0px; text-indent: 0px; line-height: 30px; margin: 0px 10px"> Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)

سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:8

نالو: دادن

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: عبدالحميد

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: - .

هنڌ: محمد خان ڪلهوڙو

ائڊريس: پوسٽ آفيس باڊهه، تعلصقو ڏوڪري

تعليم: مئٽرڪ پاس          ڌنڌو: شاگرد

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتقبن جو تفصيل:

 آجيان، ڏور، سينگار، مزاحيه بيت

سينگار

عجب عين عجيب جا سونهن سينڌ سري
عنف ڪنڊو ايلچي چتر چهنب چري
ڪبق ڪونجن ڪنڌ نمايو وين ٺپ ٺري
ڏسي ڪاهو اکين ٿيا برن پاسي ٻري
ڪجل ريءَ ڪهن پيون ويا ڳوٺ ڳري
اڃا شوق شڪار لاءِ کولي در دري
ته پئي پيش پرين جي هرڪا حور پري
”دادن“ دام بدر کي ويئي مرڪي مين مري
ڪئين گهور گهري، ته ٿيا عاشق اڌ ”عباسي“ چوي

نالو: احمد سلطان

تخلص: ”سلطان“

پيءُ جو نالو: متل خان

ذات : ابڙو

عمر يا ڄمڻ جي تايرخ: 55 سال

هنڌ: ڏنگڙو

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڏوڪري

تعليم: سنڌي پرائمري                 ڌنڌو: دڪانداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتقبن جو تفصيل:

 هر فن جي ڄاڻ

سينگار

عين سڄڻ ري تين نرالي ڪجل ريءَ اک ڪالي لامثالي
وار سينگار سو بار هيا واهه واهه ڪامل ڪيس ڪمالي لامثالي
گل ڦل گهٽ وڌ گوهر دا لب لال گلابي هيا لالي لامثالي
اهو آون ڦيرا پاون ڏيکن سهڻي سونهن سلالي لامثالي
هزاري دي وچ هئي نور نبي دا ڪاڪا اک هئي ڏيکڻ والي لامثالي
مين عاشق هون هر اک دا جاني توڙي کن هوون خود خيالي لامثالي
ڏک ڏيندا ڏنگڙي وچ ميڪون ڏکان اڍ ڏکالي لامثالي
سٽ ساڙ گيا ”سلطان“ آکي ڌڌ ڌم دونالي لامثالي

 

نالو: بشير احمد

تخلص: ”بشير“

ذات: ملاح

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1956ع

هنڌ: ڏوڪري

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڏوڪري

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو:  مزدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتقبن جو تفصيل:

 سينگار، بيت ، ڏور، ڳجهارت، هنر

بيت

سمجهه رک سياڻو ٿي ڪجهه ادب سک انسان
ڪيڏا قرب قدير ڪيئي رازق رب رحمان
مرڻ بعد ”ملاح“ چئي اينديئي قبر تي ڪپتان
خبر پوندئي خان، تنهنجي بٺي منجهه .بشير“ چئي

 

نالو: پير بخش

تخلص: پيرل“

پيءُ جو نالو: فيض محمد

ذات: مڱريو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1949ع – 3 – 1

هنڌ: ڪانو پور

ائڊريس: پوسٽ آفيس موهن جو دڙو تعلقو ڏوڪري

تعليم: چار درجا سنڌي               ڌنڌو: آبادگار

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتقبن جو تفصيل:

 بيت، سينگار، ڳجهارت، گرچيلو وغيره

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين اڄ گهوريان توتان گل
سواءِ تو سڄڻ جي ٻيو ڪونه لهي ها ڪل
هت ڳڻتين دل ڳاري وڌي ٻيو سورن ڪڍيا سل
ڪانهي رت رڳن ۾، پئي کڙڪي خالي کل
اسين برابر ال“ تو پرين سڃاتو آ ”پير“ چوي

نالو: عبداللطيف

تخلص: ”اداسي“

پيءُ جو نالو: محمد موسيٰ

ذات: کوکر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1969ع

هنڌ: جمع خان کوکر

ائڊريس: معرفت محمد يعقوب کوکر لڳ حبيب بينڪ، پوسٽ آفيس نصيرآباد

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتقبن جو تفصيل:

 هر فن کان واقف

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين ڪري ڀلايون ڀال
اڱڻ اڄ اجرا ٿيا ڪيو قرب ڪمال
اگهي ويا ”عبداللطيف“ چوي جي سڄڻ گهريم سوال
ڳڻ اوهان جا ڳائيان مان ساري عمر سال
سر مڏي هي مال، گهوٽ اوهان تا گهوريان

نالو: محمد جڙيل  تخلص: ”جريل“

پيءُ جو نالو: محمد آچر

ذات: چانڊيو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1971ع  -  -3  - 5

هنڌ: حمزو چانڊيو                     

ائڊريس: ڳوٺ حمزو چانڊيو، پوسٽ آفيس نصير آباد، تعلقه وارهه

تعليم: 12 درجا               ڌنڌو: هيڊ ماستر پرائمري اسڪول

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:  هر فن جي ڄاڻ رکندڙ

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين ٿي صحن تي سرهاڻ
آءُ به ستائيندو هوس سائين کي ته الله پرين آڻ
اهي سڏڙا سڀ، ساڀ پيا ٿي جهريس جنين ڪاڻ
تو دلبر ديدار ڪرايا ٿي مرڪ منجهان مانڊاڻ
هيس جهڙو تهڙو ”جڙيل“ چئي اچي پرين کنيئي پاڻ
هڪ جيڏن ۾ هاڻ، اچي چاس ڪيئي چانڊيو“ چوي

نالو: محمد ايوب

تخلص: ”منتظر“

پيءُ جو نالو: غلام علي

ذات: واهوچو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1970ع  - 1  -20

هنڌ: سوالي واهوچو

ائڊريس: معرفت لعل ميڊيڪل اسٽور نصيرآبادا تعلقه وارهه

تعليم: انٽر سائنس (انجنيئرنگ)             ڌنڌو: خانگي ملازم

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 هرفن ڄاڻندڙ

غزل

ويران آ دل جو چمن هنکي اچي آباد ڪر
مان رهان ناشاد ٿو مون کي اچي تون شاد ڪر
آزيون ڪيم منٿيون ڪيم هڪ ٻڌين تون ڪين ٿو
اي صنم جيڪا ڪيان ٿو سا پوري فرياد ڪر
ڇا ٻڌايان حال پنهنجو آهي سڀ توکي خبر
اچ ڏکن جي پڃري مان مون کي اچي آزاد ڪر
آهي تڙپايو هاڻي ”ايوب“ درشن واسطي
”واهوچي“ وٽ وصل ۾ ايڏو نه تون بغداد ڪر

نالو: محمد خان 

تخلص: ”محمد خان“

پيءُ جو نالو: محمد علي

ذات: جهتيال

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 42 سال

هنڌ: خيرو جهتيال

ائڊريس: پوسٽ آفيس ٽاري وايا باڊهه تعلقه ڏوڪري

تعليم: - .             نڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 هرفن جي ڄاڻ رکندڙ

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين محفل جا مور
هيءَ ڪچهري آ قرب جي شهزاده شهزور
سگهڙ سالڪ سٻاجهڙا ٿا ڏاها ڏين ڏور
وڃائي گهڙي گهور، مٺا ”محمد خان“ چئي

نالو: نادر علي

تخلص: ”نادر“

پيءُ جو نالو: محمد جمن

ذات: سومرو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 25 سال

هنڌ: سائينداد کوکر

ائڊريس: معرفت ممتاز علي جوڻيجو ڪريانه مرچنٽ باڊهه پوسٽ آفيس باڊهه، تعلقه ڏوڪري

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 هرفن ڄاڻندڙ

بيت

دلبر دي هڪ ديد اسانون شوق وڏا شڪار ڪيتا
ديد دونالي دلبر والي جنهن اي سي آروپار ڪيتا
مار گهتيس مون مسڪين ڪون جنهن فرکم وڏا آزار ڪيتا
هلڻ چلڻ ڪنو چور ٿيس جنهن لڪڻ ڪنو لاچار ڪيتا
ڏتي مثالي محب ميڪون جنهن هڏريان وچ هٻڪار ڪيتا
ڪاڙهه ڪني وچ پاڪ پيالي جنهن ساقي رخ اختيار ڪيتا
هليا ونڊ ورهاست والا ويک دنيا ويچار ڪتا
افضل عشق جو اعليٰ هي تنهن ”نادر“ ڪو نروار ڪيتا

نالو: روشن علي

تخلص: ”روشن“

پيءُ جو نالو: پير بخش

ذات: ڪوري

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1962ع

هنڌ: بابل جروار

ائڊريس: پوسٽ ڏوڪري

تعليم: پرائمري                ڌنڌو: مززدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 هرفن

سينگار

چاند چندوري چنڊ کان هليو جانب جلوو جو
مشابهت محبوب جي ڪيان شمس قمر مان ڇو
رعني رجني ”روشن“ چئي ڪا تڳي مري تو
ڪاينر نه آهي ڪوڪٽ برابر ”ڪوري“ چوي

نالو: شبن عرف خدا بخش

تخلص: ”شبن“

پيءُ جو نالو: بخشل خان

ذات: کوکر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1950ع

هنڌ: - .

ائڊريس: ڳوٺ پوسٽ فيض محمد کوکر،  تعلقو ڏوڪري

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، ڏور، ڳجهارت، پهاڪو

بيت

ملوڪن جي مجلس جو ٿو چارڻ وڄي چنگ
پروانا ڪيئي پهي ويا بس دوئي کان ڪري دنگ
تو موڙو کاڌو محفل کان ڪنهن ڏائڻ هنيئي ڏنگ
ڇنائي هل ”شبن“ چئي جو ويريءَ وڌو اٿئي ونگ
اصل واري آتڻ تي اڄ روءِ پسي آ رنگ
پائي پاند، پريت جو هلي صفائي مٺڙا منگ
پوءِ پيار واري پرچي تي تنهنجو عاشق لکندا انگ
تڏهن ننگي توتي ننگ، خان ڪندا ”کوکر“ چوي
 

نالو: علي گوهر

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: غلام حيدر

ذات: خاصخيلي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1951 – 11 – 12

هنڌ: ڏوڪري

ائڊريس: قاضي محلو، شوڪت علي اسٽيرٽ، پوسٽ ڏوڪري

تعليم: پنج درجا پاس                 ڌنڌو: مزدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 بيت، سينگار، مزاحيه بيت

بيت

صفت ثنا سڀ سائين جي ڪيا پيدا پالڻهار
سڀئي زمينون آسمان ٻيا گل ڏسو گلزار
گل ڦل ٻوٽا ٽهڪن ٽاريون واحد جي وڻڪار
ندوين نارا جبل جايون جوريا پاڻ جبار
”خاصخيلي“ خادم کوڙ ڏٺا مون مانجهي در منٺار
”گوهر“ غم هزار، لالڻ آئي لهي ويا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org