29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:38   

ننڍي ڪوه وارو پنڌ جو ماپو 6000 فوٽ کان ٿورو ٿيندو آهي.

قديم هندستان ۾ پنڌ جو اهو ماپو ڪتب ايندو هو، جنهن جي مئگا سيٿنز Megasthenis جي حوالي سان اسٽرئبو به ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته پالبوٿرا ڏانهن شاهي رستي هر ڏهين اسٽاڊيا يا 6067 فوٽن تي پٿر کتل هوندو هو. هڪ ڪوه ۾ ايترو فاصلو هجڻ جي نالي چئي سگهجي ٿو ته يوجن ۾ 24000 فوٽ يا ساڍا چار ميل هوندا. جيڪڏهن 30 چيني لي في يوجن ٻڌبا ته هڪ لي وڃي 800 فوٽن جو ٿيندو، وري جيڪڏهن في يوجن ۾ 40 لي جو حساب ڪبو ته هڪ ليءَ ۾ فقط 600 فوٽ ٿيندا. انگريزي ميل ۾ اڳئين حساب موجب ساڍا ڇهه ۽ پوئين حساب ۾ ساڍا اٺ لي ٿين ٿا. جيڪڏهن ٻن ڄاتل سڃاتل ماڳن جي معلوم فاصلي کي چيني سيلانين جي سفرنامي سان ڀيٽائي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته شين سئنگ جي ٻڌايل 30 لي في يوجن واري حساب ۾ ڪٿي نه ڪٿي غلطي ضرور نظر ايندي.

فاهيان پنهنجي سفرنامي ۾ فاصلي کي يوجن ۾ بيان ڪيو آهي. انهن ساڳين رستن جي انگريزي ميل موجب ماپ ڪئي وئي ته هندستان جو في يوجن وڃي سوا ڇهه ميل جي برابر ٿيو. پر هتان جا گاڏر رستا ڏاڍا ڏنگا ڦڏا آهن 7 هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين پياور وڪڙ ڪندا هلندا آهن. ان حساب سان في يوجن وڃي ساڍا ست يا اٺ ميلن جو بيهندو. اهڙا مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:

(1)  ڀيدا کان مٿرا                                  80 يوجن يا 536 ميل

(2) مٿرا کان سنڪيسا                            18 يوجن يا مُنا 116 ميل

(3) سنيڪسا کان قنوج                           7 يوجن يا 50 ميل

(4) بنارس کان پٽنه                                22 يوجن يا 152 ميل

(5)  پٽنه کان چمپا                                 18 يوجن يا ساڍا 136 ميل

(6) چمپا کان تملوڪ                              50 يوجن يا 336 ميل

(7) نالند کان گرييڪ                              1 يوجن يا 9 ميل

196 يوجن = سوا 779 ميل

فاهيان جو هي فاصلو انگريزي ماپ موجب في يوجن 6071 ميل ٿئي ٿو. ٻئي طرف شين سئنگ جي ڏنل فاصلي جي ماپ لي آهي. جيڪا رستي جي ماپ موجب ميل جو ڇهون حصو آهي. اهو ڏٺو ويندو ته حقيقي ماپ مطابق. لي ميل جي پنجين حصي کان ڪڏهن به گهٽ ۾ ڪانه ايندي، ڇاڪاڻ ته انگريزن جي ٺاهيل سڌن رستن جي ڀيٽ آڳاٽا رستا گهڻا ڏنگا ڦڏا هوندا هئا.

                                    شين سئنگ           انگريزي رستو

(1)  مداور کان گووِسن              400 لي                       66 ميل

(2) ڪوسمبي کان ڪوساپور      700 لي                       114 ميل

(3) سراوستي کان ڪپل           500 لي                       85 ميل

(4) ڪسي نگر کان بنارس       700 لي                       120 ميل

(5)  بنارس کان غازيپور            300 لي                       48 ميل

(6) غازيپور کان وئسالي           580 لي                       103 ميل

ڪل جوڙ: 336 لي    567 ميل

فاصلي جي هن بيان موجب 925ع 5 يا لڳ ڀڳ 6 لي في ميل وڃي بيهن ٿا. مان هن ساري ڪتاب ۾ مفاصلو شين سئنگ جي لي سان گڏ انگريزي ميلن ۾ به ڏنو آهي. اهڙي ريت لي ۽ يوجن جون ماپون الڳ به آهن. پر پاڻ ۾ لاڳاپيل به آهن، ڇاڪاڻ ته خود شين سئنگ جو بيان آهي ته  في يوجن 40 لي آهن. هن فاصلي جي ماپ موجب جيڪڏهن 40 کي 925ع 5 يا 6075 سان ونڊ ڪبو ته جواب 71ء6 بيهندو. اهو ماپو فاهيان جي سفر نامي مان معلوم فاصلي جي ناتي سان ڄاتو ويو آهي.

ايم. ووين ڊي سئنٽ مارٽن، گابل (8) Gaubil جو حوالو ڏيندي بيان ڪيو آهي ته شِن سئنگ جي دور کان ٿورو پو3 لي کي 329 ميٽرن جي برابر ڪيو ويو هو. جيڪو 12ء1079 فوٽن جي برابر ٿئي ٿو. جيڪڏهن حساب ڪبو ته هڪ لي وڃي انگريزي ميل جو پورو پنجون حصو ۽ 1056 فوٽ ٿيندو. مون اهو اندازو شين سئنگ جي سفر مان لڳائي ورتو هو. مان سمجهان ٿو ته هن چيني ياتري هندستان ۾ سفر ڪرڻ دوران مذڪوره لي جي ماپي کي نظر ۾ رکيو آهي. ستين صديءَ ۾ لي جو اهو صحيح ماپو تصور ڪندي في يوجن جي ماپ 8ء43164 فوٽ يا سوا 8 ميل ڪئي وئي آهي، جيڪا 8 کان 9 ميل في يوجن واري حساب جي بلڪل ويجهو آهي.

ستين صدي ۾ لي جي حقيقي ماپ 12ء1079 فوٽ جي برابر آهي، جيڪا انگريزي ميل جي پنجين حصي کان وڌيڪ بيهي ٿي. مٿي جيڪي سبب ۽ ثابتيون ڏئي آيو آهيان ته برطانيه حڪومت جي ٺاهيل سندن رستن جي نقطه نگاه کان هڪ چيني لي انگريزي ميل جو ڇهون حصو آهي.

هندستاني ڪوه جي مختلف ماپن چيني ياتريءَ جون متيون منجهائي ڇڏيون هونديون، اهو ئي سبب آهي جو فا - هيان فاصلي جو وڏو ماپو يوجن ۽ شين سئنگ وري پنهنجي ملڪ ۾ ڪم ايندڙ فاصلي جو ماپو لي ڪتب آندو آهي. موجوده دور ۾ به هر علائقي ۾ ڪوه جو ماپو الڳ آهي. پر اتر هندستاسن ۾ ڪوه جا مختلف ٽي ماپا آهن:

(1)  ننڍو ڪوه، جنهن کي بادشاهي ڪوه سڏيو ويندو آهي. اتر - اولهه هندستان ۾ ان کي ڪم آڻڻ جو رواج گهڻو آهي. پنجاب ۾ به عام طور اهو ڪوه ڪم ايندو آهي. هن ڪوه ۾ سوا هڪ ميل آهي.

(2) گنگا جي علائقن جو ڪوه آهي. ڪوه جو هيءُ ماپو گنگا درياءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ڪتب ايندو آهي، هن ۾ سوا ٻه ميل آهن. پر سهوليت خاطر هن ڪوه ۾ ٻه انگريزي ميل سمجهيا وڃن ٿا.

(3) بنديل جو ڪوه، هيءُ ڪوه ساري بنديل کنڊ ۽ جمنا درياه جي ڏکڻ پاسي رواج هيـٺ آهي. منجهس چار ميل آهن. ساڳئي قسم جو ڊگهو ڪوه ميسور ۽ ڏکڻ هندستان ۾ به رائج آهي.

مٿي فقري نمبر 1 ۾ بيان ڪيل ڪوه فقري ٻئي ۾ بيان ڪيل ڪوهن جي اڌ جيترا نظر اچن ٿا. اهڙيءَ ريت فاصلي جون اهي ٻئي ماپون هڪ ئي طريقي جي ماپ جا ٻه حصا آهن. ولسن به ڪوه جا ٻه ماپا 4000 يا 8000 هٿ ڏنا آهن. ننڍو ڪوه مئگاس ٿينز جي ڏينهن ۾ مگڌ ۾ رائج هوندو هو. (9) ڇاڪاڻ ته سندس اهڙو بيان آهي ته شاهي رستي سان فاصلي ڏيکارڻ واسطي هر ڏهين اسٽاڊيا کان پوءِ هڪ ٺلهه ٺهيل ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڏهه اسٽاڊيا 6566072 فوٽ 4000 هٿن جي ماپ جي برابر آهن. ”لليتا وستار“ مطابق مگڌ جي ڪوه جي اصلي ۽ حقيقي ماپ اها آهي 8000 هٿن واري ڪوهه جي ڊگهي ڀاسڪر Bhaskara  ليلاوتي Lilavati  ۾ ڏني آهي ۽ ٻين ڏيهي مصنفن به اها ساڳي ماپ ٻڌائي آهي. انهن ماپن جي اصلي ۽ بنيادي ايڪائي ڪهڙي آهي. جنهن وسيلي مذڪوره ماپ ٺهي جڙي موجوده صورت اختيار ڪئي آهي، منهنجي خيال ۾ اها ”آڱر“ آهي، جنهن جي هندستان ۾ ماپ منو انچ ڪٿيل آهي. مان سڪندر لوڌيءَ جا ٽامي جا 42 سڪا ماپي ڏٺا آهن. جن لاءِ چيو ويندو آهي ته انهن جي ماپ هڪ آڱر ماپ جي برابر هوندي هئي. مون کي معلوم ٿيو ته هر هڪ سڪو 72976. ء انچ ماپ جو هو. مسٽر ٿامس اها ماپ 72289.ء ٿوري گهٽ ٻڌائي آهي. مٿين ٻنهي جي سراسري ماپ 72632.ء انچ ٿئي ٿي ۽ هن ماپ کي هندستاني آڱر جي معياري ماپ سڏي سگهجي ٿو. مان پاڻ هتان ماڻهن جون آڱرين جون ماپون وٺي معلوم ڪيو آهي ته انهن جي آڱر جي ماپ منو انچ بيهي ٿي. هن ماپ موجب 24 آڱرين جي هٿ جي ماپ 43168ء 17 انچ بيهي ٿي، 96 آڱرين جي هڪ ڌنش جي ماپ 81ء 5 فوٽ ٿئي ٿي. اهڙيءَ ريت 100 ڌنؤ هڪ نلؤ Nalwa ۽ 100 نلو هڪ ڪوه ۾ آهن، پر امڪان هن ڳالهه جو نظر اچي ٿو ته سؤ رکيون ويون هونديون ۽ هٿ ۾ 24 آڱرين بدران 25 آڱريون هونديون. ان حساب سان هڪ هٿ ۾ 158ء 18 انچ هوندا. هتان جي عام هٿ کان اها ماپ پوءِ به ننڍي نظر اچي ٿي، جيڪي هندستان جي بازارين ۾ عام طور ڪتب ايندا آهن. في هٿ جي اها ماپ مقرر ڪرڻ کان پوءِ ان کان مٿين ماپ هن ريت ملندي:

4 هٿ يا 100 آڱر 52.ء 6 فوٽ = هڪ ڌنش

400 هٿ يا 100 ڌنش 2ء605 فوٽ = هڪ نلؤ

400 هٿ يا 100 نلؤ 6052 فوٽ = هڪ ڪوهه.

ڪوهه جي مٿين ماپ مئگا سيٿنز جي بيان ڪيل ڪوهه کان 15 فوٽ گهٽ آهي، تنهن ڪري مان هن ماپ کي مگڌ جي نهايت قديم ماپ جي ويجهو سمجهان ٿو. گنگا ماٿري ۾ ڪمڪ ايندڙ ميل ۾ 8000 هٿ هوندا آهن. مان سمجهان ٿو ته ڪوه لاءِ مٿين ماپ کي ٻيڻو ڪيو ويندو هوندو. اهو ڪوه يا ته 12104 هٿن يا اڍائي ميلن تي مشتمل هوندو.

پوئين دور جي مسلمان بادشاهن گزن جي حساب سان ڪيترين ئي ماپن جا ڪوه قائم ڪيا هئا ۽ انهن ڪوهن کي انهن بادشاهن جي نالن پٺيان سڏيو ويندو هو. هن موضوع بابت اسان جي ڄاڻ اڪبر جي وزير ابوالفضل تان ورتل آهي. (11) سندن موجب شير خان جي دور ۾ هيٺين ماپ جو ڪوه رائج هوندو هو:

41 سڪندري هڪ گز

60 سڪندري گز هڪ جريب Jarib

60 جريب هڪ سڪندري ڪوه.

ابو الفضل جي آئين اڪبري لکڻ واري دور ۾ دهلي ۾ مٿينءَ ماپ وارو ڪوه رائج هو. هيءُ ڪوه 66ء9042 فوٽن تي مشتمل هوندو هو. جيڪو ڏيڍ ميل کان ٿورو گهٽ هو. ڪوه جو ٻيو ماپو اڪبر جي دور ۾ قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 5000 الهي گز هوندا هئا. ان گز ۾ 41 سڪندري هوندا هئا. مون کي يقين آهي ته اهو غلط آهي. ڇاڪاڻ ته مذڪوره الهي گز منهنجي نظر مان گذريا آهن، جن جي ماپ 22 کان 33 انچ آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو 44 ۽ 45 سڪندري جي برابر هوندو. سرهينري اليٽ آگري کان لاهور تائين شاهي رستي تي موجود هر ڪوه تي ٺاهيل منارن جي فاصلي کي ماپي ڪوه جي صحيح ماپ لهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ماڻهن جو عام خيال اهو آهي ته مذڪوره منارا شاه جهان تعمير ڪراايا هئا، جنهن في گز جي ماپ پنهنجي حساب مطابق رائج ڪرائي هئي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اڪبر جو رائج ڪيل ڪوه وارو ماپو اعتبار جوڳو ڪونه آهي. سر هينري اليٽ هن ڪه کي غير ضروري اهميت ڏني آهي.سندس بيان مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڄڻ اهو ڪوه ٻين سڀني رائج ڪوهن کان اتم سمجهيو ويندو هو ۽ عام رواج هيٺ هو. پڪ آهي ته معاملو ائين ڪونه هو جهڙيءَ ريت سر هينري اليٽ سمجهيو ۽ لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته خود ابوالفضل جڏهن پنهنجي مالڪ اڪبر جي شهنشاهيءَ جي مختلف صوبن جي ماپ ڏئي ٿو تهاڳئين دور جي مروجه ننڍن ڪوهن جي حساب سان بيان ڪري ٿو. خود شهنشاه اڪبر جي پٽ جهانگير به پنهنجي ڪتاب تزڪ جهانگيريءَ ۾ اڪبر جي رائج ڪيل ڪوهن جي استعمال کي ڇڏي ڏنو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ سندس بيان آهي ته لاهور ۽ آگري جي وچ تي هر اٺين ڪوه جي فاصلي تي سراءِ تعمير ڪئيوڃي. (12)

ضميمو - ج

ٽالمي جي قائم ڪيل ڊگهائي ڦاڪ جي تصحيح

ٽالمي جون قائم ڪيل گهڻو ڪري سڀئي ڊگهائي ڦاڪون حقيقت کان گهڻو وڌائي بيان ڪيون ويون آهن. انهن کي صحيح ڪرڻ واسطي مختلف جاگرافيدانن ڌار ڌار طريقا ڪتب آندا آهن. مسٽر ايم. گوسلين M.Gossallin ٽاللمي طرفان ڏنل ڪل ماپ جو 7/5 ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس ڪتب آندل طريقه ڪار هن خيال تي بيٺل هو. جنهن جو اظهار اراٽوسي ٿنز Erastosthenes به ڪيو آهي ته ٽالمي خط استويٰ ۽ ڀونج سمنڊ واري روڊس Rhodes ٻيٽ واري ڳچي سمنڊ جي نقطه نگاه کان سڀئي ڊگريون غلط ڏنيون آهن. پر جيتري قدر ايشيا جو سوال آهي ته هن صور جي جاگرافيدان مارينس Marinus ۽ مئسي ڊوينا جي واپاري ٽيٽيانس Titianus  يا مائس Maes تي وڌيڪ اعتبار ڪيو آهي. ايم . گوسيلين جي طريقه ڪار جو بيناد ٽالمي جي سڀني غلطين جي سراسري تي رکيل ٿو ڀائنجي، جيڪي ڄاتل سڃاتل ماڳن کي وڌائي ورتل ڊگهائي ڦاڪن وسيلي معلوم ڪيون ويون آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته ٽالمي جون اهي غلطيون آزمائشي دور واريون آهن ۽ ان زماني ۾ کيس گهٽ تجربو هو ۽ ڊگهائي ڦاڪن وارا انگ اکر سندس اندازا ئي چئي سگهجن ٿا. ٽالمي جيڪي ڊگهائي ڦاڪ جي ڊگرين ۾ غلطيون ڪيون آهن، تن جو پهريون پتو سر رالن سن Sir Rawlinsan کي لڳو هو. بهتر اهو ٿيندو ته ان جي سمجهاڻيءَ کي هتي ورجايو وڃي. (13)

پهريون - نقشي جي هڪ ليڪ ڪڍي وئي آهي. جيڪا هيراپولس Hiera polis کان فرات جو ڪنارو ڏئي پٿرن جي ٺاهيل هڪ ٺلهه وٽ رسي ٿي. هن اها ماپ يڪسان نموني گهٽائڻ بدردان اٺن انچن جي جاءِ تي ساڍا يارهن انچ لکيا آهن. پر اها ماپ وڌيڪ صحيح 7 انچ هجي ها.

ٻيو ته استويٰ واري ڊگهي 600 بدران 500 اولمپيا اسٽآڊيا لکي آهي. اهڙيءَ ريت هن رهوڊس جي متوازي ليڪ جي ماپ 1400 اسٽاڊيا بيان ڪئي آهي. پر انجي حقيقي ماپ 1480 اسٽاڊيا آهي.

ٽين ڳالهه تي هن اسڪئني Schyaeni واري رستي جي فاصلي کي اولپيا اسٽاڊيا ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. سندس خيال آهي ته اهو فاصلو ايراني فرسنگ جي برابر آهي جنهن ۾پوڻا چار رومي ميل آهن پر سرهينري رالنسن جو خيال آهي ته اسڪئني فاصلي جو اهو فطري ماپو آهي، جيڪو قديم دور ۾ في ڪلاڪ ۾ قافلا ڪري سگهندا هئا، يا هاڻي ڪري سگهندا آهن. ڏهاڙي واري سفر يا سراسري طور طئي ڪيل فاصلي موجب اهو ٽي انگريزي ميلن جي وڃي برابر ٿيندو. ٽالمي جي ڊگهائي ڦاڪ جي غلط انگن اکرن جي مختلف نموني تصحيح ڪري سگهجي ٿي. سرهينري رالنسن سندس ٽن غلطين کي بيان ڪيو آهي. هن جو خيال آهي ته منجهن 10/3 جو وڌاءُ آهي، جيڪو ايم گوسيلين جي تصحيح ڪيل آزمائشي انگن اکرن جو 7/1 آهي.

مٿي ذڪر ڪيل تصحيح برابر آهي يا نه، ان لاءِ مان فقط ٽيڪسيلا ۽ پاليبوٿرا جي وچ ۾ڊگهائي ڦاڪ جي فرق ڏانهن اشارو ڏيندس، جيڪو هن ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org