29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:9   

سر سڪ Sir suk جو قلعو ببرخانه جي اتر-اوڀر واريءَ ڪنڊ تي لنڊي واهي جي هن پار آباد هو. سندس شڪل صورت ذري گهٽ همچورس آهي. اتر کان ڏکڻ ڊيگهه چار هزار پنج سو فوٽ  اوڀر کان اولهه منڍو ٽي هزار فوٽ آهي. ان ڪري سندس گهيرو پندرهن هزار ٽي سو فوٽ آهي، جيڪو ذري گهٽ ٽي ميل کن ٿيندو. ڏکڻ پاسي کان لنڊي واهي اٿس هن جي اڏاوت سرڪپ قلعي جهڙي آهي. قلعي جون ڀتيون پٿر جون آهن، جن کي ٻاهرئين پاسي کان گهڙي لسو ڪيو ويو آهي. ڀگتين جي ٿولهه ارڙهن فوٽ آهي ۽ هڪ سو ويهن فوٽن جي وٿيءَ تي همچورس چبوترا جوڙيل آهن. هنن چبوترن کي ڏاڍي ڌيان سان جوڙيو ويو آهي. سندس بنيلون وارا بار ٻاهرئين پاسي کان لهنوارا آهن. اهي اهڙيءَ خبرداريءَ سان تيار ڪيا ويا آهن جو سندن لهنوارو پاسو ڏاڍو لسو ۽ ترڪڻو آهي. ڏکڻ-اوڀر ڪنڊ تي ٺاهيل چبوترو مٿاهين پاسي تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو اندرئين پاسي واري مٿاڇري کان ڏهه فوٽ ۽ هيٺئين پاسي کان پنجويهه فوٽ اوچو ۽ واهي جي ڪناري مٿان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اولهه واري ڇيڙي ڏانهن پٿر نڪتل آهن، جيڪي اندرئين پاسي کان ٻه يا ٽي فوٽ مس مٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اوڀر ۽ اولهه واري پاسي کان قلعي جي ڀتين جا اڌ سلامت آهن، اتر واري ٻانهين ٻنهي ڪنڊن وٽ، ڪن دڙن کان سواءِ، ڊهي ناس ٿي وئي آهي. قلعي اندر ٽي ڳوٺ، ميرپور، ٽپڪيا Tupkia ۽ پنڊ آهن. ڀرسان ئي پنڊورا نالي ٿرڙ جو هڪ دڙو آهي، جنهن جيويڪر ڇهه سو فوٽ همچورس پٿرن مان جوڙيل آهي، جنهن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته اها ٻڌ ڌرم جي ڪا اسٽوپا يا ٽوپ اهي. ٽپڪيا ڳوٺ تي به ٿي سگهي ٿو ته ٽوپ جي ڪري اهو نالو پيو هجي. پنڊورا جي وڏي دڙي جي روپ مان وسهي سگهجي ٿو ته اها پنهنجي دور جي ڪا وڏي مهايانا هوندي. مون ٻه وڏا پٿر لڌا آهن جن ۾ ٺاهيل ناليءَ وسيلي مينهن جو پاڻي، اڱڻ جي چوڌاري ڏنل ڀتين کان ٻاهر نيڪال ٿيندو هو. اولهه پاسي  اٽڪل اڌ ميل جي پنڌ تي مٽيءَ جي دڙن جي هڪ قطار آهي، جيڪا ڏکڻ کان سر اتر وڃي ٿي، جنهن جي ڊيگهه ٻه هزار فوٽ کن ٿيندي. ان کان پوءِ اوڀر، اتر-اوڀر طرف موڙو کائي وڃي ٿي. هن کان پوءِ مذڪوره قطار جو سلسلو ڀڳل پٿرن جي روپ ۾ هلي ٿو، جنهن  جي ڊيگهه پنجٽيهه سو فوٽ ٿيندي. اتان موڙو کائي ٻارهن سو فوٽ ڏکڻ-اوڀر طرف نيٺ هلي سرسڪ قلعي جي اترين ٻانهينءَ سان ملي ٿي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهي قلعي کان ٻاهرين اڏاوتن جا کنڊر آهن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ لندي Lundi واهيءَ تي آباد هيون. اهڙيءَ ريت سرسڪ قلعي ۽ ان تي ٻاهرين اڏاوتن جو ڪل گهيرو ويهه هزار ٽي سو فوٽ يعني پنج ميل کن ٿيندو.

مون هن عظيم شهر جي ڌار ڌار حصن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جا ٿرڙ ڇهن ميلن تي پکڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پنجاب جي علائقي ۾ هيڏا وڏا ۽ گهڻيءَ ايراضيءَ ۾ پکڙيل ٻيا قديم ٿرڙ ڪو نه ملندا. سرڪپ جي شهر، هيٽاج قلعي، بير وارين اڏاوتن ۽ ڪچي قلعي جو ڪل گهيرو پوڻا پنج ميل ٿيندو. اهڙي ريت سرسڪ واري وڏي قلعي ۾ ٻاهرين اڏاوتن جي پکيڙ به گهڻيءَ ايراضي تي نظر اچي ٿي،  ٻنهي ماڳن جي ڌار ڌار پکيڙ شاهجهان جي دور واري دهلي جيتري آهي. ٻرشمون جي ڀرپاسي ۾ اسٽوپائن جو انگ ۽ پکيڙ، ان کان سواءِ اها ايراضي کان به گهڻو وسيع آهي. سنڌوءَ ۽ جهلم جي وچ تي ٻين ايراضين کان وڌيڪ هتان پراڻي دور جا سڪا ۽ قديم آثارن سان لاڳاپيل ٻيون شيون لڌيون ويون آهن، معلوم ائين ٿئي ٿو ته هي ماڳ ضرور ٽيڪسيلا شهر جو هوندو، جيڪو قديم موءرخن جي بيانن موجب سنڌوءَ ۽ جهلم جي وچ تي پنهنجي دور جو هڪ عظيم شهر هو. اسٽرئبو ۽ شين سئنگ جو بيان آهي ته هتان جي زمين ڏاڍي ڀلي آهي. شين سئنگ ته هن علائقي جي جهرڻن جي پاڻي ۽ ڪڙين ۽ ڪسين جو خاص ذڪر ڪيو آهي. اهو بيان تابرا واهيءَ جي اتر پاسي وارين زمينن سان سهمت آهي، جيڪي هارو نديءَ مان ڪڙيا ۽ ڪسيون کوٽي آباد ڪيون وينديون آهن. مان هن شهر جي سڃاڻ جون ثابتيون ۽ شاهديون توڙ پهچايون آهن، سن 1832ع ۾ برنس، هن علائقي مان لنگهيو هو. هن شاه ڍيري کان ٽي ميل اتر ۽ هارو نديءَ کان هڪ ميل ڏکڻ عثمان کتر Usman (Khara) ۾ پنهنجي وانڍ هنئي هئي. سندس بيان آهي ته مذڪوره ڳوٺ ان ماٿريءَ جي منهن وٽ ۽ ٽڪرين جي ڪڇ ۾ هو (186). سندس بيان اسٽربئو ۽ پليني سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. جن ٻڌايو آهي ته ٽيڪسيلا ميداني علائقي جي ان ٿاڪ وٽ آهي جتي جابلو علائقو اچي کٽي ٿو. عثمان کتر بابت برنس جو ذڪر هن ريت ملندو ته هتان جي وين ۽ ولهارن کي جبل جي جهرڻن جو صاف شفاف ۽ مٺو پاڻي ملندو آهي. سندس بيان جو پهريون ڀاڱو صحيح آهي. پر پوئين ڀاڱي ۾ ڏٺي وائٺي غلطي ڪري ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ڪڙيا ۽ ڪسيون هارونديءَ مان کوٽي ڪڍيون وينديون آهن. هن قديم شهر جي ٿرڙ جي ٻه ميل کن ڏاکڻين پاسي کيتيءَ جي پيچ ”لنڊي“ واهي مان ڪڙ يا ڪسيون کوٽي ڪئي ويندي آهي. پر پاڻيءَ  جو وڏو حصو هارو نديءَ مان حاصل ڪيو ويندو آهي. حقيقت اها آهي ته هن علائقي ۾ کيتيءَ جو سارو دارومدار هارونديءَ جي پاڻي تي آهي.

شين سئنگ جو بيان آهي ته ٽيڪسيلا جو گهيرو ٻه هزار لي يا ٽي سو ٽيٽيهه ميل آهي. اولهه کان سنڌو، اتر کان اراسا (Urasa) جو علائقو، اوڀر کان بهاٽ يا جهلم ۽ ڏکڻ ۾ سناپور اٿس. سناپور علائقي جي راڄڌاني نمڪ سر جي جابلو علائقي ۾ واقع هئي. ڏکڻ-اولهه پاسي کان ٽيڪسيلا علائقي جي حد ڪيٽاس (Ketas) ڀرسان سوهان (Suhan) نديءَ تائين پکڙيل هئي. ڏکڻ-اوڀر کان بڪرالا (Bakrala) ٽڪرين جو سلسلو اٿس. جيڪڏهن اسان گهٽ وڌ اُهي حدون قبول ڪريون ته سنڌوءَ وارو پاسو اسي ميل، جهلم وارو پنجاهه ميل، اتريون سٺ ۽ ڏکڻيون هڪ سو ويهه ميل ٿيندو. جوڙ ڪيو ته گهيرو وڃي ٽي سو ڏهه ٿيندو، جيڪو شين سئنگ جي ڏنل ماپ جيتروآهي.

ماڻيڪيالا (Mankyala)

ماڻيڪيالاجي اسٽوپا بابت اسا کي پهريون ڀيرو احوال ايلفن اسٽون جي سفر نامي معرفت مليو (178). ان کان پو3 جنرل وينچور (Ventura) ۽ جنرل ڪورٽ انهن پراڻن پڊن جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي. راجا ”ماڻ“ جو اصلي نالو راجا ماڻڪ (188) (Manik) آهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن مذڪوره اسٽوپا تعمير ڪرائي هئي. مان سمجهان ٿو ته هيءَ روايت سچي آهي. مان علائقي جي گورنر جيهونيا Jihoniya يا زيونيسس Zeionises پٽ ماڻيگل Manigal جو سڪو ۽ ان سان لاڳاپيل تبرڪ، شهر جي اوڀر پاسي هڪ ٽوپ مان لڌا هئا. قديم شهر کي ماڻڪ پور يا ماڻڪ نگر سڏيو وڃي ٿو. هن جوءِ سان هڪ ڏند ڪٿا مشهور آهي ته راسلو Rasalu نالي هڪ ماڻهو هو جنهن هتان جي رهواسين کي سرڪپ نالي راڪاس ۽ سندس ڪٺورپا کان ڇوٽڪاريو ڏياريو هو.

چيني ياترين مان ڪنهن به ماڻڪيالا جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي، پر هن ماڳ جي جاءِ وقوع جو بيان ضرور ڪيو اٿن. فاهيان جو بيان آهي ته ٽيڪسيلا کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي اوڀر ۾ هڪ اهڙو ماڳ آهي، جتي مهاتما ٻڌ پنهنجو سر بکايل چيتي کي ڏنو هو. (189). پر سنگ-يون هن ماڳ کي گنڌارا جي راڄڌاني کان اٺن ڏينهن جي پنڌ تي ڏکڻ-اوڀر طرف (190) ٻڌائي ٿو، جيڪو پشاور يا هشت نگر کان ماڻيڪيالا جو صحيح طرف فاصلو ۽ جاءِ وقوع آهي. شين سئنگ ٻڌ جي هن ڌڙ دان Brryo-ffering واري ٿاڪ کي ٽيڪسيلا کان ڏکڻ-اوڀر ٻه سو ، لي يا چوٽيهه ميل ٻڌائي ٿو (191). اهو شاه ڍيري کان ماڻيڪيالا تائين صحيح فاصلو آهي. پر سندس هيءُ بيان ته هو اوڏانهن ويندي سن-تو يا سنڌو اڪريو هو، سو غلط آهي. هو ضرور سوهان ندي اڪريو هوندو، جيڪا ٻنهي ماڳن جي وچان وهندي آهي (192)

مان ان ڌڙ دان Brryo-ffering واري وڏي اسٽوپا کي اهو ماڳ سمجهان ٿو، جنهن جي ڪورٽ کوٽائي ڪري کوجنا ڪئي هئي. (193) ان اڏاوت جي اندران هڪ لکت ملي هئي. جنهن مطابق هي اسٽوپا هند-سٿين گهراڻي جي مشهور راجا  ڪنشڪ پنهنجي حڪومت جي ويهن سال تعمير ڪرائي هئي. اها عيسوي سن جي اڳياڙي هئي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ماڻيڪيالا جو ماڳ پراڻو ۽ پنجاب جو مشهور معروف شهر هو. منهنجو خيال آهي ته هيءُ ٿاڪ وڏي شهر هجڻ کان وڌيڪ اسٽوپائن ۽ مهايانائن جو به ماڳ هوندو. جڏهن جنرل ائبٽ سن 1853ع ۾ ماڻيڪيالا جي اوسي پاسي کنڊرن جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي ته کيس ڪنهن شهبر جي ثابتي ڪانه ملي هئي. ٿرڙ، جن جي مٿان واري وري وئي هئي، هڪ وڏي ڳوٺ کان وڌيڪ ڪو نه هو.پٿرن تي ٿيل اڪر سونهن سنجهٽ مان ڀاسجي رهيو هو ته ان سڄي ايراضيءَ ۾ پٿر جي شاندار ٽڪ ٿيل هوندي (194) جنرل ڪورٽ 1834ع ۾ بيان ڪيو آهي ته ”شهر جا کنڊر هڪ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پٿر جون ڀتيون ڏاڍيون ويڪريون آهن. کوهن جو انگ به جهجو موجود آهي.“ هن ماڳ جي چڱيءَ ريت کوجنا کان پوءِ مان به جنرل ائبٽ جي خيال جي پٺڀرائي ڪريان ٿو ته اتي ڪنهن وڏي شهر جا نشان پتا موجود ڪو نه آهن. مان جنرل ڪورٽ جيان هن ڳالهه جو قائم آهيان ته اڪريل وڏا پٿر جيڪي چوڏس پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندا سي عاليشان ۽ وسيع مهايانائن جي تعمير ۾ ڪتب آندا ويا هوندا. اها به حقيقت آهي ته همچورس پٿرن مان ڳوٺ جا گهر به ٺاهيان ويا هوندا.  انهن تي اهڙي قسم جون ڇتيون به وڌيون ويون هونديون. انهن جي ڪڍڻ، گهڙائي ۽ ٽڪ به محنت ورتي هوندي. مذڪوره پٿر تمام گهڻا، تمام وڏا، وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهن ۽ ڪنهن وڏي شهر جي گهرن جي باقيات ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ماڻهن جي خيال موجب اتاهين ٽوپ جي اولهه پاسي راجا ماڻڪ جي محلات هئي. ڇاڪاڻ ته گچ گاري جا نشان به فقط هتي ملن ٿا. امڪان آهي ته ٽيڪسيلا جو گورنر هن مشهور اسٽوپا جي ياترا تي اچڻ وقت هن جاءِ ۾ ان وقت رهندو هو. ٿي سگهي ٿو ته هتي هزار يا پندرهن سو گهرن جو وڏو ڳوٺ هجي، جيڪو وڌندو اتر ڏانهن هليو ويو هجي ۽ ان سڄي پوٺي کي والاري ڇڏيو هجي، جنهن تي هاڻي ماڻڪيالا جو ڳوٺ آباد آهي. مان في گهر پنج سو فوٽ جي حساب سان ٻڌي ان ڳوٺ جو گهيرو هڪ ميل کان وڌيڪ ڪو نه ٿو سمجهان ۽ في ڪٽنب ڇهه ڀاتيءَ جي حساب  سان ليکو ڪري ڳوٺ جي آدمشماري ساڍا ٻارهن هزار ماڻهن جو اندازو ڪريان ٿو.

سڀئي ماڻهو هن ڳالهه تي متفق آهن ته شهر باه ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. سندن اها ڄاڻ روايتن تي ٻڌل آهي ته اهو سندن خيال آهي تنهن جو پتو ڪو نه ٿو پوي، پر ان حقيقت جي پٺڀرائي هن ڳالهه مان به ٿئي ٿي ته سڀني ڪريل جڳهن مان ڇار ۽ ڪوئلو مليو آهي. جنرل ڪورٽ جي کوٽائي ڪيل ٽوپ جي اتر پاسي وڏي مهايانا ڊٿل جڳهه جي کوٽائي ڪري ڏٺم ته معلوم ٿيو ته واقعي اها حقيقت هئي. مان ڏٺو ته ڪتب آندل گچ گارو باه جي ڪري ڪارو ٿي ويو هو ۽ پٿر سڙي ويو هو. جنتر جو ڪاٺ سڙي وڃڻ کان پوءِ چڱي ريت سڃاپرو هو. بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته مان تحقيق دوران اهڙي ڪابه شي نه لڌي جنهن مان دور جو تعين ڪري سگهجي ته ڪهڙي زماني ۾ هن وسنديءَ کي باه ساڙي رک ڪري ڇڏيو. پر تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن علائقي کي شين سئنگ جي اچڻ کان اڳ ڪشمير جي راجائن فتح ڪيو هو. تنهن ڪري امڪان اهو آهي ته هيءُ ماڳ مسلمانن جي تعصب جي ور چڙهڻ کان اڳ برهمڻن جي ساڙ ۽ ڪيني جو بک ٿي ويو هجي.

سنگهاپور يا ڪيٽاس Ketas

شين سئنگ جي بيان موجب سينگ-هو-پو-لو ho-pu-lo seng- يا سنگهاپور ٽيڪسيلا کان ست سو لي يا هڪ سو سترهن ميل ڏکڻ-اوڀر طرف هو. پارن پتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ماڳ سنگوهي آهي، جيڪو جهلم جي ڪنڌيءَ سان آباد آهي. ايم- ووين ڊي سئنٽ مارٽن امڪان ڏيکاريو آهي ته اهو سنگهاپور آهي، پر سنگوهي هڪ ميداني علائقي ۾ موجود آهي  جڏهن ته چيني ياتري جو هن شهر لاءِ بيان آهي ته اهو ٽڪريءَ تي مٿي اڏيل هو، جتي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. ڀرسان صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جا ڏهه تلاءَ ۽ چوڌاري مندر ۽ ڏيوريون آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته اهي ڪيٽاش يا ڪيٽاس جي پوتر جل جا تلاءَ آهن. سڄي هندستان مان ياتري ڪهي اچي هنن ماڳن جي ياترا ڪندا آهن. مان سمجهان ٿو ته ڪيٽاس لفظ سنسڪرت جي سوي تاواسا Swetavasa لفظ کان ٿورو مختلف آهي جنهن جي معنيٰ سفيد ويس White robe آهي.شين سئنگ ڌرم جي اهڙي فرقي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو سنگها ڀرسان رهندو ۽ سفيد ويس ڍڪيندو هو. هندستان جي اولاهن ملڪن ۾ جتي س Sw جو اچار ک Kh ۾ بدلجي سگهندو آهي، هن لفظ جو اچار کيٽا واسا Khet vasa ۽ پوءِ کيٽاس ۾ بدلجي (195) ويو. برهمڻ هن نالي کي پنهنجي ڌرم ڏانهن منسوب ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته هن شهر جوا صل نالو ڪئٽاڪشا Kataksha يعني وسندڙ اکيون Ralning Eyes هو. هندن جي ڪتابن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته جڏهن شو ديوتا کي پنهنجي پتني سٽيءَ Sati جي مرتئي جي ڄاڻ پئي هئي ته سندس اکيون وڏ ڦڙي جيان وسڻ لڳيون هيون. پر هن لفظ ڪيٽاڪش Ketaksh جي معنيٰ به مختلف آهي ۽ مذڪوره لفظ جي ڄاڻ به برهمڻ وٽان ئي حاصل ڪئي وئي آهي هن مامري ۾ لغت جي سهائتا وٺڻ وڌيڪ مناسب سمجهان ٿو، جنهن لاءِ مان اڳ ۾ ئي اشارو ڪري آيو آهيان ته ”سويتا واسا“ جي معنيٰ سفيد لباس آهي. ڏسڻ ۾   اچي ٿو   ته هي فرقو جين ڌرم جي سويتمبار  Swetanbara سان لاڳاپيل آهي، جيڪو سفيد لباس پائيندو هو. شين سئنگ هتي هڪ ٻئي فرقي جي رهڻ جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪو اگهاڙو رهندو هو، جنهن کي ڊگمبارا  Digambara سڏيو ويندو هو. اهو به جين ڌرم جو فرقو هو. چيو ويندو آهي ته سندن ڌرم سان لاڳاپيل ڪتاب به ٻڌ ڌرم جي ڪتابن تان نقل ڪيا ويا آهن. سندن ديوتا جو بت به مهاتما گوتم جي بت سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هي اچرج جهڙا تفصيل ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مذڪوره فرقو جين ڌرم سان واڳيل هو، جن جو ڌرم گهڻين ڳالهين ۾ ٻڌن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. سندن ديوتائن بابت ڏسندڙ ڌوڪو کائي ويندو آهي ته اهي مورتيون ڄڻ ٻڌ ڌرم وارن جون آهن.

ڪيٽاس نمڪ سر جبل جي اترئين پاسي پنڊ دادن خان کان سورهن ميل ۽ چڪوال کان ارڙهن ميل پري آهي. پر شاه ڍيري يا ٽيڪسيلا کان پنجاسي ميل ڏور ٿيندو. سنگهاپور ۽ ٽيڪسيلا جي وچ تي ست سو لي هڪ سوء سترهن ميل فاصلو ٻڌايو ويو آهي، جيڪو تمام گهڻو آهي. هن پنڌ موجب راڄڌاني ٽيهه ميل اڳتي ڏکڻ-اوڀر طرف ۽ ٽڪرين جي وچ تي ڪاٿي وڃي بيهاريندي. سنگهاپور لاءِ چيو ويو آهي ته اهو شهر مٿي ٽڪريءَ تي هو ۽ اتي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. آب هوا ٿڌي هوندي هئي. هن بيان مان اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته هي شهر نمڪ سر جبل جي ڏکڻ، ڏکڻ-اوڀر واري ڪنهن اتاهين چوٽيءَ تي يا بال ناٿ جي جابلو سلسلو جي اوڀر، ڏکڻ-اوڀر واري ڪنهن چوٽيءَ تي واقع هوندو (196). پر بال ناٿ سلسلي جي جابلو علائقي جي ڪنهن ٽڪريءَ تي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جا تلاءِ موجود ڪو نه آهن جن ۾ مڇي به هجي. ان ڪر شين سئنگ جي تلائن واري بيان کي نظر ۾ رکي، هن جاءِ کي سڃاڻڻ ۾ ماڻهو منجهي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن تلائن کي قديم زماني کان وٺي پوتر سمجهيو ويندو هو.

سنگهاپور علائقي جي راڄڌاني لاءِ چيو ويندو آهي ته انهن پوتر تلائن کان چاليهه يا پنجاهه لي يا ست اٺ ميل اتر-اولهه طرف واقع هئي. فاصلي ۽ ان جي جاءِ وقوع سان هڪ جهڙائي رکندڙ اهڙو ماڳ مون کي نظر ڪو نه آيو آهي، جنهن کي هن علائقي جي گادي سمجهي سگهجي. قديم زماني ۾ جنجوها (Janjhas) جي گاديءَ جو هنڌ مالوٽ (Malot) هوندو هو. پر ان جي جاءِ وقوع ڏکڻ –اوڀر  طرف آهي ۽ فاصلو به ٻارنهن ميل اٿس. پر جيڪڏهن اسان چاليهه پنجاهه لي بدران چار يا پنج لي پڙهون ته پوءِ اها راڄڌاني واري جاءِ، ڪوٽيرا (Kotera) جا ٿرڙ ٿي سگهي ٿي، جيڪي اولهه پار ٻه سو فوٽ اتاهين ٽڪري تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ مذڪوره ٽڪري چڙهڻ ۾ اڀڪپري ۽ ڏکي به آهي، جيڪا شهر ۾ مذڪوره تلائن مٿان اوچو ڳاٽ ڪيو بيٺي آهي. چيو ويندو آهي ته  هيءُ هڪ قديم شهر آهي. قلعو مٿي ٽڪريءَ تي به اڏيل آهي، جنهن جي ايراضي تيرنهن سو فوٽ ڊگهي ۽ ٽي سو فوٽ ويڪري آهي. هيٺ به قلعو اٿس، جنهن جي ڊيگهه اٺ سو فوٽ ۽ ويڪر ساڍا چار سو فوٽ آهي. ٻنهي قلعن جو ڪل گهيروساڍا ٽي هزار فوٽ آهي، جيڪومني ميل کان ڪجهه گهٽ ٿيندو. پر ڪيٽاس جو، موجوده دور جي شهر سميت (جيڪو درياءَ جي ٻنهي ڪنڌئين آباد آهي) ڪل گهيرو ٻه ميل ٿيندو. اهو شين سئنگ جي ٻڌايل گهيري کان گهٽ آهي، جيڪو سندس بيان موجب چوڏهن پندرنهن لي يعني اڍائي ميل هجڻ کپي. گهيري جي اختلاف کان سواءِ ٻين سڀني ڳالهين ۾ سندس بيان سان هڪ جهڙائي رکي ٿتو. مان سمجهان ٿو ته سنگهاپور جي راڄڌاني ڪيٽاس جو شهر مناسب معلوم ٿئي ٿو.

شين سئنگ (197) جو بيان آهي ته هن علائقي جو گهيرو ڇٽيهه سو لي يا ڇهه سو ميل اولهه پار کان سنڌو، اتر کان ٽيڪيسلا علائقي جو ڏاکڻون دنگ جنهن جي ڊيگهه هڪ سو ويهه ميل هئي. ڌکڻ پار کانجهلم، يا تاڪي Taki علائقي جي اترين سرحد يا پنجاب جو ميداني علائقو هو. تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هي علائقو نمڪ سر جي ڪڇ کان اڳتي پکڙيل ڪو نه هوندو ۽ سنڌوءَ واري پاسي جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ سٺ ميل هوندي. جهلم ڏانهن دنگ واري پاسي جي ڊيگهه پنجاهه ميل ۽ اتر ۽ ڏکڻ واري هر هڪ پاسي جي ڊيگهه هڪ سو ويهه ميل ٿيندي. اهڙي ريت گهيرو ساڍا ٽي سو ميل بيهي ٿو. هنن انگن اکرن ۽ شين سئنگ جي ٻڌايل فاصلي جي وچ ۾ موجود فرق کي هن ريت سمجهائي سگهجي ٿو ته پنجاب جو قديم ڪوه موجوده دور جي ڪوه جيان ننڍو هو، جنهن ۾ هڪ سڄو نو ڀاڱي ٻٽيهه ميل يا هڪ ميل ۽ ٻه سڄا هڪ ڀاڱي چار فرلانگ ڪوهه ۾ هوندا هئا. چيني ياتريءَ کي هن حقيقت جي ڄاڻ ڪانه هئي ۽ پنڌ جو فاصلو عام هندستاني پنڌ جي ماپ مطابق ٻه ميل في ڪوهه جي حساب سان ڪيو آهي. ان ڪري پنڌ جي ماپ جو ٽيون حصو کٽي پيو آهي ۽ اسان جي تيار ڪيل نقشن جي ٻڌايل فاصلي جي ذري گهٽ برابر وڃي بيٺو آهي. شين سئنگ اسان کي ڇٽيهه سو لي يا ڇهه سو ميل گهيرو ٻڌائي ٿو. ان جو جيڪڏهن ٽيون حصو گهٽائبو ته به چار سو پنجاهه ميل جو فرق آهي. هن چيني ياتري وٽ هن فاصلي جي انگن اکرن کي تصديق ڪري جاچي پرکي ڏسڻ لاءِ ڪي ذريعا به ڪو نه هئا. ٻيو ته علائقن جي دنگن جي ڊيگهه جو فاصلو اندازو ڪري مقرر ڪيو ويندو هو، تنهن ڪري علائقي جي گهيري جي بلڪل صحيح ماپ ٻڌائڻ ممڪن به ڪو نه هو. هن پنهنجو سفر رستي سان ڪيو هوندو ۽ ان کي ٻن ماڳن جي وچ تي ڪيل پنڌ کي پنهنجي نقطهء نگاه کان وقت ۽ منزلن سان ڪٿي ڏٺو هوندائين. هتي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنگهاپور جي حدن کي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. ٽسيڪيا Tsekia يا تاڪي Taki جي دنگ لاءِ به چيو ويندو آهي ته سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تائين پکڙيل هو. سنگهاپور جون حدون جيڪي مون ٻڌايون آهن، انهن کي جيڪڏهن ڪجهه اڳتي سرڪائبو ته ائين ممڪن  ئي ڪو نه ٿي سگهندو.

پونچا Puncha يا پونچ

شين سئنگ جو بيان آهي ته پونچا جو ماڳ ڪشمير کان ست سو لي يا هڪ سو سترهن ميل پري ڏکڻ طرف واقع هو (198). ڪشميري هن لفظ کي پنٽس Punats ڪري اچاريندا آهن ۽ چ Ch جي اچار کي نرم ڪري س جي اچار ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پنجابي پنچال کي پيرپنٽسال Pir Pantsal سڏيندا آهن. مور ڪرافٽ (199) Moor croft هن کي پرونچ Prunch يا پرونز pruntz ڪري اچاري ٿو. ڪشميري به هن کي ساڳي آواز سان اچاريندا آهن. جنرل ڪورٽ به هن لفظ کي پرونچ اچاريو آهي. ولفورڊ جو سروير مغل بيگ مرزا هن لفظ کي  پونجي Punje ۽ وائين Vigne پونچ اچاري ٿو. هنن ٻنهي ڄڻن پاڻ ڏوري وڃي هي شهر ڏٺو هو. نقشن وسيلي ، ڪشمير کان بارا مولا ۽ اري Uri رستي هن ماڳ تائين فاصلو پنجهتر ميل ٿئي ٿو، جيڪو رستي جي حقيقي فاصلي مطابق وڃي هڪ سو ميل بيهي ٿو (200).

شين سئنگ جو بيان آهي ته پونچ جي علائقي جو گهيرو ٻه هزار لي يا ٽي سو ٽيٽيهه ميل آهي، جيڪو سندس حقيقي گهيري کان ٻيڻو وڌيڪ آهي. اولهه کان جهلم، اتر پار کان پير پنچال وارو جابلو سلسلو، اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر کان راڄوڙيءَ جو ننڍڙو ملڪ آهي. هن علائقي جو گهيرو جنهن ۾ ڪوٽلي Kotali واري جوءِ به شامل آهي، ڪل هڪ سو ستر ميل آهي. جيڪڏهن اهو علائقو به هن ۾ شامل ڪيو وڃي، جتان پونچ نديءَ جو منهن آهي ته به سندس گهيرو ٻن سون ميلن کان ڪو نه وڌندو. پر هڪ ڳالهه جو ڌيان رکڻ ضروري آهي ته جابلو علائقي جي ماپ رستن وسيلي ڪئي ويندي آهي. تنهن ڪري هن علائقي جو رستي سان ڪٿيل گهيرو ٽي سو ميل ٿي سگهي ٿو.

ستينءَ صديءَ دوران پونچ تي ڪنهن به راجا جي حڪمراني ڪانه هئي، ۽ ڪشمير جو ڏن ڀرو هو. پوئين دور ۾ هن کي پنهنجو راڄ هو. بعد ۾ ڄمونءَ جي گلاب سنگهه مذڪوره حڪمران جي پوئينرن شير خان Shir Khan ۽ شمس خان کي قتل ڪري هن ننڍڙي علائقي کي ڪشمير سان ملائي ڇڏيو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org