29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:35   

ڪلنگ جي قديم راجڌانيءَ کي سنها پور Sinha pura به سڏيو ويندو هو. (766) هيءُ ماڳ راجا سنها بهو Sinha bahu جي نالي پٺيان ڪوٺيو ويندو آهي. (767) ڇاڪاڻ ته هن شهر جو بيان وجهندڙ اهو راجا هو. (767) جيڪو راجا وجيه Vijaya جو پيءَ هو. هيءَ پهريون راجا آهي جنهن جو سري لنڪا جي تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو. هن ماڳ جو طرف ڪو نه  ٻڌايو ويو آهي، پر هن نالي جو هڪ وڏو شهر آهي، جيڪو للگلا Lalgla درياه جي ڪناري ۽ گنجم کان 115 ميل اولهه پاسي آباد آهي. امڪان اهو آهي ته هيءُ اهو ئي ساڳيو ماڳ آهي.

ڪالچوري Kalachuri  يا چيدي Chedi جي هئهيه Haihaya گهراڻي جي لکتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي راجا ڪالنجرپور Kalanjjar pura ۽ تراءِ  ڪلنگ  Tri Kalinga مهارجا سڏبا هئا. ڪالنجر بنديل کنڊ جو هڪ مشهور قلعو آهي. ڪالنجر جو مطلب آهي ڌنڪ Dhanaka يا مروتي Amaravati واريون ٽي رياستون يا ڪسٽنا جي ڪناري سان آنڌرا، ورنگل Warangala ۽ ڪلنگ وارا ٽي ملڪ يا مهيندري راجا وارو راڄ وعيره. ٽي ڪلنگ جو نالو پليني جي دور جيترو آڳاٽو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو به ماڪو ڪلنگ Macco Kaling جي نالي سان ان جي ذڪر ڪري ٿو ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته گنگري ديس-ڪلنگاءِ Gangari des Kalingae وارا ماڻهو ڪلنگاءِ جي ماڻهن کان مختلف آهن. مهاڀارت ڪلنگ نالي جو ٽي ڀيرا ڌار ڌار ذڪر ڪيو آهي ۽ هر ڀيري جدا جدا ماڻهن سان گڏائي سندن بيان ڪيو ووي آهي. (769) معلوم ائين ٿئي ٿو ته ٽي ڪلنگ Tri Kalinga  جو مطلب تلنگانه جو وڏو علائقو آهي ۽ محسوس به ٿئي ٿو ته تلنگانه جو نالو به ٽي ڪلنگ جي بگڙيل صورت آهي. مون  کي وري اهو به معلوم آهي ته هي نالو تلنگانه ٽي لنگ Tri-Lingga مان نڪتل آهي. جنهن کي انگريزي ۾ Tree Phalli چئجي ٿو. جنهن جو مها ديو سان لاڳاپو آهي. پر پليني مڪو ڪلنگاءِ ۽ گنگري ديس ڪلنگاءَ جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن مان پتو پئي ٿو ته ٽي ڪلنگ ميگاس ٿينس جي دور کان به اڳ واري زماني سان تعلق رکن ٿا ۽ پليني هندستان جي جاگرافيائي حالتن بابت بيان وٽانئس نقل ڪيا آهن، جنهن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته اهو نالو ڏکڻ هندستان ۾ لنگم پوڄا جي رواج عام ٿيڻ کان اڳ واري دور سان واسطو رکي ٿو. آنڊ گيري جي ايرج Air Raja  (770) وارين لکتن ۾ ڪلنگ جو ٽي ڀيرا ذڪر آيو آهي، جيڪو ڪڏهن به ٻي صدي قبل مسيح کان پوءِ جو ڪو نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڃا ان کان به وڌيڪ آڳاٽو هجي. امڪان آهي ته ساڪيه مني Sakiya Muni جي زماني جو هجي. هيءُ ماڳ ململ ڪپڙي ٺاهن ڪري تمام مشهور هو. جڏهن مهاتما ٻڌ وفات ڪئي هئي ته ڪلنگ جي راجا سندس هڪ ڏند هٿ ڪري مٿانئس اسٽوپا جوڙايو هو. جيڪو پنهنجي تعمير ۾ ڏاڍو شاندار هو. (771)

ڪوسل

ڪجهه وقت ڪلنگ ۾ ٽڪڻ کانپوءِ هيءُ ياتي اتر-اولهه طرف 1800 کان 1900 لي يا 300 کان 317 ميل سفر ڪري (772) اچي ڪياؤ-سا-لو Kiao-Sa-Lo يا ڪوسل پهتو. طرف ۽ فاصلي مطابق اهو قديم ودرڀ Vidarbha يا برار Berar  علائقو چئي سگهجي ٿو، جنهن جي موجوده راجڌاني ناگپور آهي. رتناولي Ratnavali جي بيان موجب ان ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ ڪوسل Kosala سان ساڳيائپ رکي ٿي. وايو پراڻ جو بيان به هوبهو اهو ساڳيو آهي. (773) رتناوليءَ جي بيان موجب ڪوسل علائقي جي چوڌاري ونڌيا جبل ڦري اچن ٿا ۽ وايو پراڻ جو بيان آهي ته سري رامچندر جو پٽ ڪوس Kusa ڪوسل تي راڄ ڪندو هو. سندس راجڌاني جو نالو ڪوسسٿلي Kosasthali يا ڪساوتي Kusavati هو، جنهن جو بنياد ونڌيا گهراڻي جي ڪنهن راجا رکيو هو. هن ساريءَ ڄاڻ وسيلي اها سڌ پوي ٿي ته اهو قديم ڪوسل نالي وارو ملڪ هاڻوڪو برابر يا گونڊوانه Gondwana آهي. ان جي راجڌاني جي جاگرافيائي بيهڪ کي مقرر ڪري ڪنهن هڪ جاءِ تي بيهارڻ ڪجهه ڏيکو آهي، ڇاڪاڻ ته شين سئنگ ان جو نالو ڪو نه ڏنو آهي پر سندس بيان آهي ته ان شهر جو گهيرو 40 لي يا 7 ميل هو. قوي امڪنا اهو آهي ته اهو موجوده دور جو ڪن وڏن شهرن جهڙوڪ چاند Chanda، ناگپور Nagpur امروتي Amaravati ۽ ايلچ پور Elichpur مان هڪ هوندو.

چاند جو قلعبند شهر آهي ۽ قلعي سان گڏ گهيرو ڇهه ميل اٿس. مذڪوره شهر پئن گنگا Pain Ganga  ۽ ورد Warda  نديءَ جي سنگم واري ٿاڪ کان هيٺان تعمير ٿيل آهي. گوداوريءَ تي آباد مهيندريءَ کان 290 ميل اتر-اولهه طرف ۽ ڪٽسنا نديءَ تي واقع ڌرني ڪوٽ Dharani kota کان 280 ميڪ پري ٿيندو. تنهن ڪري هن ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ شين سئنگ جي بيان ڪيل طرف ۽ فاصلي سان ٺهڪي اچي ٿي.

ناگپور جو شهر وڏو آهي. سندس گهيرو اٽڪل 7 ميل کن ٿيندو پر چاند کان 85 ميل اتر پاسي رج مهيندري کان ان جو فاصلو شين سئنگ جي بيان ڪيل پنڌ کان 70 ميل وڌيڪ آهي.

امروتي به راج مهيندري کان ساڳئي فاصلي تي آهي ۽ ايلچ پور اڃا به 30 ميل وڌيڪ اتر طرف آهي، تنهن ڪري چاند ئي هڪ اهڙو ماڳ آهي جيڪو ستين صديءَ ۾ راجڌاني ڪوسل هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. لکيل فاصلي 1800 لي يا 1900 لي کان وڌيڪ مٿي ان کان پوءِ واري ڌرني ڪوٽ جي فاصلي مان بهملي سگهي ٿو جيڪو 1900 لي يعني 900 ۽ 1000 ميل آهي. چيني سيلانيءَ جي بيان موجب اهو ڪٽسا نديءَ تي واقع ڌرني ڪوٽ يا امروتي جو ماڳ آهي. چاند کان ڌرني ڪوٽ جو سڻڪ مطابق فاصلو 1680 لي يا 280 ميل آهي، پر شين سئنگ پهريائين 900 لي ڏکڻ-اولهه ڏانهن سفر ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ 100 لي ڏکڻ ڏس تي پنڌ ڪيو هئائين، پر ٻنهي ماڳن جي وچ ۾ 700 لي کان وڌيڪ فاصلو ڪو نه ٿين

مذڪوره ملڪ کان 300 لي يا 50 ميل ڏکڻ-اولهه پو-لو-مو-لو-ڪي-لي Po-Lo-Mo-Lo-Ki-Li نالي هڪ اتاهون جبل هو، جنهن جي لاءِ چيو ويندو آهي ته سندس چوٽي بڙامولا گري Baramula giri سمجهي ٿو. (774) پر مان هن ماڳ کي نه ڪنهن نقشي تي نه وري ڪنهن ڪتاب ۾ هيل تائين ڏسي سگهيو آهيان. چيو وڃي ٿو ته جبل به اتاهون آهي. هن جبل کان نه ڪي چاڙهيون آهن نه وري ڪا ماٿري اٿس، ان ڪري شڪل صورت ۾ گول قسم جو هڪ پٿر معلوم ٿيندو. چيو ويندو آهي ته هن جبل ۾ راجا سو-تو-پو-هو يا سات واهن Sata vahan کوٽائي ڪرائي هڪ پنج ماڙ محل تعمير ڪرايو هو ۽ ان ڏانهن ويندڙ رستو ڪيترا ئي لي ڊگهو هو. هيءَ جڳهه شين سئنگ پاڻ ڪا نه ڏٺي هئي پر چيو وڃي ٿو ته ناگار جون Nagar Juna نالي هڪ ٻڌ شمني مذڪوره جبل کوٽي اها رهائشي جاءِ تيار ڪئي هئي. جيڪڏهن اها جاءِ راجڌاني کان فقط 50 ميل پري هجي ها ته شين سئنگ ياترا لاءِ اوڏاهين ضرور وڃي ها. جيڪڏهن اولهه-ڏکڻ وارو طرف صحيح آهي ته مٿئين ماڳ کان آنڌر ڏانهن وڃڻ وقت اتان ضرور لنگهي ها ڇاڪاڻ ته چيو وڃي ٿو ته اها ساڳي طرف يا ڏکڻ پاسي واقع آهي. تنهن ڪري منهنجو ويچار آهي ته جبل کي کوٽي بنايل جاءِ جنهن کي چيني ياتري اچرج جهڙي سڏي ٿو (775) سا ملڪ جي سرحد ويجهو هوندي ۽ اهڙي قسم جو اشارو هو پاڻ به ڏئي ٿو. بيان جي وضاحت مطابق ان ماڳ کي ڏکڻ-اولهه سرحد کان 50 ميل دور ڳولڻ گهرجي. مٿي بيان ڪيل ماڳ ايلورا Elura ويجهو ديوگيري قلعي واري جاءِ سان هڪجهڙائي رکي ٿو. ۽ ان جو اصلي نالو پو-لو-مو-لو-ڪي-لي Po-Lo-Mo-Lo-Ke-Li يا ورمولي گيري Varamula giri آهي، جيڪو بعد ۾ بگڙي ورولا Varula يا ايلورا ٿي ويو آهي، بيان ۾ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته جبل ۾ کوٽيل غار ۽ آبشار به موجود آهن، تنهن ڪري مو نکي لڳي ٿو ته ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل اڏاوتون ديوگيري بدران ايلورا ۾ وڌيڪ ممڪن لڳن ٿيون، پر جيئن ته هيءُ ماڳ شين سئنگ پاڻ ڪو نه ڏٺو هو ۽ ايندڙ ويندڙ مسافر کان جيڪو ٻڌو هئائين سو قلمبند ڪري ڇڏيو هئائين. هاڻي سندس بيان مان ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ڄڻ ايلورا ۽ ديوگيري هڪ ماڳ آهي.

جبل کي کوٽي رهڻ لاءِ جوڙيل جڳهن جو بيان اسان کي فاهيان جي سفر نامي ۾ به نظر ايندو (776) جيڪو پنجين صديءَ ۾ هتي آيو هو. هي ياتري ان کوٽيل جڳهه کي ڦو-لو-يو Pho-Lo-Yo وهار يا ڪبوتر وهار سڏي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو تٿسين Tatsin  جي ملڪ يعني دکشن Dakshina يا دکن Dakhan  ۾ آهي. هن اها ڄاڻ بنارس ۾ ويٺي حاصل ڪئي هئي. اچرج جهڙيون ڳالهيون گهني فاصلي ڪري پنهنجواثر ڪو نه وڃائينديون آهن. غور ڪري ڏسبو ته سندس بيان شين سئنگ جي بيان کان  به وڌيڪ اچرج جهڙو آهي. اهو وهار جنهن لاءِ چيو وڇي ٿو ته جبل کي کوٽي پنج ماڙ اڏاوت ۾ تيار ڪئي وئي هئي. تنهن جي هر هڪ ماڙي هڪ جدا جانور جي شڪل تي تيار ڪئي وئي هئي، جن مان پنجين يا صفا مٿين ماڙي ڪبوتر جي شڪل جهڙي هئي. اهو ئي سبب آهي جو هن وهار کي ڪبوتر وهار جي نالي سڏيو ويندو هو. چيني ٻوليءَ جا پد ڦو-لو-يو سنسڪرت لفظ پاراوت Paravata مطابق هوندا، جنهن جي معنيٰ آهي ڪبوتر، پاڻيءَ جو هڪ جهرڻو وهار جي مٿينءَ ماڙي مٿان هيٺ ڪرندو ۽ سڀني ماڙين تان هيٺ وهندو نظر ايندو آهي ۽ پوءِ ڦاٽڪ وٽان ٻاهر نڪري ويندو آهي. هن بيان ۾ وهار جون ساڳيون پنج ماڙيون ڏسجن ٿيون. جهرڻي جو پاڻي به مٿينءَ ماڙيءَ کان هيٺ وهندو نظر اچي ٿو ۽ ٿاڪ جو نالو به ساڳيو آهي. اهي سڀئي ڳالهيون شين سئنگ جي بيان سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون پر هڪ مکيه نقطي يعني معنيٰ ۾ گهڻو اختلاف ۽ تضاد ڏسجي ٿو. شين سئنگ هن ماڳ جو نالو پو-لو-مو-لو ڪي-لي لکيو آهي جنهن جي معنيٰ آهي جبل جي ڪاري ٽڪري. فاهيان هن ماڳ جو نالو وري ڦو-لو –يو ٻڌائي ٿو جنهن جو مطلب آهي ڪبوتر. پر اسان کي وچين دور سان لاڳاپيل هڪ بيو احوال به نظر ايندو. جنهن مطابق هن لفظ جي معنيٰ ماڳهين ٽين آهي. چيو ويندو آهي ته سن 503ع ۾ ڏکڻ هندستان جي راجا چين جي حڪمران ڏانهن پنهنجو هڪ سفير موڪليو هو، جنهن پنهنجي ملڪ بابت چين جي حڪمران کي ڳالهيون ٻڌايون هيون. انهن ڳالهين مان پڪ پئي ٿي ته جنهن شهر ۾ اهو سفير رهندو هو سو هڪ قلعبند شهر هو، جنهن جو نالو پل ئي Palai هو ۽ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اڏيل هو. ان کان 300 لي يا اٽڪل پنجاهه ميل اوڀر پاسي هڪ ٻيو قلعبند شهر هو. چيني ٻوليءَ جي پدن مطابق ان شهر جو نالو فو-چيو-چنگ Fo-Cheu-Ching هو، (777) جيڪو چو-سئن-هوChu-San-Hu نالي هڪ فقير جي ڄمڻ جو ماڳ هو، جنهن جي معنيٰ آهي مرجان جا مڻيا. پلامالا Palamala مرجان جي هار کي به چيو ويندو آهي يا مرجان جي مڻين جي لڙهيءَ کي به انهيءَ نالي سڏيو ويندو آهي. (877) پر هي لفـظ شين سئنگ جي بيان ڪيل لفظ پو لو مو لو Po Lo Mo Lo جي پدن مطابق آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو ساڳيو نالو آهي. مان شين سئنگ جي ڪيل ترجمي ڪاري چوٽي کي اتر جي لهجي موجب سمجهي ڪو نه ٿو سگهان. ٿي سگهي ٿو ته اهو اتر جي ڪنهن دراوڙي ٻوليءَ جو ڪو لفظ هجي. ڪنڙيءَ ۾ ٽڪريءَ کي ملي Mali ۽ Quik silver کي پارو ۽ Touchstone کي پارس چيو ويندو آهي ۽ انهن ٻنهي جو رنگ ڪارسرو آهي، تنهن ڪري امڪان آهي ته ٻنهي کي پاري سان ملايو ويو آهي. ان نقطه نگاهه سان هن جو مفهوم ڪارو ٿي سگهي ٿو ۽ پورو لفظ پارا ملي Para Male هوندو. امڪاني سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري ان ٽڪريءَ کي ڪاري ٽڪري ڪوٺيندا آهن، ڏکڻ هندستان ۾ هڪ ڪارو نانگ هوندو آهي، جنهن کي ماڻهو پار گڊو Para Gudu سڏيندا آهن. تنهن ڪري امڪان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شين سئنگ ان لفظ جو ترجمو ڏکڻ هندستان جي ٻوليءَ مطابق ڪيو هجي. مونجهارو ان ڪري ٿئي ٿو جو چيني ٻوليءَ ۾ هڪ جهڙائي ڏيکاريندڙ پدن جي ڪجهه کوٽ آهي ۽ سنسڪرت نالي جو پورو مقصد ادا ٿي ڪو نه ٿو سگهي. مثال طور پاراوت Paravata جو لفظ آهي، جنهن جي فاهيان مطابق معنيٰ آهي ڪبوتر. سي-يو-ڪي Si-Yu-Ki موجب پروت Paravata جي معنيٰ آهي فاعل Subject مگر پروت Parvata جي صحيح کوٽائي ڪرائي هڪ وهار به تعمير ڪيو ويو هو. تنهن ڪري اهو نالو جبل سان وڌيڪ لاڳاپيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هن علائقي جي راجڌاني جو نالو پلئي Palai هو. (779) هاڻي چاند جي قلعي کي بالا قلعو Bala Kila يعني مٿاهون قلعو سڏيو ويندو آهي. اهو هن شهر کي مسلمانن طرفان ڏنل فارسي طرز جو نالو آهي، جيڪو سندس اصلي نالي پلئي Palai جو هم معنيٰ آهي. (780)

چين سان لاڳاپيل سڀني تذڪرن ۾ جبل کي کوٽي  بنايل وهار جو تعلق هڪ ٻڌ شمني (فقير) سان آهي. فاهيان جو بيان آهي ته نالو ڪاسيپ Kasayapa هو ۽ ٻڌ ڌرم جي اوائلي دور سان سندس لاڳاپو هو. سي-يو-ڪي ۾ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته پرامالا Paramala مُني جي ڄمڻ جي جاءِ آهي. شين سئنگ جو بيان آهي ته هي وهار راجا ساتوا هن جبل کي ڪٽي ڪوري مشهور شمنيءَ ناگار هُون لاءِ تيار ڪرايو هو. فاهيان ۽ شين سئنگ جي بيان مان مون کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته سندن اشارو ديو گيري ۽ ايلورا وارن جبلن کي ڪپي ڪوري وهار ۽ رهڻ واسطي غار بنائڻ ڏانهن آهي، پر جيڪڏهن شين سئنگ ۽ سي-يو-ڪي طرفان ڏنل فاصلو صحيح آهي ته پوءِ جبل ڪوري بنايل وهار چاند کان اٽڪل 50 ميل اولهه يا ڏکڻ-اولهه پاسي ڳولڻ گهرجي. چاند کان ڏکڻ-اولهه 45 ميل پري آهي، نقشي موجب هڪ اهبڙو ئي ماڳ آهي جنهن کي پانڊو-ڪوري Pandu-Kuri يا پانڊون جا گهر سڏيو ويندو آهي. هيءَ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هڪ قديم ماڳ آهي. هتي ائين نظر ايندو ڄڻ ته جبل کي ڪٽي ڪوري ڪي جڳهون جوڙيون ويون آهن. اهڙيءَ ريت ڌمنار Dhamnar کي کولوي Kholvi واري جبل مان ڪٽيل ڪوريل جايون پانڊون ڏانهن منسوب ڪيون وينديون آهن ۽ مٿين ڪيترائي نالا ڏنا ويا آهن جهڙوڪ: ڀيم جي غار وغيره. هن ماڳ بابت ڪا خاص معلومات ڪا نه ملي آهي، پر ان هوندي به مان هن ماڳ جي اچرج جهڙي حقيقي نالي ڏانهن اوهان جو ڌيان ڇڪائيندس. پتور Patur نالي هڪ ماڳ آهي جيڪو ايلچ پور ۽ امروتيءَ کان 50 ميل ڏکڻ-اولهه ۽ اجنتا کان 80 ميل اوڀر پاسي آهي. جتي اسان کي ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل ڪيتريون اڏاوتون نظر اينديون، پر انهن اڏاوتن جو ذڪر ڪٿي به ڪو نه نظر ايندو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته جبل کي ڪٽي ڪوري تيار ڪيل وهار اهو ماڳ آهي جيڪو فاهيان ۽ شين سئنگ جي بيانن سان ٺهڪي اچي ٿو.

ٻڌ ڌرم جي مشهور فقير ناگار جون سان گڏ راجا ساتواهن ساد واهڻ جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي ڪو نه آهي. منهنجي خيال ۾ ائين ڪرڻ مان اهو مقصد آهي ته جيئن پرامالا Paramala جي ٻڌ گفا کي پهرين صدي عيسويءَ جيترو قديم ڏيکاريو وڃي. ساد واهڻ Sadavahana هڪ گهراڻي جو نالو آهي، جنهن جو ناسيڪ Nasik جي لکتن ۾ ذڪر موجود آهي. (781) پر ساتواهڻ يا ساليواهڻ Salivahana گهراڻي جو مشهور نالو پڻ آهي. (786) جنهن 79ع ۾ ساڪ Sake دور جي شروعات ڪئي هئي. ان ناتي سان اسان کي هڪ قسم جي ٻٽي ثابتي ملي ٿي ته پرمالا واريون ٻڌ گفاؤن پهرين صدي عيسويءَ سان تعلق رکن ٿيون. ساتواهڻ ۽ ساتڪرنيءَ بابت مفصل بحث ڪنهن مناسب جاءِ تي ڪيو ويندو. صفا الهندي گفا جي لکت وسيلي اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته ڪوسل وارو علائقو ڏاکڻين گوتم پور ساتڪرني Gotami pur Satkarni جو حصو هو. جيڪڏهن مذڪوره حڪمران ان دور ۾ راڄ ڪندو هو ته (783) پوءِ اسان کي پوري پڪ ٿئي ٿي ته اهو ستواهڻ يا ساليواهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو نه هوندو، جيڪا ڏکڻ هندستان جي تاريخ سان لاڳاپيل هڪ امڪاني ۽ دلچسپ ڳالهه آهي.

شين سئنگ جي بيان موجب ڪوسل جو گهيرو 6000 لي يا 1000 ميل هو. ان جي حدن بابت ڪو به بيان نظر ڪو نه ايندو. پر هن سيلاني جي سفرنامي وسيلي ڄاڻ ملي ٿي ته اتر کان اجين، اولهه کان مهاراشٽريه، اوڀر کان اوڙيسا ۽ ڏکڻ کان آنڌر ۽ ڪلنگ هوندو. ان حساب سان سرحد گهٽ وڌ ڪجهه هن ريت ٿي سگهي ٿي: تاپتي نديءَ تي واقع برهانپور کان گوداوري تي واقع ناندر Nander تائين ۽ اتان کان چتي ڳڙهه Chati garh علائقي جي رتن پور کان وٺي مها نديءَ جي منهن واري ماڳ نواڳڙهه Nawagadha تائين دنگ ڪري ٿي. هن سرحد جي نقطه نگاهه کان هن علائقي جو گهيرو هڪ هزار ميل کان به وڌيڪ ٿيندو.

 

آنڌرا

شين سئنگ ڪوسل کان پوءِ ڏکڻ ڏس تي روانو ٿيو هو ۽ 900 لي يا 150 ميل سفر ڪري آن-تو-لو Ping-Ki-Lo هو.ل ايم جولين هن نالي جو ترجمو ونگ کيل Ving Khila ڪري ٿو. پر اهڙي نالي وارو ماڳ اڃا تائين ڪو نه لڌو ويو آهي. اسان کي معلوم آهي ته تلنگانه جي راجڌاني صديون پوءِ به ورنگل Varangal يا ورنڪل Varankal رهي آهي، پر ان جي جاگرافيائي بيهڪ چيني ياتريءَ جي بيان سان سهمت ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ماڳ چاند کان تمام گهڻو پري پئن گنگا جي ڪناري سان ۽ ڪسٽنا نديءَ تي واقع شهر ڌارني ڪوٽ Dharani kotta جي بلڪل ويجهو آباد آهي. چيني ٻوليءَ جا پد به ورنگل نالي جي نمائندگي ڪو نه ٿا ڪن پر انهن کي ونڪول Vankol سمجهي سگهجي ٿو. انهن جي پڙهڻي ڀيمگل Bhimgal به ٿي سگهي ٿي، جيڪو تلنگانه جو هڪ مشهور ۽ قديم شهر آهي. ابوالفضل به هن شهر جو ذڪر ڪيو آهي، پر ڀيمگل وارو ماڳ چاند کان 120 ميل ڏکڻ-اولهه پاسي آهي. جيڪو 150 ميل ڏکڻ يا ڏکڻ-اولهه هجڻ) کپي ۽ ڌارني ڪوٽ کان 167 ميل اتر هجڻ بدران پورا 200 ميل پري آهي. تنهن ڪري مان چيني پدن کي غلط سمجهان ٿو، اهي ته ورنگل جي ترجماني ڪو نه ٿا ڪن توڙي جو ان جي جاگرافيائي بيهڪ سان ذري گهٽ هڪجهڙائي به ڏيکاري وڃي ٿي. ورنگل ۽ چاند جي وچ ۾ فاصلو 160 ميل ۽ ورنگل ۽ ڌارني ڪوٽ وچ ۾ فاصلو 120 ميل آهي. شين سئنگ جي بيان موجب اهو فاصلو مٿي بيان ڪيل پوئين ماڳ جي وڌيڪ ويجهو آهي ۽ اڳئين کان وڌيڪ تمام پري آهي. ايلگنڊل Eolgandel ڀيمگل ۽ ورنگل جي وچ تي آهي. چيني سيلانيءَ جو بيان به ساڳئي صورت حال ڏيکاري ٿو، ڇاڪاڻ ته هيءُ ٿاڪ چاند کان 130 ميل ۽ ڌارني ڪوٽ کان 170 ميل پري آهي، تنهن ڪري مان هن ڳالهه جو قائل آهيان ته ستين صديءَ ۾ آنڌرا جي راجڌاني ايلگنڊل ٿي سگهي ٿي. آنڌرا علائقي جو گهيرو 3000 لي يا 500 ميل ٻڌايو وڃي ٿو پر دنگ جو بيان ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو. منهنجو خيال آهي ته گوداوري ندي جيڪا موجوده دور ۾ اتر-اوڀر جي سرحد ڏيکاري ٿي، سا قديم دور ۾ به اهي ساڳيون سرحدون ڏيکاريندي هئي. ساڳئي وقت اتر پاسي واري تيلگو ٻوليءَ جو دنگ به اهو آهي. اولهه پاسي کان سندس سرحد وڏي ملڪ مهاراشٽر سان ملندي  هئي ۽ گوداوريءَ جي ڇاڙهه منجهير Manjhir کان هرگز اڳتي ڪانه هوندي. ان نقطه نظر کان ڏکڻ-اوڀر واري دنگ منجهير ۽ گوداوريءَ کان وٺي ڀدر چيلم Bhadra chelam تائين هوندو، جنهن جي ڊيگهه 250 ميل آهي ۽ ڏکڻ ڏس کان حيدرآباد 100 ميل حيدرآباد کان ڀدر چيلم جو فاصلو 750 ميل آهي. ان حساب سان ڪل گهيرو 525 ميل ٿئي ٿو جيڪو شين سئنگ جي بيان ڪيل فاصلي سان ذري گهٽ ٺهڪي اچي ٿو. (785) پليني آنڌرا قوم جو آنڌراءِ Andharae جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته هيءَ نهايت سگهاري پيادي فوج، ٻه هزار گهوڙيسوار ۽ هڪ هزار هاٿي آهن. هن قوم کي پينٽيجيرين ٽيبلس Pentigerean Talles ۾ آنڌراءِ انڊي Andhrae Indi ڪري لکيو ويو آهي. ولسن هن جدولن (Tables) جو حوالو ڏنو آهي، جن مطابق آنڌرا قوم کي گنگا درياهه جي ڪناري سان واقع علائقي جو رهواسي ڏيکاريو ويو آهي. (786) پينٽيجرين جي وڏي نقشي ۾ گهڻين قومن جي حدن کي گهڻو ننڍو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. ڀيٽوار مطالعي لاءِ ڀر وارن ملڪن جي نالن کي ڏسي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت آنڌرا ورن کي داميرس Damirice ڀرسان رکيو ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو ٽالمي جو لميرڪي Limnyrike آهي. شايد ٻنهي لفظن جي اڳين اکرن ۾ مٽ ست ٿي وئي آهي. منهنجي خيال ۾ اها جدول جوڙڻ مهل يوناني ذريعن کي آڏو رکيو ويو هوندو. معلوم ٿئي ٿو ته لميرڪي ماڻهو اپبيٽ جي ڏکڻ-اولهه ڪناري سان رهندا هئا ۽ سندن پاڙيسري ملڪ جا آنڌرا ۽ انڊي تلنگانه جي ڪناري رهندا هئا. جن جو پراڻن ۾ ذڪر موجود آهي. آنڌرا قوم جي ڄاڻ پليني پنهنجي دور جي سڪندريه جي واپارين کان يا ميگس ٿينس يا ڊايونيسس Dionnysius جي لکڻين تان ورتي هوندي، جيڪي سليوڪس نيڪٽار ۽ ٽالمي فلاڊيلڦس Ptoleny Philadel Phus طرفان پاليبوٿرا جي دربار ۾ موڪليل سفير هئا، پر اهو چئي ڪو نه ٿو سگهجي ته آندراءِ پليني جا سهيوڳي هئا يا نه؟ پر جنهن دور ڏانهن پلينيءَ اشارو ڪيو آهي، تنهن ۾ سندن مگڌع ۾ راڄ ڪو نه هو ڇاڪاڻ ته انهن کان هڪدم پوءِ وري هو پاليبوٿرا جي پارسئي Parsii قوم جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اها هندستان جي نهايت سگهاري قوم آهي. سندن راجا وٽ ڇهه لک پيادل فوج. ٽيهه هزار گهوڙيسوار ۽ نو هزار هاٿي هئا ۽ آنڌراءِ انڊي کان نو ڀيرا وڌيڪ سگهاري قوم هئي.

چيني ياتريءَ جو بيان آهي ته آنڌرا قوم جي وچ هندستان جي ماڻهن کان ڌار ٻولي هئي، پر سندن اکرن جو نمونو گهڻو ڪري هڪ جهڙو هو. سندس اهو بيان گهڻو دلچسپ آهي ڇاڪاڻ ته اتر هندستان واري ناگري لپي ان وقت ڌاران اڃا به استعمال هيٺ هئي ۽ تيلگو طرز واري لکت جيڪا ڏهينءَ صديءَ ۾ عام ڏسجي ٿي سان ڏکڻ هندستان م اڃا پير پائي ڪانه سگهي هئي.

 

دونڪ ڪوٽ

آنڌرا کان اسهڻ کان پوءِ شين سئنگ ڏکڻ طرف هڪ گهاٽي ٻيلي مان سفر ڪيو بعد ۾ هڪ رڻ پٽ ۾ ميدان مان لنگهي 1000 لي يا 167 ميل پنڌ ڪري تو-نا-ڪي-تسي-ڪيا To-Na-Kei-Tsi-Kia نالي هڪ ماڳ وٽ پهتو جنهن جي معنيٰ ايم جولين ڌنڪ چڪ Dhanaka chaka ٻڌائي ٿو. مان اڳ ۾ ئي پنجاب جي هڪ شهر ٽسي ڪيا يا تڪي Taki  جي احوال ۾ هيءَ ڳالهه سمجهائي آيو آهيان ته چيني ٻوليءَ جي پد ٽسي Tsi ٽ اکر لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي ۽ ان ڪري ڌنڪ ٽڪ Dhankataka نالو بڻجي پوي ٿو. مان ڪانهري Kanahari ۽ ڪارلي Karli وارن غارن مان لڌل لکت جو به حوالو ڏنو آهي ۽ چيني ٻوليءَ جي آخري پدن جي مٽ سٽ مطابق نالي جي صحيح پڙهڻي ڌنڪ ڪٽ Dhanakakata قائم ڪئي آهي. (787) اهڙيءَ ريت ڌنڪ ڪٽ نالو گهٽ ۾ گهٽ چئن غارن مان هٿ آيل لکتن  مان مليو آهي. ڊاڪٽر اسٽيونس Dr. Stevenson سڀني لکتن کي پڙهڻ کان پوءِ ٻڌايو ته اهو ڪنهن يوناني ماڻهوءَ جو نالو آهي، جنهن کي هو زينو ڪريٽس ٿو سڏي پر منهنجي پڙهڻي مطابق انهن لکتن ۾ لکڻهار پنهنجي ديس يا شهر جو نالو لکيو آهي. مان ڊاڪٽر اسٽيونسن کان معافي گهرندي اهي لکتون هتي ڏيان ٿو ڇاڪاڻ ته اهي بلڪل مختصر آهن.

اها لکت جنهن بابت ڊاڪٽر اسٽيونسن جو خيال آهي ته ڪنهن يوناني لکي آهي تنهن جي پڙهڻي هو هن ريت ٻڌائي ٿو: (788)

ڌنوڪا ڪا ڪڌ يَوَنس سِهڌيانم ٿڀ دانم

Dhanuka Kadha Yavanasa Sihadha yanam thabha Danam

معنيٰ: ”هڪ يوناني زينو ڪريٽس شينهن تي بيٺل ٿنڀ سوکڙيءَ طور ڏنو.“

منهنجي پڙهڻي هن کان ڪجهه ڌار آهي: ڌنو ڪڪٽ جي رهاڪوءَ يوناني شينهن تي بيٺل ٿنڀ سوکڙيءَ طور ڏنو.“

ڊاڪٽر اسٽيونسن يوناني جو ترجمو يوناني ڪيو آهي پر جيئن ته هيٺين لکت واضح نموني سان ڏيکاري ٿي (789) ته ڀنو ڪڪٽ Bhaukakata هڪ ماڳ جو نالو آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته يونَا Yavana ضرور ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو هوندو.

ٻي لکت هيءَ آهي: ڌنو ڪڪٽ اسڀ دت پٽس

Dhanu Kakata usabhadata Putasa

مت ذيوا نڪس ٿڀ دانم

Mita Deva nakasa thabha Danama

ڊاڪٽر اسٽيونسن جو ترجمو: ”پيٽل مٽر ديو پٽ ڌنو ڪڪٽ (ذات) رشبدت هڪ ٿنڀ سوکڙيءَ طور ڏنو.“ معنيٰ سمجهائڻ مهل هو ٻڌائي ٿَو ته ڌنوڪڪٽ هڪ يوناني ۽ ان سان گڏ هندو طرز جو نالو آهي. سندس خيال آهي ته هن ماڻهوءَ اهو نالو ٻڌڌرم يا هندو ڌرم اختيار ڪرڻ کان پوءِ پاڻ تي رکرايو ٿو ڀائنجي. ڌرم مٽائڻ کان پوءِ گهڻو ڪري نالا به مٽايا ويندا آهن، پر جيڪڏهن ڌنو ڪڪٽ کي ڪنهن ماڳ جو نالو سمجهيو وڃي ته هروڀرو معنيٰ مون هن ريت ڪئي آهي: ”متر ديو پٽ رشب دت ويٺل ڌنو ڪڪٽ هڪ ٿنڀ سوکڙيءَ طور ڏنو.

ڪارلي غار مان لڌل ٽين لکت آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دان ڏيندڙ ماڻهوءَ جو نالو ڪجهه اڻ پورو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان لکت جو شروعاتي حصو ڊاڪٽر اسٽيونسن هن ريت پڙهيو آهي. (790) ڌنو ڪڪٽ (سو) ڀِوڪس وغيره Dhanu Kakata (Su) Bhavakasa. ترجمو هن ريت ڪيو اٿائين: ”ڌنو ڪڪٽ هڪ سهڻو گهر سوکڙيءَ طور ڏنو.“ هتي جنهن اڻپوري لفظ کي ٺاهي جوڙي ان جو ترجمو سهڻو گهر ڪيو ويو آهي، سو لکڻهار جو نالو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ان جي پڙهني ڀور ويويڪا Bhoviveka آهي. شين سئنگ به ان نالي واري مشهور بزرگ جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو دونڪڪٽ جو رهاڪو هو ۽ سندس نالو پو-پي-في-ڪيا Po-Pi-Fei-Kia ٻڌائي ٿو. هن جو پالي ۾ ترجمو ڀووِيوِيڪا ۽ سنسڪرت ۾ ڀاو وِيويِڪا Bhavaviveka ٿيندو.

چوٿين لکت ڪانهري مان لڌل آهي جيڪا نون سٽن تي مشتمل آهي ۽ الهندي غارن ۾ جيڪي به تحريرون لکيل آهن، تن سڀني کان وڌيڪ اهم آهي، جيڪا ساليواهن جي دور سان واسطو رکي ٿي. ڊاڪٽر اسٽيونسن شروعاتي پڙهڻي هن ريت قائم ڪئي آهي. (791)

اپاسڪس ڌنيو ڪڪيٽنس ڪلپ (نڪ) منڪس

Upasakasa Dheno Kakata tinasa Kalapa (naka) Manakasa

يعني ڌنيو ڪڪٽ هڪ رازو (جايون جوڙيندڙ) هو. مسٽر ويسٽ Mr. west وٽ هن جي لکت هڪ صحيح نقل آهي. (792) ان مطابق لکت جي شروعات واري سٽ جي پڙهڻي هن ريت آهي:

اپاسڪس ڌنو ڪڪيٽيس ڪلپييس Upasakas Dhanukakateyas Kulapiyasa.

معنيٰ هن ريت آهي: ڪلپيه وٽان سوکڙي جيڪو ڌنو ڪڪٽ جو اپاسڪ آهي.“ آخري سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ تاريخ به لکيل آهي پر ڊاڪٽر اسٽيونس ان جو غلط ترجمو ڪيو آهي.

دت و سلا ساڪ دتيه لينا Data va sala saka Datya lena. هن سٽ ۾ چيوريڪ Chivarika جي لفظ جو اضافو ڪري مطلب هيئن ڪري ٿو: ”هيءُ صفو ٻڌ شمنين لاءِ جوڙيو ويو آهي. هتي مهاتما ٻڌ جي ڏند جو غار آهي.“ مان سمجهان ٿو ته هن تحرير جي ترجمي ۾  ڊاڪٽر اسٽيونسن ڪ K جو اکر ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪو ليفٽيننٽ بريٽ Brett وٽ موجود ٻنهي نقلن ۾ ۽ دتيه ۽ لينا لفظن جي وچ تي نظر اچي ٿو. ان کي ڊاڪٽر اسٽيونسن پاڻ شايع ڪرايو هو. (793) جيڪو نقل مسٽر ويسٽ شايع ڪرايو آهي، تنهن ۾ به ساڳيو اکر ساڳيءَ جاءِ تي نظر ڪو نه ايندو. اهڙي تصحيح ڪرڻ کانپوءِ مان ان جي پڙهڻي هن ريت قائم ڪئي آهي: دت وسي 30 سڪادتيه ڪال Data Vasea 30 saka Ditya kala يعني سڪادتيه دور جي 30 سال ڏنو ويو. هن جي معنيٰ ٿيندي عيسوي سن 108=30+87 سڪادتيه ساليواهن وارن راجائن جو لقب آهي. سڪ Sake دور به هن راجا کان شروع ٿئي ٿو ان ڪري هن کي قديم لکت سمجهيو ويندو آهي. سڪ ڀوپ ڪال Saka bhupa Kala يا سڪ نريب ڪال Saka Nripa kala سڪادتيه ڪال سان هم معنيٰ آهي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڌنو ڪَڪٽ ٻي عيسوي صديءَ جي شروعات ڌاران ٻڌ ڌرم جون هي اڏاوتون هٿ ڪيون هونديون. جيڪڏهن ڪارلي غار واري لکت جو منهنجي طرفان پيش ڪيل ڀاوَوِيويڪا نالو صحيح آهي ته پوءِ سمجهيو وڃي ته ٻڌ ڌرم پهرين صديءَ عيسويءَ ڌاران پوري اوج تي هو، ڇاڪاڻ ته ڀاوَوِيوِيڪا ٻڌ ڌرم جي مشهور ارهت، ناگارجو ميکه چيلو هو. (794)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org