29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:19   

سنڌ

ستين صديءَ ۾ سنڌ ۾ چار صوبا هوندا هئا، پر جاگرافيائي بيهڪ مطابق مان انهن جو سري، وچولي، لاڙ ۽ ڪڇ (368) جي نالي سان بيان ڪندس. اهي سڀئي علائقا هڪ راجا جي راڄ ۾ شامل هوندا هئا ۽ راجا پاڻ سري ۾ رهندو هو. شين سئنگ 641ع ڌاران هتي آيو هو. سندس بيان آهي ته اهو راجا سيو-تو-لو (Siu-to-lo) يعني شودر هو. چچ جي زماني ۾ سندس وزير ٻڌيمن کيس ٻڌايو هو ته سنڌ جا چار صوبا آهن. هر هڪ صوبي جو راجا الڳ آهي، جيڪو چچ کان اڳئين دور وارن حڪمرانن جو ڏن ڀرو هوندو هو (369). چيو وڃي ٿو ته هن کان اڳ به ڪفند (370) جي پٽ آيند جي زماني ۾ سنڌ انتظامي طور چئن صوبن ۾ ورهايل هوندي هئي. هي راجا سڪندر کان پوءِ سنڌ جو راجا هو. مذڪوره چار صوبا هي هئا: زور Zor، اسڪلندوسا (Ashalandusa). سامد (Samid) ۽ لوهاڻو هو. جن جو بيان شين سئنگ جي سفرنامي ۾ ڏنل جاگرافيائي بيهڪ کي ڌيان ۾ رکي ڪيو ويندو.

        سرو

        اتر سنڌ کي عام طور ’سري‘ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’سر‘ يا مٿيون حصو. شين سئنگ جي بيان مطابق هن علائقي جو گهيرو (Circuit) ست هزار لي يا يارنهن سو ستهٺ ميل آهي. منهنجي خيال موجب اهو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. امڪان آهي ته هن ۾ اولهه پاسي وارو ڪڇي ۽ گنداوا وارو علائقو به شامل ڪيو ويو هجي. حقيقت به اها نظر اچي ٿي ته جڏهن سنڌ جو راجا سگهارو هوندو هو ته پنهنجي ٻل جي آڌار تي ڪڇي ۽ گنداوا وارو علائقو پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيندو هو. چچ يا ان کان اڳئين دور جا حڪمران به ائين ڪندا آيا هئا. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سري واري علائقي ۾ سنڌو درياهه جي اولهه پار ڪڇي گنداوا، ڪاهان،شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ اوڀرپاسي سبزل ڪوٽ ۽ خيرپور وارا علائقا هوندا هئا. اهڙيءَ ريت چوڌاري دنگن جي ڌار ڌار ڊيگهه هيءُ وڃي بيهندي. اتر ٽي سو چاليهه ميل-اولهه ٻه سو پنجاهه ميل-اوڀر هڪ سو اسي ميل ۽ ڏکڻ ٻه سو سٺ ميل. حساب ڪرڻ سان ڪل ماپ ٻه هزار ٽيهه ميل ٿئي ٿي، جيڪا شين سئنگ جي ٻڌايل ماپ جي ويجهو آهي.

ستين صديءَ ۾ هن علائقي جي راڄڌاني کي پي-چين-پو-پُو-لو Pi-Chen-po-pu-lo نالي ساقن سڏيو ويندو هو. ايم-جولين هن کي ويچوا پورا  Vichava-pura سمجهي ٿو. ايم ووين ڊي سينٽ مارٽن مذڪوره نالي کي سنسڪرت جو لفظ ويچالپورا Vichalapura لکيو آهي، يعني سنڌ جي وچ واري علائقي جو شهر، هن علائقي کي سنڌ جا ماڻهو وچولو سڏيندا آهن. سنڌي پنجابي هن لفظ لاءِ ”وچ“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن. هندي ٻوليءَ ۾ هن کي ”بيچ“ چيو ويندو آهي ۽ اهي سنسڪرت جا لفظ ڪو نه آهن. هن ٻوليءَ ۾ وچ کي ”مڌيه“ چيو ويندو آهي. شين سئنگ هميشه مقامي لفظ ڪم آندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن شهر جو نالو هندي اچار بيچ پور ٿي سگهي ٿو يعني وچ وارو شهر Middli city. پر هن گهڻو ڪري سنسڪرت جا لفظ ڪم آندا آهن. تنهن ڪري اسان لاءِ اها ضروري ڳالهه آهي. پي-چين-پو-پو-لو نالي شهر لاءِ اصلي سنسڪرت جي لغت کي جاچي ڏسون.

        اسان کي پراڻين روايتن ۽ موءرخن جي حوالي مان پتو پوي ٿو ته شين سئنگ کان گهڻو وقت اڳي ۽ ٿورو وقت پوءِ  سنڌ جي راڄڌانيءَ اروڙ هو. نظر ائين اچي ٿو ته اروڙ ان قديم مشهور شهر جو ضرور ٻيو نالو آهي، پر ٻي راڄڌاني نه آهي. هندو دور ۾ اهو رواج هوندو هو ته مشهور ۽ وڏن شهرن کي ڪيترن ٻين نالن سان پڻ سڏيو ويندو هو، جهڙيءَ ريت اسان ملتان جي مامري ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون. اهڙن شهرن جا ڪي نالا شاعرانه انداز ۾ لکيا ويندا هئا. مشهور شهر پٽالپٽرا iputra Patal کي ڪُسم پورا يعني ”گل“ سڏيو ويندو هو. ناڙوار Narwar کي پدم وتي يعني ڪنول ڪوٺيو ويندو هو.  ڪن شهرن جا ٻيا نالا بياني هوندا آهن ۽ فطر ڏيک ڪري مٿن ڌريا ويندا آهن، جهڙوڪ مشهور شهر ڪاشي کي ورناسي يا بنارس به سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته مٺذڪوره شهر ورنا Varana ۽ آسي Asi نالي ٻن نئن جي وچ تي اڏيل آهي. اهڙيءَ ريت قنوج کي ڪينا ڪبجا Kanya kubja به سڏيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ڪُٻڙو Humpbacked جنهن جو اشارو هڪ مشهور ڏند ڪٿا ڏانهن آهي، مٿين ڳالهين مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته ٻن جدا نالن مان اهو مطلب هرگز نه وٺڻ گهرجي ته تڏهن ڪي ٻه راڄڌانيون هيون. ٿي سگهي ٿو ته پراڻي شهر جو اهو ڪو نئون لقب هجي. اهو به امڪان آهي ته شهر جو اصلي نالو ئي اهو هجي ۽ ٿوري وقت لاءِ ٻئي نالي سندس جاءِ ورتي هجي. اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي ڪنهن موءرخ اروڙ جو ڪو ٻيو نالو ڪو نه ڏنو آهي. ان ڪري اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته شين سئنگ جي زماني ۾ به هن شهر جونالو اروڙ هوندو ۽ پي-چين-پو-پُو-لو سندس ٻيو نالو هوندو.

        هتي اهم ڳالهه اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته هن شهر جي سڃاڻ بابت اڃان به وڌيڪ پڪ پئي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته چيني ياتريءَ هن راڄڌانيءَ کي سنڌوءَ جي اولهه ۾ ڏيکاريو آهي، پر موجوده زماني ۾ اروڙ جو ٿرڙ سنڌوءَ جي اوڀارئين پاسي آهي. هن فرق هوندي به مذڪوره شهر جي سڃاڻپ پڪي آهي. ان جو سبب اهو آهي  ته قديم دور ۾ سنڌو ندي اروڙ کان اوڀاريون پاسو ڏئي وهندي هئي ۽ اچي دريا جي پراڻي پيٽ  ۾ پوندي هئي، جنهن کي نارو سڏيو ويندو هو. ان وهڪري جو رخ راجا ڏاهر جي زماني تائين ڪو نه مٽيو هو (371). شين سئنگ جي اچڻ کان پنجاهه سال پوءِ به اها صورتحال هئي. اروڙ کان درياه جي هٽي وڃڻ واري قلعي کي هتان جا مورخ راجا ڏاهر جي قهري ۽ ڪلورن سان ڳنڍين ٿا. اصل ۾ درياه جي وهڪرن جو ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪڌن ڪرتوتن سان ڪو به واسطو ڪو نه آهي، پر حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ پنجاب وارن علائقن مان وهندڙ سڀني درياهن جو رخ گهڻو الهندي ڏانهن لڙي ويو، ان ڪري سنڌوءَ کي به اولهه ڏانهن رخ موڙڻو پيو. ان جو ٻيو ڪارڻ ڌرتيءَ جي ڦيرو آهي، جيڪا پنهنجي فطرت موجب اوڀر کان اولهه ڦرندي رهندي آهي ۽ درياهه الهندي ڏانهن رخ  موڙيندا رهندا آهن (372). قديم دور ۾ سنڌو درياهه اروڙ کان اوڀاريون پاسو ڏئي ٽاڪرو علائقي وچان وهندو هو. پر جيئن ته سندس آر الهندي هو. تنهن ڪري روهڙيءَ جي اترئين علائقي مان پنهنجو پيٽ بدلائي روهڙي ۽ بکر جي وچان ٽڪرين جي وٿين منجهان وهڻ لڳو. [1]درياه جي رخ موڙڻ واري هن واقعي کي راجا ڏاهر جي پوئين زماني سان ڳنڍيو وڃي ٿو، امڪان آهي ته مذڪوره واقعو سندس راجگاديءَ تي ويهڻ کان ستت پوءِ 670ع ڌاران  ٿيو هجي. ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جڏهن ٻٽيهارو سال کان پوءِ 711ع ۾ اروڙ تي حملو ڪيو هو ته کيس سنڌوءَ جو وهڪرو پار ڪرڻو پيو هو. [2]هن ڳالهه مان اها پڪ ٿئي ٿي ته 711ع کان اڳ

درياء جي رخ موڙڻ واري هن واقعي کي راجا ڏاهر جي پوئين زماني سان ڳنڍيو وڃي ٿو. امڪان آهي ته مذڪوره واقعو سندس راڄ گاديءَ آهي. هن وهڪري جي صفا اوڀارين ڇاڙهه کپري جو ڏکڻ اوڀر ڏئي عمرڪوٽ رسي ٿي ۽ اتان ڏکڻ-اولهه جو رخ ڪري ونگا بازار ۽ رحمڪي بازار کان ٿيندي رڻ جي ڪڇ ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. هن ڇاڙهه کي ناري جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. اولهائين ڦاٽ جو نالو پراڻ يا پراڻو درياء هو، جيڪو برهمڻ آباد ۽ نصرپور کان ٿيندو حيدرآباد جو رخ ڪندو هو ۽ ان ماڳ کان هيٺ ٻن ڦاٽن ۾ ورهائجي ويندو هو. انهن مان هڪ حيدرآباد کان پندرنهن ميل هيٺ ۽ جهرڪن کان 12 ميل اتر سنڌوءَ جي موجود وهڪري سان ملندو ڏسڻ ۾ ايندو. ٻئي ڦاٽ کي گوني سڏيو ويندو هو، جيڪو ڏکڻ-اوڀر جو رخ ڪري رحمڪي بازار کان مٿان ناري سان ملي وين دو آهي. پراڻ ۽ ناري جي وچ ۾ ٻيا به ٻه وهڪرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي جکڙائو کان هيٺان هڪ وهڪري مان ڇڄي ٻه دريائيءَ جي صورت اختيار ڪن ٿا. پر سندن پراڻن پيـڙٽن جي گهڻي ڄاڻ ڪانه آهي. ناري واري وهڪري جو مٿيون پاسو يعني اروڙ کان وٺي جکڙائوءَ تائين هاڻي سڪي ويو آهي ۽ سندس پراڻي پيٽ ۾ واري پئي اڏامندي آهي. سنڌوءَ ۾ جڏهن چاڙهه ايندو آهي ته هيءُ پراڻو وهڪرو به وهي ايندو آهي. سندس منهن کان جاميجي Jamigi تائين اولهه پاسي الور وارين ٽڪرين جو سلسلو نظر ايندو. هن ماڳ تائين مذڪوره وهڪري جو پيٽ ٻه سوء کان ٽي سوء فوٽ ۽ ترو ويهه فوٽ اونهون ڏسبو. جاميجيءَ کان جکڙائوءَ تائين سندس پيٽ جي ويڪر ڇهه سو فوٽ ۽ تري جي اونهائي ٻارهن فوٽ کن ٿيندي. ٻنهي ڪنڌين سان ڀٽون ڏسڻ ۾ اينديون. جکڙائو کان هيٺ ناري جو پيٽ تمام گهڻو پکڙجي وڃي ٿو ۽ آخر ٻن مکيه ڇاڙهن ۾ ونڊجي وڃي ٿو. اهي ئي اولهائون وهڪرو هڪ ميدان ۾ پهچي دنگ ڪري ٿو. اوڀر وارو وهڪرو هلندو وڃي پاڻيـءَ جي وڏين ڇرن ۾ پوي ٿو. اهي ٻئي وهڪرا هالا ۽ کپري سامهون پهچي وري ظاهر ٿين ٿا ۽ اهو رخ اختيار ڪن ٿا، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي (373).

اتر سنڌ جا قديم شهر هي آهن: اروڙ، روهڙي-بکر ۽ لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا، ٻيا به ڪيترائي شهر آهن، جن جو سڪندر چچ، محمد بن قاسم، شاه حسين ارغون جي حملن دوران ذڪر ملندو. پر منجهن فاصلن جو ذڪر ڪو نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري جن شهرن جا نالا بنهه بدلجي ويا آهن، تن کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، سڪندر جي حملي دوران مسڻاءِ Massanae، سوگدي Sogdi، موسي ڪاني Musikani ۽ پرائيستي Praesti جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مون کي پڪ آهي ته  اهي شهر ضرور اتر سنڌ ۾ آهن، جن کي آءُ سڃاڻڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهيان.

منساءِ ۽ سودراءَ Sodrae يا سوگدي

پنجاب جي درياهن جي سنگم وٽ آهن، جتان سڪندر سنڌوءَ وسيلي ٻيڙا هاڪاري سوگدي ڏانهن اسهيو هو (374). ائرين جي بيان مطابق هتي سڪندر پنهنجي نالي هڪ ٻئي شهر جو بنياد رکيو هو. ڊايوڊورس (375) هنن ساڳين ماڻهن کي ٻئي نالي سان سڏي ٿو. سندس بيان هن ريت آهي: ”هو درياهه جي لهواري طرف روانو ٿيو. درياهه جي مخالف ڪنارن سان موجوده سودراءِ مسناءِ نيات جي ماڻهن آڻ مڃي هئي. سڪندر پنهنجي نالي پٺيان اليگزينڊريا جو ٻيو شهر آباد ڪري ڏهه هزار ماڻهو منجهس رهايا هئا“ ڪرٽس (376) به هنن ساڳين ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي پر سندن نالو ڪو نه لکيو اٿائين. سندس بيان آهي: ”هو هاڪاريندو چوٿين ڏينهن اچي ڪن ٻين قومن ۾ لٿو جتي هن اليگزينـڊريا نالي ٻيو شهر تعمير ڪرايو.“ مٿين بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته ائرين جا سوگدي ۽ ڊايوڊورس جا سودراءِ ساڳيان ماڻهو هئا. ٽاڊ Tod ۽ مئڪمرڊو Minardo جو خيال آهي ته سوگدي سوڍا راجپوت آهن. سودراءِ لاءِ مسٽر واڪس Mr. Vaux جو خيال آهي ته اهي شودر آهن. سوڍا پرمار راجپوتن جي ڦريءَ مان آهن جيڪي هاڻي ڏکڻ-اوڀر سنڌ، عمرڪوٽ واري علائقي ۾ آهن. مئڪمرڊو (377) مطابق هن ڪل جا ماڻهو اروڙ کان مٿي درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان آباد هئا. منهنجي خيال ۾ هي مصنف ويساهه جوڳو آهي. جيڪڏهن اسان هيءَ سڄي ڳالهه سمجهون ته سوڍا راجپوت اروڙ کان اتر طرف گهڻي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئا ته پوءِ ابو الفضل جي هن بيان تي به ڪجهه ويساه ڪرڻو پوندو ته اڪبر دور ۾ بکر کان وٺي عمرڪوٽ تائين جاڙيجن ۽ سوڍن جا قبيلا آباد هئا (378) ۽ ان سان گڏ هيءَ حقيقت به مڃڻي پوندي ته بايوڊورس وارا مسناءِ ۽ ٽالمي وارا مسارني Musarni ساڳيا ئي ماڻهو هوندا. هنن ماڻهن جي نالي پٺيان مٺـڻ ڪوٽ هيٺان سنڌوءَ جي اولهند ڪناري مزارڪا Muzarka نالي هڪ علائقو به موجود آهي. ٽالمي هڪ شهر جو نالو موسارنا Musarna لکيو آهي جيڪو هن جي لکت مطابق آسڪانا Askana نئن جي اتر پاسي سنڌوءَ جي هڪ واهڙ تي آباد هوندو هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو وهڪرو جنهن تي موسارنا آباد هو سو ڪوهان Kahan وارو وهڪرو هوندو جيڪو ڦلجي Phulji ۽ شاه پور کان ٿيندو خان ڳڙهه يا جيڪب آباد ڏانهن ويندو هو. امڪان آهي ته مورسارنا وارو پراڻو شهر ان ماڳ تي هجي جتي اڄ شاه پور آباد آهي. جيڪو شڪارپور کان اڳي هڪ مشهور شهر هوندو هو. ”اوسي پاسي واري جوءِ سڃي لڳي پئي آهي. ماڻهو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسبا. اهڃاڻن مان پتو پوي ٿو ته ڪڏهن  آباد ۽ سکيو ستائبو علائقو هوندو.“ (379). منهنجي خيال ۾ سوگدي يا سودراءِ جو اشارو سوراءِ Seorai جي جوءِ وارن ماڻهن ڏانهن آهي. جنهن کي شاه حسين ارغون بکر کان ملتان ويندي سنه 1525ع ۾ فتح ڪيو هو (380). ان دور سان لاڳاپيل بيانن ۾ چيو ويو آهي ته اهو علائقي جو نهايت سگهارو قلعو هوندو هو. ماڻهو ارغوني فوج جي اچڻ جو ٻڌي ڪک پن ٿي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هليا ويا. فاتح جي حڪم سان ان قلعي جون ڀتيون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. اهو ڪهڙن ماڳن تي هو، تنهن جو هاڻي پڪو پتو ڪو نه آهي. پر امڪاني طور سمجهي سگهجي ٿو ته اهو سبزل ڪوٽ ۽ احمدپور ڇوٽا جي وچ تي فاضل پور جي ڀرسان هوندو (381) هتي مئسن Masson کي ٻڌايو ويو هو ته ”قديم زماني ۾ هڪ وڏو شهر آباد هو منجهس ٽي سئو سٺ کوهه هوندا هئا جيڪي اڄ به جهنگل ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هڪ پراڻي نقشي ۾ ساڳيءَ جاگرافيائي بيهڪ ۾ هڪ پراڻي ماڳ سيرواهي Sirwahi جو نالو لکيل آهي، جيڪو سبجل ڪوٽ Sabjal kot کان اٺ ميل اتر-اوڀر آهي ۽ سنڌ جي تاريخ مطابق اهو ماڳ سوراءِ جي جاگرافيائي بيهڪ سان ٺهڪي بيهي ٿو. هن ٿاڪ جو اچ کان درياهي فاصلو ٽيون حصو وڌيڪ آهي ۽ هڪ سئو ويهن ميلن کان گهٽ ڪو نه ٿيندو. ڀيٽائي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته اهو ڪرٽس جي بيان ڪيل فاصلي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته سڪندر هاڪاري ان ماڳ وٽ چوٿين ڏينهن پهتو هو. مان هيءَ ڳالهه قبول ڪريان ٿو ته ماڳن جون اهي سڃاڻپون خاطر خواه ڪو نه آهن، پر اهڙيون چٽيون ضرور آهن، جو اڄ به انهن کي پرکي سچائي معلوم ڪري سگهجي ٿي. خاطر خواه ان ڪري نه آهن جو سنڌوءَ پنهنجا وهڪرا گهڻا بدلايا آهن. ٻيو ته ان جي ڪٺار سان آباد انهن پراڻن شهرن جا نالا به ساڳيا ڪو نه رهيا ۽  ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ بدلبا رهيا آهن، پر ائرين هڪ حقيقت کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جيڪا فاضل پور ڀرسان پراڻي ماڳ جي صحيح سڃاڻپ لاءِ سهائتا ڪري ٿي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته اهو ٿاڪ سوگدي آهي، جتان سڪندر ڪراٽيرس (382) Kraterus کي لشڪر جي وڏي حصي ۽ هاٿين سان گڏ آرچوٽي Archoti ۽ درنجي Drangi ڀرسان گذري اڳتي وڃڻ لاءِ حڪم ڪيو هو. جيڪڏهن ويچاربو ته اولهه پار وڃڻ لاءِ گنداوا کان هلي بولان لڪ کان لنگهبو آهي ۽ ان رستي سان وڃڻ لاءِ ان پتن وٽان سنڌوءَ کي پار ڪبو جتان کاٻي ڪنڌي سان فاضل پور ۽ ساڄيءَ  ڪنڌي سان ڪشمور آهي. عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته درياهن جا وڏا پتڻ ڪن اهم رستن جي سڌ تي هوندا آهن، ان ڪري مون کي پڪ ٿئي ٿي ته ڪراٽيرس آرچوسيا Archosia ۽ درانجيانا Drangiana ڏانهنا سهڻ لاءِ هن ٿاڪ واري پتڻ تان سڌو اڪريو هوندو. ڇاڪاڻ ته وڏي لـشڪر ۽ هاٿين اڪرڻ واسطي ۽ بولان لڪ لنگهڻ جي مناسبت سان سنڌوءَ جوهي پتڻ وڌ ۾ وڌ اتريون آهي. امڪان هن ڳالهه جو نظر اچي ٿو ته ميوسي ڪئنس Musikanus جي بغاوت ڪارڻ ڪراٽيرس کي اسهڻ ۾ ڪجهه دير به ٿي هوندي،ڇاڪاڻ ته ائرن (383) هن جي راونگي کي برهمڻن جو شهر فتح ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر بيان ڪيو آهي جنهن تي سڪندر پاڻ هلان ڪئي هئي.

هتان جي ڏيهي موءرخن ۽ عرب جاگرافيدانن اروڙ ۽ ملتان جي وچ تي هڪ سگهاري قلعي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو نالو ڀاٽيا ٻڌايو وڃي ٿو. هن قلعي جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته هي اهو ٿاڪ آهي، جتي سوگديءَ واري علائقي ۾ سڪندر پنهنجي نالي پٺيان هڪ شهر تعمير ڪرايو هو.هن کان سواءِ ٻي ڳالهه اها به آهي ته هن هيٺين سڌي پٽ ۾ ٻيا پراڻا ماڳ به موجود ڪو نه آهن. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته مختلف مصنفن هن ماڳ جا ڌار ڌار نالا لکيا آهن.

پوسٽنس Postans هن جو نالو  پيا Paya، بهيا Bahiya، پهيا Pahiya لکيو آهي. سر هينري ايليٽ Elliot sir henty، پبيا Pabiya، ڀٽيا Bhatiya, ۽ ڀاٽيا Bhatiya لکي ٿو. مسٽر پرائيس Price، وري (384) باهيٽيا Bahatia لکيو آهي. امڪان اهو آهي ته هيءُ ماڳ ٽلٽي (385) Talhati آهي،جتان ڄام جا نار Jam janar سنڌو پار ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ميتلا Matila يا ماهتيلا Mahatila هجي (386). جيڪو ستين صديءَ ۾ سنڌ جي چئن سگهارن قلعن مان هڪ هو.

فرشته جو بيان آهي ته ڀاٽيا جو قلعو نهايت سگهارو هو. ان جون ڀتيون اتاهيون ۽ چوڌاري وڏي کاهي کوٽيل هيس (387). محمود غزنوي هن قلعي کي سن 393هه يا 1002ع ۾ فتح ڪيو هو. اتان راجا بجارا Bajjar يا بجي راءَ Biji Rai ساڻس سخت مقابلو ڪيو هو. قلعو فتح ٿيڻ کان پوءِ محمود غزنويءَ کي ٻه سوء اسي هاٿي ۽ ٻيو به غنيمت جير مال طور گهڻو ڌن دولت هٿ آيو هو، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هتان جو راجا گهڻو شاهوڪار هو.

ميوسي ڪاني يا الور

ان کانپوءِ سڪندر سوگدي يا سودراءِ کان سنڌوءَ رستي هاڪاري هڪ راجا جي راڄڌاني پهتو، جنهن کي اسٽرئيو ، ڊايوڊورس ۽ ائرين (388) ميوسيڪئنس لکن  ٿا پر ڪرٽس (389) هن کي ميوسيڪاني جو قبيلو سڏي ٿو. ائرين جو بيان آهي ته اهو علائقو سڄي هندستان ۾ وڌ ۾ وڌ شاهوڪار هو. اسٽرئبو اونسي ڪرائيٽس Onesi Kritus جي حوالي سان لکيو آهي ته .”هن علائقي ۾ هر چيز تمام گهڻي انداز ۾ پيو ٿيندي هئي. هن حقيقت مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته خود يوناني به هن علائقي جي سڪر سڻائي ۽ شاهوڪاريءَ کان گهڻو متاثر هئا. اهي بيان اتر سنڌ جي ان سدا خوشحال علائقي سان هڪ جهڙائي رکن ٿا جنهن جي راڄڌاني ڪن جڳن کان وٺي الور پئي رهي آهي. هتي فاصلو بيان ٿيل نه آهي ۽ ڏنل نالو به الور سان ڌهڪ جهڙائي ڪو نه ٿو رکي. ان ڪري هڪ عام بيان مان ڪنهن ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ سڃاڻڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. پر جيڪڏهن بيان ڪيل ماڳ ۾ ڪي خاص ڳالهيون آهن،خاص قسم جي ڪا تعمير ٿيل اٿس يا ٻيا اهڙا ڪي گڻ اٿس ته پوءِ ان جي سڃاڻپ جي پڪ ٿي سگهي ٿي، پر موجوده ماڳ اهڙو آهي جيڪو سڃاڻپ جي مامري ۾ اسان جو سونهون بڻجي ڪو نه ٿو سگهي، مگر عام طور چيو وڃي ٿو ته هيءُ علائقو ساري هندستان ۾ وڌ ۾ وڌ شاهوڪار هو ۽ هن وسيلي اسان ڪنهن دڳ سان لڳي پئون ٿا. سنڌ جون روايتون ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته الور پنهنجي علائقي جو وڏو شهر هو تنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته اهو ضرور راجا ميوسڪئنس جي راڄڌاني هوندو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته سڪندر جا موءرخ هن ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه ڌرن ها. عرب جاگرافيدان به هن ڳالهه تي متفق آهن ته الور وارو علائقو نهايت سرسبز ۽ شاهوڪار هو.

الور جا ٿرڙ ٽڪرين واري ان گهٽ کان ڏکڻ پاسي آهن، جتان سنڌو وهندو آهي ۽ مذڪوره ٽڪريون بکر کان ويهه ميل هيٺ هلي ختم ٿي وڃڻ ٿيون. پوءِ وري ڀٽن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو ناري يا سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري جي ٻنهي ڪنڌئين تي هلندو نظر ايندو آهي. ڪنهن آڳاٽي جڳ ۾ هن گهٽ منجهان سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه لنگهندي هئي، جيڪا بکر شهر کي اتر-اولهه کان ايندڙ دشمن کان بچائيندي هئي. اتر-اوڀر ڏس کان سنڌوءَ جي ٻي ڇاڙهه گذرندي هئي. هن ڇاڙهه جو وهڪرو اڳين ڇاڙهه کان اٽڪل ٽي ميل پري ۽ گونيءَ ڪنڊ تي هوندو آهي. جڏهن سن 670ع ۾ راجا ڏاهر سنڌ جي راڄ گادي سنڀالي ته سنڌوءَ جي پوئين ذڪر ڪيل ڇاڙهه مکيه وهڪرو هوندي هئي، ۽ پنهنجي اصلي پراڻي پيٽ ناري (390) کان اولهه ڀر سرڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سنڌ جي تاريخن موجب هيءَ درياهي تبديلي بکر وارين ٽڪرين کان اتر هڪ واهڙ کوٽڻ ڪري پنهنجي فطري وقت کان جلدي اچي وئي.

الور جو اصلي نالو ڇا هو تنهن جو پورو پتو ڪو نه آهي، پر موجوده دور ۾ هن نالي جو اچار اروڙ آهي. امڪان اهو نظر اچي ٿو ته هن جو اصلي نالو روڙا Rora هوندو. هن نالي جي شروع ۾ نظر ايندڙ سر آواز، عربي ٻوليءَ جي اڳياڙي ال تان ورتل آهي. بلاذري، ادريسي ۽ ٻين موءرخن هن لفظ کي الرور ڪري لکيو آهي. اهڙي قسم جو اچار اسان کي هن جي ڀر واري شهر روڙي Rori جي نالي مان به محسوس ٿئي ٿو. هندستان ۾ شهرن جي ٻٽن نالن جو رواج به آهي. تنهن ڪري روڙ ۽ روڙي معنيٰ وڏو روڙو ۽ ننڍو روڙو. سنسڪرت ۾ هن لفظ جي ڪا به معنيٰ نه آهي، پر هنديءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي. لڙگوڙ، شور ۽ مشهوري وغيره. تنهن ڪري امڪان آهي ته هن شهر جو نالو روڙا پوريا نگر هوندو يعني ”مشهور شهر“الور جي قديم شهر جي ڏکڻ اولهه ۾ ٻه ميل پري هڪ ٽڪريءَ جي ڪڇ ۾ آڀيجنو Abhijanu نالي هڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيو. سنسڪرت ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”مشهور“. امڪان  آهي ته هي نالو شين سئنگ جي بيان ڪيل پي-چين-پو-پو- لو  سان ڳنڍيل هجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پي-چين-پو-پُو-لو ۾ فقط او “O” جو اکر اڳيان جوڙ ڪب و ته آڀيجنوا پورا Abhijanwabura جو اچار ٺهي پوندو. مان سمجهان ٿو ته متان الور نالي واريو بينگر Binagra هجي، جيڪو سندس بيان موجب سنڌوءَ جي ڪٺار سان اوسڪانا Oskana کان اوڀر طرف آهي، جنهن کي ائرين ۽ ڪرٽس اوڪسي ڪئنس سڏين ٿا. اهو به امڪان آهي ته ٽالمي واري بينگر جي ٻي  شڪل چيني اچار پولو Pulo هجي، ڇاڪاڻ ته پور ۽ نگر ٻئي لفظ هڪ معنيٰ رکن ٿا ۽ ”پي-چين-پو“ لفظ جي اڳياڙي پد جي Bi سان هڪ جهڙائي رکندي هجي.

نظر ائين اچي ٿو ته ميوسڪئنس جو شهر گهڻو اهم هو، ڇاڪاڻ ته سڪندر ڪراٽيرس کي اتي قلعي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو  ۽ پاڻ به قلعي جي تعمير ٿيڻ تائين اتي ترسي پيو. جڏهن قلعي جي اڏاوت پوري ٿي ته پنهنجيءَ فوج جو وڏو حصو اتي رهايائين. ان جو سبب اهو هو ته قلعي اندر سڀ سهولتون موجود هيون ۽ اڏيل به اهڙي هنڌ تي هو جو هتي ويهي سڀني قومن تي نظر رکي ٿي سگهيائين. هن سبب ڪري پڪ ٿئي ٿي ته الور سڪندر کان اڳ آباد هو ۽ سنڌ درياهه جي رخ مٽڻ تائين آباد رهندو آيو. جڏهن بکر جي قلعي جي اڏاوت ٿي ته هيءُ شهر هميشه لاءِ ويران ٿي ويو.

پرائيسٽي-پورٽيڪئنس يا اوڪسي ڪئنس

Praesti-Protikanus-or oxykanus

 ميوسيڪئنس جي راڄڌانيءَ جي فتح کان پوءِ سڪندر پنهنجي درياهي فوج کي سنڌوءَ سان اڳتي هاڪارڻ جو حڪم ڏنو ۽ ائرين (391) جي بيان موجب پاڻ ڀر واري راجا اوڪسي ڪئنس تي ڪاهي ويو ۽ سندس ٻه مکيه شهر فتح ڪري ورتائين. ڪرٽس جو بيان آهي ته راجا اوڪسي ڪئنس، پرائسٽي (392) نالي هڪ ڪل جي ماڻهن جي حڪمران هو. هُو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سڪندر ٽن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ سندن راڄڌاني فتح ڪئي هئي. ڊايوڊورس ۽ اسٽرئبو هن راجا جو نالو پورٽيڪئنس ٻڌائين ٿا. هن نالي جون گهڻيون پڙهيڻون ٻڌائن ٿيون ته اهو شهر جو نالو هو، جنهن جي پورٽاگام Portagam يا اوچاگام Ochagam جي ناتي سان معنيٰ ٿيندي ”اتاهون شهر“ لفظ جي معنيٰ مان اهو معلوم  ٿئي ٿو ته اهو شهر ڪنهن مٿاهينءَ تي اڏيل هو. ڪرٽس جي بيان ۾ ”ڀيانڪ ڪڙڪاٽ“ جا لفظ لکيل نظر اچن ٿا ۽ اهي ڪڙڪاٽ قلعي جي برجن ڪرڻ ڪري ٿيا هئا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو تمام گهڻو مٿي هو. منهنجو انومان آهي ته اهو قلعو ماهوٽا هوندو جيڪو لاڙڪاڻي کان ڏهه ميل پري گهاڙ واه جي ڪناري تي هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن بابت مئسن جو بيان آهي ته ”ماهورٽا Mahorta نالي دڙي تي ڪنهن قديم دور جي قلعي جا کنڊر آهن. (393) لفظ جي اها هجي سروي ڪرڻ وارن ماڻهن جي آهي، پر گهڻو ڪري اهو لفظ ماهورڌا Mahorddha  آهي جنهن جو اصلي اچار مها+ارڌا+گرام Maha+Urdha+Grama آهي ۽ معنيٰ اٿس ”تمام اتاهون شهر.“ هي سنسڪرت ٻوليءَ جا لفظ آهن، جن جو موجوده دور جي ڪنهن  ٻوليءَ سان ڪو واسطو ڪو نه آهي. هيءُ سڃاڻپ مون کي صحيح معلوم ٿئي ٿي. ان ڪري نه ته نالي جي هڪجهڙائي آهي، پر الور ۽ ماهورٽا جي جاگرافيائي بيهڪ مان به پڪ ٿئي ٿي. ان سان گڏ سنڌوءَ جو وهڪرو به اهڙو اشارو ڏئي ٿو. موجوده دور ۾ ماهورٽا سنڌوءَ کان ٻه ٽي ميل پري آهي، پر سڪندر واري دور ۾ جڏهن سنڌو نالي واري پيٽ ۾ وهندي هئي ته ماهورٽا جو شهر الور ۽ درياهه کان پورا پنجيتاليهه ميل پري ڏکڻ اولهه هوندو. [3]اهو ئي سبب هو جو سڪندر درياهي لشڪر کي اڳتي هاڪارڻ جو چئي پاڻ خشڪيءَ رستي روانو ٿيو هو.

ماهورٽا جي جاگرافيائي بيهڪ تجارتي ۽ سياسي نقطه نگاه کان نهايت اهم ڏسڻ ۾ ايندي ڇاڪاڻ ته هتان هڪ اهم تجارتي رستو گذرندو آهي جيڪو ڪڇ گنداوا کان ٿيندو قنڌار پهچندو. جڏهن درياه ماهورٽا کي ڇڏي لاڙڪاڻي ڀرسان وهڻ لڳو ته اها اهميت وري ان شهر کي ملڻ لڳي، جيڪو ماهوٽن کان ڏهه ميل اولهه طرف ۽ سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ سرسبز ۽ خوشحال علائقو هو. ’گهاڙ‘ نالي هڪ نئن، قلات کان نڪرندي هئي، جيڪا مولا يا گنداوا لڪ کان لنگهي اچي هن علائقي ۾ دنگ ڪندي هئي. پر هاڻي ان نئن جو پاڻي گنداوا تائين پهچي هيٺ ميداني علائقي ۾ لڪي ويندو آهي. ان نئن جو پراڻو پيٽ اڄ به سنڌ جي دنگ سان ڏسي سگهجي ٿو. اها نئن ڪڏهن لاڙڪاڻي ۽ ماهوٽن وٽان لنگهي وڃي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. امڪان آهي ته ڪنهن دور انديش حڪمراني جي زماني ۾ هن نئن جي پاڻي کي ونڊي ورڇي پوکي راهيءَ جي مقصد واسطي ڪتب آندو ويو هجي. پاڻيءَ کي ونڊي ورڇي پوکي راهيءَ جي مقصد واسطي ڪتب آندو ويو هجي. تڏهن پاڻيءَ جي هن وهڪري جون ڪنڌيون ڪنارا ڏاڍا ساوا ۽ ڍاوا هوندا.

ڪرٽس (404) پاڻيءَ جي هن وهڪري ۽ موجود تلائن جي اوسي رهندڙ ماڻهن کي پرائسٽي ڪوٺي ٿو. ولسن جو ويچار آهي، ته ڪرٽس پنهنجي سوچ ۾ صحيح آهي. هو اسان جو پراسٿا (Prastha) يا پراسٿالا (Prasthala) جي لفظ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، جنهن جي پاڙ ’اسٿل‘ لفظ آهي ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ٿل (Thala) تان ورتل آهي، اولهه هندستان ۾ مذڪوره لفظ جي معنيٰ پاڻي جو تلاءُ آهي، پر هتي نظر ايندڙ لفظ پرائسٽي (Proesti) آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اهو لفظ پرائسٽي بدران ’پراسٿا‘ هوندو، جنهن جي معنيٰ آهي سنئون سڌو پٽ. سندس اشارو لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي واري سنئين پٽ ڏانهن هوندو، جنهن جي هڪ پاسي سيوهڻ ۽ ٻئي پاسي گنداوا آهي. امڪان اهو آهي ته شايد هي اهو ئي علائقو آهي، جنهن کي ٽالمي پسڪا (Piska) سڏيو آهي. ان بابت سندس بيان آهي، ته اهو علائقو هڪ واهڙ جي ڪناري آباد آهي، جيڪو اوسڪانا جي ماڳن کان مٽي اچي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي.  سندس هن بيان مان پڪ ٿئي ٿي ته هيءَ اوسڪانا اهو ماڳ آهي، جنهن کي ائرين ۽ ڪرٽس اوڪسي ڪئندس لکيو آهي، انهيءَ ڪري نه ته ٻنهي نالن ۾ هڪ جهڙائي آهي پر ڇاڪاڻ اوسڪانا، سنڌوءَ جي اولهه ۾ موجود هڪ واهڙ تي هڪ ٻيٽ جي حيثيت ۾ موجود هو ۽ مارهوٽا جي جاگرافيائي بيهڪ سان ساڳيائپ رکي ٿو. ٽالمي ٻڌائي ٿو ته هن نئن جي اتر ۾ بدانا (Badana) نالي هڪ ماڳ هو. مان سمجهان ٿو اهو موجوده دور وارو گنداوا آهي (221). ڇاڪاڻ ته عام طور ڏٺو ويو آهي، ته يونان وارن ب ۽ گ جا اچار اهڙا ڏنا آهن، جيڪي پاڻ ۾ مٽ سٽ ٿي سگهن  ٿا. پهرئين قديم دور جي عرب مصنفن هن ماڳ جو نالو قندابيل (Kiandabil) لکيو آهي.

وچولو

سنڌ جي وچ واري ڀاڱي کي عام طور تي وچولو سڏيو ويندو آهي، شين سئنگ هن علائقي جو گهيرو پنجويهه سو لي يا چار سوء سترهن ميل ٻڌايو آهي. هن علائقي جي ٿوري پکيڙ مان پتو پوي ٿو ته هي علائقو ننڍو هوندو. جنهن ۾ سيوهڻ، حيدرآباد واري علائقي جو اتريون پاسو ۽ عمرڪوٽ جو ڪجهه علائقو شامل هوندو. انهن علائقن جي ايراضيءَ موجب اتريون ۽ ڏکڻيون هر هڪ پاسو سوء سٺ ميل هوندو ۽ اوڀر ۽ اولهه وارو هر هڪ پاسو پنجيتاليهه ميل ٿيندو. جيڪڏهن انهن چئن ئي پاسن جو جوڙ ڪبو ته ڪل گهيرو چار سوء ڏهه ميل بيهي ٿو. هن علائقي جو مشهور ۽ مکيه شهر او-فين-ڇا O-fan-cha آهي.ا تر سنڌ جي راڄڌانيءَ کان ست سوء لي يا هڪ سوء سترهن ميل ۽ لاڙ واري علائقي جي راڄڌاني پٽاسيلا Pitasila کان پنجاهه ميل پري هئي. اتر سنڌ وارو مکيه شهر الور آهي ۽ پوئين ماڳ لاءِ ڪجهه هتر سان چئي سگهجي ٿو ته اهو پٽالا Pattala يا حيدرآباد هوندو. جنهن جو بيان يونانين به ڪيو آهي. تاريخن ۾ بيان ٿيل فاصلن موجب اهو ماڳ او-فان-چا،  ٻانڀڙا-ڪا-ٺل Banbhro-ka-thul يا فقط ٻانڀراجي جي ڀرپاسي ۾ ٿي سگهي ٿو، جتي روايتن مطابق ڪنهن زماني ۾ برهمنوا Brahmawa يا برهمڻ  آباد نالي هڪ مشهور شهر هوندو هو. شين سئنگ جي بيان مطابق اوفانچا Ofancha يا آواندا Avanda نالي هڪ شهر سنڌ جي وچين علائقي جي راڄڌاني هو، جنهن کي وچولو سڏيو ويندو آهي.

موجوده دور ۾ هن علائقي جا مشهور شهر سيوهڻ، هالا، حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ آهن، وچين زماني جي هندو دور جا مشهور شهر سدوساڻ Sadusan براهماڻا Brahmana يا بهمنوا Bahmanva ۽ نيرون ڪوٽ هوندا هئا. نيرون ڪوٽ جو پراڻو شهر واري ڀاڱي ۾ موجود هوندا. بهمنوا ڀرسان عرب دور جو مشهور ماڳ منصوره هوندو هو. عرب خليفن طرفان مقرر ڪيل گورنر هتي رهندا هئا، اهو شهر هن علائقي جي اصلي راڄڌاني هو. جيڪو پوءَ وڃي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. سڪندر جي زماني ۾ ڊايوڊورس جي حوالي سان اسان کي رڳو ٻن شهرن سنڊومانا Sindomana ۾ برهمڻن جي شهر هر متليا Harmatelya جا نالا ملن ٿا. هيٺ مذڪوره شهرن جو ذڪر ڪجي ٿو. شروعات اتر پاسي کان ڪريان ٿو.

سنڊو مان يا سيوهڻ

اوڪسي ڪئنس جي فتح کان پوءِ سڪندر پنهنجي فوج وٺي راجا سامبس تي ڪاهي ويو، جنهن کي سڪندر پهريائين جابلو علائقي جو راجا مقرر ڪيو هو. سڪندر جي ڪاهه جو ٻڌي راجا سامبس نڪري هليو ويو (395). ائرين جو بيان آهي ته اهو قلعو سامبس جي دوستن ۽ ملازمن سڪندر جي حوالي ڪيو، جن پنهنجي سوکڙين پاکڙين هاٿين سميت اڳتي نڪري سندن آجيان ڪئي هئي. ڪرٽس (396) هن راجا کي سابس Sabus سڏيو آهي، پر سندس راڄڌانيِءَ  جو نالو ڪو نه ٻڌايو اٿائين. سندس بيان فقط ايترو آهي ته ڪيترن شهرن هن جي آڻ مڃي هئي. پر سڀني مان جيڪو سگهارو قلعو هو، تنهن کي سرنگهون. هڻي فتح ڪيو ويو. ڊايوڊورس (397) جي بيان به شهر جو جو نالو نظر ڪو نه ايندو. پر ايترو ضرور ٻڌائي ٿو ته هو ٽيهه هاٿي ۽ فوج ساڻ ڪري گهڻو پري نڪري ويو. (398) اسٽرئبو هن جو نالو سابس Sabus ۽ راڄڌانيءَ جو نالو سنڊومانا ٻڌائي ٿو ته هو ٽيهه هاٿي ۽  فوج ساڻ ڪري گهڻو پري نڪري ويو هو. (399) جو بيان آهي ته سڪندر هڪ ڏوراهين سگهاري شهر کي فتح ڪري پوءَ پنهٿنجي درياهي فوج جي ڪئمپ ۾ پهتو. سندس بيان مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره شهر سنڌ کان گهڻو دور آهي.

مان هندستان جي هن ڀاڱي جي جاگرافيائيءَ بيهڪ جي نقطه نگاه کان پهرين موءرخن سان سهمت آهيان ۽ سمجهان ٿو اهو سنڊومانا سيوهڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن نالي جي ساڳيائپ بهڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ٻي ڳالهه تهن لڪيءَ جي  جابلو سلسلي جي بالڪل ويجهو آهي.سيوهڻ شهر جي پراچينتا (قدامت) کان ڪير به انڪاري ڪو نه آهي. هي شهر لڪيءَ واري ٽاڪرو سلسلي جي ڇيڙي وٽ هڪ سئين سڌي ٽڪري تي آڳاٽي دور جي ڪنهن ناس ٿيل شهر جي دڙي تي اڏيل آهي. ڊي-لا-هوزٽي De-la-hoste (400) جو بيان آهي ته هي قلعو بيضوي شڪل تي آهي. سندس ڊيگهه ٻارنهن سو فوٽ، ويڪر ساڍا ست فوٽ ۽ اوچائي اسي فوٽ کن ٿيندي. پر مون کي ماپ ۾ همچورس لڳو ۽ برنس جي ٻيڙين ۾ بيهي ٻڌايل ماپ کان وڌيڪ ويڪرو ۽ اتاهون معلوم ٿيو. (401) ان زماني ۾ سنڌوءَ جي مکيه وهڪري جي ڪنڌيءَ سان آباد هو. هيءُ درياه هميشه پنهنجا وهڪرا بدلائيندو رهيو آهي. پراڻي دور وارن نقشن ۾ مذڪوره قلعو سنڌوءَ جي اولاهين ڇاڙهه تي نظر ايندو. قديم زماني ۾ جڏهن  سنڌو ناري واري پيٽ مان وهندو هو ته ان جي ويجهي ۾ ويجهي ماڳ جکڙائو وٽان سيوهڻ جو قلو پنجهـٺ ميل پري هو ۽ هن ٿاڪ ۾ اچي ڀٽن جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي. موجوده دور ۾ پاڻيءَ جو نه رڳو سنڌو وارو وهڪرو آهي، جيڪو سيوهڻ جي اوڀر ڏس کان لنگهي ٿو ڌپر ان سان گڏ هن جي اتر پار کان وهندڙ اڙل به آهي، جيڪا منڇر نالي هڪ وڏيءَ ڍنڍ مان وهندي آهي. سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه جنهن کي الهندو نارو چوندا آهن، هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. اندازو اهو ٿئي ٿو ته پاڻيءَ جي وڏي مقدار موجود هئڻ کانسواءِ سيوهڻ جو مشهور ماڳ آباد ٿي ڪو نه سگهي ها، تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌوءَ جي وهڪري ۾ تبديلي اچڻ کان تمام گهڻو اڳ سيوهڻ ڀرسان منڇر وارو پاڻي ضرور موجود هوندو. هيءَ ڍنڍ وچ تي تمام گهڻي اونهين آهي (402) تنهن ڪري اهو ضروري سمجهڻ کپي ته هيءَ هڪ قدرتي ڍنڍ آهي. ان جو ڀرتي ڪندڙ پاڻي هالا لڪي Hala lakki واري جابلو علائقي مان وهي ايندڙ ٻن نَين وسيلي منڇر وسيلي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ هن ڍنڍ جو پاڻي اچي سيوهڻ جي قلعي جي ڀتين سان وڃي لڳندو هوندو. مذڪوره ڍنڍ ۾ مڇي تمام گهڻي ٿيندي آهي ان ڪري سندس نالو منڇر پئجي ويو آهي. [4]ٿي سگهي ٿو ته هي نالو سنسڪرت جي لفظ مٽسيا Matsya ۽ هندي لفظ مڇ Machh يا مڇي جي بگڙيل صورت هجي. ان ڪري منهنجي خيال ۾ منڇر مڇي واري تلاءِ جو ننڍو نار آهي.

سيوهڻ شهر جي جاگرافيائي بيهڪ ڏاڍي سمجهائتي آهي، سندس تعمير هڪ سئين سڌي ٽڪريءَ جي چوٽي تي آهي. پاڻيءَ جي وڏي ڍنڍ ڀرسان آهي، آجڪو ڍيرئون ڍير. اهڙين سهنجاين، پراچين سمي جي سنڌين کي ڇڪي آڻي هن ٿاڪ تي آباد ڪيو، جاچڻ پرکڻ کان پوءِ به اها سڌ سڻس ملي ٿي ته هي ماڳ ڪنهن جهوني جڳ کان وسايو ويو آهي. مئڪمرڊو (403) جو بيان آهي ته سيوهڻ جي وسندي ڀڪ سان ڪنهن پراچين سمي سان واڳيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. الور ۽ برهمڻ آباد کان به گهڻو آڳاٽي آهي. هن شهر جو موجوده نالو سوستان جي ننڍي شڪل آهي.امڪان آهي ته هن ٿاڪ جا رهواسي سيوي Sewi يا سابي Sabis نيت سان واسطو رکندا هوندا. شروعاتي دور جي عرب جاگرافيدانن هن شهر جو نالو مختلف هجي سان لکيو آهي. ڪن وري سدستان Sadustan ڪن سدوسان Sadusan ته ڪن وري شاروسان Sharusan لکيو آهي. جن مان پهريان ٻه چار يوناني موءرخن جي لکيل اچار سنڊومان  سان سهمت آهن. تنهن ڪري مان هن شهر جو نالو سوستان غلط سمجهان ٿو ۽ ويچار اٿم ته پوئين سمي جي ڪن هندن هن شهر جي نالي کي بدلائي شِو ديوتائن پٺيان رکيو آهي، يونان وارن هن علائقي کي سنڊو Sindo ۽ عرب سدو  Sindu لکيو آهي.  جيڪي هن علائقي جي سنسڪرتي نالي سنڌو  Sindhu ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هن ٻوليءَ ۾ هتان جي رهاڪن کي سئنڌاوا Saindhava يا سئنڌو Saindhu چيو ويو آهي ۽ عام مشهور اچار به اهو آهي، تنهن ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته هن راڄڌاني جو نالو ضرور سئندواسٿان Saindhavasthana  يا سندو سٿان هوندو. جنهن کي عرب جاگرافيدان ننڍو ڪري سدستان Sadustan  اچارڻ لڳا. ولسن به سنسڪرت جي مرڪب ”سنڌمان“ جي نقطئه نظر مطابق يوناني واري اچار سنڊو مانا کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. جنهن جي معنيٰ آهي سنڌ جا رهواسي مان پاڻ به يونانين جي نالي سئنڌاوا وانم Saindhava-vanam يا سئنڌووان Saindhuvan سان سهمت آهيان، جنهن جي معنيٰ آهي ”سنڌواسين جي رهڻ جي جوءِ“ Abode of saindhavas.

پر اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته ٽالمي سيوهڻ جهڙي ناليري ماڳ جو عام فهم ذڪر ڇو نه ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان حيدرآباد جي شهر کي درياهي ڇوڙ واري قديم ٽڪنڊي جو مٿيون پاسي سمجهون [5] ته پوءِ ٽالمي جو بيان ڪيل شهر سائڊراس Sydros جيڪو سنڌوءَ جيڪو سنڌوءَ جي اوڀارين ڇاڙهه تي واقع هو سو وڃي مٽالي Mattali (2) بيهندو جيڪو حيدرآباد کان ٻارنهن ميل اتر طرف ٿيندو ۽ سندس بيان ڪيل پاسيپيڊا Pasipeda وڃي سيوهڻ بيهندو. ٽالمي جنهن شهر کي اوسڪانا سڏي ٿو سو سڪندر جي دور وارو اوڪسي ڪئنس ۽ پورٽيڪئنس وارو ماڳ آهي، جنهن کي اسان ماهورٽا وارو وڏو دڙو سمجهون ٿا، ۽ مون کي ته ڪنهن حد تائين يقين آهي ته اهو ماهورٽا وارو ٿاڪ آهي، جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ پسڪا Piska يا پاسپيڊا Pasipeda سيوهڻ ئي ٿي سگهي ٿو. شين سئنگ سيوهڻ کي اهميت ڪانه ڏني آهي، پر هند جي موءرخن جو بيان آهي ته  هي شهر انهن ماڳن مان هڪ آهي، جنهن کي محمد بن قاسم 711ع ۾ فتح ڪيو هو.


[1]  خواجه خضر جي آستان مان لڌل ڪتجي مان پتو پوي ٿو ته درياه اروڙ کي سنه 341هه ڌاران ڇڏيو آهي (ڏسو هينري ڪزنس جو (ائنٽيڪئٽير آف سنڌ) جڏهن ناصر قباچه (وفات 621) اچ جو حڪمران هو ته بکر جو قلعو هڪ ٽڪريءَ تي تعمير ٿيل نظر اچي ٿو. اها ٽڪري اڄ سوڌو درياه جي وچ پيٽ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو قلعو  محمود غزنوي جي حملي جي ذڪر ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي ۽ نه وري ڏاهر جي دور ۾ نظر اچي ٿو. هن مان معلوم  ٿئي ٿو ته ته اها درياهي تبديلي ڏاهر جي راڄ کان اٽڪل ٻه صديون پوءِ آيل ٿي ڀائنجي. (مترجم)

 

[2]  شين سئنگ پنهنجي بيان ۾ صحيح نظر اچي ٿو ، ڇاڪاڻ ته سنڌو اروڙ کان اوڀر ڪڏهن به ڪو نه وهيو آهي. راجا ڏاهر جي زماني ۾ سنڌوءَ جي مکيه وهڪرو ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور واري مشهور ڍوري وارو پيٽ ڏئي وهندو هو جنهن کي اڃا تائين ”سنڌ“ سڏيو ويندو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ڳوٺ رحمت آباد، ڪنڌڪوٽ ويجهو ان سنڌ ڍوري جي ڪنڌيءَ تي آهي. ان جو ننڍو وهڪرو اڳتي وڃي اروڙ جي ماڳن مهراڻ يا هاڪڙي جي الهندي شاخ سان ملندو هو. اتان وري ٽي دريائي وهڪرا ڦٽندا هئا. هڪ مهراڻ يا هاڪڙي جي الهندي شاخ هئي جيڪا ڏکڻ هلي، اهو مساعدي وٽ هاڪڙي يا مهراڻ جي وڏي وهڪري سان ملندي هئي. اهو گڏيل وهڪرو ڪلريءَ وٽان ٻه درياهيءَ جي صورت اختيار ڪندو هو، جن مان هڪ وهڪرو منصوره جي اولهه ۽ ڏانهن لڙي ويو ويو، ان ڪري سنڌوءَ کي به اولهه طرف ڏانهن رخ موڙڻو پيو. ان جو ٻيو ڪارڻ ڌرتيءَ جو ڦيرو آهي، جيڪا پنهنجي فطرت موجب اوڀر کان اولهه ڦرندي رهندي آهي ۽ درياهه الهندي ڏانهن رخ موڙيندا رهندا آهن (382). قديم دور ۾ سنڌو، اروڙ کان اوڀاريون پاسو ڏئي ٽاڪرو علائقي وچان وهندو هو . پر جيئن ته سندس آر الهندي هو، تنهن ڪري روهڙيءَ جي اترئين علائقي مان پنهنجو پيٽ بدلائي روهڙي ۽ بکر جي وچان ٽڪرين جي وٿين منجهان وهڻ لڳو.

[3]  سنڌو ڪڏهن به ناري جي پيٽ مان ڪو نه وڙهو آهي ۽ اهو دور به نظر ڪو نه ٿو اچي ته سنڌوءَ ڪڏهن موڙ کائي موهن جي دڙي کان تمام پري هٽي ويو هجي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ماهوٽا به درياه کان ايڏو دور ڪو نه رهيو آهي، جو سڪندر مٿس حملي ڪرڻ لاءِ خڪشيءَ وسيلي اروڙ کان پنڌ ڪيو هجي. تاريخن ۾ اها ڳالهه ثابت ڪانه آهي ته سنڌو ڪڏهن الور کان اوڀر ۾ وڙهو آهي. سڪندر جي دور ۾ سنڌوءَ  جو وڏو وهڪرو ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ڀرپاسي مان وهندو هوندو جيڪو ڦري گهري وري به موهن جي دڙي ۽ ماهوٽا وٽان لگهندو هوندو ۽ ننڍو وهڪرو الور وٽ هاڪڙي سان اچي ملندو هو. هن بيت ”هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندو پنڌ اروڙ-بهه مڇي ۽ لوڙ سمي ويندا سوکڙي“ مان به اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اروڙ ڏانهن سنڌوءَ جو ننڍو وهڪرو ايندو هو.(مترجم)

[4]  امڪان آهي ته منڇر جو لفظ مين+سر= مينسر آهي. مين= مڇي آهي. سنڌيءَ ۾ سر جي معنيءَ آهي تلاءُ، پر اهو اچار هاڻي بدلجي ڇر ٿي ويو آهي. مينسر معنيٰ مڇي وارو تلاءُ جيڪو گهڻي استعمال سبب منڇر ٿي ويو هجي. ٿي سگهي ٿو ته هن جو سنڌوءَ جي منڍ واري مشهور ڍنڍ مانسروور جي نالي سان ڪو لاڳاپو هجي. (مترجم)

[5]  حيدرآباد جي ڀرپاسي کان وهڻ کان اڳ ۾ سنڌو نصرپور کان وهندو هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ سن 1758 ۾ انڙپور کان هڪ وڏي تبديلي ڪري حيدرآباد وٽان وهڻ لڳو ۽ حيدرآباد شهر واري ٽڪري هڪ ٻيٽ بڻجي پئي. ميان غلام شاه هن صورتحال کي نظر ۾ رکي حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرايو. (ڏسو ائنٽي ڪئيٽز آف سنڌ-هينري ڪزنس انڊس ڊيٽا ڪنٽري) تنهن ڪري يقن سان چئي سگهجي ٿو ته حيدرآباد ڇوڙ واري قديم ٽڪنڊي جو مٿيون  پاسي ڪو نه هوندو.

(2) ٿي سگهي ٿو ته هيءَ شهر مٽياري هجي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org