سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:6 

باب پنجون

سنڌ مدرسة الاسلام جو باني ۽ خيرخواهه

 

       انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته “سنڌ مدرسة الاسلام” سنڌ جي تاريخي ۽ علمي تحريڪ هئي، پر انهيءَ تحريڪ کي ڪامياب ۽ ڪامران بنائڻ ۾ ڪن شخصيتن جي بي لوث خدمت، قرباني، محنت ۽ جدوجهد جو وڏو ڪارڻ آهي. اهڙين شخصيتن جي آسانيءِ سان درجه بندي به ڪري سگھجي ٿي.

        پهرين درجي ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” جا باني اچي وڃن ٿا جيڪي هي آهن: خانبهادر حسن علي آفندي، مولانا الهه بخش اٻوجھو، خانبهادر نجم الدين، نورمحمد لالڻ، خانبهادر ولي محمد حسن علي، جناب علي محمد حسن علي، جناب علي ڀائي ڪريم جي، جناب صالح محمد عمر ڏوسل، جناب غلام حسين خالقڏنو ۽ شهزادو محمد يعقوب. انهن سڀني شخصيتن جي سرواڻيءَ جو سهرو خانبهادر حسن علي آفندي جي سر سونهين ٿو، پر جتي حسن علي آفندي جو ذڪر ڪبو، اتي مولانا الهه بخش اٻوجھي کي به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي.

        “سنڌ مدرسة الاسلام” کي مطالعي هيٺ آيل دور 1885ع کان 1947ع تائين ۾ ڪيترائي مخير حضرات به مليا جن ۾ سرسلطان محمد شاهه پرنس آغا خان، مير فيض محمد خان، مير آف خيرپور ميرس، نواب آف جھونا ڳڙهه، مير علي نواز خان ٽالپور، سيٺ محمد اسماعيل بمبئي وارو، سردار محمد يعقوب، نواب غيبي خان، وڏيرو ميان الاهي بخش ڀٽو، سيد الهندو شاهه، سيٺ يوسف علي “علي ڀائي”، سيٺ حاجي امام بخش جا نالا ذڪر لائق آهن.

        ان کان سواءِ “سنڌ مدرسة الاسلام جي ڪارڪردگيءَ ۾ پرنسپالن جو وڏو هٿ رهيو آهي، مطالعي هيٺ آيل دور ۾ مولوي عمرالدين، خانبهادر ولي محمد حسن علي، پرسي هائيڊ، ٽي - ايڇ - وائنس، خانبهادر ايس - ڊي ڪانٽريڪٽر، مسٽر مريد علي، مسٽر اي - ايم ميٿيوز، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، مسٽر هيريسن، مسٽر آءِ - واءِ سليمان، مسٽر غلام حسين سومرو ۽ ڪي - آءِ ٿامس شامل آهن.

        انهن بانين، مخير خواهه پرنسپالن کان سواءِ “مدرسه بورڊ” جا صدر ۽ سيڪريٽري به “سنڌ مدرسة الاسلام” جي تاريخ جو اهم باب آهن. 

        شخصيتن جي انهيءَ درجه بنديءَ کي ڌيان ۾ رکندي هن هيٺ ڪن شخصيتن جي زندگين جا احوال ڏجن ٿا.

باني:

خانبهادر حسن علي آفندي:

        حسن علي آفندي 14 آگسٽ 1830ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو[1]. سندس وڏا علمي فضيلت سبب آخوند سڏبا هئا، مٿن وقت جا حڪمران ڏاڍو مهربان هوندا هئا. حسن علي آفندي جو والد محمد احسان وڏو نيڪ ۽ نمازي شخص، عالم ۽ فاضل شخص هو[2]. حسن علي آفندي اڃا ابهم ٻار هو، جو سندس والد وفات ڪري ويو، تنهن ڪري سندس وڏي ڀاءُ ميان اميد علي کيس پاليو ۽ پڙهايو[3].

        حسن علي آفندي اڳوڻي وقت جي دستور موجب پهرين قرآن شريف ۽ فارسي علم پڙهيو. مختصر تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ راڄو نظاماڻي ڳوٺ لڳ جھرڪن ۾ دريا جي پتڻ تي ڏاڪ منشي ٿيو[4]. ڪجھه وقت کان پوءِ نوشهري ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ويهن روپين جي مختصر پگھار تي ڪلارڪ مقرر ٿيو[5].هن اتي پنهنجي هڪ ڪرسچن دوست کان انگريزي جي بنيادي تعليم ورتي، جنهن کان پوءِ کيس “انڊس فلائيٽلا” کاتي ۾ وڌيڪ پگھار تي ڪلارڪي ملي ويئي[6]. ان کان پوءِ هي صاحب ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر ٿيو[7]. هتي کيس نه رڳو اڳي کان چڱو پگھار ملندو هو، پر کيس اهڙو ماحول به مليو جنهن ۾هن کي وڪيل ٿيڻ جو شوق جاڳيو. مختصر عرصي ۾ قائدن ۽ قانونن جا ڪتاب پڙهي ورتائين ۽ اهڙو ته هوشيار ٿي ويو جو “ڊسٽرڪٽ ڪورٽ” جي وڏي جج مسٽر مڊلسن کيس امتحان کان اڳ ئي وڪالت جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي ڇڏيو[8]. وڪالت جي سند ملڻ کان پوءِ آفندي صاحب ڪجھه وقت حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.

        1843ع ۾ حسن علي آفندي 13 سالن جو نوجوان نينگر هو جو تاريخ پنهنجو پاسو بدلايو، انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڙائي لڳي ۽ ملڪ انگريزن جي گرفت ۾ اچي ويو. انهيءَ تاريخي حادثي سندس دل ۽ دماغ کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو، هو ٻالپڻي ۽ مسلمانن جي خوشحالي، علمي فضيلت، لياقت ۽ صلاحيت ڏسي چڪو هو. پر پاڻ جڏهن جواني تي پهتو ته پوري معاشري جو نقشو ئي بدلجي چڪو هو. هندو تيز رفتاري سان زندگيءَ جي هر هڪ شعبي تي قابض ٿيندا پي ويا ۽ مسلمان وري انهيءَ تيزيءَ سان پوئيتي پوندا ٿي ويا. انهن ڳالهين کيس قومي خدمت ڏانهن متوجهه ڪيو[9].

        خانبهادر حسن علي آفندي اهڙين حالتن کان متاثر ٿي پهريون دفعو 1880ع ۾ مسلمانن جي مفاد لاءِ “انجمن اسلام” نالي هڪ جماعت قائم ڪئي. پر مسلمانن جي بدخواهه وڏيرن، پيرن ۽ ٻين نام نهاد وڏن ماڻهن هن جماعت کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ۽ عهدن جي لالچ ۾ جماعت ۾ ڦيٽارو وجھي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ جڏهن هندن جي تحريڪ سان “سنڌ سڀا” نالي هڪ سماجي ۽ سياسي جماعت ٺاهي ويئي ته حسن علي آفندي انهيءَ ۾ شريڪ ٿي ملڪ ۽ ملت جي خدمت ڪندو رهيو[10].

        حسن علي آفندي 1881ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر ٿيو، فيبروري 1884ع ۾ حسن علي آفندي ٻيو دفعو مسلمانن جي مفاد لاءِ جماعت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ علامه مولانا الهه بخش اٻوجھي هن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. 16 مارچ 1884ع تي “مجمع محمدي” نالي هڪ جماعت ٺاهي ويئي[11]. جنهن اڳتي هلي سنڌ جي مسلمانن جي وڏي خدمت ڪئي جنهن جو پهريون صدر حسن علي آفندي پاڻ ٿيو. ساڳي سال “مجمع محمدي” طرفان سنڌ “مدرسه بورڊ” قائم ڪيو ويو جيئن سنڌ جي مسلمانن لاءِ اهڙو تعليمي انتظام ڪري سگھجي. جيئن اهي ديني تعليم سان گڏوگڏ دنيوي تعليم به حاصل ڪري سگھن. حسن علي آفندي انهيءَ بورڊ جو صدر مقرر ٿيو[12]. “مجمع محمدي” قائم ٿيڻ جي باوجود حسن علي آفندي “سنڌ سڀا” جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهيو. آڪٽوبر 1884ع ۾ “سنڌ سڀا” جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اِها رٿ آئي ته وقت جي وائسراءِ کي سندس ڪارنامن تي مبارڪون موڪلي ڏين. حسن علي آفندي انهيءَ رٿ جي مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي قومي ۽ غيرت توڙي انگريز دشمني جي ڀرپور ثبوت ڏنو. انهيءَ تي سندس ڏيارام گدومل سان سخت ڪلامي به ٿي ۽ ميڙ مان اٿي هليو ويو[13]. وري ڪڏهن به “سنڌ سڀا” ۾ شرڪت نه ڪيائين.

        خانبهادر حسن علي آفندي جي گھڻي ڪوشش کان پوءِ 1885ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” قائم ٿيو. انهيءَ جي افتتاحي جلسي جي صدارت ڪيائين[14]، مدرسي کلڻ کان پوءِ پاڻ رات ڏينهن مدرسي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪيائين. 1887ع ۾ مدرسي جي بلڊنگ جو “لارڊ ڊفرن” کان بنياد رکايائين[15].

        برطانيه سرڪار جي اِها پاليسي رهندي هئي ته ملڪ ۾ جيڪو به ماڻهو قومي خدمت، ذاتي لياقت ۽ صلاحيت سبب مقبول ٿيندو ويندو هو. ان کي خطاب ۾ لقب ڏنا ويندا هئا، ته جيئن اهي قومي هيرن جي قدرداني جو ڍونگ رچائي عوامي همدرديون حاصل ڪري سگھن. مرحوم حسن علي آفندي به گھڻو ڪجھه ڪري چڪو هو “سنڌ مدرسة الاسلام ” جو قيام ڪنهن به ڪارنامي کان گھٽ ڪونه هو. انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي 1888ع ۾ سرڪار کيس “خانبهادر” جو لقب ڏنو[16]. انهيءَ وقت ترڪي ۽ روس جي وچ ۾ جنگ ڇڙي پئي، جيئن ته ترڪي انهيءَ وقت خلافت جو مرڪز هئي. ان ڪري فطري طور تي سنڌ جي مسلمانن جون ترڪيءَ سان همدرديون وابسته رهيون.آفندي صاحب جنگ دوران سنڌ مان چندا گڏ ڪري ترڪ حڪومت ڏانهن موڪليندو رهيو. انهيءَ جي عيوض ۾ کيس 1889ع ۾ راڻي وڪٽوريا جي خاص اجازت سان ڪراچيءَ ۾ ترڪيءَ پنهنجو کيس سفير مقرر ڪيو[17]. ترڪي جي حڪومت کي نه رڳو حسن علي آفندي کي پنهنجي طرفان ڪراچيءَ ۾ سفير مقرر ڪيو[18]، پر 1900ع ۾ هن کي “مجيدي” تمغو ۽ “آفندي” لقب پڻ عطا ڪيو ويو[19]، 1891ع ۾ سنڌي جاگيردارن طرفان بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو[20].

        1895 جي شروعات ۾ حسن علي آفندي کي ڳچي ۾ ڳوڙهو ٿي پيو، گھڻي ڪوشش ۽ علاج جي باوجود به پاڻ صحت ياب نه ٿي سگھيو، ۽ 20 آگسٽ 1895ع مطابق 28 صفر 1313هه اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين[21]. سندس تاريخ وفات تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي قطع لکيو جو هن ريت آهي[22].

جہان اگر چہ سپنچی سر است و فانی ہست
خوشاکس
ی کہ بلند اخلاق طرف خود بربست
حسن عل
ی کہ بندھہ زبدھہ آفاق
زهنی زيادهہ اخلاق بود مست الست
دلير و صاحب دنيا و صاحب دين بود
بهيج مشکل ثمود همت خود پست
چو ديد قوم مسلمان فتادهہ اندر راهہ
بجد و جهد و بت گرفت اورا دست

وفا نہ کرد جهان بادي و وفات نمود
حسن عل
ی بخدا گفت هاتمغم پيوست
                         1313 هجری

مددگار:

مولوي الهه بخش اٻوجھو:

        مولانا جا وڏا اصل ضلعي ميانوالي جا ويٺل هئا. مولوي صاحب جو والد اتان لڏي اچي ضلعي سکر ۾ آباد ٿيو. الهه بخش اٻوجھو 1831ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد کيس عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏياري، ٻيون ٻوليون مولوي صاحب پنهنجي شوق ۽ مطالعي جي ذريعي سکيو.

        مولوي صاحب پهرين جنوري 1855ع ۾ فوجي ملازمت اختيار ڪئي، جتي 1874ع تائين ڪم ڪندو رهيو. انهيءَ سال سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن (Fulton) جي مدد سان اين-جي- وي هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران پاڻ وڏن انگريزي آفيسرن کي مشرقي زبانن جي تعليم ڏيندو رهيو[23].

        وقت جون حالتون هر باشعور انسان کي متاثر ڪن ٿيون. “اٻوجھو” صاحب به حساس دل جو مالڪ هو، هن محسوس ڪيو ته تنظيم ۽ اتحاد هر مسئلي جي حل لاءِ بنيادي مرحلو آهي. ان ڪري 1880ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جي ڀلي خاطر هڪ جماعت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر ڪن مطلبي ۽ عهدي پرستن کين انهيءَ ڪم ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو[24]. سنڌ جي سماج جو ڍانچو ئي اهڙو هو، جنهن کي اندرين طرف کان پير ۽ مير پٽي ڊوهي رهيا هئا، ته ٻاهرين طرف انگريز حڪومت رت چوسي رهي هئي. جيتوڻيڪ هنن مرد مجاهدن کي پهرين ڪاميابي حاصل نه ٿي ته پاڻ مايوس به نه ٿيا. ان ڪري وري 1884ع ۾ مسلمانن جي سڌاري لاءِ ٻيو ڀيرو جماعت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائون. جنهن لاءِ مولانا کي ٻه مهينا سخت محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پئي ۽ ماڻهن کي ذهني طور تي بيدار ڪرڻو پيو. مولانا صاحب هڪ طرف “مسدس اٻوجھو” نالي ڪتاب لکيو، ته جيئن پڙهيل طبقو بيدار ٿئي ۽ ٻئي طرف مختلف وقتن تي مختلف هنڌن تي وڃي تقريرون ڪيون. ته جيئن عام ماڻهو کي به هم خيال ڪري سگھجي. آخرڪار سندن ڪوششن رنگ لاتو ۽ مارچ 1884ع ۾ هڪ جماعت “مجمع محمدي” نالي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا[25]. جنهن اڳتي هلي نه رڳو “سنڌ مدرسو” قائم ڪيو پر “سنڌ محمدن ائسوسئيشن” جي روپ ۾ سنڌ جي مسلمانن جي حقن جي حفاظت به ڪئي. مولانا صاحب هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو[26]. مولوي صاحب “مجمع محمدي” کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سموري سنڌ جو دورو ڪيو ۽ مختلف هنڌن تي ان جو شاخون کوليائين[27].

        1885ع ۾ سنڌ مدرسي جي قائم ٿيڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن مخالفتون ڪيون. ايتري قدر جو مدرسي جي ديوارن تي “مدرسة الشيطان” ۽ “حسن علي وڪيل تجھي الله ڪري ذليل” جهڙا اخلاق کان ڪريل لفظ لکيا ويا انهيءَ مخالفت کي ختم ڪرڻ لاءِ “مدرسه معاون” نالي هڪ هفتيوار پرچو جاري ڪيو ويو، جنهن جو پهريون ايڊيٽر مولوي صاحب مقرر ٿيو[28].

        مولانا الهه بخش اٻوجھي سنڌ جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جهڙي ريت پنهنجي ذاتي مفاد کي ٺڪرائي ڇڏيو، ان جو مشڪل سان ئي مثال ملي سگھي ٿو. هتي سندس اهڙين  قربانين جا مثال ڏيڻ بي مقصد نه ٿيندا.

1.             پاڻ گورن صاحب لوڪن کي پاڙهيندو هو. جنهن ڪري نه رڳو کيس چڱي خاصي آمدني ٿيندي هئي، پر سندس اثر رسوخ به وڌي ويو هو. هو جيڪڏهن چاهي ها ته انهيءَ اثر رسوخ کي استعمال ڪري وقت جو امير انسان ٿي پي سگھيو، پر هن صاحب ائين نه ڪيو.

2.     1887ع ۾ بمبئي جي “ايلفنسٽن هاءِ اسڪول” ۾ کيس ماستري جي آڇ زيادهه پگھار تي ٿي. جيڪا هن “مدرسه بورڊ” جي استدعا تي ٺڪرائي ڇڏي[29].

3.     مولانا صاحب چئن ورهين تائين سال، سال جي موڪل وٺي “مدرسه بورڊ” ۽“معاون اخبار” جي خدمت ڪندو رهيو. جڏهن ائين مناسب نه ڄاتائين ته 1887ع ۾ ملازمت ڇڏي هڪ خيالو ٿي خدمت ڪرڻ لڳو[30].

1889ع ۾ جڏهن “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي جو پرشن ٽيچر مرزا عبدالحسين ملازمت ڇڏي ويو، ته مولوي الهه بخش کي مدرسي ۾ پرشن ٽيچر مقرر ڪيو ويو. جتي 1901ع تائين مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو[31].

     مولانا صاحب مشرقي ٻولين جو زبردست ماهر هو، کيس اٺ ٻوليون اينديون هيون، انگريزي ۾ جانسن جي “ڊڪشنري” برزبان ياد هوندي هيس، ۽ فارسي ۾ گلستان، بوستان پڙهائڻ وقت ڪڏهن به ڪتاب هٿ ۾ نه کنيائين. مولوي صاحب علم ادب سان گڏ اسلام جو شيدائي هو، 1892ع ۾ سندس ڪوشش سان ڪراچي شهر ۾ “محفل اتفاق الاسلام” قائم ٿي[32]. هن جماعت ورهين جا ورهه ڪراچي جي مسلمانن جي سماجي ۽ مذهبي خدمت ڪئي.

    مولوي الهه بخش اٻوجھو پهريون شخص هو، جنهن ڪراچيءَ ۾ مسلمان ڇوڪرين جي تعليم ڏانهن توجھه ڏنو. هن صاحب ڪراچيءَ ۾ غازي مسجد جي پٺيان زنانو اسڪول قائم ڪيو ۽ سندس نياڻي شاهه بيبي هن اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي مقرر ٿي[33]. پاڻ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڇهه سال نامزد ميمبر ٿي رهيو.

    انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مولوي الهه بخش اٻوجھي پنهنجي پوري زندگي مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ صرف ڪري ڇڏي هئي. “سنڌ مدرسة الاسلام” جي قائم ڪرڻ لاءِ هن مرد مجاهد وڏي جاکوڙ ڪئي. رجعت پسند قوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ “مسدس اٻوجھو” ڪتاب لکيائين ۽ مدرسي جي قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ هفتيوار “معاون” جي ذريعي مدرسي جي مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب لکي مدرسي جي ڪاميابي ۽ ڪامراني کي بلندين تي پهچائي ڇڏيائين.

    مولانا مرڻ گھڙي تائين بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو، سندس وفات سيپٽمبر 1901ع ۾ ٿي[34].

خيرخواهه:

سر مير فيض محمد خان:

        مير فيض محمد خان جي ولادت 1835ع ۾ ٿي ۽ پاڻ پنهنجي والد مرحوم مير علي مراد خان جي وفات کان هڪ هفتو پوءِ يعني 17 اپريل 1894ع تي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو[35]. مير صاحب کي گادي ورثي ۾ ملي، پر ملڪ جي انتظام هلائڻ جو کيس ايترو اختيار نه هو. حقيقت ۾ انتظام ۽ اختيار انگريز سرڪار جي هٿ ۾ هو ۽ انهن طرفان مقرر ڪيل وزير ملڪ جو ڪاروبار هلائيندا هئا.

        سڀ کان پهرين 1894ع ۾ مير صاحب جي منظوري سان انگريز سرڪار کيس خان بهادر قادرداد خان وزير مقرر ڪري ڏنو، 1903ع کان وٺي 1907ع تائين مير صاحب جي حڪومت جي واڳ هن وزير جي هٿ هيٺ رهي. انهيءَ جي وفات کان پوءِ 1907ع ۾ شيخ صادق علي کي وزير مقرر ڪيو ويو[36].

        مير صاحب جي دور جا اهي ٽئي وزير انگريز سرڪار جا آزمودگار نوڪر هئا ۽ انهن مير سرڪار جي سڀني کاتن ۾ نيون تبديليون آنديون ۽ رياست جي بندوبست کي انگريز سرڪار جي مرضي مطابق بڻايو.

        مير صاحب جي ايامڪاري ۾ ملڪ ۾ ڪافي ترقي ٿي. تعليمي سڌاري ڏانهن خاص توجھه ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اسڪول قائم ٿيا. ڪيترائي ٻيلا وڍرائي نيون آباديون ڪيون ويون. ڍل ۽ پيدائش جو بهتر بندوبست رکيو ويو. وڏا وڏا کوهه کوٽايا ويا. پُليون ٻڌايون ويون ۽رستا جوڙايا ويا. ان کان سواءِ رياست ۾ اسپتالون قائم ڪيون ويون ۽ پيادي پلٽڻ تيار ڪئي ويئي.

        مير فيض محمد خان جيڪا “سنڌ مدرسة الاسلام” جي خدمت ڪئي، تنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نٿو سگھجي. “سنڌ مدرسة الاسلام” جي مرڪزي عمارت جي اوڀر کان جڙيل ٻن مسجدن مان ڏکڻ واري مسجد مير صاحب جي ئي خرچ سان ٺهي هئي. هن مسجد لاءِ مير صاحب پنج هزار روپين جو چندو ڏنو هو[37]. هي مسجد شيعا شاگردن لاءِ 1895ع ۾ ٺهي راس ٿي.

        “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ انگريز پرنسپال جي آمد به مير صاحب جي خواهش سان ٿي. هن صاحب “سنڌ مدرسه بورڊ” کي اها آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن يورپي تعليم دان کي مدرسي جو پرنسپال بڻايو وڃي ته هو نه صرف ان لاءِ بنگلو ٺهرائي ڏيندو، بلڪ ساليانه پنج هزار روپيا به ڏيندو[38]. سندس انهيءَ خواهش جي تڪميل ۾ مسٽر پرسي هائيڊ (Percy Hide) کي مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ۽ 1898ع ۾ سندس ئي خرچ تي پرنسپال لاءِ بنگلو ٺهي راس ٿيو.

        “مدرسه بورڊ” سنڌي مسلمان شاگردن جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ “محمدن ايجوڪيشن فنڊ” (Muhammadan Education Fund) قائم ڪيو ويو هو. جنهن مان مدرسي جي شاگردن کي اسڪالر شپون ڏنيون ويون. مير صاحب انهيءَ فنڊ ۾ سٺ هزار روپين جو گرانقدر چندو ڏنو[39].

        مدرسه بورڊ جڏهن “حسن علي هائوس” ٺهرائڻ شروع ڪيو ته مير صاحب اها راءِ ڏيکاري ته جيڪڏهن “خيرپور هائوس” جي نالي سان شاگردن جي رهائش لاءِ “حسن علي هائوس” سان گڏ ڪا جاءِ جوڙائي ويندي ته خيرپور سرڪار ان جي خرچ جو گھڻو حصو برداشت ڪندي.

        “مدرسه بورڊ” اها آڇ وڏي خوشيءَ سان قبول ڪندي “حسن علي هائوس” جي ڀر ۾ “خيرپور هائوس” جي نالي سان هڪ جاءِ شاگردن جي رهائش لاءِ جوڙائي، جيڪا 1909ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ اڃا تائين موجود آهي. هن عمارت تي 22510-9-7 روپيا خرچ آيو[40]. انهيءَ خرچ جو اڌ حصو وقت جي سرڪار ڏنو ۽ ڇهه هزار پنج سؤُ روپيه مير صاحب ڏنا، باقي ڪجھه پئسا سنڌ جي سنڌي زميندارن ڏنا.

        مير صاحب جيترو وقت زندهه هو، مدرسي جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪندو رهيو. پاڻ ڪيترائي ڀيرا مدرسو گھمڻ آيو. ڪيترن ئي غريب شاگردن جي کاڌي جو خرچ مير صاحب طرفان ملندو رهندو هو، ان کان سواءِ وقت به وقت “پوئر بوائز فنڊ” (Poor Boys Fund) ۾ به مير صاحب مدد طور رقم ڏيندو رهندو هو.

        مٿين ڳالهين مان چٽيءَ طرح پتو پوي ٿو ته مير صاحب کي سنڌ واسين جي تعليم لاءِ ڪيڏو نه اونو هو، جو انهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ هزارين روپيا خرچ ڪيائين. مير صاحب جي اِها دلي تمنا هئي ته سنڌ جا ماڻهو زيادهه کان زيادهه تعليم جي زيور سان سينگارجن.

        مير فيض محمد خان نهايت رحمدل، نماڻو ۽ نرم طبيعت وارو انسان هو. پاڻ مروت، مهرباني ۽ خوش خلقي جو مجسمو هو، وڏو فارسي دان ۽ علم درست هو. سندس وفات 74 ورهين جي ڄمار ۾ 5 مارچ 1909ع تي ٿي[41].

سردار محمد يعقوب خان:

        سردار محمد يعقوب خان 14 اپريل 1858ع تي ڪراچي ۾ ڄائو[42]، سندس والد شيخ محمد اسماعيل فوجي کاتي جو رٽائرڊ ميجر صوبيدار هو، جنهن ڪيترن ئي جنگين ۾ بهرو ورتو ۽ انگريز حڪومت جي وڏي خدمت ڪئي.

        سردار محمد يعقوب پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪئي ۽ 1875ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوري سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو[43]. 20جون 1876ع تي ڪلارڪ جي حيثيت سان سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. نوڪري دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. جنهن ڪري کيس “مانجھند” جو تعلقي مختيارڪار مقرر ڪيو ويو[44]. پاڻ ڪجھه وقت لاءِ “ڪراچي” جي هڪ تعلقي جو به مختيار ڪار ٿيو، 1891ع ۾ کيس ترقي ڏيئي “ٿرپارڪر” جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو[45]. جلدي ئي پوءِ ڪراچي ۾ پليگ اچي پئي ۽ کيس اتي “چيف پليگ آفيسر” مقرر ڪيو ويو[46].

        سردار محمد يعقوب خان پنهنجي والد وانگر انگريز سرڪار جو هڪ وفادار ملازم هو. سندس ئي تعاون سان “ٿرپارڪر” جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر لوڪس (Mr.Lucus) “حُر تحريڪ” جي ٻن نامور ڪارڪنن بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جي خلاف مهم جوئي ڪئي[47].

        سردار صاحب کي 1897ع ۾ سرداريءَ جو لقب مليو ۽ 1900ع ۾ وري کيس سي-آءِ-اِي (C.I.E) جو خطاب مليو[48].

        پاڻ جڏهن جمڙائو ڪئنال جو ڪالونائيزيشن آفيسر هو ته رياست جي وزير خانبهادر قادرداد خان وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ کيس ميرفيض محمد خان جي حڪومت ۾ وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. سندس وزارت جي زماني ۾ خيرپور رياست ۾ ڪيترائي سڌارا آيا.هن جي ئي ڪوشش سان خيرپور ۾ انگريزي اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس قائم ٿيا، 1904ع ۾ کيس بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو[49]. جتي سنڌ واسين جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙيندو رهيو.

        سردار صاحب مسلمانن جو هڏ ڏوکي اڳواڻ هو. خاص ڪري انهن جي تعليمي ترقيءَ جو کيس اونو هوندو هو. اهوئي سبب هو جو هن پنهنجي وزارت واري دور ۾ خيرپور رياست اندر اسڪول جو ڄار پکيڙي ڇڏيو ۽ ان کان سواءِ سنڌ جي نامور تعليمي اداري ”سنڌ مدرسة الاسلام” جي به سار سنڀال لهندو هو.

        سردار محمد يعقوب “سنڌ مدرسة الاسلام” جي تعريف جوڳي خدمت ڪئي آهي. انهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. پاڻ مدرسي جي ڪيترن ئي لائق پر غريب شاگردن جي بورڊنگ جو خرچ برداشت ڪندو هو، 1904ع ۾ فري بورڊرن لاءِ ڏهه هزار روپيا ڏنائين[50]. ان کان سواءِ “پوئر بوائز فنڊ” (Poor Boys Fund) ۾ وقت به وقت پئسا ڏيندو رهندو هو. “سنڌ مدرسة الاسلام” جو رڪارڊ اڄ به شاهد آهي ته هن صاحب مدرسي جي انڊومينٽ فند (Indoment Fund) ۾ 21732-8-0 روپيا چندو ڏنو[51].

        اهو سندس خدمت ۽ محبت جو ئي نتيجو هو، جو سندس وفات کان پوءِ سندس نالي پٺيان مدرسي ۾ “سردار هائوس” ٺهرايو ويو.

        سردار محمد يعقوب هوشيار، ذهين ۽ جرئت وارو انسان هو، سندس لاڏاڻو 24 جنوري 1907ع تي ٿيو[52].

پرنسپال:

خانبهادر ولي محمد حسن علي:

        خانبهادر ولي محمد حسن علي جي ولادت 5 ڊسمبر 1860ع تي ڪراچي شهر ۾ ٿي[53]. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1879ع ۾ کيس بمبئي جي “ايلفنسٽن ڪاليج” ۾ ويهاريو ويو جتان 1882ع ۾گريجوئيشن ڪيائين[54]. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1883ع ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. پورا چار سال مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو، جنهن دوران شڪارپور هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر۽ مُلا اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رهيو.

        1885ع ۾ جڏهن “سنڌ مدرسة الاسلام” قائم ٿيو ته ان جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين مقرر ٿيو. ان جي مدرسو ڇڏي وڃڻ کان پوءِ 1887ع ۾ ولي محمد صاحب کي مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جتي هو 1897ع تائين رهيو[55]. سندس پرنسپاليءَ وارو زمانو “سنڌ مدرسي” جي تاريخ جو سونهري دور هو. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليمي انقلاب جو نعرو سندس والد خانبهادر حسن علي آفندي ڏنو. پر ولي محمد صاحب انهيءَ کي عملي روپ ڏنو. تتيءَ ٿڌيءَ ۾ هن مدرسي جي ڪاروان جي اڳواڻي ڪئي. هو پُر عظم پيءُ جو، پُر عظم ۽ مشڪل شڪن پٽ ۽ محنتي انسان هو، جنهن پنهنجي محنت سان مدرسي جي تاريخ کي نئون موڙ ڏنو. کيس اخلاق ۽ ڪردار ورثي ۾ مليا ۽ هن اهي ٻئي امانتون مدرسي جي فلاح و بهبودي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون.

        خانبهادر ولي محمد پرنسپاليءَ واري زماني کان وٺي 20 سالن تائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. 1898ع ۾ ولي محمد حسن علي وڪالت جو امتحان پاس ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتان هن 1915ع ۾ رٽائر ڪيو[56]. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ کيس سرڪار “خانبهادر” جو لقب ڏنو. 1916ع ۾ کيس اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو[57]. جنهن حيثيت ۾ آخري وقت تائين ڪم ڪندو رهيو.

        1924ع ۾ جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي وفات ٿي ته ولي محمد صاحب انهيءَ جي جاءِ تي ستن سالن لاءِ “ليجسليٽو اسيمبلي” جو ميمبر چونڊجي آيو[58]. 1926ع ۾ ڪراچي ضلع لوڪلبورڊ جو ميمبر ٿيو. ساڳي سال ڪراچي ڊسٽرڪٽ اسڪولس بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتي 1929ع تائين ڪم ڪندو رهيو[59]، 1931ع ۾ “سنڌ مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس” جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيائين[60] ۽ ڪيترائي سال “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جو جنرل سيڪريٽري رهيو.

        سندس وفات 14 فيبروري 1934ع تي اربع ڏينهن ڀان ۾ ٿي[61]. ولي محمد جيڪا سنڌ ۽ سنڌ واسين جي خدمت ڪيائين سا اڻ وسرندڙ آهي.   

صدر:

پير الاهي بخش:

        پير الاهي بخش ولد پير نواز علي جي ولادت 1897ع ۾ پير جي ڳوٺ تعلقي سيوهڻ ۾ ٿي[62]. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ڀان مان ورتائين، جنهن کان پوءِ 1919ع ۾ خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان  پاس ڪيائين[63].

          پير الاهي بخش اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ “علي ڳڙهه ڪاليج” ۾ داخلا ورتي، پر 1920ع ۾ قطع تعلقات جي تحريڪ هلڻ ڪري اتان ڇڏي آيو. ان کان پوءِ هن صاحب ڪجھه تعليم “جامعيه مليه” مان حاصل ڪئي. 1927ع ۾ وري علي ڳڙهه پڙهڻ لاءِ ويو جتان 1929ع ۾ ايم-اي ۽ ايل-ايل-بي جا امتحان پاس ڪري واپس وطن آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين[64].

        پير صاحب 1920ع کان وٺي سياست ۾ بهرو ورتو، 1927ع تائين “خلافت” ۽ “ڪانگريس” سان وابسته رهيو. 1937ع ۾ “سنڌ اتحاد پارٽي” ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، 1938ع کان سنڌ حڪومت ۾ مختلف کاتن جو هيٺين ريت وزير ٿي رهيو:

1938ع کان 1940ع تائين شهيد الهه بخش جي وزارت ۾  روينيو، تعليم ۽ مڪاني خود مختياري جو وزير ٿي رهيو[65].

1941ع کان 1942ع تائين شهيد الهه بخش جي وزارت ۾ آبڪاري، تعليم ۽ محنت، ٻيلا ۽ ڳوٺاڻي ترقي جو وزير ٿي رهيو[66].

1945ع کان 1947ع تائين، سر غلام حسين جي وزارت ۾، آبڪاري، تعليم، صنعت ۽ محنت، ٻيلا ۽ ڳوٺاڻي ترقي جو وزير ٿي رهيو[67].

1947ع کان 1948ع تائين، خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي وزارت ۾ تعليم، صحت، مڪاني خودمختياري جو وزير ٿي رهيو[68].

1948ع کان 1949ع تائين پاڻ سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ۽ پاڻ وٽ سياسي ۽ انتظامي امور، داخلا، قانون ۽ تعليم جا کاتا رکيائين[69].

        پير صاحب 1945ع ۾ “مسلم ليگ” ۾ شرڪت ڪئي ۽ 1946ع ۾انهيءَ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو[70]. 1948ع ۾ پاڻ جڏهن وڏو وزير ٿيو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪيو ۽ اردو جي تعليم لازمي ڪيائين[71]. پير صاحب 1953ع ۾ “متحد محاذ” ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو.

        جڏهن سنڌ کي ون يونٽ جو ڳٽ وڌو ويو ته پير صاحب 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ان کان پوءِ “ پاڪستان نيشنل پارٽي” ٺهي ته پاڻ ان جو ميمبر ٿيو ۽ 1958ع ۾ مارشل لا لڳڻ تائين ملڪي سياست ۾ حصو وٺندو رهيو[72].

سنڌ مدرسة الاسلام سان وابستگي:

        1937ع ۾ سنڌ جڏهن صوبي جي حيثيت حاصل ڪئي، ته “ سنڌ مدرسة الاسلام” به انهيءَ نئين سياسي ۽ انتظامي تبديليءَ جو اثر قبول ڪيو، مدرسه بورڊ جي “آئين” ۾ وقت ۽ حالتن مطابق نئين تبديليءَ آندي وئي هن کان اڳ سنڌ جا ڪمشنر “مدرسه بورڊ” جا صدر هوندا هئا، پر نئين تبديليءَ موجب سنڌ سرڪار کي اهي اختيار ڏنا ويا ته اها پنهنجي نمائندي کي “مدرسه بورڊ” جو صدر نامزد ڪري. پير الاهي بخش جيئن ته ان وقت تعليم کاتي جو وزير هو ان ڪري کيس 1939ع ۾ “مدرسه بورڊ” جو صدر مقرر ڪيو ويو، جتي هڪ سال تائين مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو[73]. ٻن سالن جي ناغي کان پوءِ 1948ع تائين پير صاحب “ مدرسه بورڊ” جو صدر ٿي رهيو.

        پير الاهي بخش جي صدارت جي زماني ۾ “سنڌ مدرسه بورڊ” اهم ڪارناما سر انجام ڏنا، جن مان “آرٽس ڪاليج” جو قيام به هڪ آهي، سندس ئي ڪوششن سان 1947ع ۾ “سنڌ مدرسه لا ڪاليج” قائم ٿيو. پاڻ جيترو به وقت رهيو اوترو وقت “سنڌ مدرسة الاسلام” جي بهتري ۽ بهبودي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سندس لاڏاڻو 8 آڪٽوبر 1976ع تي ٿيو[74].

سيڪريٽري:

حسن علي عبدالرحمان:

        حسن علي ولد عبدالرحمان جا وڏا اصل عربستان جا زبيري هئا، جيڪي لڏي اچي “هالا” سنڌ ۾ ويٺا[75]. حسن علي، مَئي 1907ع ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 19 اپريل 1917ع تي انگريزي جي پهرين درجي ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو[76]. جڏهن ٽئين درجي ۾ پهتو ته 15 جولائي 1919ع تي مدرسو ڇڏي وڃي سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. اتان پنجون درجو پاس ڪري وري 3 مئي 1923ع  تي  “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو جتان وري مئٽرڪ ڪلاس دوران 31 مارچ 1925ع تي مدرسو ڇڏي ويو. ٽن مهينن کان پوءِ وري اچي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ 1936ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[77]. ان کان پوءِ “مسلم يونيورسٽي” علي ڳڙهه مان بي-اي ڪري “ان آف ڪورٽ” لنڊن مان 1934ع ۾ بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪيائين.

        حسن علي عبدالرحمان بئريسٽر ٿيڻ کان پوءِ 1934ع کان 1939ع تائين آفريڪا ۾ رهي، اتان جي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو رهيو. 1939ع ۾ وطن واپس وريو ۽ انهيءَ سال کان اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين جتي 1956ع  تائين ڪم ڪندو رهيو. ساڳي وقت ساڳي سال کان وٺي مغربي پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ ۽ ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت به شروع ڪيائين. 1948ع کان وٺي “ڪراچي ميونسپل”، “ريس ڪلب” ۽ “چئمبر آف ڪامرس” جو ليگل ايڊوائيزر ٿي رهيو، انهيءَ سال “ڪراچي بار ايسوسيئيشن” جو صدر منتخب ٿيو[78].

        1952ع ۾ “پئرس” ۾ “يونيسڪو” جي سهاري هيٺ “انٽرنيشنل ڪانفرنس” ٿي جنهن ۾ حسن علي صاحب به شرڪت ڪئي، 1953ع ۾ پاڻ ٻيو دفعو “بار ائسوسيئيشن” ڪراچي جو صدر مقرر ٿيو، 1954ع ۾ لنڊن ۾ “ڪامن ويلٿ يونيورسٽي” ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شرڪت ڪيائين. 1959ع ۾ حسن علي صاحب ٽيون دفعو ڪراچي “بار ائسوسيئيشن” جو صدر مقرر ٿيو. ان کان ٻه سال پوءِ يعني 1961ع ۾ مغربي پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ جي “بار” جو صدر چونڊيو ويو 1963ع ۾ سنگاپور ۾ “ليگل ايڊيوڪيشن ڪانفرنس” ٿي، جنهن ۾ شرڪت ڪيائين ان کان هڪ سال پوءِ ساڳي هنڌ تي “ڪسٽمري لا ڪانفرنس” ٿي جنهن ۾ به شرڪت ڪيائين[79].

        حسن علي عبدالرحمان جي لياقتن صلاحيتن جي قدرداني ڪندي  ان وقت جي حڪومت کيس 27 سيپٽمبر 1964ع تي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو، جتي پاڻ 3 مارچ 1967ع تائين انهيءَ منصب تي ڪم ڪندو رهيو. ساڳي سال کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ پنهنجو قانوني مشير مقرر ڪيو، 1965ع ۾ بئنڪاڪ ۾ “انٽرنيشنل جيورسٽ ڪانفرنس” ٿي ۽ 1966ع ۾ سيلون ۾ “انٽرنيشنل جيورسٽ” سيمينار ٿيو. حسن علي عبدالرحمان انهيءَ ٻنهي موقعن تي شرڪت ڪئي[80].

        حسن علي صاحب کي 7 مئي 1971ع تي سنڌ يونيورسٽي جو ٻيهر وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جتي 8 نومبر 1972ع تائين پنهنجي فرض جي بجا آوري ڪندو رهيو. سندس وائيس چانسلري جي دؤر ۾ 4 مارچ 1967ع وارو واقعو سنڌي شاگرد تحريڪ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. “ان وقت جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٽڪا خان سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي سبجيڪٽ ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ئي پس منظر ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن سنڌ جي هن محب وطن وائيس چانسلر کي هٽائڻ لاءِ سازشون شروع ڪيون ته سنڌي شاگردن، مسرور حسن خلاف جدوجهد شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 مارچ جهڙو واقعو رونما ٿيو، ان شاگرد تحريڪ اڳتي هلي ون يونٽ خلاف قومي تحريڪ کي پڻ نئون رخ ڏنو”[81].

        حسن علي عبدالرحمان پاڪستان جي خارجي معاملن واري اداري جو خزانچي، پاڪستان ايجوڪيشنل سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ مدرسي ۽ ايس ايم لا ڪاليج بورڊ جو صدر پڻ رهيو. ايس ايم لا ڪاليج پاڻ پنهنجي ننڍي ڀاء ۽ جرميات (Criminology) جي مشهور وڪيل طفيل علي عبدالرحمان سان گڏ قائم ڪيائين. ان کان سواءِ پاڻ پاڪستان جو اٽارني جرنل، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن جو چيف جسٽس پڻ رهيو. حسن علي عبدالرحمان پهرين شادي حيدرآباد جي ضياءُالدين شيخ خاندان مان ڪئي ۽ ٻي شادي ڪراچيءَ مان ڪيائين. سندس اولاد مان ڊاڪٽر غزالا رحمان سنڌي ذريعه تعليم جي حوالي سان آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ هن وقت زيبيسٽ جي ذيلي اداري سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر آهي. سندس ٻي ڌي حميرا رحمان ايڪٽِوزم ۾ مشهوري ماڻي، جڏهن ته سندس ٽي ڌي شيري رحمان ٻي گھر مان آهي جيڪا سياستدان طور مشهور آهي کيس نومبر 2011ع ۾ آمريڪا ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويو هو. هي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل آهي. حسن علي عبدالرحمان 1986ع ۾ وفات ڪئي کيس ڪراچيءَ جي حسن اسڪوائر قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو[82].  

سنڌ مدرسة الاسلام سان وابستگي:

        حسن علي عبدالرحمان جو خاندان شروع کان وٺي “سنڌ مدرسة الاسلام” جي خدمت ڪندو آيو آهي. هن صاحب جو چاچو مولوي عبداللطيف مدرسي ۾ فقه ۽ قرآن جو استاد هو[83]. سندس ٻيو چاچو مسٽر عبدالجبار به ساڳي اداري مان تعليم حاصل ڪئي ۽ استاد جي حيثيت سان به خدمت ڪندو رهيو[84]. ان کان سواءِ سندس ڏاڏو حافظ محمود يعقوب 27 سالن تائين “سنڌ مدرسه بورڊ” جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو.

        حسن علي صاحب خود هن ئي اداري جي پيداوار آهي. مدرسي سان محبت هن صاحب کي ورثي ۾ ملي. پاڻ 1934ع ۾ تعليم مڪمل ڪري آفريڪا هليو ويو ۽ جڏهن 1939ع ۾ وطن واپس آيو ته ان وقت “سنڌ مدرسة الاسلام” جو انتظام مڪمل طور تي انگريزن جي ور چڙهي ويو هو. “مدرسه بورڊ” جا مکيه عهدا جهڙوڪ صدر، اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين ۽سيڪريٽري انگريزن جي قبضي ۾ هئا. جنهن ڪري کين پنهنجي من ماني ڪرڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿيندي هئي. ساڳي وقت مدرسي جو پرنسپال به انگريز هو، جيڪو اڪثر ڪري مدرسي کان غير حاضر رهندو هو، جنهن ڪري نه رڳو مدرسي جو انتظام درهم برهم ٿي ويو هو، پر تعليمي معيار کي به شيهو رسيو. حسن علي صاحب اِهو سڀ ڪجھه ڏسي برداشت نه ڪري سگھيو. مدرسي جي محبت هن صاحب کي ڪجھه ڪرڻ تي مجبور ڪيو[85].

        حسن علي صاحب “مدرسه امپروومينٽ بورڊ” (Madressah Improvement Board) ٺاهي. جنهن مدرسي جي پرنسپال خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ۽ نيٺ پرنسپال ۽ “بورڊ” جي صدر کي پنهنجن عهدن تان استعيفا ڏيڻي پئي.

        حسن علي عبدالرحمان 1939ع کان “مدرسه بورڊ” جو ميمبر نامزد ٿيو[86]. انهيءَ حيثيت سان 21 سالن تائين مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو. 1960ع کان 1976ع تائين “مدرسه بورڊ” جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. ايس-ايم آرٽس ڪاليج ۽ ايس-ايم لا ڪاليج سندس ئي ڪوششن جو نتيجو آهن. هي صاحب ايس-ايم لا ڪاليج جو پهريون پرنسپال مقرر ٿيو جنهن کي هن پنهنجي محنت ۽ لگن سان ملڪ جو واحد وڏو ۽ معياري لا ڪاليج بنائي ڇڏيو.

        انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته حسن علي صاحب پنهنجي سڄي زندگي هن عظيم اداري جي خدمت ڪندي گذاري. مدرسي جي هر ڏُک سُک ۾ هميشه شريڪ رهندي اداري جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ هر وقت ڪوشان رهيو. 


 

حوالا ۽ حاشيا


 

1 Nisar Hassanally Effendi: K.B.Hassanallay Effendi Bey Majidi, Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam, (Section-II), 1960, P-24.

2 مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، 1915ع، ص-11.

3 مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، 1915ع، ص- 14.

4 See: Sind Madressah Chronicle, Golden Jubilee, (Sindhi Section), Karachi, Sind Madressahtul Islam, 1935,
P-1.

[5] See: Sind Madressah Chronicle, Golden Jubilee, (Sindhi Section), Karachi, Sind Madressahtul Islam, 1935,
P-2.

6 مولانا قاضي عبدالرزاق: مرحوم حسن علي آفندي- سنڌ مدرسة الاسلام جو باني، نئين زندگي، ڪراچي، مئي 1960، ص-5.

[7]  مولانا قاضي عبدالرزاق: مرحوم حسن علي آفندي- سنڌ مدرسة الاسلام جو باني، نئين زندگي، ڪراچي، مئي 1960، ص-5.

8 ڪريم بخش خالد: خانبهادر حسن علي آفندي، (مقالو)، نئين زندگي،  ڪراچي، سيپٽمبر- آڪٽوبر، 1947ع، ص-56.

9 مولانا قاضي عبدالرزاق: مرحوم حسن علي آفندي- سنڌ مدرسة الاسلام جو باني، نئين زندگي، ڪراچي، مئي 1960ع، ص-5.

10 معلومات جناب نثار علي آفندي کان تاريخ 7 آڪٽوبر 1975ع تي ورتي ويئي.

11 مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجھو، حيدرآباد، سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص- 55 (حاشيو).

[12] Khawaja Ali Muhammad: History of sind Madressahtul Islam, Sind Madressah Chronicle, Golden Jubilee, Karachi, Sind Madressahtul Islam, 1935, P-8. 

13 پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي: راڄ رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر، حيدرآباد ديوان تاراچند شوقيرام، 1932ع، ص-19.

[14] See: Sind Gazette, Karachi, dated: 4th September, 1885, P-5.

15 ڏسو: سنڌ ۾ حڪومت برطانيه سنڌ جا ڪمشنر، الوحيد آزاد نمبر، مورخه 15 جون ، 1936ع، ص- 134.

16 مولانا قاضي عبدالرزاق: مرحوم حسن علي آفندي- سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جو باني، نئين زندگي، ڪراچي، جون 1960ع، ص-15.

[17] See: Sind Gazette, Karachi, dated: 4th September, 1885, P-5.

[18]  See: Sind Gazette, Karachi, dated: 4th September, 1885, P-15.

19 ڏسو: الوحيد آزاد نمبر، ڪراچي، مورخه 15 جون 1936ع، ص-160.

20 رحيم بخش ميمڻ: خانبهادر حسن علي آفندي، (مقالو)، اخبار تعليم، حيدرآباد، ٽريننگ ڪاليج فارمين، فيبروري 1965ع، ص-25.

21 مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، 1925ع، ص-51.

22 مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، 1925ع، ص-55.

23 هي معلومات محمد شاهه پٽ مولانا الهه بخش اٻوجھي جي لکيل مضمون عنوان “مولانا الهه بخش اٻوجھو” مان ورتي ويئي، جنهن جي ٽائيپ ٿيل ڪاپي راقم الحروف وٽ موجود آهي.

24 محمد صديق ميمڻ: مولانا الهه بخش صاحب جي زندگي جو مختصر احوال، مسدس اٻوجھو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص-2.

25 مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجھو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص-53 (حاشيو).

[26] Dr. Ansar Zahid: Muhammadan Association of Sind, Karachi, Daily Sun, dated: 18th April, 1976, P-9.

[27]Nisar Hassanally Effendi: K.B.Hassanallay Effendi Bey Majidi, Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam, (Section-II), 1960, P-56.

[28] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1888-1889, P-7.

[29] See: Resolution No:54, dated: 18th April 1886, of Minutes Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam, P-25.

[30] See: Resolution No:440, dated: 17th July 1887, of Minutes Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam, P-102.

[31] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1901-1902, P-6.

32 مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجھو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص -04، ديپاچو.

33 ڏسو: مهراڻ جا ماڻڪ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، سال؟، ص-13.

[34] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1901-1902, P-6

35 مرزا قليچ بيگ: رياست خيرپور، خيرپور، فيض پريس، 1924ع، ص-131.

36 مرزا قليچ بيگ: رياست خيرپور، خيرپور، فيض پريس، 1924ع، ص-135-136.

[37] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1894-1895, P-7.

[38] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1895-1896, P-5.

[39] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1894-1895, P-6.

[40] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1908-1909, P-15.

[41] See: Daily Gazette, Karachi, dated: 7th March 1909, P-3.

[42] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, November, 1925, P-18.

43 مرزا قليچ بيگ: خيرپور رياست، خيرپور، فيض پريس، 1924ع، ص-158.

[44] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, November, 1925, P-18.

45 مرزا قليچ بيگ: خيرپور رياست، خيرپور، فيض پريس، 1924ع، ص-158.

[46] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, November, 1925, P-18.

[47] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, November, 1925, P-18.

48 مرزا قليچ بيگ: خيرپور رياست، خيرپور، فيض پريس، 1924ع، ص-158.

49 مرزا قليچ بيگ: خيرپور رياست، خيرپور، فيض پريس، 1924ع، ص-158.

[50] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1904-1905, P-11.

[51] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1906-1907, P-15.

[52] See: Daily Gazette, Karachi, dated: 26th January, 1907, P-3.

53 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص-3.

54 بشير احمد ميمڻ: خانبهادر ولي محمد، روزانه سنڌ نيوز، حيدرآباد، مورخه15، فيبروري 1977ع، ص-3.

[55] Arif Shah C.Sayed: K.B.Wali Mohammad Hassanally Effendi, Platinum Jubilee Book, Karachi, Sind Madressahtul Islam, (Section-II), 1968, P - 29

56 مرزا قليچ بيگ: خانبهادر حسن علي آفندي جي سوانح عمري، 1925ع، ص-57.

[57] See: Who’s who, Karachi, Daily Gazette Press, 1932, P-38.

58 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص-214.

59 بشير احمد ميمڻ: خانبهادر ولي محمد، روزانه سنڌ نيوز، حيدرآباد، مورخه 15 فيبروري، 1977ع، ص-3.

[60] See: Who’s who, Karachi, Daily Gazette Press, 1932, P-38.

[61] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, March, 1934, P-1.

62 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص-250.

63 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص-250.

64 بشير احمد ميمڻ: پير الاهي بخش، (مضمون)، حيدرآباد، روزانه سنڌ نيوز، 8 آڪٽوبر 1988ع، ص-3.

65 ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، اطلاعات کاتو، 1972ع، ص-34.

66 ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، اطلاعات کاتو، 1972ع، ص-33.

[67] ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، اطلاعات کاتو، 1972ع، ص-34.

68 ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، اطلاعات کاتو، 1972ع، ص-35.

69 ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، اطلاعات کاتو، 1972ع، ص-35.

70 بشير احمد ميمڻ: پير الاهي بخش، (مضمون)، حيدرآباد، روزانه سنڌ نيوز، 8 آڪٽوبر 1975ع، ص-3.

71 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،1947ع، ص-254.

72 معلومات جناب پير عبدالرشيد پٽ پير الاهي بخش کان 18 نومبر 1977ع تي ورتي ويئي.

[73] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1939, P-40.

74 ڏسو: روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، تاريخ 9 آڪٽوبر ، 1976ع، ص-1.

75 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،1947ع، ص-191.

[76] See: General Register No: 3 of Sind Madressahtul Islam, G.R.No:

[77] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1926-1927, P-22.

78 معلومات جناب حسن علي عبدالرحمان کان انٽرويو وسيلي 25 آگسٽ 1976ع تي ورتي وئي.

79 معلومات جناب حسن علي عبدالرحمان کان انٽرويو وسيلي 25 آگسٽ 1976ع تي ورتي وئي.

80 معلومات جناب حسن علي عبدالرحمان کان انٽرويو وسيلي 25 آگسٽ 1976ع تي ورتي وئي.

81 فهميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر): سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جلد-4)، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2012ع، ص 350.

82 فهميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر): سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جلد-4)، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2012ع، ص 350.

[83] Hassanally A.Rahman: Those were the days, The Platinum Jubilee Book Karachi , Sind Madressahtul Islam, (Section-V), 1960,P-7.

[84] Hassanally A.Rahman: Those were the days, The Platinum Jubilee Book Karachi , Sind Madressahtul Islam, (Section-V), 1960,P-7.

83 معلومات جناب حسن علي عبدالرحمان کان انٽرويو وسيلي 25 آگسٽ 1976ع تي ورتي وئي.

[86] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1939, P-22.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org