لک لک صدقي ٿيوان جو عجب ڪيئي احساني در جاني
شان مئڏا ”ممتاز“ هايا جڏا ان پيسم پاڪ پيشاني گوهر فيشاني
راز ايجها رحمان ڪيتا وهوا صورت پاڪ سبحاني قسم رباني
نام سڄڻ دا وندر وظيفا ول ول ذڪر رباني حمد حقاني
ڪيهي وصف ڪران سو وار لکان سائين دلبر دان دشاني بر رحق باني
وارو سيهر ڪندم ڪالي ابڙو صنف ايراني ڪان ڪماني
اکيان اهو ڀروان ڀالا لبڙا لاک لاشاني مست جواني
مٽ انهن ري نه ملدي ڪوئي حسن ماه ڪيغاني جگ وچ جاني

نالو: محمد مٺل

تخلص: ”مٺل“

پيءُ جو نالو: علي نواز

ذات: جهتيال

عمر يا ڄمڻ جي تايرخ: 1964

هنڌ: گاجي جهتيال

ائڊريس: پوسٽ آفيس باٽڙي، تعلقو ڏوڪري

تعليم: مئٽرڪ                ڌنڌو: سرڪاري ملازمت  (جنرل سيڪريٽري سنڌ سگهڙ سنگت)

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهاتون، سينگار، ڏور، بيت، پهاڪا، گرچيلو، وائي، هنر هر فن ڄاڻندڙ

سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:9

نالو: حاجي عبدالعزيز

تخلص: ”عزيز“

پيءُ جو نالوو: رسول بخش خان

ذات: چانڊيو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 48 سال

هنڌ: حاجي حمزو چانڊيو

ائڊريس: ڳوٺ حاجي حمزو چانڊيو، پوسٽ آفيس نصيرآباد، تعلقو وارهه

تعليم: مئٽرڪ                ڌنڌو: ٽرانسپورٽ مالڪ

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 ڳجهارت، بيت، ڏور، سينگار، هنر، گرچيلو

 

سينگار (ڏهس)

سينڌ سنواري ساجهر سهڻو آيو گهوٽ گهٽي
رنگ رابيلي بوگن بيلي ٿي پيا ڦول ڦٽي
هاٿي هرڻ هيبت کان ڪنل ويا هنج هٽي
مڪنو مهي محبت ۾، ڪيسر چيلهه ڪٽي
 پٻ پاليهر پاٻيهان، ڇڏين پير پٽي
ليل اچي ويئي لوڏن ۾ جا مرڪڻ ساڻ مٽي
شب برابر شام جي جلوي ساڻ جهٽي
ڏاها لکن ڏهس کي مون ڪهڙي ڄاڻ ڄٽي
عاشق ”عبدالعزيز“ چئي ويا خان کٽي
ساجن دل سٽي، جنهن ٻاري باهه ”بلوچ“ چئي

نالو: غلام رسول

تخلص: ”غلام“

پيءُ جو نالو: فيض محمد

ذات: مڱريو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1954ع

هنڌ: ڪانو پور

ائڊريس: پوسٽ آفيس موهن جو دڙو،تعلقو ڏوڪري

تعليم: پرائمري                ڌنڌو:؛ هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 مولود شريف، هنر، وائي، ڏٺ، پرولي

سينگار

هڪ عجب رنگ عجيب جو ٻيو آهوءَ کان وڌ عين
نرگس ناز ڇڏي ڏنو ڏسي نازڪ جا هي نين
وار واسينگن وانگر واهه واهه سرڪن پيا سين
ڏني تجلي تيز تکي آ واحد جي وڄ کين
تنهن تاب ڇڏي ڏنو هو اوڏيءَ مهل ائين
کولي جڏهن لبڙا لالي محب پيو مرڪين
ته چنڊ چاندني وئي رنگ مٽي رين
اٿئي منهنجو محب متين، آهن گهٽ ”غلام“ چوي

نالو: غلام اڪبر

تخلص: ”بجلي“

پيءُ جو نالو: الهه ڏتو

ذات: گاڏهي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1964ع

هنڌ:

ائڊري: ڳوٺ نورپور، پوسٽ باڊهه، تعلقو ڏوڪري

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 سينگار، ڏور، بيت، ڳجهارت، هنر

سينگار

مرڪ محبوبي موهي ماريا قمر ڪتيون تارا
اليهر وار عجيب جا ڪاڪل بند ڪارا
ونگ وڇيهل وري پياسي ڏين وٽ وارا
جنهن گهٽيءَ سان گهوٽ گهمي ٿين هردم هٻڪارا
بلبل ڪوئل باغ ڏي پيا جهٽ ڏين جهارا
ڪجل ميندي مين ساڳي سونهن پيا سارا
ڳل ڳچي تي جنهن مر جهومي سيهڙي سر پارا
عاشق سر ”اڪبر“ چوي ڪن نظر نظارا
پسڻ ڪارڻ پرين جي ڪن پيا آهون امارا
در پرين دارا، ڏٺم ”غلام گاڏهي“ چوي

 

نالو: محمد لقمان

تخلص: ”لقمان“

پيءُ جو نالو: محرم علي

ذات: کوکر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1949ع

هنڌ: ڳوٺ غلام مصطفيٰ

ائڊريس: پوسٽ آفيس نصيرآباد، تعلقو وارهه

تعليم: پرائمري                ڌنڌو: بسن جو مالڪ

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتقبن جو تفصيل: گلشن ڏور، سنڌي سينگار شاعري ۽ وڻجارا ڪتابن کان سواءِ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ مواد ڇپيل آهي ۽ باقت قلمي صورت ۾ موجود آهي

سينگار

سهڻي سانول سک ڦٽائي ريک بدن تان روڙي
ٻهڪي ٻيهر ٻاجهه منجهاران جرڪي جانب جوڙي
هلڻ چلڻ سان يار حبيبان باغي دل پروڙي
کيس ڪاريهر بندڙا باري جهڙي ول وڪوڙي
وٽ وشيهل ونگ وري پيا تيز تليهر توڙي
ڪاڪل قابو قيد بڻائن نانگڻ جوڳڻ نوري
ته اذگر آهو عاشق ٿيڙا ڏور ڀري کان ڏوري
مانجهي مير به محلي ۾ ڪل ”ئوئر“ ٿي پيا کوڙي
ڪونج ڪبوتر سهه سڄڻ ڏي ڊيل به آئي ڊوڙي
دانهه درد وڙي پيا لک ڪرن ”لقمان“ چئي

نالو: محمد صالح

تخلص: ”مساف“

پيءُ جو نالو: غلام سرور

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1977ع

هنڌ: محمد خان ڪلهوڙو

ائڊريس: پوسٽ باڊهه، تعلقو ڏوڪري

تعليم: نائون درجو پڙهندڙ            ڌنڌو: شاگرد

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 نصيحت، ڏور، سينگار، آجيان

آجيان

اوهان سڀني کي السلام عليڪم ڀلي آئيو ڀاءُ
علم پرايو عزت وڌايو نه دشمن کي ڏيو داءُ
اهڙي نموني اهڙي ايڪي تون استادن ڏي آءُ
مٺا ”محمد صالح“ چوي پوءِ مرڪي تنهن جي ماءُ
تڏهن ڏاڍن جو ڏهڪاءُ، اثر نه ڪندئي ”عباسي“ چئي

نالو: محمد مريد

تخلص: ”مريد“

پيءُ جو نالو: امير بخش

ذات: ڪوري

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1936ع

هنڌ:

ائڊريس: واهوچا، تعلقو ڏوڪري

تعليم: پرائمري                ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: اخلاقي بيت، پهاڪا، ڏٺ، پرولي، ۽ ڳجهارت

بيت

ڪوڙي آڪڙ ڪم نه ايندئي ڪر انهيءَ کي تون وفا
ڪيئن ماڻيندي منزل بيٺو خاوند اٿئي خفا
پڙهه صلواتون صدق سان ڪر سينو صافد صفا
لاءِ نينهن نماز سان اٿئي نوڙت منجهه نفعا
رکي محبت ”مريد“ چئي ڪر واعدو يار وفا
محشر ڏينهن محبوب تنهنجي ڪندو شاهه شفا
نه ته لڳندا توکي ڏفا، قيامت ڏينهن ”ڪوري“ چئي

نالو: منظور علي

تخلص: ”منظور“

پيءُ جو نالو: محمد مراد

ذات: ابڙو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1981ع – 4 – 14

هنڌ: بگي

ائڊريس: پوسٽ بگي، تعلقو ڏوڪري

تعليم: اٺ درجا               ڌنڌو: شآاگرد

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: بيت، سينگار، ڏور، آجيان

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين تو منهن ڏيکاريو مس
اوهان لاءِ ”ابڙو“ چي پئي گهٽيون نهاريم گس
جمع ڇنڇر آچر ويو رنس سومر ڏينهن سرس
پر نه ڪيو پاڙيچن ڪو تو هاريءَ ترس
اڱارو، اربع ارمان ۾ ڪيو خالق خير خرس
تون عجيب آئين اڱڻ تي ڪيو شعاع شمس
رات به ڪيا رس، ۽ لٿي مونجهه ”منظور“ چئي
 

نالو: منظور علي

تخلص: ”منظور“

پيءُ جو نالو: حاجي علي نواز

ذات: سوهو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 26 سال

هنڌ: حاجي مشوري

ائڊريس: پوسٽ موهن جو دڙو، ڳوٺ ڌڻي بخش جوڻيجو، تعلقو ڏوڪري

تعليم  اٺ درجا               ڌنڌو: سوشل ورڪر

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، سينگار، ڏور، بيت

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين اڄ توکي ڪيم تارون
مٺا محب ”منظور“ جون تون سڄڻ لهه سارون
مل سگهو موئن دڙي سڻي پنهل پڪاريون
پوءِ مبارڪ مارون، سگهو ڏيندا ”سوهو“ چئي

نالو: مير شبير

تخلص: ”شبير“

پيءُ جو نالو: استاد فقير محمد ملوڪ

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ:

هنڌ: محمد خان ڪلهوڙو

ائڊريس: پوسٽ باڊه، تعلقو ڏوڪري

تعليم: يارهون درجو پڙهندڙ           ڌنڌو: شاگرد

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، آجيان، سينگار، بيت، مزاحيه، مولود شريف

سينگار

عجب وار عجيب جا ٿا وليهر وجهن ونگ
اليهر اڳ اتامرا تليهر تاب ترنگ
پدم پاس پرين جي ڀرڪيا رک ڀڄنگ
ڪاريهر ڪيس قريب جي ڀٽن پاس ڀونگ
ڊوري سس ڊٻن تي جانچن بيٺا جهنگ
”شبير“ ڀري شلنگ پيا چمن قدم ڪريم جا

نالو: ممتاز علي

تخلص: ”ممتاز“

پيءُ جو نالو: فقير محمد ملوڪ

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ:

هنڌ: محمد خان ڪلهوڙو

ائڊريس: پوسٽ باڊهه، تعلقو ڏوڪري

تعليم: پرائمري                ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هر فن ڄاڻندڙ

سينگار

قسم خدادي سڄڻ اسان ڏي محبوب کان دا مهماني نجت نشاني
والي ميڏي ويڙهي آندا ڪهڙي ڪران قرباني مين مستاني
لک لک صدقي ٿيوان جو عجب ڪيئي احساني در جاني
شان مئڏا ”ممتاز“ هايا جڏا ان پيسم پاڪ پيشاني گوهر فيشاني
راز ايجها رحمان ڪيتا وهوا صورت پاڪ سبحاني قسم رباني
نام سڄڻ دا وندر وظيفا ول ول ذڪر رباني حمد حقاني
ڪيهي وصف ڪران سو وار لکان سائين دلبر دان دشاني بر رحق باني
وارو سيهر ڪندم ڪالي ابڙو صنف ايراني ڪان ڪماني
اکيان اهو ڀروان ڀالا لبڙا لاک لاشاني مست جواني
مٽ انهن ري نه ملدي ڪوئي حسن ماه ڪيغاني جگ وچ جاني

نالو: محمد مٺل

تخلص: ”مٺل“

پيءُ جو نالو: علي نواز

ذات: جهتيال

عمر يا ڄمڻ جي تايرخ: 1964

هنڌ: گاجي جهتيال

ائڊريس: پوسٽ آفيس باٽڙي، تعلقو ڏوڪري

تعليم: مئٽرڪ                ڌنڌو: سرڪاري ملازمت  (جنرل سيڪريٽري سنڌ سگهڙ سنگت)

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهاتون، سينگار، ڏور، بيت، پهاڪا، گرچيلو، وائي، هنر هر فن ڄاڻندڙ

سينگار

ڪارا قيس ڪلهن تي ڀئونرن لاتي ڀاڄ
ڇنڀڻ شمشيرن دهشت ۾ ڌڄراڄ
ماڻهو ماس ”مٺل“ چوي ٿي کنوڻ تنين کاڄ
لاکيڻن جي لاڄ، جيئاري جيءُ ”جهتيال“ چوي

نالو: استاد سدورو

تخلص: ”سدورو“

پيءُ جو نالو: شفيع محمد

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1964ع  - 9 – 6 

هنڌ: محمد خان ڪلهوڙو

ائڊريس: پوسٽ آفيس باڊهه، تعلقو ڏوڪري

تعليم: بارهن درجا            ڌنڌو: پرائمري ماستر

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن ڄاڻندڙ

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين تنهنجي اٿم تار
سالن کان پوءِ سڄڻ منهنجي لڌي سار
هيءَ عمر حبيب تو لاءِ ويٺي ڳڻيم وار
مونکي سڪڙي ساجن تنهنجي عجب هئي انوار
اڄ اڱڻ تي عيدون ڀانيان هوت گلي جا هار
وهم ويم ويچار، ٿيا سک ”سدورو“ چئي

نالو: هدايت الله

تخلص: ”ڪهاڙو فقير“

پيءُ جو نالو: رانجهو خان

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻجي تاريخ: 1950ع هنڌ: محمد خان ڪلهوڙو

ائڊريس: پوسٽ آفيس باڊهه، تعلقو ڏوڪري

تعليم: پرائمري                ڌنڌو:؛ هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: آجيان، سينگار، مزاحيه بيت

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين محب منهنجا من
ڪيئي ماڙمون مسڪين تي هي ڇنل ڏسي ڇن
هاڻي ته ماڻهو ڏين پيا مبارڪون مان ڪاڏي ڏيان ڪن
ويڙها ڏين ٿا واڌايون ٻيو راضي ٿيو رازن
تون ڀريندو آ ڀن، ڪمزورن جا ”ڪهاڙو، چي

غلام حسين جهتيال ”ماستر“

بيت

سڄڻ مٺا ساهه کان جن سڪ ڏني سرڪي
محبت جن جي من ۾ هر هر پئي هرڪي
خدا ڄاڻي ڪهڙي خطا ڪالهه پيا ڪرڪي
اهو غم نه ويندو ”غلام حسين“ چئي جو ڀلا ويا ڀرڪي
جن موهي دل مرڪي، سي مٽيا وتن ماستر چوي

نالو: خدا بخش

تخلص: ”شبن“

پيءُ جونالو: بخشل خان

ذات: کوکر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1950ع

هنڌ:

ائڊريس: پوسٽ آفيس فيض محمد کوکر، تعلقو ڏوڪري

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، ڏور، ڳجهارت، پهاڪو

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين تنهنجو ادب ڪريان آءٌ
راتين، ڏينهان روح ۾ آ نيڻين تنهنجو نانءُ
ڏنگ نه ڪجي ڏانءُ، توڙي هجيس مهڙ ”متو“ چوي

نالو: مرحوم فقير واحد بخش

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: محمد ڇتل

ذات: جوڻيجو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ:

هنڌ: ولي داد ڳاهو

ائڊريس: ترعلقو ڏوڪري

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، گرچيلو، نصيحت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org