29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:36   

ڌنڪ ڪٽ جي جاگرافيائي بيهڪ کي ڌارني ڪوٽ يا ڪسٽنا Kistna جي ڪٺار سان امروتي ماڳ وٽ مقرر ڪرڻ لاءِ مون کي نه رڳو طرف ۽ فاصلي جي شاهديءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي، پر ٻيا به ڪيترائي گهڻا سبب آهن، جن جو آءُ هيٺ وستار سان بيان ڪريان ٿو:

سري لنڪا ۽ سيما Siam جي ٻڌ روايتن ۾ اسان کي اهڙا بيان نظر ايندا، جن ۾ گنگا جي ڇوڙ ۽ سري لنڪا جي وچ تي رهندڙ ماڻهن جو ذڪر ملندو، جن کي ناگا سڏيو ويندو آهي. انهن ناگائن وٽ مهاتما ٻڌ سان لاڳاپيل به درون تبرڪ موجود هئا جن کي هيرن جهڙي واري Diamod sands جي ڀرسان دفن ڪري مٿانئن هڪ سهڻي اسٽوپا تعمير ڪرائي وئي هئي. اهي تبرڪ اصلي طور ڪپل وستوءَ ڀرسان رام گرام نالي هڪ ڳوٺ جي ماڻهن جي ملڪيت هئا ۽ انهن مٿان اسٽوپا به اڏيل هئي، پر گنگا درياهه ان کي پاڻيءَ ۾ وهائي کڻي  هليو ويو. تبرڪ واري صندوقڙي جنهن ۾ مهاتما گوتم جي تبرڪن جي اٺين پتي پيل هئي سا ن به وهي وڃي سمنڊ ۾ پئي جيڪا ناگا ماڻهن کي هٿ اچي وئي هئي. اهي ماڻهو اها صندوقڙي کڻي پنهنجي ديس مجريڪ Majerika هليا ويا. سندن ملڪ دانت پور کان ڏکڻ پاسي هو، ڇاڪاڻ ته چيو ويندو آهي ته جڏهن دنت ڪمار Danta Kumara ۽ راجا هيممال Hemamala مهاتما ٻڌ جو ڏند کڻي سري لنڪا وڃي رهيا هئا ته هيرن جهڙي واريءَ ڀرسان ۽  سامونڊي ڪناري ويجهو سندن ٻيڙيون ڀڄي پيون هيون. خود نالو به اهڙو آهي جو هيرن جهڙي واريءَ جي ماڳ جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي. جيڪو ڪسٽنا نديءَ ڪناري ڌارني ڪوٽ ويجهو آهي. هي هيرن جي کاڻين سان لاڳاپيل هڪ محدود علائقو آهي، جنهن جو نالو پريٽال Partial آهي جيڪو ڌارني ڪوٽ جي لڳو لڳ اتر ۾ ٿيندو. چيو وڃي ٿو ته اهي ٻئي ڄڻا سن 310ع ۾ مهاتما جو ڏند کڻي ڀڳا هئا. سيام جي ٻڌ تذڪرن جو بيان آهي ته مهاتما گوتم جا ٻه ذرونا تبرڪ ناگا ملڪ ۾ محفوظ آهن. (795) پر ٽي سال پوءِ يعني 313ع ۾ سري لنڪا جي راجا هڪ ٻُڌ ارهت موڪلي مجريڪ مان سڀئي تبرڪ پنهنجي ملڪ گهرائي ورتا هئا. ناگا ماڻهن ان جي ڏاڍي مخالفت ڪئي پر اهي ڪرامت جي زور تي کڻي وڃي سري لنڪا پهتا هئا. ان کا ن پوءِ ناگا راجا سريلنڪا جي راجا کي ايلاز منٿون ڪري ٻه ٽي تبرڪ ورتا هئا.

سري لنڪا جي تذڪرن ۾ ٿورو ڪجهه اختلاف آهي پر وڏو اختلاف دور بابت ڏسڻ م ايندو. مهانوسو (796) مطابق رام گرام نالي ڳوٺ ۾ هڪ درون تبرڪ هئا. جيڪي پوءِ ناگا جي ملڪ مجريڪ وڃي پهتا هئا ۽ راجا دٿ گامني جي حڪومت جي پنجين سال يعني 157 ق. م ۾ سري لنڪا پهتا. روئن ويلي Ruan Welli ويجهو مهاٿوپا هيٺان دفن ڪيا ويا.

مهاونسو جي مصنف سري لنڪا جي ان وڏي اسٽوپا يا مهاٿوپا جو بيان وڏي شدمد سان ڪيو آهي، پر هيءَ ڳالهه به قبول ڪري ٿو ته مجريڪ واري چئتيا به ڏاڍي سهڻي بڻائي وئي هئي، جنهن جو ڪو مثال ئي ڪو نه آهي. وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ان جي ڏاڪڻ جو آخري ڏاڪو ايڏو ته شاندار ۽ قيمتي هو جو ساري سري لنڪا جي دولت ان جي آڏو ڪا به حيثيت ڪانه ٿي رکي. (797) ڏکڻ هندستان جي قديم آثارن جي ڄاڻ مطابق هيءُ بيان ڌارني ڪوٽ جي اسٽوپا سان سهمت آهي، جيڪو ڪسٽنا نديءَ جي ڪناري تي پٿر جي اڪير جو هڪ نادر نمونو آهي.

سري لنڪا ۽ سياسي تذڪرن ۾ دورن بابت اختلافن ۾ يڪسانيت پيدا ڪرڻ ڏکيو مامرو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته ان ڳالهه جو امڪان ئي ڪو نه آهي ته 157 ق.م واري آڳاٽي دور ۾ مذڪوره تبرڪ ناگا ملڪ مان کڄي سري لنڪا پهتا هجن، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه شڪ کان خالي نه آهي ته ان آڳاٽي دور ۾ ڏکڻ هندستان ۾ ٻڌ ڌرم جو اثر پهتو به هو يا نه؟ مان هن اختلاف کي هيئن سمجهائي سگهان ٿو ته اهي تبرڪ سن 131ع ۾ سري لنڪا پهتا هوندا. سيامي تذڪرن جو بيان به ائين آهي. وڌيڪ بيان آهي ته انهن تبرڪن کي دفن ڪري روتن ويلي ڀرسان هڪ وڏو اسٽوپا اڏيو ويو هو. ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ مذڪوره تبرڪن جو دٿ گامني Dutha gamini جي دور سان غلطيءَ وچان لاڳاپو ڏيکاريو ويو آهي، جنهن هن اسٽوپا جو بنياد رکيو هو. مهاتما جو مشهور ڏند جيڪو سن 310ع ۾ ڪلنگ کان سري لنڪا پهتو هو، تنهن کي پهرين ڌرم چڪر Dharmma chakra ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن مٿان اسٽوپا ديوان انپيه تسو Devanana Piya tisso تعمير ڪرايو هو جيڪو اشوڪ (240 ق.م) جو سهيوڳي هو. ان کان پو اهو اڀيه گري وهار Abhya giri vihara ڏانهن نيو ويو جيڪو سن 89 ق.م ۾ جڙي راس ٿيو هو. (798)

مٿي بيان ڪيل احوال قابل آهي يا نه؟ پر اسان اهو احوال ٻڌ تذڪره نويسن ۽ ٻڌ ياترين ۽ مهاونستو جي نقطه نظر کي ڏسي لکيو آهي ته مهاتما ٻڌ سان لاڳاپيل اهي تبرڪ رام گرام واري ماڳ تي ٽين صدي قبل مسيح جي وچ تائين پنهنجي اصلي جاءِ تي دفن ٿيل هئا. ان زماني ۾ اشوڪ مهاتما جي انهن تبرڪن مٿان اسٽوپا اڏرائڻ ۾ مشغول هو، جيڪي هن جي مرتئي کان پوءِ ونڊيا ورڇيا ويا هئا. جيڪڏهن مهاونسو جي بيان جيان مذڪوره تبرڪ 175 ق.م دوران سري لنڪا نيا ويا هئا ته ماڻهو هي سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو ته رام گرام گرام ماڳ واري اصلي اسٽوپا يا مجريڪ Majerika واري اسٽوپا جيڪا ساري هندستان جي اسٽوپائن ۾ خوبصورت ۽ شاندار هئي سا اسي سالن کان ٿورو وڌيڪ عرصي تائين ڪري تباهه ٿي وئي هئي ۽ منجهن رکيل تبرڪ بعد ۾ سري لنڪا نيا ويا هئا. پر مسٽر فرگوسن اسان لاءِ هڪ ڀروسي جوڳي سند آهي. (799) هن بابت سندس بيان آهي ته ڌرني ڪوٽ Dharanikotta جي اسٽوپا جي شاندار اڏاوت مان ائين لکي سگهجي ٿو ته سندس تعمير گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال ورتا هوندا. تنهن ڪري اهو سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته اشوڪ کان پوءِ مهاتما  ٻڌ سان لاڳاپيل اهي تبرڪ رام گرام واري اسٽوپا يا انگن واري مجريڪ اسٽوپا ۾ ٽيهه ورهيه مس رهيا هوندا. هن مامري ۾ آءُ سياسي تذڪرن کي وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو ۽ سمجهان ٿو ته ڌرني ڪوٽ کان سري لنڪا ڏانهن درون ماپ جيترا اهي تبرڪ سن 313ع ڌاران نيا ويا هوندا.

ڌيان ڏيڻ جوڳي هيءَ ڳالهه به آهي ته اتر هندستان جي ماڻهن کي اها ڪل ئي ڪانه هئي ته رام گرام ۾ دفن ٿيل تبرڪ ناگا کڻي ويا آهن ۽ وڃي مجريڪ ۾ دفن ڪيا ويا آهن. اهڙي سڻس نه فاهيان  کي وري شين سئنگ کي پئي هئي، جن پنجين ۽ ستين صديءَ ۾ پاڻ وڃي اهي ڀيڙيون ڀيٽيون هيون ۽ ٻنهي ياترين جو بيان آهي ته اسٽوپا اڃا سلامت هو. ٻنهي ياترين جي سفرنامن کي پڙهي اچرج ٿئي ٿو ته سندن اچڻ واري دور ۾ به ائين ڀانيو ويندو هو ته رام گرام جي ڀر واري تلاءُ ۾ رهندڙنانگ مهاتما ٻڌ جي تبرڪن تي سچيتائين سان پهرو ڏئي رهيا هئا. (800) ٻڌ ڌرم جي هڪ پراڻي ڏند ڪٿا موجب تلاءَ ۾ رهندڙ ان نانگ اشوڪ کي رام گرام مان تبرڪ کڻي وڃڻ کان روڪيو هو. وقت گذرڻ کانپوءِ جڏهن رام گرام ڊهي ناس ٿي ويو ته ان ڏند ڪٿا ۾ به ٿوري تبديلي ڪئي وئي ته اشوڪ تبرڪ کڻي وڃڻ ۾ ان ڪري سوڀارو ڪو نه ٿيو هو جو اهي نانگ کڻي هليا ويا هئا. هن قسم جي ڏند ڪٿا کي ڏکڻ هندستان ۾ رهندڙ ناگا قوم جلد قبول ڪري ورتو هوندو ۽ ويساهه و سوزل ماڻهن اهو به مڃي ورتو هوندپو ته اهي تبرڪ مجريڪ جي ملڪ ۾ پهچي ويا آهن.

رام گرام مان کنيل تبرڪن بابت سري لنڪا جي تذڪرن جو بيان آهي ته اهي هڪ درون ماڻ جي برابر هئا پر سيام وارن جو بيان آهي ته اهي ٻه درون هئا. منهنجي خيال موجب انهن کي عام طور درون-ڌاتو Drona-Dhatu سڏيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي تبرڪن جي درون. پالي ٻوليءَ ۾ هن لفظ کي دون Dona سڏجي ٿو جيڪو شين سئنگ جي تو-نا-ڪي To-Na-Ki جو صحيح اصل آهي. پورو نالو دون ڪا ڌاتو Dona Ka Dhatu يا دون ڪا Donaka هوندو، جنهن کي ڪوٽ Kota جي اضافي سان دونا ڪاڪوٽ Dona Ka Kota سڏيو ويندو هوندو جيڪو چيني ٻوليءَ جي پدن مطابق تو-نا-ڪي-ڪيا-ٽس To-na-Kei-Kia-Tse ۽ لکت موجب ڌنڪا ڪاتا Dhanaka Kata ٿي ويو هوندو. مان اڳي هن ڳالهه جو اظهار ڪري آيو آهيان ته ڪانهري Kanhari مان هٿ آيل تاريخ واري لکت مان پتو پوي ٿو ته ڌنڪو ڪاتا Dhanaku Kata جو نالو سن 108ع سان واسطو رکي ٿو. سڀني لکتن ۾ هن نالي جي هجي ڌ Dh اکر سان آهي پر د D سان ڪانه آهي. ان ڪري منهنجو اشارو آهي ته درون-تبرڪن واري ڏند ڪٿا هن دور کان پوءِ واري زماني سان واسطو رکي ٿي. اسان پوريءَ  ريت ڄاڻون ٿا ته ٻڌ ڌرم0 وارن جو اهو عام رواج هو ته نالي جي هجي کي ڦيرائي گهيرائي مهاتما گوتم سان لاڳاپيل ڪنهن نه ڪنهن ڏند ڪٿا سان هروڀرو به وڃي ملائيندا هئا. اهڙيءَ ريت تڪشا سيلا Takshacila ۽ گهڙيل پٿر تنهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب ڦيرائي تڪشا-سيرا يعني وڍيل سر بنائي ورتائون. آدي ڇتري Adi Chhatri جنهن جي معنيٰ آهي راجا آدي جي ڇٽي، تنهن کي پنهنجي مرضي مطابق ڦيرائي، آهي ڇتري Adi chhatri يعني نانگ جي ڇٽي يا ڪلنگي بنائي ڇڏيائون. جيڪا مهاتما ٻڌ جي مٿي تي ڏسڻ م ايندي آهي. تنهن ڪري رام گرام وارن تبرڪن جي درون تي نانگ جي پهرين جي ناتي مان ائين سمجهان ٿو ته اصلي پراڻي نالي ڌنڪا Dhanaka کي ٻڌن ڦيرائي دونڪا Donaka ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن ان نالي کي رامگرام مان تبرڪن ڪڍي وڃڻ واري ڏندڪٿا سان ملائي سگهجي.

هن ماڳ جو موجوده نالو ڌرني ڪوٽ آهي. منهنجو خيال آهي ته هيءُ نالو به ڀاوَويڪ Bhavavivika واري ڏند ڪٿا مان نڪتل ٿو ڀائنجي، جنهن کي شين سئنگ به قلمبند ڪري ڇڏيو آهي. هتي متقي ۽ پرهيزگار ياتريءَ مستقبل جي مهاتما ٻڌ مئتريا Maitreya کي ڏسڻ واسطي ٽي سال روزا رکيا ۽ ڌراني Dharani جي شبد ٻولين جو ورجاءُ ڪندو رهيو. ٽن سالن گذرڻ کانپوءِ آولوڪيتسوار Avalokiteswara  ظاهر ٿيو ۽ کيس ڌنڪا ڪتا Dhanaka Kata ملڪ ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي ۽ کيس شهر جي ڏکڻ پاسي موجود هڪ گفا جي منهن وٽ ويهي ڌارني وارا پوتر ٻول جپڻ جي صلاح ڏنائين. مذڪوره پوتر ٻول ورج-پاني Varja-Pani ڄڻ هڪ وينتيءَ برابر هئا. کيس چيو ويو ته جيڪڏهن هو ائين ڪندو ته سندس آشا پوري ٿيندي. اهڙيءَ ريت هن چيني ياتريءَ ٽي سال وڌيڪ روزا رکيا ۽ پوءِ وجز پاني هن وٽ اوچتو اچي ظاهر ٿيو ۽ کيس هڪ ڳجهو منتر ٻڌايائين، جنهن سان ان گفا جو بند ٿيل منتر کلي پوڻو هو، جتي آسور Asuras رهندا هئا ۽ مستقبل جو مهاتما ٻڌ به ساڻن رهندو هو. ٽي سال ڌراني جو ڳجهو منتر پڙهيو نيٺ اهو جبل ڦاٽي پيو ڀاوَ وويڪ ڊڄ کان کيس ڇڏي هلي اويا. هو اندر داخل ٿيو ته گفا جو منهن بند ٿي ويو ۽ پوءِ ان کي ڪير به ڏسي ڪو نه سگهيو. ستين صديءَ ۾( ڌارني واري ڏند ڪٿا ۽ ڪرامت ۾ ڌنڪا ڪٿا جي رهواسين جو گهڻو ويساهه هوندو هو. هيءَ جڳهه ماڻهن وٽ ڌراني ڪوٽ يا ڌارني جي گفا واري ڪرامت جي نالي سان مشهور هوندي.

ڪن گفائن مان پهرين ۽ ٻين صدي سان لاڳاپيل لکتون مليون آهن، جن ۾ ڌنڪا ڪتا جو نالو ملي ٿو. ان بابت اسان کي ٽالميءَ جي جاگرافيائيءَ ۾ ڪي اهڃاڻ جاچڻا پوندا. مذڪوره ڪتاب جا پنا اٿلائڻ کان پوءِ اسان کي پتو پوي ٿو ته ان ڪتاب ۾ ڌارني بدران اراؤراني. Aruarni يا اوارني Avarni قبيلي جي ماڻهن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي مئسولس Maisalus ۽ گوداوري Godavari نديءَ جي هيٺئين علائقي ۾ رهندا هئا۔ سندن راجڌانيءَ جو نالو ملنگه Malanga ۽ راجا جو نالو باسرونگا Bassoronga هو. ملنگا بابت ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ماڳ الور Ellur آهي. ان جي ڀرسان هڪ آڳاٽي راجڌاني وينگي Vengi جا ٿرڙ آهن، جنهن کي اڄ سوڌو پيدا ويڳي Pedda vegi يعني وڏي ويگي يا چينا ويگي Chenna vegi يعني ننڍي ويڳي سڏيو ويندو آهي. (801) مذڪوره ملنگا به هن ماڳ جي اوسي پاسي ٻڌائي وئي آهي ۽ اهو نالو بندر ملنگا جي شڪل ۾ اڄ به مسليپيٽم Masulipatam  کان اوڀر-اتر-اوڀر 54 ميل پري سامونڊي ڪناري سان موجود آهي. مان سمجهان ٿو ته ڌنڪا ڪتا، درمي نقطهء نگاه کان هڪ مکيه وسندي هوندي ۽ وينگي جو ماڳ ملڪ جي راجڌاني طور مشهور هوندو.

جيتري قدر راجا جي نالي جو تعلق آهي ته منهنجو خيال آهي ته يوناني بسارو ناگا Bassaro naga مهاونسو جي پاسي نالي مجريڪا ناگ Majarika naga سان هڪجهڙائي رکندو هوندو. (802) هتي هيءَ ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته م M ۽ ب B هڪ ٻئي ۾ مٽبيون سٽبيون آهن ۽ ڪا Ka هڪ اضاف لفظ آهي جيڪو ڪنهن لفظ جي اڳياڙي يا پڇاڙيءَ ۾ ڳنڍيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت يوناني لفظ باسارو پالي ٻوليءَ جي لفظ کي ماجيري Majeri جي برابر سمجهي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت ٽالمي جو لکيل لفظ مالنگا ناگا ماڻهن جي راجڌاني ماجريڪا Majerika ٿي سگهي ٿو. هن ساري معاملي تي جيڪڏهن ويچارجي ٿو ته شاهديون اهڙيون ملن ٿيون جن مان سمجهجي سگهجي ٿو ته ڌارني ڪوٽ شين سئنگ وارو ڌنڪا ڪاڪتا ۽ مجريڪا وارو نانگن جو اسٽوپا آهي، جيڪو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا ۾ تمام گهڻو مشهور هو. مان مهاونسو جو احوال اڳي ئي مٿي لکي آيو آهيان، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مجريڪ وارو اسٽوپا نهايت اعليٰ ۽ شاندار هو. ان جي پڇاڙي وارو ڏاڪو اهڙو ته املهه هو جو ساري سري لنڪا جي دولت جي برابر هو. (803) اسان جي اکين ڏٺي شاهدي اها آهي ته ان ۾ پٿر جي جيڪا اڪر ڪئي وئي آهي، تنهن جو ته ڪو به مثال ڪو نه آهي ۽ هاڻي ته اهي انڊيا آفيس ميوزيم، لنڊن جي زينت بنيل آهن. ان کان علاوه ماڻهن کان اهڙيون روايتون به ٻڌڻ ۾ آيون ته ڌارني ڪاڪتا ڪنهن زماني ۾ هندستان جي هڪ ڀاڱي جي راجڌاني ضرور رهيو آهي. (804)

هيءَ اسٽوپا ڪيتري پراڻي آهي، تنهن جو فقط اندازو ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انڊيا آفيس ميوزيم لنڊن ۾ رکيل اڪريل پٿرن تي ويهه لکتون نظر اينديون، پر انهن مان ڪنهن تي به تاريخ وغيره لکيل ڪانه آهي ۽ نه وري منجهن ڪنهن راجا يا خاص ماڻهوءَ جو نالو ڏنل آهي جنهن جو ڪنهن معلوم دور سان واسطو هجي، پر آئيويٽا جي طرز مان اندازو ضرور ڪري سگهجي ٿو. مون کي پوري پڪ ٿئي ٿي ته اها لکت ڪانهري Kanhari، ناسڪ Nasik ۽ ڪارلي Karli وارين گفائن جي لکتن جي سهيوڳي
آهي، جن ۾ آنڌرا گهراڻي جي گوتمپترا
Gotamiputra ساتڪرني Satakarni پودو مائي Pudumayi يادينه سري Yadyna Sri جي ڏنل سوکڙين جو ذڪر ڪيو آهي. اهي لکتون ڀيلسا اسٽوپا Bhilsa Stopa جي لنگهه ساتڪرني (805) ۽ گرنار واري جبل تي  رودر دام Rodra dama سان به هڪجهـڙائي رکن ٿيون. مان اڳي ئي لکي آيو آهيان ته ڪانهري لکتن مان هڪ ٽيهين سَڪادتيه ڪال Shkaditya kal واري يا سڪ Sake دور سان واسطو رکي ٿي، جيڪا عيسوي سن 109ع جي برابر آهي. هاڻي مان ايترو اضافو ضرور ڪندس ته رودردام واري لکت ٻاهترئين سالن ۾ ڪئي وئي آهي جيڪڏهن هن کي وڪر ماجيت دور سان ڀيٽائي ڏسنداسون ته اهو سن 15ع وڃي بيهندو ۽ وري جيڪڏهن سڪادتيه ڪال سان ڀيٽائي ڏسبو ته سن 150ع ٿيندو. اهي ٻئي سن ٻي صدي عيسويءَ واري دور ۾ اچي وڃڻ ٿا، جنهن سان مان امروتي Amaravati جي لکت کي منسوب ڪيو آهي. ڪرنل  ميڪنزي Col. Machenzie ڌارني ڪاڪتا جي ٿرڙن جي کوٽائي مان گوتمپترا جقا سيهي جا (806) ۽ ان سان گڏ آنڌرا جي ساتڪرني گهراڻي جي راجائن جا به ڪي سڪا لڌا آهن. هن قسم جي لاڌ اهڙي تي پڪي شاهدي آهي، جنهن مان يقين ٿئي ٿو ته انهن راجائن جي دور ۾ هتي ڪي اهم اڏاوتون ضرور هونديون. مان هن ڳالهه جو اڳي ئي اشارو ڏئي آيو آهيان ته گوتميپترا ساتڪرني شايد اهو ئي ساڳيو ماڻهو آهي جنهن کي مهان ساليواهڻ Great Salivahan سڏيو ويندو هو ۽ جنهن جي راڄ سان سڪ يا ساڪ دور ڳڻڻ شروع ڪيو ويو هو. مان هن خيال جو به قائل آهيان ته سن 90ع ۾ هن ئي راجا امروتي واري اسٽوپا تعمير شروع ڪرائي هئي، جيڪا يادريه سري Yadrya sri ساتڪرني جي دور ۾ ٺهي راس ٿي هئي. هي راجا سندس جانشين مان هڪ هو جيڪو سن 142ع ۾ گاديءَ  تي ويٺو. اها تاريخ اسٽوپا جي تعمير واري دور سان سهمت آهي. ان اسٽوپا بابت چئي سگهجي ٿو ته مذڪوره اسٽوپا جي اڏاوت عيسوي سن کان اڳ جي آهي ۽ سن 313ع کان پوءِ جي ڪا نه آهي ۽ ان ئي زماني ۾ هن اسٽوپا ۾ رکيل تبرڪ سري لنڪا ڏانهن نيا ويا هئا. ان دور کان گهڻو پوءِ يعني يارهينءَ صديءَ ۾ دنڪا Danaka جو ابوريحان ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته اهو ڪونهان Konhan جي ميداني علائقن مان هڪ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪونهان ڪسٽنا Kistna ماٿريءَ وارو پٽ آهي. هن علائقي جو بيان اضافي شاهدي ڏئي ٿو ته شين سئنگ جو ذڪر ڪيل هيءُ ماڳ ڌنڪا ڪتا آهي، جنهن کي مان ڪسٽنا نديءَ جي ڪناري تي موجود ڌارني ڪوٽ جي شڪل ۾ سڃاڻڻ ۾ سوڀارو ٿيو آهيان. ابوريحان جو بيان آهي ته دنڪا گينڊن جو اصلي ماڳ آهي. (807) سليمان تاجر به اهو ساڳيو ذڪر ڪيو آهي. (808) سندس بيان اهي ته ڏکڻ هندستان جي هڪ علائقي جو نالو رهمي Ruhmi آهي، جتي نازڪ ۽ نفيس ململ جو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو هڪ مُنڊي مان پار ڪري سگهبو هو. (809) مسعودي ساڳيءَ علائقي کي رهما Rahma ۽ ادريسيءَ دومي Dumi ڪري لکيو آهي. مسعوديءَ جو بيان آهي ته مذڪوره علائقو سامونڊي ڪناري سان پکڙيل آهي مارڪوپولو موسليپٽم جي علائقي ۾ موٽافيلي Motafili شهر جو ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته اهو ملبار جي اتر ۾ ۽ هيرن گهڻو مشهور آهي، اتي اهڙو سوٽي ڪپڙو جڙندو آهي جيڪو ڪوريئڙي جي ڄار جهڙو سنهڙو هوندو آهي. موٽافيلي کي موسليپٽم طور سڃاتو ويو آهي. ماوٽاپيلي نالي وڏو شهر سامونڊي ڪناري سان به موجود آهي، جيڪو ڌارني ڪوٽ کان 65 ميل ڏکڻ ۽ موسليپٽم کان 70 ميل ڏکڻ-اولهه پاسي ٿيندو. ٻنهي حالتن ۾ مارڪوپولو جو بيان هن ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته گوداوري جي ڇوڙ وارو علائقو هيرن ۽ سنهي ململ ڪري گهڻو ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته مذڪوره علائقي ۾ هيرن واري پرتيال Partyal ايراضي جيڪا ڌارني ڪوٽ کان لڳو لڳ اتر ۾ آهي جنهن ۾ سنهي ململ واري ايراضي موسليپٽم به شامل هئي تنهن کي قديم عرب جاگرافيدانن واري رهمي يا دومي علائقي طور سڃاتو ويو آهي. جيڪڏهن هن لفظ جي هِجي ۾ ٿوري ڦير گهير ڪبي ته رهمي ڌنڪ جي لفظ ۾ بدلجي ويندي. جيڪو ابوريحان جي لکيل لفظ ڌنڪا Dhanaka جهڙو آهي.

اوڙيسا جي تذڪرن مطابق (810) امروتي جي موجوده شهر جو بنياد اوڙيسا جي راجا سريا ديو Surya Deva ٻينءَ راجڌانيءَ طور ٻارهين عيسوي صدي ۾ رکيو هو. هيءُ نالو بشو ديوتا جي پوڄا جي نقطه نگاه کان پهريائين امرناٿ Amaranatha يا امرس وار Amareswara رکيو ويو هوندو. هن ديوتا جي ٻارنهن لنگن ۾ هڪ جو واسطو اجين سان آهي، جيڪو اصل ڪٽسنا نديءَ جي ڪناري هڪ پؤتر نگر جي مندر جي ملڪيت هو. اسان کي اها به ڄاڻ آهي ته اجين ۾ مهاڪال Mahakala نالي هڪ مندر هوندو هو. شو ديوتا سان لاڳاپيل باقي ڏهه مندر ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ موجود هوندا هئا.

مان هن احوال کي ايم ووين ڊي سئنٽ مارٽن جي حوالي سان بيان ڪرڻ کان اڳ بند ڪرڻ ڪو نه ٿو چاهيان جنهن ۾ هن شڪ ڏيکاريو آهي ته ڊنڊڪ Dandak جو نالو ڌنڪا ڪتا (ڌنڪڪت) سان ڪو لاڳاپو رکي ٿو يا نه؟ (811) ڊنڊڪارنيه Danda Karanya يا ڊنڊڪ جو ٻيلو هندستان ۾ گهڻو مشهور آهي. هندستان جو وڏو جوتشي واره مهيرا Varaha Mihira (812) ٻين ٿاڪن سان گڏ ڊنڊڪ ماڳ کي ڏکڻ هندستان ۾ ٻڌائي ٿو. سندس بيان هن ريت آهي: ڪيرالا Kerala  ڪرناٽ Karnata، ڪانچي پور Kanchi Pura، ڪونڪن Konkana ۽ چينا پتڻ Chinna pattana  (مدراس) ڏکڻ هندستان ۾ آهن هنن نالن مان ائين ڀاسجي ٿو ته ڊنڊڪه، ڪونڪن يا مٿئين ڪسٽنا کان هڪ ڌار ۽ الڳ ايراضي آهي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته اها ڪسٽنا جي هيٺين ايراضي هجي جنهن جي راجڌاني ڌنڪا ڪتا (ڌنڪڪٽ) هوندي هئي، پر پويون نالو هن علائقي جي الهندي غارن جي تمام آڳاٽين لکتن ۾ ڏسجي ٿو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڊنڊڪ لفظ جي فعلي هڪجهڙائي هڪ اتفاقي ڳالهه آهي. شين سئنگ جو بيان آهي ته ڌنڪا ڪتا (ڌنڪڪٽ) جو گهيرو 6000 لي يعني 1000 ميل هو. هيڏي وڏي پکيڙ جي تائيد اسان کي تا-آن-تا-لو Ta-An-Ta-Lo جي نالي مان به پئي ٿي جنهن کي مها آنڌرا سڏيو ويندو هو، جنهن ڏانهن شين سئنگ جي ايڊيٽر به ڌيان ڇڪايو آهي. (813) سندس چوڻ آهي ته تلنگانه جا ٻيا علائقا جهڙوڪ: ڪالنجا Kalinga ۽ آنڌرا ٻئي ڌنڪا ڪتا کان ننڍا آهن. ڪنهن به طرف کان هن علائقي جي سرحد بيان ڪانه ڪئي وئي آهي پر ٿي سگهي ٿو ته هن علائقي جي ايراضي ايتري حد تائين پکڙيل هوندي جيتري حد تائين تيلگو ٻولي ڳالهائي ويندي هوندي. اهڙيءَ ريت مذڪوره علائقي جون حدون هن ريت ٿي سگهن ٿيون. اولهه پاسي کان ڪل برگ Kul barga ۽ پين ڪنڊا Penno Konda، ڏکڻ کان ترپتي Tripati ۽ پوليڪٽ Pulikat ڍنڍ، اتر کان آنڌراءِ ۽ ڪالنجا ۽ اوڀر پاسي کان سمنڊ. مذڪوره سرحدن کي نظر ۾ رکندي مان هن خيال جو آهيان ته مٿئين بيان مطابق اهو وڏو علائقو شين سئنگ وارو ڌنڪا ڪتا (ڌنڪڪٽ) ٿي سگهي ٿو.

چولين يا چوريا

شين سئنگ ڌنڪا ڪاڪتا کان 1000 لي يا 167 ميل ڏکڻ اولهه سفر ڪري چو-لي-يا Chu-Li-Ya يا جهوليا Jholiya نالي هڪ ماڳ وٽ پهتو هو، جيڪو سندس بيان موجب ننڍڙو علائقو هو ۽ سندس گهيرو 2600 لي يا 400 ميل هو. (814) هيءُ هڪ اڻ ڄاتو ملڪ آهي تنهن ڪري ضروري آهي ته هن ياتريءَ جي بعد واري سفر تي ويچارجي، جيڪڏهن 1500 يا 1600 لي ڏکڻ پنڌ ڪري ڪانچي پور يا ڪنجيورم Conjeveram پهتو هو ته هيءُ ماڳ دراويد Dravida علائقي جي راجڌاني هو. ڪسٽنا کان ڪانچي پور 240 کان 260 ميل پري نديءَ جي ڪناري سان ڪٿي جاچڻ گهرجي. مذڪوره جاگرافيائي بيهڪ ڪرنول Karnnul سان هڪجهڙائي رکي ٿي، جيڪو ڪانچي پور کان 230 ميل پري اتر-اتر-اولهه پاسي سڌي پنڌ تي ۽ ڌارني ڪوٽ کان 160 ميل اولهه –ڏکڻ –اولهه طرف آهي . ايم جولين هن چوليا کي ڇولا   Chola سمجهي ٿو جنهن کي چالا منڊل Chala Mandal ڪورو منڊل Coromaundel ڪوٺيو ويندو آهي. ويچارجي ته چولا دراويد کان ڏکڻ ۽ شين سئنگ وارو چوليا ان جي اتر طرف هوندو، جيڪڏهن اسان هن چيني ياتريءَ جي ٻڌل طرف ۽ فاصلي کي صحيح سمجهنداسين ته پوءِ ڇوليا جي جاگرافيائي بيهڪ کي ڪرنول Karnul جي ڀرپاسي ۾ ڳڻڻو پوندو.

پروفيسر لئسن هن ڳالهه جو صلاح مشورو ڏنو آهي ته چوليا ۽ دراويد ماڳن جا نالا چيني ياتريءَ جي سفر نامي جي ايڊيٽر مٽائي سٽائي ڇڏيا آهن. ٻه ٽي سال ٿيندا جو مونکي مذڪوره سفرنامي پڙهڻ جو موقعو مليو هو ۽ پروفيسر لئسن جي ڏنل اشارن کي پڙهڻ جو پڻ موقعو مليو. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته چيني ٻولي جا پدچو-لي-يي Chu-Le-Ye چولا Chola جي برابر آهن ته پوءِ اهڙن اشارن ۾ صلاح ۽ مشورن مڃڻ ۾ به ڪا ڏکيائي ڪانه آهي، پر مان ايم ووين ڊي سئنٽ مارٽن سان سهمت آهيان (815) ۽ اهڙيءَ مٽ سٽ جو به ڪو امڪان ئي نظر ڪو نه ٿو اچي، توڙي جو شين سئنگ جي سفر نامي ۾ چولا ملڪ جو ذڪر ئي ڪو نه ٿو ملي. ايم ووين ڊي سئنٽ مارٽن ڪارو منڊل جي نالي هاڻوڪي استعمال ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن کي موراس واري سامونڊي ڪناري لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي، جيڪو اتر ڏانهن وڌندو وڃي گوداوريءَ جي ڇوڙ تائين پهچي ٿو، چولا جي ملڪ جي امڪناي سرحد ڪسٽنا نديءَ جي لڳو لڳ ڏکڻ طرف چئي سگهجي ٿو. منهنجي خيال موجب هن علائقي جي اها پکيڙ يورپي ٻيڙين جي سمجهه مطابق آهي ۽ هنن اها سڙڪ پنهنجي سولائيءَ خاطر سمجهي آهي. ان کان علاوه هيءُ نالو سامونڊي ڪناري پاري علائقي سان لاڳاپيل آهي پر چوليا Choliya جو ذڪر شين سئنگ ڪيو آهي. سندس بيان موجب مذڪوره علائقو ڌنڪڪت کان ڏکڻ-اولهه پاسي، ايراضيءَ ۾ هڪ ننڍڙو علائقو آهي. جيڪڏهن اسان چيني ياتريءَ جي بيان کي جيئن جو تيئن ڪري سمجهون ته پوءِ امڪان ئي ڪو نه آهي ته اهو علائقو اوڀر طرف ايترو وڌي وڃي ۽ سامونڊي ڪناري وارو علائقو بنجي پوي.

اسان هيءَ ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ته چوليا واري علائقي کي سڃاڻڻ ڏکيو آهي. هن بابت منهنجي راءِ اها آهي ته چيني ياتريءَ جي بيان کي جيئن جو تئين قبول ڪجي يا پروفيسر لئسن جي خيال جيان ان بيان ۾ مٽ سٽ واري ڳالهه کي قبول ڪجي. پهرين ڳالهه جي نقطه نگاه کان چوليا جي علائقي کي ڪرنول Karnul جي اوسي پاسي ڳولڻ کپي. پوئين ڳالهه موجب يا ته ان کي چولا وارو مشهور علائقو سمجهڻ گهرجي، جنهن جي مشهور راجڌاني تانجور Tanjor آهي.

هندستان چائنو-جپاني نقشو، جنهن ۾ هن چيني ياتريءَ جي سفر نامي کي وڌيڪ چٽو ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ چوليا نالي جي هجي چو-يي-نوChu-ye-No آهي ۽ ان ايراضيءَ کي دراويد کان اتر ۽ ڌنڪ کان ڏکڻ-اولهه ڏيکاريو ويو آهي.شين سئنگ جي سفرنامي جي احوال ۾ به ائين ئي لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مٿيان چيني ٻوليءَ جا پد ڪندنور Kandanur نالي جو مفهوم ڏيکارن ٿا. بچانن Buchanan جي خيال موجب اهو ڪرنول جو بلڪل صحيح ترجمو آهي.

ڪرنول شهر جي بلڪل ڀرسان زورا Zora يا جورا Jora نالي هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو نقشن ۾ جورام پور لکيل ڏسجي ٿو، اهو چيني ياتريءَ جي لکيل نالي چوليا يا جوريا سان گهني هڪ جهڙائي رکي ٿو. چيني ٻوليءَ جي منڍ وارا پد ڪڏهن ڪڏهن ڪتب ايندا آهن پر اهڙو ساڳيو اکر ڪجو گيرا Kajugira، جوتنگ Juting ۽ جيولشڪا Jyolishka ۾ به ڏسجي ٿو. منهنجو خيال آهي ته ايم جولين جي جو Ju يا جو Jo واري پڙهڻي صحيح آهي. مان هن ماڳ جورا کي ٽالمي جو بيان ڪيل ماڳ سورا ريجيا آرڪٽي Sora Regia Arcati سمجهان ٿو. ڪن ڇاپن ۾ وري لفظن کي ڦيرائي گهيرائي آرڪٽي ريجيا سورا لکيو ويو آهي. جيڪڏهن گاڏي گهوڙي جي اڳيان ٻڌجي ته به گاڏي گاڏي رهندي. منهنجي راءِ آهي ته سورا، راجا آرڪيٽاس Arkats جي راجڌاني هوندي. توڙي اها نالي اڳيان لکي وڃي يا پڇاڙيءَ ۾. آرڪيٽاس مدراس ڀرسان ارڪاٽ Arkat وارو ماڳ سمجهيو ويو آهي. جنهن قبيلي کي ٽالمي سوراءِ نوميڊس Sorae nomadus ڪري لکيو آهي، سو منهنجي خيال موجب سورا Sauras قبيلي جي ڇاڙهه هوندو. جيڪي اڄ سوڌو ڪسٽنا نديءَ جي ڪناير سان رهندا آهن. ڪرنول شهر کان هڪ سؤ شهر آباد آهي، جنهن جي راجا جو اباڻو پنهنجي فرمانبردار قبيلي جي پکيڙ تائين مشتمل هو. سندن اها دعويٰ آهي ته ٽيهن صدين کان وٺي اهڙو راڄ هلندو پيو اچي. (816)

چوليا بابت بيان آهي ته ان جو گهيرو  2400 لي يا 400 ميل هو. ان جو گهيرو ايترو ته ننڍڙو آهي جو سندس سڇاڻ ئي مشڪل ٿي وئي آهي. جيڪڏهن سمجهيو وڃي ته اها ايراضي ڪرنول علائقي جي سرحدن اندر آهي ته پوءِ ڌنڪڪٽ واري علائقي جي اتر-اولهه علائقي واري ڪنڊ ڪٽجي ويندي ۽ ان جي گهيري ۾ به ڪو فرق ڪو نه ايندو، توڙي جو مذڪوره ايراضي منجهائس ڪٽجي به ويندي. جيڪڏهن اسان چوليا کي چولا سمجهنداسون ته مان ان ۾ تانجو وارو موجوده علائقو شامل سمجهندس، جيڪو اتر-اولهه پاسي کان ساليم Salim  ڀرسان سنڪيري Snkeri-دورگ Drug وٽان هلي ڪاويري Kaveri يا ڪولرون Kolrun نديءَ جي ڇوڙ تائين اتر-اوڀر پهچي ٿو. ڏکڻ-اولهه طرف ڊنڊيگل Dindigal ۽ اوڀر-ڏکڻ ڪليميئر Kalmere اٿس. هن پٽي جي 120 ميل ڊيگهه ۽ 80 ميل منڍو آهي، جڏهن ته گهيرو 400 ميل ٿيندو.

دراويد

ستين صديءَ ۾ تا-لو-پي-چا Ta-Lo-Pi-Cha يا دراويد علائقي جو گهيرو 6000 لي يا 1000 ميل هو ۽ سندس راجڌاني جو نالو ڪين-چي-پو-لو Kien-Chi-Po-Lo يعني ڪانچي پور هو، جنهن جو گهيرو 30 لي يا 5 ميل هو. (817) ڪنجيرم جو صحيح سنسڪرتي نالو ڪانچ پور آهي، جيڪو پلار Palar جي ڪناري سان هڪ قديم ۽ ڏنگو ڦڏو شهر آهي. دراويد جي اتر پاسي ڪونڪن Konkana ۽ ڌنڪڪٽ وارا علائقا ڏکڻ  ۾ ملڪوت Malakuta آهي. البت اولهه پاسي ڪنهن علائقي جو ذڪر ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اڇي، تنهن ڪري سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته اپٻيٽ جي هڪ پاسي سمنڊ کان وٺي ٻئي پاسي سمنڊ تائين هليو ويو هوندو ۽ سندس سرحد کي هڪ اندازي موجب هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته سندس اتريون دنگ ڪنداپور Kundapur وٽان شروع ٿيندو هو. اولهه کان سامونڊي ڪناري واري ماڳ ڪدور Kadur ۽ ترپيتي کان ٿيندو پوليڪٽ Polikat ڍنڍ تائين پهچندو هو ۽ ڏاکڻيون دنگ ڪليڪٽ Calicat  کان ڪارويري نديءَ جي ڇوڙ تائين چئي سگهجي ٿو . انهيءَ سرحد سان هن علائقي جو گهيرو 1000 ميل بيهي ٿو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهي امڪاني سرحدون صحيح آهن.

جڏهن چيني ياتري ڪانچي پور ٽڪيو پيو هو ته ان زماني ۾ سري لنڪا مان ٽي سؤ ٻڌ لڏي پلاڻي اچي اتي پهتا هئا، ڇاڪاڻ ان وقت جي راجا جي مرتئي کان پوءِ ملڪ ۾ وڳوڙي حالتون هيون. منهنجي ليکي مطابق شين سئنگ ڪانچيءَ ۾ 30 جولاءِ 639ع تي پهتو هو. ٽرنر Turnour جي ڏنل سري لنڪا جي راجائن جي فهرست پهتو هو. ٽرنر Turnour جي ڏنل سري لنڪا جي راجائن جي فهرست ۾ راجا بونا مگلان Muna Magalan کي 639ع ۾ نگهوسار ڪيو ويو هو. سري لنڪا مان ايندڙ ٻڌن جون ڳالهيون وڳوڙي حالتن ڪارڻ سينگ-ڪيا-لو Seng-Kia-Lo يعني سري لنڪا ڏانهن وڃي ڪو نه سگهيو. 

ملڪوت يا مدود

شين سئنگ ڪانچي پور کان ڏکڻ 3000 لي يا 500 ميل پنڌ ڪري مو-لو-ڪيو-چا Mo-Lo-Kiu-Cha (818) پهتو هو، جنهن جو ايم جولين مفهوم ملڪوت ٻڌائي ٿو. هن علائقي جي ڏکڻ پاسي مو-لا-يي  Mo-Lo-Ye يا مليه Malaya نالي هتي هڪ جبل آهي، جتي چندن جو ڪاٺ گهڻو ٿيندو آهي. هڪ ملڪ بابت هيءُ بيات ڏيکري ٿو ته اپٻيٽ جو هيءُ صفا ڏاکڻيون ڇيڙو آهي، جنهن کي اڄ سوڌو مليالم Malayalam يا مليه وار Malayaware يا ملبار سڏيو ويندو آهي. مان سمجهان ٿو ته چيني ٻوليءَ جا پد ملڪوت نالي جي اختصار جو مفهوم ادا ڪن ٿا. ٻڌايو وڃي ٿو ته هن ملڪ جو گهيرو 5000 لکي يا 833 ميل هو، جنهن جي ڏکڻ پاسي سمنڊ ۽ اتر کان دراويد جو ملڪ هو. اندازو ڪيل هيءُ ماپ ڪاويري نديءَ جي ڏکڻ تائين هلي وڃي ٿي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ملڪوت واري علائقي ۾ اوڀر پاسي کان تاتجور ۽ مدور ۽ اولهه طرف ڪوئمبتور Coimbator، ڪوچين Cochin ۽ ٽرانڪور واريون ايراضيون به شامل هونديون.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org