29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:25   

شين سئنگ جو بيان آهي ته برهماپور ملڪ جو گهيرو 4000 لي يا 667 ميل آهي. (551) تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته آلڪ ندا ۽ ڪرنال ندين جي وچ وارو علائقو به هن ۾ شامل هوندو، جنهن کي هاڻي برٽش ڳڙهه وال ۽ ڪمائون سڏيو ويندو آهي. مذڪوره شهر گورکن جي ڪرنال نديءَ تائين پکـڙيل هوندو هو. نقشي جي ماپ مطابق هن علائقي جو دنگ 500 ۽ 600 ميلن جي وچ تي آهي جيڪو چيني ياتريءَ جي ڏنل ماپ سان ذري گهٽ هڪ جيترو آهي.

گوويسان يا ڪاشيپور

شين سئنگ جو بيان آهي ته مداور کان 400 لي يا 67 ميل ڏکڻ-اوڀر ڪيو-پي-شوانگ-نا-Kiu-Pi-Shawang-Na جو علائقو آهي. ايم جولين ان جي معنيٰ گوويسانا ٻڌائي ٿو. هن راجڌاني جو گهيرو 15 لي يا اڍائي ميل هو. اهو شهر تمام گهڻي مٿاهينءَ تي اڏيل هو. جنهن تائين پهچڻ ڏاڏو ڏکيو هو. چوڏس گهاٽا ٻيلا، پاڻيءَ جون ڍنڍون ۽ مڇيءَ جا تلاءَ هيس. (552) مداوار کان لکيل طرف ۽ فاصلي مان معلوم ٿئي ٿو ته گوويسانا مراد آباد جي اتر پاسي ويجهو اوڏو ڏسڻ گهرجي. انهيءَ پاسي خاص قديم ماڳ اجين ڳوٺ ويجهو هڪ قلعو آهي، جيڪو ڪاشيپور کان هڪ ميل اوڀر پاسي ٿيندو. جنهن سڻڪ سان مون سفر ڪيو، اهو ماڳ 44 ڪوه يا 66 ميل پري هو. في ڪوه جي ماپ جو اندازو مون بريلي ۽ مراد آباد جي وچ واري فاصلي مان لڳايو، جيڪو 59 ميل آهي جنهن لاءِ هتان جا ماڻهو چوندا آهن ته اهو 40 ڪوهه آهي، پر هي فرق ڪو ايڏو گهڻو ڪو نه آهي. آهيڇترا ڏانهن اڳتي ويندي ڪا شيپور جي جاگرافيائي بيهڪ وڌيڪ چٽي ٿي وڃي ٿيئ ان کان پوءِ مون کي ڄڻ پڪ ٿئي ٿي ته اجين ڳوٺ ويجهو قديم قلعو ئي گوويسانا Govisana وارو ماڳ آهي، جنهن کي شين سئنگ ڏٺو آهي.

هڪ پادري هيبر Heber (553) جو بيان آهي ته ڪاشيپور هندن جو مشهور تيرٿ آهي، جنهن کي ڪاشي نالي هڪ الله لوڪ ماڻهوءَ پنج هزار سال اڳ اڏيو هو. پادريءَ کي هن تيرٿ جي قدامت جي غلط خبر ڏئي ساڻس ڌوڪو ڪيو ويو آهي نه ته سڀني کي خبر آهي ته مذڪوره شهر هاڻوڪو آهي، جنهن کي ڪاشي ناٿ نالي ه ڪ ماڻهو سن 1718ع ۾ اڏيو هو، جيڪو ڪمائون علائقي جي چمپاوٽ Champawat جي رهاڪو راجا ديوي-چندرا جو چيلو هو. هن قديم قلعي کي هاڻي اجين ڪوٺيو ويندو آهي، پر جيئن ته هي ڀر واري ڳوٺ جو نالو آهي، تنهن ڪري امڪان اهو معلوم ٿئي ٿو ته قلعي جو نالو ماڻهو کان وسري ويو آهي. هن ماڳ کي ڪاشيپور جي آباد ٿيڻ کان ڪيتريون صديون اڳ ماڻهو ڇڏي هليا ويا هئا، پر درون-ساگر Dron-Sagar نالي پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ جي ياترا لاءِ ماڻهو اڃا به ايندا رهندا آهن. من هنجو ويچار آهي ته پاڻيءَ جي هن تلاءَ جو نالو قلعي جي نالي مٿان ڇائنجي ويو هوندو. اڄ به درون ساگر جو نالو ڪا شيپور جيترو ئي مشهور آهي.

اجين جي نالي وارو هي قديم قلعو پنهنجي بناوٽ ۽ شڪل صورت ۾ عجيب غريب آهي، جيڪو گٽار جيان پيو معلوم ٿيندو. سندس اوڀر کان اولهه پاسي ڊيگهه 3000 فوٽ ۽ ويڪر 1500 فوٽ کان ڪجهه گهٽ ٿيندو. شين سئنگ مطابق گوويسانا جو گهيرو 12000 فوٽ کان ٿورو گهٽ آهي. شين سئنگ گوويسانا 12000 فوٽ ٻڌائي ٿو، جيڪو ذري گهٽ اڍائي ميل ٿيندو. معلوم ٿئي ٿو ته هن ماپ ۾ ڀر واري ڏاکڻين دڙي کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو منهنجي انومان موجب مذڪوره قلعي جي ويجهو ڪا وستي آهي. هن دڙي جي شامل ڪرڻ سان ٿرڙن جو گهيرو 11000 فوٽن ک ان مٿي ٿي وڃي ٿو جيڪو منهنجي خيال موجب هن شهر جو قديم حصو آهي ۽ ذري گهٽ شي3ن سئنگ جي ٻڌايل ماپ سان ٺهڪي اچي ٿو. چوڏس گهاٽن وڻن جا ڪنج، پاڻيءَ جون ڍنڍون ۽ مڇيءَ جا تلاءَ آهن. وڻ به وڏا ۽ گهاٽا آهن. شايد اهو انهيءَ ڪري آهي جو ڍنڍن ۽ تلائن جو پاڻي پنج ڇهه فوٽ اونهو آهي. پاڻي جي گهڻائي ڪري ڍورا ۽ تلاءَ درون آهن ۽ سدائين تار لڳا بيٺا هوندا آهن. پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو تلاءَ درون-ساگر آهي. هن قلعي ۾ تلاءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي پنجن پانڊون ڀائرن درونا نالي سندن گروءَ لاءِ تعمير ڪرايا هئا. مذڪوره درونا وارو تلاءُ 600 فوٽ همچورس آهي. هن جي پاڻيءَ کي گهڻو پوتر ڀانيو ويندو آهي. جيڪي ماڻهو گنگا ياترا لاءِ سندس شروع ٿيڻ واري جاءِ تان ويندا آهن، سي اوٽ موٽ تي هيءُ تيرٿ به ضرور ڀيٽيندا آهن. ان جي وارياسن ڪنارن سان ستين جي آسٿانن جون اڏاوتون به ڏسڻ ۾ اينديون، جيڪي ڪنهن تاريخي دور سان واسطو رکن ٿيون. قلعي جي تعمير وڏي ڪارب جي سرن سان ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿ ي، جن جي ماپ اڍائي انچ، ڏهه انچ، پندرهن انچ آهي. سر جي اها ڊگهي تختي پراچينتا جو اهڃاڻ هوندو آهي. قلعي جي ڀت جي عام اوچائي 30 فوٽن کان ٿورو مٿي آهي، پر هاڻي سارو قلعو ڊهي ناس ٿي ويو آهي ۽ مٿان گهاٽي جهنگل کيس ڍڪي ڇڏيو آهي. ۽ اوڀر پاسي کان سواءِ. چوڌاري تانگهيون کڏون جان پيون ڏسجن. اندريون پاسو گهڻو هيٺ مٿانهون آهي. قلکعي وارو دڙو ڌرتيءَ جي عام مٿاڇري کان 20 فوٽ مٿي آهي. منجهس ٻن ڦاٽڪن جا نشان نظر اچن ٿا، جن مان هڪ اتر-اولهه پاسي ۽ ٻيو ڏکڻ-اولهه جهنگل واري پاسي ڏانهن آهي. اتان جي ماڻهن جي چوڻ مطابق اهي قلعي جا ڦاٽڪ هئا.

گوويسانا جي علائقي جو گهيرو 2000 لي يا 333 ميل آهي. هتان جي نه ته راجا جو نالو ٻڌايو ويو آهي، ۽ نه وري ملڪ جو نالو لکيو ويو آهي. امڪان آهي ته هيءُ علائقو مداوار جي راجا جو ڏن ڀرو هجي جنهن جو ذڪر آءُ اڳ ڪري آيو آهيان. هن علائقي جي اتر پاسي برهماپور، اولهه کان مداوار، ڏکڻ ۽ اولهه کان آهيڇاترا ڦري اچي ٿو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته موجوده دور وارا ڪاشيپور، رامپور ۽ ٻيلي ڀت جا علائقا ان ايراضيءَ ۾ شامل هوندا هئا ۽ اولهه پاسي رام گنگا کان وٺي اوڀر پاسي سارد Sarad يا گهاگهرا تائين ۽ ڏکڻ پاسي بريليءَ تائين پکـڙيل هوندو هو. انهيءَ دنگ سان مذڪوره علائقي جو نقشي جي سڌي ماپ مطابق گهيرو 290 ميل ۽ سڻڪ جي ڊيگهه مطابق 300 ميلن کان مٿي ٿيندو.

 

آهيڇاترا

 شين سئنگ گوويسانا ۾ ترسڻ کان پوءِ 400 لي يا 66 ميل ڏکڻ، اوڀر چي-تا-لو يا آهيڇاترا ڏانهن سفر ڪيو هو. (556) ڪنهن زماني ۾ هي ڏاڏو مشهور ماڳ هوندو هو ۽ منجهس قديم نالي آهيڇترا Ahichatra جي جهلڪ اڃا به نظر ايندي آهي، توڙي جو هن کي ناس ٿئي صديون گذري ويون آهن. هيءُ ماڳ حضرت عيسيٰ کان 1430 اڳ واري دور سان  واسطو رکي ٿو ۽ ان دور ۾ پنچالا ديس جي راجڌاني هوندو هو. سندس لکيل نالو آهيڪشيترا Ahikshetra ۽ ڪڏهن آهيڇاترا به نظر ايندو. پر هڪ ڏند ڪٿا موجب هڪ راجا آدي Raja Adi جڏهن ننڊ ۾ هو ته سندس مٿي تي هڪ نانگ ڇٽيءَ جهڙو منڊپ اڏيو هو. تنهن مان پتو پوي ٿو ته پويون ٻڌايل نالو صحيح آهي. هڪ راجا آديءَ تعمير ڪرايو هو. سندس مٿي تي ڦڻ سان نانگ پهري تي ويـٺل ڏسي، درونا اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته ڪڏهن هو ضرور بادشاهه ٿيندو. هن ماڳ جو جيڪو نالو ٽالمي لکيو آهي، تنهن مان پتو پوي ٿو ته اها ڏندڪٿا آدي راجا سان واسطو رکي ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ پهرين صدي عيسويءَ جي شروعات جيتري پراڻي آهي قلعي کي آدي ڪوٺي سڏيو ويندو آهي، پر ان جو وڌيڪ مشهور نالو آهيڇتر آهي.

مهاڀارت جي بيان موجب پنچال جو ملڪ هماليه جبل کان وٺي چمبل درياهه تائين پکڙيل هوندو هو. پنجال يا روهيکلنڊ کان اتر واري  علائقي جي راجڌاني آهيڇاترا هوندي هئي. پنچا چالي ڏکڻ واري علائقي يا گنگا دوآبي جي وچينءَ ايراضيءَ جي راجڌاني ڪامپليا Kampilya ۾ قائم هئي. ڪامپيل Kampil هاڻي بوڙهي گنگا جي ڪناري بدايون ۽ فرخ آباد جي وچ تي واقع ڏسڻ ۾ ايندي. مهاڀارت واري جنگ کان ٿورو پهريائين يا ان ئي دور ۾ پانڊون جي گروءَ پنچال جي راجا دروپد کي شڪست ڏني هئي. اهو دور حضرت عيسيٰ جي جنم کان 430 ورهيه اڳ وارو آهي. درونا اتر پنچال پنهنجي لاءِ رکيو، باقي ٻيو سڀ دروپد کي موٽائي ڏنو هئائين. احوال مطابق آهيڇاترا جو نالو يا آدي راجا ۽ نانگ واري ڏندڪٿا ٻڌ ڌرم کان به ڪنهن قديم زماني سان واسطو رکي ٿي.

هتي اسان کي اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻڌ ڌرم وارن ان ڏندڪٿا کي ڦيرائي پنهنجو ڪيو هوندو، عزت ۽ احترام خاطر پنهنجي مهان گروءَ ڏانهن منسوب ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي شين سئنگ جو به اهڙو بيان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شهر کان ٻاهر ناگ هردا Naga Harda يا نانگ تلاءَ آهي جتي مهاتما گوتم ٻڌ نانگ راجا جي فائدي ۾ ست ڏينهن اپديش ڏنو ۽ مهاراجا اشڪو (555) ان جاءِ تي اسٽوپا تعمير ڪرايو هو. هتي هاڻي فقط هڪ اسٽوپا سلامت نظر اچي ٿي، جنهن جو نالو چتر Chatr آهي. هن باري ۾ منهنجو ويچار آهي ته ٻڌ ڌرم وارن وٽ ڏندڪٿا آهي ته نانگ راجا ليٽي پيٽي نانگ بڻجي وڏي ڦڻ کولي مهاتما گوتم ٻڌ جي مٿي تي ويٺو هو. منهنجو اهو به ويچار آهي ته اسٽوپا ان ٿاڪ تي اڏيو ويو هو،  جتي راجا نانگ ليٽي پيٽي نانگ جي صورت اختيار ڪئي هئي، تنهن ڪري ان ماڳ تي آهيڇترا نالو پوڻ هڪ لازمي ڳالهه هئي. ان جهڙي هڪ ٻي ڳالهه ٻڌگايا Buhdagaya ۾ به ٻڌائي ويندي آهي ته ميوچلندا Muchalinda نالي هڪ راجا نانگ پنهنجي ڦڻ سان مهاتما گوتم کي ڍڪي مينهن کان بچايو هو، جنهن کي مارا Mara نالي دئت بدنيتي ڪري وسايو هو.

 شين سئنگ آهيڇاترا جو احوال تمام ٿورو ڏنو آهي. نه ته جيڪر ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل اهم قديم يادگارن جي خاطر خواهه ڄاڻ ملي وڃي ها. سندس ڏنل احوال مطابق راجڌانيءَ جو گهيرو 17 يا 18 لي يا گهٽ وڌ ٽي ميل آهي. ان جو بچاءُ سندس جاگرافيائي بيهڪ ڪري هو. منجهس ٻڌن جون ٻارهن مڙهيون Monasteries هونديون هيون، جنهن ۾ هڪ هزار ڀڪشو رهندا هئا. هندن جا مندر نو هئا، جن ۾ اسوار ديو Iswara (شو) جا ٽي سوء پوڄاري ٿي رهيا، جيڪي پنهنجي جسم تي خاڪ مليندا هئا. شهر ٻاهران نانگ تلاءَ وٽ موجود اسٽوپا جو ذڪر اڳي ئي ڪيو ويو آهي، ان جي ڀرسان ٻيو چار ننڍڙيون اسٽوپائون آهن، جيڪي انهن هنڌن تي ٺاهيون ويون آهن، جتي ٻڌ ڌرم جا مشهور فقير ويٺا يا گهميا هئا. آهيڇاترا جي پکيڙ ۽ جتي ٻڌ ڌرم جا مشهور فقير ويٺا يا گهميا هئا. آهيڇاترا جي پکيڙ ۽  آهيڇترا جي بيهڪ ۽ خاص ڳالهين سان ٺهڪي بيهي ٿو تنهن ڪري پورو يقين ٿئي ٿو ته اهو آهيڇاترا ئي آهي. موجوده صورت حال موجب هن ماڳ جو گهيرو 19400 فوٽ آهي، جيڪو ساڍا ٽن ميلن کام مٿي ٿيندو. سندس شڪل صورت ڏنگي ڦڏي گو0نيءَ ڪنڊ واري ٽڪنڊي آهي. اولاهون پاسو 5600 فوٽ، اتريون پاسو 6400 فوٽ آهي. ڊگهو پاسو ڏکڻ-اوڀر واري طرف کان اٿس، جنهن جي ڊيگهه 7400 فوٽ ٿيندي. هيءُ قلعو رام گنگا ۽ گاگهن Gaghan ندين جي وچ تي آهي. ٻئي نديون اڪرڻ ۾ اهنجيون آهن. پهرين ته ويڪري آهي ۽ ڪنارا وارياسا اٿس ۽ ٻيءَ جي پاسي ۾ وري اونهان گهارا آهن. ٻنهي جي اتر ۽ اوڀر واري پاسي واري جوءِ، پيريا ناله Piria Nala ڪري پهچ کان پري آهي. هي اڀڪپرو ۽ اونهون گهارو آهي. چوڏس پاڻيءَ جا وڏا تلاءَ پيا نظر ايندا. ڦيٿن واري سواري ته هتي هلي ئي ڪانه سگهندي آهي. هن علائقي ۾ اتر-اولهه واري پاسي لکنور Lakhnor کان سولائي سان پهچي سگهجي ٿو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪٽهيريا Katehiria راجپوتن جي راجڌاني هو، تنهن ڪري شين سئنگ جو بيان بلڪل صحيح آهي ته هيءَ علائقو فطري طور محفوظ آهي، آهيڇاترا، آوءنلا Aonla کان فقط ست ميل پري آهي، پر رستي جو پويون اڌ گاگهن نديءَ جي گهارن ڪري سفر جي لحاظ کان ڏاڍو ڏکيو آهي. آوءنلا کان اتر پاسي وڏي جهنگل هجڻ ڪري ڪٽهيريا راجپوت، فيروز شاه تغلق جي ڪاهه وقت بچي ويندا هئا. (556)

هن ماڳ کي پهريائين ڪئپٽن هاجسن Hadgson ڏوري وڃي ڏٺو هو، جيڪو حڪومت طرفان زمين جي سروي ڪري رهيو هو. سندس بيان آهي ته هتي ڪنهن قديم قلعي جا ٿرڙ آهن، جنهن جو گهيرو ميلن ۾ نظر اچي ٿو. منجهس 34 چبوترا آهن. هتان جا ماڻهو هن کي پانڊون جو قلعو سڏيندا آهن. مان به ان قلعي کي ڏوري وڃي ڏٺو هو. منهنجي ڳڻپ مطابق چبنوترن جو انگ 32 هو. امڪان آهي ته هڪ يا ٻه منهنجي ڳڻپ کان رهجي به ويا هجن، ڇاڪاڻ ته ان ٿاڪ تي ايڏو ته جهنگ اچي ويو هو جو قلعي جي نشانن تائين پهچڻ ئي مشڪل هو. مون ڏٺو ته ڏکڻ-اولهه ڪنڊ وارو اڪيلو برج ٻاهرينءَ سڻڪ کان 47 فوٽ مٿي هو. قلعي جي اندريئين ڀاڱي جي سراسري اوچائي 15 کان 20 فوٽ هئي. هاڻي نظر ايندڙ برجن مان ڪي قديم ڪو نه ٿي ڏٺا، ڇاڪاڻ ته ٻه سوء سال اڳ علي محمد خان هن قلعي جي مرمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انهي مقصد سان ته دهليءَ جو حڪمران جيڪڏهن کيس بيدخل ڪري ته انهيءَ قلعي کي پنهنجو مرڪز بنائي ڇڏي،. چيو وڃي ٿو ته هن قلعي جون نيون ڀتيون سوا گز کن موڪريون آهن. جڏهن مان هن قلعي جي چوٽيءَ تي وڃي ڏکڻ-اوڀر پاسي واري ڀت جي ماپ وٺي ڏٺي ته اها ٻه فوٽ نون انچن کان ٽن انچن تائين ويڪري نظر آئي، پوءِ ڏٺم ته ماڻهن جي ڳالهه سچي هئي. عام روايت اها آهي ته علي محمد خان هن تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا هئا. هيءَ ڳالهه کيس مهانگي پئجي رهي هئي تنهن ڪري ان کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. منهنجو ويچار آهي ته هن قلعي جي مرمت ۾ هڪ لک روپيا خرچ ڪيا ويا هوندا. قلعي جي ڏکڻ-اوڀر واري پاسي کان ونگ سان هڪ ڦاٽڪ آهي. سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها مسلمانن جي تعمير آهي، پر هتي نيون سرون ته نظر ئي ڪو نه ٿيون اچن، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مٿيان پئسا رڳو محنت مزدوريءَ تي کپايا ويا هوندا. چبوترن جي تري ۾ ڪٿي ويڪر 18 فوٽ، ڪٿي 14 فوٽ ته ڪٿي 15 فوٽ به آهي.

آهيڇاترا علائقي جو گهيرو 3000 لي يا 500 ميل هو. سندس هن وڏيءَ پکيڙ مان پتو پوي ٿو ته روهيلکنڊ جو اوڀاريو پاسو اترين ٽڪرين ۽ گنگا جي وچ تي آهي. هيءُ علائقو اولهه کان پيلي ڀت کان شروع ٿئي ٿو ۽ اوڀر پاسي گهاگرا جي ڪناري تائين خيرآباد وٽ دنگ ڪري ٿو. سڌيءَ ماپ موجب هيءُ دنگ 450 ميل ۽ سڻڪ جي فاصلي مطابق 500 ميل آهي.

 

پلوشانا

شين سئنگ آهيڇاترا کان ڏکڻ طرف 260 يا 270 لي يا 23 يا 25 ميل سفر ڪري گنگا پهتو. درياهه اڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ-اولهه ڏانهن رخ ڪري (557) پيلو-شان-نا Pilo-Shan-Na پهتو هو. هن جڏهن ڏکڻ پاسي سفر ڪيو هوندو ته آؤنلا، بدايون ۽ سورن Soron کان هيٺ سهاوار Sahawar ڀرسان ٻڍنگا ڏانهن اسهيو هوندو. اٽڪل چار سؤ سال اڳ اهي ٻئي ماڳ گنگا جي مکيه وهڪري سان هوندا هئڱا. ان کان پوءِ سندس سفر جو رخ ڏکڻ- اولهه طرف ٻڌايو وڃي ٿو. منهنجو ويچار آهي ته هن سهاوار ڀرسان ئي گنگا پار ڪئي هوندي، جيڪو آهيڇاترا کان سڌي سفر موجب 42 ميل پري آهي. مان هن جوءِ ۾ پهچي گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ پتو پيو ته هن علائقي ۾ سورون کان وڌيڪ ڪو آڳاٽو ماڳ نه آهي. شين سئنگ ڏکڻ_اولهه واري سفر جو ڪو فاصلو ڪو نه ٿو ٻڌائي. مان ويچاري هن نتيجي تي پهتو آهيان ته جنهن ماڳ جو هن پي-لو-شان-نا نالو لکيو آهي سو سورون آهي. مان پاڻ به سورون ڏٺي آهي. مون کي معلوم ٿيو ته اهو ماڳ نهايت آڳاٽي دور سان واسطو رکي ٿو، پر منهنجو خيال آهي ته چيني ياتريءَ هيءُ ٿاڪ ڪو نه ڏٺو هو. مان آترنجي-کيرا Atranji Khera تي محنت ڪرڻ کان پهريائين سورون بابت احوال اورڻ چاهيان ٿو.

 سورون ، گنگا درياهه جي الهندي يا ساڄي ڪٺار سان واقع هڪ وڏو شهر آهي. بريلي ۽ مٿرا ڏانهن ويندڙ وڏي سڻڪ به هتان مٽيندي آهي. هتي وشنو ديوتا، ورهيا اوتار Varaha Avatar جو روپ ڌاري هرڻياڪش Hiranyaksha کي قتل ڪيو هو. ان کان پوءِ هن ٿاڪ جو نالو مٽائي سڪار ڪشيترا Sukarakshetra يعني سوگڻ جو ٿاڪ Theplace of good deeds رکيو ويو. هن ماڳ جو اصلي نالو اڪال ڪـشيترا Ukala kshetra هو. قديم شهر جي جاءِ تي هاڻي دڙو آهي جنهن کي قلعي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي جنهن جي اتر کان ڏکڻ ڊيگهه هڪ ميل جي چوٿين پتي ۽ ويڪر ان کان ٿوري ٿيندي. هي ٿاڪ گنگا جي پراڻي پيٽ جي ڇڏيل واريءَ جي پيٽ تي آباد آهي. چيو ويندو آهي ته ٻه سئو سال کن اڳ گنگا هتان وهندي هئي. موجوده شهر دڙي جي ڏکڻ ۽ الهندي ۾ آباد آهي ۽ منجهس پنج هزار ماڻهو رهن ٿا. پراڻي دڙي تي هاڻي شيخ جمال جي مقبري ۽ سيتاران جي مندر کانسواءِ ٻي ڪابه وسندي ڪانه آهي. سارو دڙو وڏي ماپ جي سرن جي ٽوٽن سان ڍڪيل ڏسبو ۽ ڀتين جون پيڙهيون به چوڏس ڏسڻ ۾ اينديون. مذڪوره دڙو هڪ قلعي جو آهي جنهن لاءِ چوڏس ڏسڻ ۾ اينديون. مذڪوره دڙو هڪ قلعي جو آهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته صديون اڳ سورون جي راجا سوم دت Somadatta تعمير ڪرايو هو، پر شهر ان کان به قديم آهي ۽ هڪ ڏند ڪٿا راجا وينا چڪرورتي  Raja Venachakrvotti ڏانهن منسوب ڪئي ويندي آهي. هيءُ راجا اتر بهار، روهيلکنڊ ۽ اوڌ جي ڏند ڪٿائي ڪهاڻين ۾ گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

وڏي دڙي کي آتر جي کيرا جي نالي سان سڏيو ويندو آهي جيڪو ڪالي نديءَ جي ساڄي يا الهندي ڪناري ڪرسان Karsana کان چار ميل ڏکڻ ۽ ايٽا Eyta کان اٺ ميل اتر هڪ وڏيءَ سڻڪ تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. چيني ياتريءَ هن کي پي-لو-شان-نا Pi-Lo-Shan-Na سڏيو آهي. سورون کان پندرهن ميل ڏکڻ ۽ سنڪيسه Sankisa کان سڌو ٽيتاليهه ۾ رستي کان 48 کان 50 ميل اتر-اولهه ٿيندو. آئين اڪبريءَ ۾ اترنجي کي قنوج پرڳڻي ۾ سڪندر پور آتريجي Sikandor pur Atreji (448) جي نالي سان لکيو ويو آهي. هاڻي وري ان کي سڪندر آباد ڪوٺيو وڃي ٿو، جيڪا آترنجي جي سامهون ڪالي نديءَ جي کاٻي ڪناري آباد آهي. هن ڳالهه مان اهو معلوم ٿيندو ته آترنجي اڪبر جي دور تائين آباد رهندي آئي آهي. ان کان پوءِ هن پرڳڻي کي ڪرسان Karsana نالي سڏيو ويندو هو، پر هاڻي ان جو نالو سهاور ڪرسان Sahawor Karsan آهي. ڪڏهن ته ان کي وري رڳو سهاور سڏيو وڃي ٿو. شين سئنگ هن جو نالو پي-لو-شان-نا ٻڌائي ٿو، جنهن لاءِ ايم جولين جو خيال آهي ته اهو ويرسانا Virsana 1848ع ڌاران اشارو ڏنو هو ته پيل Pil ۽ ڪار ٻئي سنسڪرت جا لفظ آهن جنهن جي معنيٰ هاٿي آهي. تنهن ڪري ممڪن آهي ته اهي پيلوسان Pilosana ۽ ڪرسان ٻئي هڪ هجن، جنهن بابت مان اڳي ئي ٻڌائي آيو آهيان ته اهو آترنجي کيرا جي چار ميل اتر پاسي هڪ وڏو ڳوٺ آهي. ڪرسان کي مٿيون شهر سمجهڻ خلاف پهريون اعتراض ته اهو آهي ته هي ايترو پراڻو نـظر ڪو نه ٿو اچي. ڪي ماڻهو وري هن کي ديورا ڪرساد Deora Karsada به سڏيندا آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هتي ڪو مشهور بندر به هوندو هو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪرسان جو نالو آترنجي سان ائين ملايو ويو هجي، جهڙيءَ ريت اسان آئين اڪبريءَ ۾ سڪندر پور سان آتريجي جو نالو ڳنڍيل ڏسون ٿا. پيلوسان کي ڪرساڻ سمجهڻ هڪ انومان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه آهي. هن موـضوع تي اهڙي قسم جا اندازا لڳائڻ اجايو هوندو آهي. شين سئنگ هن ماڳ جو طرف ۽ فاصلو ٻڌايو آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته اهو سيرپور Sirpur جي اوسي پاسي هو، جنهن جي ڀرسان هاڻي پيل ڪوني Pilkuni پيل ڪومي Pilkomi آهي، جنهن کي اسان جي نقشن ۾ پيلو کوني Pilukhoni لکيو ويو آهي. هيءُ ٿاڪ ايڏو اهم به ڪو نه آهي پر ان کي هڪ ننڍي کيرا يا دڙي تي به ناز آهي جنهن جو گهيرو سين سئنگ جي ٻڌايل ٻن ميلن جي گهيري جي چوٿين پتي مس ٿيندو. جيڪو هن پيلوسان شهر جو ٻڌايو آهي پر هن جي فائدي ۾ ٻه سگهارا سبب ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پهريون سبب سندس جاگرافيائي بيهڪ آهي، جيڪا چيني ياتريءَ جي سفرنامي مطابق هن جي طرف ۽ فاصلي سان سهمت آهي. ٻيو سبب سندس نالي جي هڪ جهڙائي آهي ۽ ش ۽ ک جو اچار هڪ جهڙو هوندو آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ـشين سئنگ جي پلوشان Piloshana جو عام اچار پلوکان Pilokhan آهي.

مان آترنجي کيرا کي پلوشان ان ڪري سمجهان ٿو جو هن علائقي ۾ سورون کان سواءِ ٻي اهڙي آڳاٽي ۽ وڏي وستي ڪانه آهي. اها به حقيقت آهي ته سنڪيسا جو موجوده فاصلو چيني ياتريءَ جي ٻڌايل پنڌ کان ڪجهه وڌيڪ آهي. شين سئنگ موجب اهو فاصلو ٽيٽيهه ميل آهي جڏهن ته هيءُ فاصلو 45 ميل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر طرف بلڪل صحيح آهي. ممڪن آهي ته شين سئنگ جي ٻڌايل فاصلي ۾ غلطي هجي. منهنجو ويچار آهي ته قديم پلوشان کي آترنجي کيرا سمجهڻ وڌيڪ مناسب آهي. هنن ٻنهي ماڳن جي هڪ جهڙائيءَ ۾ فرق فقط فاصلي جو آهي. شين سئنگ هيءُ فاصلو 33 ميل ٻڌائي ٿو جڏهن ته سڌو فاصلو 43 ميل ۽ رستي سان پنڌ 48 يا 50 ميل آهي. مان مٿي فاصلي جي غلطيءَ جي امڪان ڏانهن اشارو ڪري آيو آهيان پر جيڪڏهن يوجنا جي ماپي مطابق فاصلي جي ماپ ڪبي ته اهو پنڌ ذري گهٽ وڃي پورو بيهندو. شين سئنگ جو چوڻ آهي ته چاليهه چيني لي هڪ يوجنا جي برابر آهن پر روهيلکنڊ جا پراڻا يوجنا دو آبي جي وچين علائقي جي يوجنا کان مختلف آهن. جهڙيءَ ريت اڄ ٻنهي جي ڪوهن جي ماپي ۾ فرق ڏسڻ ۾ ايندو آهي. يعني روهيلکنڊ جو هڪ ڪوه ڏيڍ ميل جو هوندو آهي ۽ ٻنهي جي ڪوه ۾ اڌ ميل جو فرق آهي. اهـڙي ريت هر هڪ يوجنا تي ٻن ميلن جو فرق ٿئي ٿو. مٿي بيان ٿيل پوئين علائقي جو ميل ٽيون حصو وڏو آهي. جيڪڏهن اسان اهو فرق شين سئنگ جي ٻڌايل فاصلي کان 200 لي يا 33 ميلن ۾ جوڙ ڪنداسون ته ڪل جوڙ 44 ميل ٿيندو، جيڪو نقشي جي سڌي فاصلي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. مان هن ڳالهه جو قائل آهيان ته شين سئنگ جي ڏنل فاصلي ۾ غلطي جو امڪان آهي. شين سئنگ سنڪيسا ۽ قنوج جي وچ ۾ به ساڳيو فاصلو 200  لي ٻڌائي ٿو. ٻئي فاصلا هڪ جيترا آهن. سنڪيسا قنوج ۽ آترنجي جي بلڪل وچ تي آهي. منهنجي ماپ مطابق پويون بيان ڪيل فاصلو رستي سان پنجاهه ميل آهي. اڳيون فاصلو به سڻڪ جي پنڌ مطابق ايترو ئي ٿيندو. تنهن ڪري مان امڪان هن ڳالهه جو سمجهان ٿو ته ٻئي فاصلا 200 لي بدران 300 لي يا 50 ميل هئڻ گهرجن. مان پنهنجي هن بيان جي فائدي ۾ اڳي چيني ياتريءَ فا-هيان Fa-Hian جو ڏنل فاصلو پيش ڪيانٿو جنهن جو بيان آهي ته سنڪيسا کان قنوج تائين ست يوجنا يا 49 ميل فاصلو آهي. (559) شين سئنگ پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته هڪ يوجنا ۾ چاليهه لي آهن. ان حساب سان به اهو فاصلو 280 لي ٿئي ٿو پر فاهيان اڌ يوجنا ڪو نه لکيو آهي جيڪو 20 لي جي برابر آهي. ان حساب سان  ڪل فاصلو 20+280= 300 لي يا پنجاهه ميل ٿئي ٿو.

 شين سئنگ جي قلمبند ڪيل ٻنهي فاصلن ۾ موجود فرق جو سبب ڪهڙو آهي؟ اها به پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي. پر هيءَ ڳالهه به اهميت کان خالي ڪانه آهي ته سنڪيسا جو ٿاڪ قنوج ۽ پيلو-شان-نا جي وچ تي هو جهڙيءَ ريت اسان اڄ ان کي قنوج ۽ آترنجي جي بلڪل وچ تي ڏسون ٿا. جيڪڏهن اسان انهيءَ سڃاڻ کي هن حقيقت سان ڳنڍيون ته هن علائقي ۾ آترنجي ئي هڪ اهڙو آڳاٽو ماڳ آهي، جنهن طرف شين سئنگ اشارو ڏنو آهي، ته اسان هن کانسواءِ ڪنهن ٻئي نتيجي تي پهچي ئي ڪو نه ٿا سگهون ته اهو جهونو ٿاڪ پيلو شان-نا کان سواءِ ٻيو ٿي ئي ڪو نه ٿو سگهي. هن دڙي جو هيٺ تري ۾ گهيرو 3250 فوٽ گهرو آهي، جيڪو ٻن ميلن کان ڪجهه مٿي ٿيندو. سندس اوچائي پوڻا پنجيتالهه فوٽ ٿيندي پر ڀتين جي پيڙهين جي ننڍن ۽ سروٽن جي ڍيرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر ڪو نه ايندو. چيو وڃي ٿو ته پيلوشان جي علائقي جو گهيرو 2000 لي يا 333 ميل ٿيندو. منهنجو ويچار آهي ته اهو فاصلو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. سندس چوڌاري موجود علائقن جي نقطه نگاهه کان سواءِ گهيري کي هن ريت فيروزآباد تائين به گنگا نديءَ جي ڪناري سان موجود شهر قادر گنج تائين سندس ڪل گهيرو 250 ميل ٿي سگهي ٿو.

 

سنسڪيسا Sankisa

هيءُ شهر پيلوشان ۽ قنوج جي وچ تي واقع هو، جنهن تي مٿي به بحث ڪري آيا آهيون. چين جي ٻنهي ياترين هن شهر جو نالو سئنگ-ڪيا-شي Sang-Kia-She جي هجي ۾ لکيو آهي. هن جو اچار موجوده دور جي شهر سنڪيسا سان هڪجهڙائي رکي ٿو. سنسڪرت ۾ سندس نالو سنگڪسيه Sangkasya آهي. شين سئنگ هن ٿاڪ جو نالو ڪيا-پي-ٿا Kia-Pi-Tha  لکيو آهي. جنهن جو مان ڪو به نشان پتو لهي ڪونه سگهيس. سنڪيسا ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل هڪ مـشهور ماڳ آهي، ڇاڪاڻ ته چيو ويندو آهي ته هتي مهاتما گوتم ٻڌ سون ۽ جواهرن جي ڏاڪڻ وسيلي اندرا ۽ برهما ديوتائن سان گڏ ترايا سترينسا Trayastrinsa کان هيٺ لٿو هو. (560) هڪ عجيب و غيرب ڏند ڪٿا اها به ٻڌائي ويندي آهي ته مهاتما ٻڌ جي ڄمڻ کان ستين ڏينهن سندس ماءُ مايا به مري وئي ۽ ترانا سترينا سرڳ ڏانهن هلي وئي جتي ٻيا به 33 ديوتا رهندا هئا، جن مان مکيه اندرا ديوتا هو. ٻڌ ڌرم جي قانون ۽ ضابطن جو ٻڌي ماءُ کي ديوتائن جي هن ماڳ تي رهڻ جي اجازت نه ملي. جڏهن اها خبر مهاتما ٻڌ کي پئي ته هو ترايا سترينا سرڳ ڏانهن مٿهي ويو ۽ پنهنجي ماتا جي فائدي ۾ ٽن مهينن تائين پرچار ڪندو رهيو، تنهن کان پوءِ هو ٽن ڏاڪڻين جي مدد سان اندرا ۽ برهما ديوتا سان گڏجي هن ڌرتيءَ تي لٿو. انهن مان هڪ ڏاڪڻ هيرن جواهرن مان، ٻي سون مان ۽ ٽين چانديءَ مان جوڙيل هئي. فا-هيان جي بيان موجب ٻڌ واري ڏاڪڻ ستن قيمتي شين مان ٺهيل هئي يعني هيرن جواهرن ۽ سون چانديءَ جي هئي. برهما ديوتا سندس ساڄي پاسي هو. هو چانديءَ جي ڏاڪڻ وسيلي ۽ اندرا کاٻي پاسي، سوني ڏاڪڻ وسيلي لٿو هو پر شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته مهاتما ٻڌ پاڻ سوني ڏاڪڻ وسيلي هيٺ لٿو هو. ان جي ساڄي پاسي برهما هو، جيڪو چانديءَ جي ڏاڪڻ وسيلي هيٺ لٿو هو. جڏهن اهي ٽئي ڄڻا  هيٺ لٿا هئا ته سڀ ديوتا ساڻن گڏ هئا ۽ مٿانئن گلن جي ورکا ڪري رهيا هئا ۽ مهاتما گوتم جي ساراهه ۾ ڳيچ ڳائي رهيا هئا. هن ڏندڪٿا سان لاڳاپيل ڪجهه مکيه نڪتا آهن. برما ۾ به ساڳي ڳالهه مشهور آهي جيڪا اڄ کان 2100 سال اڳ اشوڪ جي ڏينهن ۾ مشهور هئي ۽ چيني ياترين جي دور ۾ ڇهين ۽ ستين صديءَ تائين به ائين مشهور هئي.

هيءَ ننڍڙو ڳوٺ اڄ به سنڪيسا جي ساڳي نالي سان مشهور آهي ۽ 40 فوٽ اتاهين دڙي تي آباد آهي. هن دڙي کي قلعو ڪوٺيندا آهن. اتر ۽ اولهه وارا پاسا اڀڪپرا اٿس. باقي پاسن کان چاڙهاڪو ڏاڍو سولو اٿس. قلعي جي بلڪل وچ تان 1600 فوٽ ڏکڻ سرن جي هڪ نهري اڏاوت آهي جنهن مٿان بساري ديوي Bisari Devi نالي هڪ مندر ٺهيل آهي.

ان مندر جي چوڏس قلعي وارو ۽ ٻيا دڙا ڏسڻ ۾ ايندا، جن مان هڪ جو گهيرتو 3000 فوٽ ۽ ٻئي جو 2000 فوٽ آهي ۽ سڀني جو گڏيل گهيرو، ذري گهٽ ٻه ميل ٿيندو پر سنڪيسا جي وچ واري حصي تي جنهن تي قلعو تعمير ٿيل هو، جنهن بابت چيو ويندو آهي ته اهي ٽئي قدرتي ڏاڪڻيون به اتي موجود هيون جن جي چوڌاري ڌرمي اڏاوتون جوڙيون ويون هيون. شهر به هن دڙي جي چوڌاري تعمير ٿيل ڏسبو جنهن جو گهيرو 18900 يا ساڍا 3 ميلن کان مٿي هو ۽ چوڏس ڪچو قلعو هوس. مذڪوره قلعي جا نشان ڪٿي ڪٿي اڃا به ڏسڻ ۾ ايندا، شڪل صورت ۾ ٻارنهن ڪندو ڏسبو آهي. ٽن پاسن جهڙوڪ اتر، اوڀر، اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر پاسي قلعي جي ڀتين ۾ لنگهن جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ ايندا جن لاءِ روايتي طور چيو ويندو آهي ته اهي ٽئي شهر جا دروازا هوندا هئا. ماڻهو روايت جي ثابتيءَ ۾ پائور-کيريا-Paor-Kheria جو  نالو کڻندا آهن جيڪو ان قلعي جي لنگهه جي ٻاهران هڪ ڳوٺ هو ان جي هجي پاؤر Paor آهي پايور Paur نه آهي، تنهن ڪري ان جو اشارو ڏاڪڻ جي ڏاڪن ڏانهن سمجهڻ کپي ۽ قلعي جو لنگهه يا ڦاٽڪ سمجهڻ نه گهرجي. ڪالي Kaliيا ڪالي ندري ندي Kali ndri Nadi هن قلعي جي راجگهاٽ وٽان، ڏکڻ-اولهه واري ڪنڊ ڏئي لنگهندي آهي. هيءُ ٿاڪ ڪڪرا Kakra  گهاٽ وٽان اڌ ميل پنڌ تي آهي جيڪو ڪچي قلعي کان هڪ ميل ڏکڻ ٿيندو. (561)

هتان کان منو ميل کن اتر-اولهه پاسي آگهت Aghat نالي هڪ وڏ دڙو آهي، جنهن جي چوٽي 40 فوٽ اتاهين ۽ تري جو گهيرو اڌ ميل ٿ يندو. هن ٿاڪ جو قديم نالو آگهت آهي پر هاڻي هن کي آگهت سراءِ  Agahat Sarai سڏيندا آهن. هتي اها سراءِ 1080هه يا 1670ع ۾ ٺاهي وئي هئي. ان کان پوءِ سندس نالو سراءِ سان گڏ ورتو ويندو آهي. نقشن ۾ هن جو نالو آگهات Aghat آهي. چيو ويندو آهي ته هتان جي موجوده پٺاڻ زميندار جي ڪنهن ابي ڏاڏي هن سراءِ جو بنياد رکيو هو. ماڻهن جي روايت مطابق هن ماڳ جي نئين سر آباد ٿيڻ کان اڳ هڪ جڳهه صدين تائين ويران هئي ۽ ماڻهو جڳهه ڇڏي ڪيڏانهن هليا ويا هئا. هن ماڳ تان مون کي دهليءَ جي پنور جي مسلمان حڪمرانن جا گهڻا سڪا مليا هئا، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هي ٿاڪ گهڻي وقت تائين غير آباد ڪو نه رهيو آهي. دڙي جو مٿاڇرو وڏي ماپ جي سرن جي ٽوٽن سان ڍڪيل نظر ايندو. قدامت جي هيءَ اڪيلي نشاني به ڄڻ ته گهڻي آهي. هن دڙي جي اوچائي سنسڪيا دڙي جيتري آهي. هتان جا ماڻهو گهڻو ڪري هن چوڻ ۾ صحيح آهن: ته ٻئي شهر هڪ ئي دور ۾ آباد هئا. ٻنهي دڙن جي مٿاڇري تان ساڳئي قسم جا اهڙا سڪا ملن ٿا جن تي ڪنهن به قسم جي لکت نظر ڪا نه ايندي. سڀني کان وڌيڪ قديم چانديءَ جا اهي همچورس سڪا آهن. جن تي مختلف قسمن جا ضرب ٿيڻ جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. منهنجي ويچار پٽاندر، اهي سڪندر جي حملي واري دور کان آڳاٽا آهن.

سنڪسيا کي رامائڻ وارو سئنگشيا Sangasya ۽ چيني ياتريءَ وارو سينگ-ڪيا-شي Seng-Kia-She سمجهڻ ۾ اسان جي پٺڀرائي نه رڳو نالي جي هڪجهڙائي مان ٿي آهي پر ٽن مشهور ٿاڪن جهڙوڪ مٿرا، قنوج ۽ آهيترا سان لاڳاپيل جاگرافيائي بيهڪ سان به ٿي آهي. هن ماڳ جي جيڪا شين سئنگ پکيڙ بيان ڪئي آهي، تنهن سان به ٺهڪي بيهي ٿي. سندس ڏنل ماپ 20 لي يا ساڍا 3 ميل آهي ۽ منهنجي ماپ 18900 فوٽ يا ذري گهٽ ساڍا ٽي ميل بيهي ٿي. هن ۾ ڪنهن به شڪ و شبهي جي گنجائش ڪانه آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو ماڳ بلڪل ساڳيو آهي. شين سئنگ پنهنجي بيان ۾ سنڪيسا بابت هڪ عجيب ڳالهه بيان ڪري ٿو ته مڙهي ڀرسان رهندڙ برهمڻن جو انگ تمام گهڻو هو. مان به هن بيان جي پٺڀرائي ۾ هڪ دليل ڏيڻ چاهيان ٿو ته ماڻهن جي روايت مطابق 1800 يا 1900 سال اڳ سنڪيسا جا رهواسي پنهنجا ماڳ ڇڏي ڪيڏانهن هليا ويا هئا يا ٿي سگهي ٿو ته اهو واقعو 1300 سؤ سال اڳي 560ع ڌاران ٿي گذرو هجي، جڏهن هتان جي اصلي ڪياٿ  Kayath رهاڪن پنهنجو ماڳ برهمڻن جي حوالي ڪيو هو. وڌيڪ اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته پاؤرا-کيرا جي ڳوٺ جي سڄي آبادي برهمڻن تي مشتمل هئي. سنڪيسا جي چوڏس گهيري بابت چيو وڃي ٿو ته اهو 200 لي يا 33 ميل هو. سندس چوڌاري علائقن جي ناتي سان هي گهيرو گهڻو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. گنگا ۽ جمنا ندي ان جي مقرر اترين ۽ ڏاکڻين سرحد آهي. اولهه ۽ اوڀر کان آترنجي ۽ قنوج اٿس. ان حساب سان سندس گهيرو 220 ميلن کان وڌيڪ ڪو نه ٿيندو.

 

مٿرا

ستين صديءَ ۾ مٿرا جو شهر ڏاڍو مشهور هوندو هو ۽ ان سان گڏ هڪ ملڪ جي راجڌاني به هئي، جنهن جو گهيرو 5000 لي يا 833 ميل هو. (562) جيڪڏهن سندس گهيرو صحيح آهي ته هن علائقي ۾ بئرات ۾ آترنجي جي وچ واري ايراضي ڏکڻ پاسي آگري کان هيٺ نارواڙ Narwar ۽ سوپوري Seopuri ۽ اولهه ۾ سنڌو درياهه تائين ساري جوءِ شامل سمجهڻ گهرجي. مذڪوره ايراضين کي شامل ڪرڻ سان نقشي جي سڌي ماپ موجب اهو گهيرو 650 ميل ٿئي ٿو ۽ سڻڪ مطابق اهو فاصلو هڪ سؤ ميل وڌي 750 بيهي ٿو. ان ۾ مٿرا جو موجوده علائقو جنهن ۾ ڀارت پور، کيرولي، ڍول پور جون ننڍڙيون رياستون ۽ گواليار جو اڌ به شامل سمجهڻ گهرجي. ان علائقي جي اوڀر ۾ جيجهوتي Jijhoti  ۽ ڏکڻ ۾ مالوا جا ملڪ هوندا هئا، جن جو شين سئنگ به ذڪر ڪيو آهي ته اهي ڌار ڌار ملڪ هئا.

ستين صديءَ ۾ مٿرا شهر جو گهيرو 20 لي يا ساڍا ٽي ميل هو. مذڪوره گهيرو سندس موجوده دور جي گهيري سان ٺهڪي اچي ٿو، پر سندس جاگرافيائي بيهڪ اها ساڳي ڪانه آهي جيڪا ٻڌائي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته شهر جا گهر جمنا جي اوڀر طرف پائڻ ڪري اتر ۽ اولهه ڏانهن سرڪي ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته مٿرا جو قديم شهر اتر کان بني مسجد ۽ ڪنسا Kansa قلعي وٽان ٽيلا ڪانس Tela Kans ۽ ٽيلاسٽ سک Sat Sikh ڏانهن  ڏڻ پاسي وڌندو رهيو آهي پر هاڻي ڏکڻ پاسي واري اڌ آبادي قديم شهر خالي3 ڪري ٻاهر وڃي بني مسجد جي اولهه ۽ اتر ۾ وڃي پنهنجا گهر جوڙيا آهن ۽ شهر جي چوڌاري ڪيترا دڙا ڏسڻ ۾ ايندا. ورهين کان  وٺي ماڻهو انهن دڙن سام سرون ڪڍي پنهنجن گهرن ٺاهڻ ۾ ڪتب آڻيندا رهيا آهن. هاڻي ته اهي سروٽن ۽ سرن جي ڳاڙهي مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه به ڪو نه رهيا آهن. هتي آءُ ان وڏي دڙي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪو جبل جي ويجهو ۽ شهر کان ٽي ميل ڏکڻ آهي. پري کان سندس شڪل و صورت ائين لڳندي هئي ڄڻ ته سرن جي پراڻي کوري جو ڪو ڍير آهي. ٻاهران ڏسڻ ۾ بي ڊولو ۽ تڇ سمان ٿي لڳو پر کوٽائيءَ کان پوءِ اتان ڪيتريون مورتيون ۽ اڪريل ٺلهه لڌا ويا، جنهن مان ثابت ٿيو ته اهي ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل ٻه مڙهيو هيون، جن جو واسطو پهرين صدي عيسويءَ سان هو.

مٿرا هندستان جو هڪ قديم شهر آهي، ڪرشن جي تاريخ ۾ کيس گهڻو ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو ٿاڪ سندس ويريءَ راجا ڪنسا Kansa جي طاقت جو مرڪز هو. (563) مئگزٿينس Megas Thenes جي حوالي سان هن شهر جو احوال ائرين به قلمبند ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته اهو شهر سور سيني Surseni جي راجڌاني هو. سورسينا ڪرشن مهراج جو ڏاڏو هو، جنهن راجا ڪنسا جي مورت کان پوءِ مٿرا تي راڄ ڪيو. سورسينا جي مرتئي کان بعد ڪرشن مهراج ۽ سندس پونير کي سورسينا گهراڻو سڏيو ويندو آهي. ائرين وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سورسينا جي هٿ هيٺ ٻه مکيه شهر جهڙوڪ ميٿورا Methora ۽ ڪليسوبورا Klisobora هئا ۽ هڪ جهازرانيءَ جي لائق ندي وهندي هئي. جنهن جو نالو جوبيرس Jobars هو. پليني (564) ان جو نالو جومانس Jomanes ٻڌايو آهي جيڪو جمنا آهي ۽ چوي ٿو ته اهو درياهه مٿرا ۽ ڪليسوبورا Clisobora جي وچان وهندو آهي.  ٽالمي فقط مٿرا جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ان جو نالو ماڊورا Madura ٻڌائي ٿو ۽ ان سان گڏ هنن لفظن جو اضافو ڪري ٿو ته اهو ديوتائن جو شهر آهي، تنهن ڪري ان کي مقدس سمجهيو ويندو آهي.

ورينڊاون Vrindavana

ڪليسوبورا شهر کي اڃا تائين سڃاڻي ڪو نه سگهيا آهيون پر مان سمجهان ٿو ته اهو ورينڊاون وارو ٿاڪ هوندو جيڪو مٿرا جي ڇهه ميل اتر پاسي آهي. (565) ورينڊاون جي معنيٰ آهي Basil وڻن جو ڪُنج. هندستان ۾ هيءُ هڪ مشهور نظارو آهي جتي ڪرشن مهراج ۽ گواليون Milkmaids پاڻ ۾ راند کيڏندا هئا. پر هن ماڳ جو اصلي نالو ڪاليڪاورٽ Kalikavartta يا ڪاليڪا جوڪن Kalikas Whirlpool هو، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏند ڪٿائي ڪاليڪا نانگ، شهر کان اتر پاسي ڪڊمب Kadamb جي وڻ ۾ اچي رهيو هو، جيڪو جمنا جي مٿان پيو لڙڪندو هو. ڪرشن مهراج ان نانگ کي مارڻ لاءِ مٿس حملو ڪيو. مرڻ مهل نانگ جو پڇ زور سان ڦرڻ لڳو، جنهن ڪري جمنا جي پاڻيءَ ۾ ڪن پئجي ويا ۽ مٿس ڪاليڪا ورت نالو پئجي ويو. لاطينيءَ ۾ هن لفظ جون مختلف قلمي نسخن ۾ ڌار ڌار لکڻيون آهن جهڙوڪ: ڪريسوبورا Carisobora،Cariobora ۽ ڪئريسوبورا Cyrisoborka ڪئريسوبورڪا آهن. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته هن لفظ جي هجي ڪئليسوبورڪا Kalisoborka يا ٻن اکرن جي مٽا سٽا سان ڪئليڪبورتا Kalikoborta يا ڪئليڪابارتا  Kalikabarta ٿي سگهي ٿي. پريم ساگر Prem Sagar مطابق جمنا جو هيءُ ڪن ان ڪري ٿيو هو جو هڪ ڏينهن ڪرشن مهراج جمنا ۾ اشنان ڪري رهيو هو ته اتي ڀرسان ويٺل ڪالي Kali نانگ مٿس زهر جو ڦوڪارا اڇلائي مارڻ جا جتن ڪيا هئا. هن قصي جو ان ڳالهه ڏانهن به اشارو آهي ته جڏهن ان نانگ کي کير پياريو ويندو هو ته سندس زهر وڌي ويندو هو. ان سان اهو به اهڃاڻ ملي ٿو ته ماضيءَ ۾ ان نانگ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. نانگ جي پوڄا ۽ ان کي کير ڏيڻ جو رواج اڃا سوڌو هلندو اچي ٿو ۽ اهو ان جي کير پيئڻ جي قدرتي سگهه کان واقف ٿيڻ ڪاڻ ڪندا آهن. اڳين صديءَ ۾ بنارس جي راجا چيت سنگهه ٻن شهرن مٿرا ۽ ورنڊاون جو سارو کير آڻائي ڪڊمب وڻ جي پور ۾ هاريو هو. جتي ڪاليڪا Kalika نانگ رهندو هو ۽ ڏٺو ويو ته جمنا جي پاڻيءَ جو رنگ ٿورو به ڪو نه بدليو هو جنهن مان پتو پيو ته ان نانگ کي کير پيئڻ جي ڪرامتي سگهه هئي.

 

قنوج

 شين سئنگ ڪيسا کان قنوج ڏانهن اسهيو، جيڪو هن ماڳ کان 200 لي يا 33 ميل اتر طرف هو. جيئن ته ٻنهي ماڳن جي جاگرافيائي بيهڪ سڀني کي معلوم آهي. تنهن ڪري ان طرف کي صحيح ڪري ڏکڻ-اوڀر سمجهڻ گهرجي ۽ فاصلو به 200 لي بدران 300 لي يا 50 ميل تصور ڪرڻ کپي. پوئين ڳالهه جي فاهيان به پٺڀرائي ڪري ٿو جيڪو مذڪوره فاصلو 7 يوجنا يا 49 ميل ٻڌائي ٿو. (566) ستينءَ صديءَ ۾ هن ملڪ جو گهيرو 4000 لي يا 667 ميل هو. هنن بابت مان اڳي ئي ٻڌائي آيو آهيان ته هن علائقي ۾ گنگا جي اتر واريون ننڍيون رياستون ۽ گنگا دوآبي واريون ڪي ايراضيون منجهس شامل هونديون نه ته رڳو قنوج جو گهيرو 200 ميل مس ٿيندو. جيڪڏهن شين سئنگ جي بيان ڪيل گهيري جي انگن اکرن کي صحيح سمجهجي ته پوءِ قنوج جي علائقي ۾ گهاگرا نديءَ وارو خيرآباد کان ٽنڊي Tanda تائين ۽ جمنا تي ايٽاوا Etawa ۽ الهه آباد واريون ايراضيون پڻ شامل سمجهڻ کپن، جن جو گهيرو 200 ميل کن ٿيندو.

قنوج جو مشهور شهر جيڪو ڪيترين صدين تائين اتر هندستان جي هندو راجائن جي راجڌاني رهيو آهي، تنهن جي باقيات تمام ٿوري ۽ غير اهم ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سن 1016ع ۾ جڏهن محمود غزنويءَ هن شهر تي حملو ڪيو هو ته سندس مؤرخ لکي ٿو ته ”هي شهر ايترو اوچو هو جو ڄڻ آسمان سان گسي رهيو هو. منجهس طاقتور فوج هئي ۽ شهر جي اڏاوت مضبوط هئي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هندستان ۾ هن جو مَٽُ ۽ ثاني ٻيو قلعو ڪو نه هو. (567) هن کان هڪ صدي اڳ 915ع ۾ مسعوديءَ جو قنوج لاءِ بيان آهي ته هو هندستان جي هڪ راجا جي راجڌاني هو سن 900ع ڌاران ابوزيد، ابن وهب Ibn Wahab جي حوالي سان اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”گوزر Gozar جي ملڪ ۾ ڪج Kaduje هڪ وڏو شهر هو.“ اڃا به ڪجهه اڳڀرو ساڍا ٽي ميل ۽ ڊيگهه 4 يا 5 لي يا منو ميل کن هئي. (568) شهر جي چوڌاري مضبوط قلعو ۽ ان جي چوڌاري کاهي کوٽيل هئي. سندس اوڀر پاسي کان گنگا گهنڊي ڏئي لنگهندي هئي. هن ڳالهه جي فاهيان به پـٺڀرائي ڪري ٿو جنهن 400ع ۾ هندستان جو سفر ڪيو هو. سندس بيان آهي ته هينگ Hang يا گنگا ندي شهر کي ڇهي لنگهندي هئي. ٽالمي (140ع) به قنوج جو ذڪر ڪيو آهي. هنن کان وڌيڪ آڳاٽو حوالو پراڻ جي ڏند ڪٿا مان ملي ٿو. ان جي تحرير موجب هن ٿاڪ جو نالو ڪنيا-ڪيج Kunya-Kubja آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ڪٻي ڇوڪري. هن ڏندڪٿا جو ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته وايو Vayu ديوتا ڪوسناب Kusanaba جي هڪ سؤ ڌيئن کي پٽيو هو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org