان وقت هندستان ۾ ميڪائي جي تعليمي پاليسي رائج هئي، انگريزن انهيءَ پاليسيءَ کي سنڌ سان به لاڳو ڪري ڇڏيو. پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي انگريز سرڪار، ميڪائي جي مشرق دشمنيءَ تي ٻڌل پاليسيءَ جا به ليڪا لنگھي ويئي. انگريزن کان اڳ سنڌ جا ڪيترائي سيد ۽ آخوند تعليم ۽ تدريس جي ڪم ۾ رڌل هوندا هئا. کين وقت جي حاڪمن نه رڳو ڪجھه جاگيرون ئي عطا ڪيون هيون پر سندن مالي امداد به ڪندا هئا. انگريزن سنڌ ۾ اچڻ شرط سيدن جون جاگيرون ضبط ڪري ڇڏيون[66] ۽ کين ملندڙ مالي امداد بند ڪئي ويئي. سرڪار جي هن نئين پاليسيءَ ٺٽي جهڙي علم جي گهواري شهر کي ڏاڍو متاثر ڪيو. انگريزن جي اهڙي پاليسي سنڌ جي ڏيهي تعليم جي مرڪزن کي هميشه هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو[67].

        ڌارئي سرڪار جيڪي به وقت به وقت پاليسيون مرتب ڪيون، رپوٽون تيار ڪرايون ۽ سفارشون طلب ڪيون، تن جي ڪمي ته نظر نه ٿي اچي، پر انهن تي عمل خير ئي ڪيو ويو، “چارلس ووڊ” جو تعليمي مراسلو 1854ع سان واسطو رکي ٿو پر 1947ع تائين انهيءَ جي ڪيترن ئي سفارشن تي عمل ئي نه ڪيو ويو.

        حقيقت ۾ انگريزن هميشه پنهنجي مفاد کي نظر ۾ رکندي پئي وقت به وقت تعليمي پاليسي بدلائي، شروعات ۾ هنن برصغير ۾ مروج تعليمي طريقي ۽ نظام جي پٺڀرائي ڪئي، پر پوءِ جڏهن سندن پير پختا ٿي ويا، ته ميڪائي جي پاليسي اختيار ڪري پوري هندستان تي تعليم وسيلي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪيائون. اڳتي هلي کين احساس ٿيو ته ماڻهو پنهنجي ئي مادري زبان ۾ چڱي طرح سوچي ۽ سمجھي ٿو، ان ڪري مادري زبانن کي تعليم جو واحد ذريعو تسليم ڪيائون. هن موڙ تي شعوري ڪوشش سان مادري ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب ترجما ڪرايائون، جن وسيلي هندستان جي رهواسين ۾ احساس ڪمتري ۽ غلاميءَ جو جذبو پيدا ڪري پيو سگھجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ساڳيءَ چال چلي ويئي، جانسن جو لکيل ناول “راسيلاس” انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي هو[68].

        سنڌ تي انگريزن جي تعليمي پاليسيءَ جو گهرو پر خراب اثر پيو. هنن هڪ طرف سنڌ جي روايتي ۽ ڏيهي نظام جي هلائيندڙ سيدن جون جاگيرون ضبط ڪيون ۽ سندن مالي امداد بند ڪئي ۽ ٻئي طرف شروع ۾ خانگي اسڪول کولڻ تي بندش وجھي ڇڏي.

        “مسلمانن اوائل ۾ انگريزن سان تعاون نه ڪيو، ٻئي پاسي کان هندو نئين حڪومت جو پورو پورو فائدو وٺي مغربي تعليم کي جنبي ويا، ان حقيقت جي خلاف جڏهن صوبي سنڌ جي هندن بيحد تعليمي ترقي ڪري پنهنجي قوم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا، تڏهن سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڪو به تعليمي ادارو نه هو، جتي اهي جديد تعليم پرائي سگھن”[69].

حوالا ۽ حاشيا:


[1] سراج الحق: سنڌي ٻولي، حيدرآباد، عظيم پبليڪيش، 1964ع، ص-122.

[2] سراج الحق: سنڌي ٻولي، حيدرآباد، عظيم پبليڪيش، 1964ع، ص-123.

3 دوراڪا پرساد روچيرام شرما: پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو، حيدرآباد، دوراڪا پرساد روچيرام شرما، ص-67.

[4] گنگارام سمراٽ: آريا ورت، حيدرآباد چيٺن ديو ورما يمراج، 1946ع، ص-126.

[5] Sarla.J.Narsian: Historical Development of Education in sind, (Article) Published in the Journal of the Sind Historical Society, Vol.IV, No: I, Karachi, May, 1935, P-35.

[6] Sarla.J.Narsian: Historical Development of Education in sind, (Article) Published in the Journal of the Sind Historical Society, Vol.IV, No: I, Karachi, May, 1935, P-35.

[7] گنگارام سمراٽ: آريا ورت، حيدرآباد، چيٺن ديو ورما يمراج، 1946ع، ص-125.

[8] ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: سنڌي ٻولي جي تاريخ، ڪراچي ، ڀارت جوتي پريس، 1941ع، ص-29.

[9] Chatterji, S.K.: Indo-Aryanand Hindi, Ahmadabad, Gujrat-Vernacular Society, 1942, P-60.

10 رحيم بخش ميمڻ: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا، حيدرآباد، آر-ايڇ-احمد ائنڊ برادرس، 1967ع، ص-21.

11 رحيم بخش ميمڻ: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا، حيدرآباد، آر-ايڇ-احمد ائنڊ برادرس، 1967ع، ص-21.

12 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، (مقالو)، حيدرآباد، سماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، جلد 16، نمبر 2، 1976ع، ص-88.

13 رحيم بخش ميمڻ: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا، حيدرباد، آر-ايڇ-احمد اينڊ برادرس، 1967، ص-11.

14 رحيم بخش ميمڻ: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا، حيدرباد، آر-ايڇ-احمد اينڊ برادرس، 1967، ص-17.

 

[15] هن ڏس ۾ عربي حڪومت جي دور وارن سياحن جا احوال مفيد معلومات ڏين ٿا جن مان ڪجھه هتي ڏجن ٿا:

ابن نديم جو رايو آهي:

            “سنڌ جي ماڻهن جون زبانون ۽ مذهب باهم مختلف آهن ۽ رسم الخط متعدد آهن، هنن جا تقريباً 200 رسم الخط آهن. سنڌ جي ماڻهن وٽ 9 رسم الخط رائج آهن. سنڌين کان سواءِ ٻيون سياهه فام قومون – مثلاً نوبه، بجه ، زغاوه، مدآوه، استانا، بربر ۽ حبشين جون مختلف قومون- به قرب ۽ جوارجي سبب هندي رسم الخط ۾ لکنديون آهن، انهيءَ ڪري جو سندن پنهنجو رسم الخط ڪونهي”- ابن نديم : الفهرست، اردو ترجمو، جلد دوم (هندستان عربون ڪي نظر مين؛ 1962ع، ص-3-4).

ابن حوقل پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته:

            “منصوره، ملتان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي زبانون رائج آهن”.

(Eliof, H.M.: History of India, London Vol.1, Trubner & Co, 1867, P-39).

اهڙي نموني البيروني جو چوڻ آهي ته:

            “ڏکڻ کان سنڌ ۾ کاري واري خطي تائين (مالو شائوو) (Malwa Shau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي. ان کي “مالواڙي” چئبو آهي. “بهمنوا” (المنصوره) ۾ “سئنڌو” رسم الخط ڪم ايندو آهي. “لاڙي” خط لاڙ ديس ۾ ڪم ايندو هو. “ارڌناگري” رسم الخط “ڀاٽيا” ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو”.

(Edward,C.,Sachan: Alberuni’s India, London, Kegan Paul Trencin, Truber, 1910, P-173).

[16] انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا طرفان ڀنڀور مان لڌل هڪ ٺڪريءَ جي پڙهڻ واري ڪوشش کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. پاڻ هڪ ٺڪريءَ جي پڙهڻ کان پوءِ اهو نتيجو اخذ ڪن ٿا ته:

            “مذڪوره لوهاڻڪي خط واري ٺڪري تي لکيل لفظ، سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي لکيل صورت جي املهه نشاني آهن. هن راءِ مان ٽي نتيجا نڪرن ٿا: پهريون ته اسلام کان اڳ به سنڌي ٻولي جي ديسي رسم الخط جا لکت ۾ نمونا ملن ٿا... ٻيو نتيجو هي ٿو نڪري ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي وٺ ۽ عام استعمال جي ٻولي هئي... ٽيون ته اڄ کان 1300 ورهيه اڳ به سنڌي ٻولي جي فقرن جي ساخت ۽ سٽا ساڳي هئي”. سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت اسلام جي آمد کان اڳ (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي سيپٽمبر، 1968ع، ص-23 ۽ 24).

[17] گدولاڻي منوتولارام: سنڌي ٻولي جي لپئي جو اتهاس، جئپور، نامديو پبليڪيشن 1968ع، ص-37.

[18] رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع، ص-212.

[19] رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع، ص-338.

20 بزرگ بن شھريار: عجائب الھند ھندستان عربون کي نظر مين، اعظم گڙہ دار المصنفين، 1960ع،
ص - 193۔

21 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع، ص-338.

[22] Elliot, H.M: History of India, London, Dowsons, Vol.I, 1967, P-379.

[23] ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سومرن جي دور ۾ سنڌي ادب، (مقالو)، ڪراچي نئين زندگي، فيبروري، 1972ع، ص-27.

24 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع، ص-339.

[25] ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص-195.

26 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع، ص-413.

27 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄامشورو،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص-304.

[28] Sadarngani, H.I, Dr.: Persian Poet of Sind, Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1956, P-41.

[29] ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص-304.

30 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع، ص-571.

31 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، سکر عجائب اسٽور، (ٻيو ڇاپو)، 1974ع، ص-130.

[32] E.H. Aitkon: Gazatter of the Province of Sind, Karachi Murcantile Steam Press, 1907, (Chapter XII) P-472.

[33] E.H. Aitkon: Gazatter of the Province of Sind, Karachi Murcantile Steam Press, 1907, (Chapter XII) P-472.

[34] E.H. Aitkon: Gazatter of the Province of Sind, Karachi Murcantile Steam Press, 1907, (Chapter XII) P-473.

[35] Burton, R.F.: Sind and the Races that in habit the valley of the Indus, London, Oxford University Press, 1873, P-134-136.

[36] محمد عمر دائود پوٽو ڊاڪٽر: ميرن جي ڏينهن ۾ مسلمانن جي تعليم، (مقالو)، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر، مورخه 15 جون 1936ع، ص-110.

[37] Sarla J.Narsian: Historical development of education in Sind, (Article) Published in the Journal of the Sind Historical Society, Vol.IV, No: 1, Karachi, May, 1935, P-35.

[38] رچرڊ برٽن: سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون، مترجم: محمد حنيف صديقي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع، ص-132.

[39] B.H.Aitken: Gazetteer of the Province of Sind, Karachi, Mercantile Steam Press, 1907, (Chapter XII), P-472.

[40] ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: سنڌي ٻولي جي تاريخ، ڪراچي، ڀارت جوتي پريس، 1941ع، ص-266.

[41] رحيم داد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص-791.

[42] محمد عمر دائود پوٽو ڊاڪٽر: ميرن جي ڏينهن ۾ مسلمانن جي تعليم، (مقالو)، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر، مورخه 15 جون 1936 ع، ص-111.

43 ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: سنڌي ٻولي جي تاريخ، ڪراچي، ڀارت جوتي پريس، 1941ع، ص-267-266.

[44] Burton, R.F.: Sind and the Races that in Habbit the Valley of the Indus, London, Oxford University Press, 1973, P-135.

[45] رحيم بخش ميمڻ: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا، حيدرآباد، آر-ايڇ احمد ائنڊ برادرس، 1967ع، ص-37.

46 رحيم بخش ميمڻ: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا، حيدرآباد، آر-ايڇ احمد ائنڊ برادرس، 1967ع، ص-47.

47 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي صورت خطي، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن، 1969ع، ص-32.

[48] رحيم بخش ميمڻ: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا، حيدرآباد، آر-ايڇ احمد ائنڊ برادرس، 1967ع، ص-50.

[49] B.L.Governer & R.R.Sethi: Studies in Modren India History, Bombay, S.Chand & Co., 1963, P-275-276.

[50] Muhammad Hamiadin Khan: History of Muslims Education, Karachi, Vol.II, All Pakistan Education Confrencem 1973, P-160.

[51] H.T.Sorley: Gazetter of West pakistan, Lahore,Govt: of Pakistan, 1968, P-183.

52 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي صورت خطي، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن 1969ع، ص-32.

[53] James C.Melvill, Scinde A copy of a Report of Sir George Clerk, Govt. of Bombay, 1948, P.P.15. Paras 68 & 69 Under the heading : “Sir George Clerk” Minute on Scinde.

[54] B.H.Aitken: Gazetteer of the Province of Sind, Karachi, Mercantile Steam Press, 1907, (Chapter XII), P-474.

55 لغاري عبدالڪريم: سنڌي ا-ب جي ارتقا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي. 1976ع، ص-89.

[56] Hughes A.N,: Gazetear of the Province of Sind, London, George Bell & Sons, 1874, P-31.

[57] H.F.L.T.Harrison: A Handd Book of Karachi, Karachi, Educational Printin Press, 1933, P-23.

[58] Dr.Azimushan Haider: History of Karachi, Karachi, 1974, P-26.

[59] J.W.Smyth: Gazeteer of the Province of Sind, Bombay, (B, Vol.II) Karachi District 1919, P-39.

[60] J.W.Smyth: Gazeteer of the Province of Sind, Bombay, (B, Vol.II) Karachi District 1920, P-28.

[61] Hughes A.N,: Gazetear of the Province of Sind, London, George Bell & Sons, 1874, P-345.

[62] J.W.Smyth: Gazeteer of the Province of Sind, Bombay, (B, Vol.III) Sukhur District 1919, P-33.

[63] H.F.L.T.Harrison: A Handd Book of Karachi, Karachi, Educational Printin Press, 1933, P-25.

[64] See:A Hand book of the Government Record: Karachi, Government Publication, 1933, P-40.

[65] See:A Hand book of the Government Record: Karachi, Government Publication, 1933, P-40.

[66] H.T.Sorley: Gazetter of West pakistan, Lahore, Govt: of West Pakistan, 1968, P-675.

[67] H.T.Sorley: Gazetter of West pakistan, Lahore, Govt: of West Pakistan, 1968, P-675.

[68] مذڪوره ڪتاب ۾ اهڙي قسم جو ڪافي مواد ملي ٿو، جنهن مان اهڙا ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(الف) “عطاڪ پنهنجي زندگيءَ جو احوال ٻڌائيندي هندستان جو ذڪر ڪري ٿو ۽ اتي بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ جو تاثراتي بيان ڪري ٿو. منهنجي سفارش تي، جو ان جي معرفت بادشاهه وٽ ويس. بادشاهه منهنجي ملڪ ۽ مسافريءَ بابت مون کان گھڻائي سوال پڇيا... هن عام رواجي ماڻهو کان ڪا وڌيڪ عقل جهڙي ڳالهه ڪانه ڪئي”. (نولراءِ آڏواڻي: راسيلاس، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص-46.)

(ب) عملاڪ يورپين جو ذڪر ڪندي راسيلاس کي ٻڌائي ٿو ته: “سائين هو (يورپي) وڌيڪ طاقتور ۽ سورهيه هئڻ ڪري وڌيڪ سياڻا آهن، جيئن انسان ٻين جانورن تي پنهنجو عمل هلائي ٿو، تيئن اڻ پڙهيل اياڻن تي عمل ٿو هلائي، پر انهن جي دانش اسان جي دانش کان ڇو وڌيڪ آهي، تنهن جو ڪو سبب آئون ڏئي نه ٿو سگھان، پر ڄاڻجي ٿو ته اها خدا جي خواهش آهي”. (نولراءِ آڏواڻي: راسيلاس، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص-59.)

69 پير الاهي بخش: “سنڌ ۾ تعليمي اوسر”، نئين زندگي، (سنڌ نمبر)، ڪراچي، جون، جولائي 1970ع،  ص- 140.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org