سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:4

نالو: صاحب خان تخلص: صاحب

پيءُ جو نالو: الهڏنو خان

ذات: جلالاڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1949ع – 4  - 15

هنڌ:

ائڊريس: پوسٽ آفيس صاحب خان جلالاڻي، تعلقو ميرواهه

تعليم: سنڌي             ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، آجيان، پهاڪو، ڏور، سينگار

بيت

ڪاوڙ کي ڪم ڪي جوان ڪندا جائي
ڪڏهن رکن ڪينڪي ٻهڳڻ سان ٻيائي
اهي هميشه حق جي پيا وير ڪندا وائي
ڏئي هٿ هيڻن تي پيا ڪندا ڀورل ڀلائي
جانب اهي ”جلالاڻي“ چئي ڏسندا اوکي نه اڻائي
ويا خوديءَ کي کائي، ته سکيا هوندا صاحب چئي

نالو: عبدالستار

تخلص: شاد

پيءُ جو نالو: غوث بخش

ذات: وساڻ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1929ع – 3 – 5

هنڌ: پير گڊو

ائڊريس: پوسٽ آفيس جسڪاڻي، تعلقو ڪوٽڏيجي

تعليم: ٻارهن درجا            ڌنڌو: وئڪسينيٽر

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: آجيان، پهاڪو وغيره

بيت

جن ڪنڌ نوايو ڪريم سان تن ڏسڻ غير گناهه
فاذڪروني اذڪرڪم، فڪر جن فلاح
”ستار“ ڪري صلاح نه ڏسجان اڳ دوئيءَ جو

نالو: علم الدين فقير تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: غلام صغير فقير

ذات: مڱڻهار

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1928ع

هنڌ: انب فقير مڱڻهار

ائڊريس: پوسٽ آفيس انب فقير، تعلقو ميرواهه

تعليم: ٻارهن درجا            ڌنڌو:

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، هنر، ڏور، بيت، پهاڪا، گفتا، سينگار

 

نصيحت

ستا ڪر سجاڳي نه ته ويندءِ وقت وهي
جت مان ملئي ”مڱڻهار“ چئي اتي پئو  تون رات رهي
سودو ملندءِ سڦرو تن سهڻن کان ته سهي
جي گذاريندين غفلت ۾، ته ويندءِ سج لهي
پيار ڪر پنجن سان، پيارنئي مڌ مهي
اهي قربدار ڪهي، ايندءِ اوکيءَ ۾، علم الدين چئي

 

نالو: علي گوهر

تخلص: گوهر

پيءُ جو نالو: الهورايو

ذات: خاصخيلي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1958ع

هنڌ: ڳوٺ محبت خان خاصخيلي

ائڊريس: معرفت مهراڻ ڊيڪوريشن، پوسٽ آفيس، سيٺارجا

تعليم: سنڌي                 ڌنڌو: دوڪانداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن جي ڄاڻ

نصيحت

صحبت رک سياڻي سان، منهن موڳي کان مٽ
وک وڌاءِ وينجهارن ڏانهن، گهڙي نه ڪر گهٽ
”خاصخيلي“ چئي خوشيءَ مان وڃ حبيبن جي هٽ
سودو کڻ سچ وارو، ڪوڙ کي ئي ڪٽ
واڻ اهڙو وٽ، جو ڪچو ڪوئي ڪونه چئي

نالو: غلام اڪبر

تخلص: ڪوبه به

پيءُ جو نالو: محمد پريل

ذات: خاصخيلي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1940ع

هنڌ: ڳوٺ سوڍو خاصخيلي

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميهر ويسر، وايا سيٺارجا

تعليم: سنڌي                     ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: مڪمل فن جي ڄاڻ

بيت

اوطاقي عاشق رهن هميشه هوشناڪ
قرب تن تي قادر ڪيو مٿان رب رزاق
اٿن ويهن ادب سان عجب اٿن اخلاق
مهمان نه اچن ماڳ تي ته فنا رهن فراق
هرهنڌ هلي پئي هاڪ گلن جي ”غلام اڪبر“ چوي

نالو: شاهمراد

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: ولي داد

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 74 سال

هنڌ: رسول پور

ائڊريس: پوسٽ آفيس رسول پور، تعلقو ٺري ميرواهه خيرپور ميرس

تعليم: --                 ڌنڌو: آبادگار (ڪڙمي)

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

سينگار، آجيان، ڏور، هنر پهاڪو، ڏٺ وغيره

هنر

ڏڌي ولوڙيا مون پئي مٽي مانڌاڻين
نهرا پورن مون ڌڻي جهگيڙا جهانگيئڙن
پر سنگهرن سان سومرا منرا ماروئڙن
اهي وڍن ڪنڊڙيون ٿيون وڻن شل ڏسان ”شاهمراد“ چوي
 

نالو: غلام محمد

تخلص: ”گل فقير“

پيءُ جو نالو: مريد حسين

ذات: ملاح

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1945 – 4  - 11

هنڌ: ڪنب

ائڊريس: گل فقير ميربحر ڀاڄيءَ وارو، پوسٽ آفيس ڪنب، تعلقو ڪوٽڏيجي

تعليم: سنڌي                     ڌنڌو: ڀاڄيءَ وارو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

آجيان، پهاڪو، ڳجهارت، ڏٺ

بيت

سڪ تنهنجي سيني ۾ اندر آهي اڃ
پياس اچي پهه پچايان هاڃي لائيِ هڃ
 سڄڻ بنا سنسار ۾ سارو ڀانيان سڃ
نٿي پرين پڃ، محبت مان ”ملاح“ چئي

نالو: غلام نبي

تخلص: غلام

پيءُ جو نالو: الهڏتو

ذات: ويسر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1976 – 4 – 3

هنڏ: ڳوٺ ميهر ويسر

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميهر ويسر، تعلقو ٺري ميرواهه

تعليم: اٺ درجا سنڌي           ڌنڌو: نوڪري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

ڳجهارت، ڏور، هنر، ڏٺ

 

محمد آيو ملڪ مڪي ۾، حورن ڪئي آ لات اتي
نه ڏينهن هو نه رات هئي، سهڻل آيو پرڀات اتي
جن، ملائڪ، حورون پريون ٿيون حسن ڏسي حيران اتي
بر ٿر برسي پيا گلن ڪئي آ گلزار اتي
اچڻ احمد ڄام جي سان سهڻي ٿي صلوات اتي
صبح سانجهي نعت اتي، مان غلام آهيان ”غلام“ چئي

نالو: محمد بچل

تخلص: بچل

پيءُ جو نالو: امير بخش

ذات: سولنگي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 33 سال

هنڌ: ڳوٺ محمد حيات سولنگي

ائڊريس: پوسٽ ڪنب، تعلقو ڪوٽڏيجي

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو: محنت مزدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

مڪمل فن جي ڄاڻ

بيت

ڪئي ڪجلن ڪٺا انهن اربيلين اکين
اونهو راز اسرار جو رمزاه رکن
”بچل“ لکي ڇا لکن پنا انهيءَ پرت جا

نالو: محمود خان

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حاجي غيبي خان

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1944 – 9 – 28

هنڌ: ڳوٺ حاجي غيبي خان شر

ائڊريس: معرفت علم الدين فقير درزي، پوسٽ آفيس اڪري چودڳي تعلقو فيض گنج 

تعليم: سنڌي                 ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

هرفن جي ڄاڻ

بيت

جيڪي پچڻ کي پچائي ٿيا پچي پاڻ پچن
ڏيڻ سر سوليءَ تي آ ثابت ڪم سچن
اوکو پنڌ پهاڙ جو ناهي ڪار ڪچن
شان ونديون ”شر“ چوي جن پاڙيا واهه وچن
گرناري گهڙي سي محبت مچ مچن
اهڙي انگ اچن پائي مان ”محمود“ چئي

نالو: محمد ٻڍل

تخلص: ٻڍل

پيءُ جو نالو: بهادر علي

ذات: چنا

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1982ع

هنڌ: ڳوٺ ڌڻي بخش چنا

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميهر ويسر، تعلقو ميرواهه

تعليم: پنج درجا پاس         ڌنڌو: -

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

ڳجهارت، ڏور، هنر، آجيان، بيت، سينگار

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين مٺا اڄ محب
تنهنجي ڏسڻ لاءِ ڏاڍي هئين کي هئي حب
تون آئي عيد ڪيم ڪافي ڪيئي قرب
جئين سدا جانب، اهڙي ڪر پيو ٻاجھه ”ٻڍل“ چئي
 

نالو: سيد محبوب علي شاهه

تخلص: ”محبوب“

پيءُ جو نالو: سيد يوسف علي شاهه

ذات: سيد جيلاني

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1954ع

هنڌ: ڳوٺ بوزدار وڏا

ائڊريس: پوسٽ آفيس بوزدار وڏا وايا راڻيپور

تعليم: سنڌي                 ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

هر ماهه يارهن تاريخ ڪچهريون ڪرائيندڙ آهي

بيت

ڪانگل چئج قريب کي تون ولهي پاسي ور
اوهان ريءَ اسان کي نه گهوٽ وڻي ٿو گهر
منهڙو ڏٺم محبوب پرين اوهان جو پر
منهن ”محبوب شاهه“ جو ڀلا سمجهو بر
غازي اسان جو گذر، ٿو ڏکيو گذري ڏيهه ۾

 

نالو: محمد تڳيل

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: ٻاجهي فقير

ذات: خاصخيلي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1954ع

هنڌ: ڳوٺ سرائي يار محمد خاصخيلي

ائڊريس: پوسٽ آفيس ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور

تعليم: سنڌي         ڌنڌو: درزي

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

هر فن جو ڄاڻيندڙ

بيت

نو نشانيون نينهن جون آهن عاشقن
هڪ اوجاڳا اکين کي هميشه هوندن
ٻيو ٻڌائن ڪين ٻين کي جيڪي دونهان درد دکن
ٽيون سدائين سجدو ڪن آڏو عجيبن
چوٿون چرين وانگر چارئي پهر پيا فهميدا ڦرن
پنجون پسڻ خاطر پرينءَ جي پيا رندن منجهن رلن
پر زيان نه ڪندا ذري جو ڀلي ڇهون ڇيڪ گهمن
ستون سدائين صبر ۾ پيا ماٺ مطالعو ڪن
اٺون عشق عجيبن جي هوندا ڏٻرا ڏيل سندن
نائون نياز نوڙت سان پيا خادم خدمت ڪن
طالب سي ”تڳيل“ چئي ڪنهن تراڙي ڪين ترن
جيڪي خوديءَ کي کائن، تنهن کي ڪونهي خوف ”خاصخيلي“ چئي
 

نالو: محمد سومر فقير

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جونالو: ڌڻي بخش فقير

ذات: چنا

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1945 – 2 – 27

هنڌ: -

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميهر ويسر، تعلقو ميرواهه

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

هرفن جي ڄاڻ .

 

حسن جي هاڪ چڪايا چاڪ اعليَ افلاڪ خاشي ٿي خاڪ پرين پيزاريان
سهڻي سينگار حقيقت هار، گل و گلزار خوشبوءِ دار هميشه هٻڪاريان
سهڻي جي سڪ، حقي آ حق، پوريءَ پڪ، ڀليءَ جي ڀڪ، ڀڪ بيشڪ بهاريان
ڏاتر جي ڏات، راضي رحمات، سڄي صفات، نوري آ نات نت نهاريان
هوت حضور نوراني نور، ملڪ مخمور مڙيائي مسرور ملڪ من ٺاريان
مٿان مرسل پڙهو پلپل درود دل دل ڪندو ڪامل ڇيهه ڇوٽڪاريان
عجيب آفتاب موهيا مهتاب آندائون آب تکا ها تاب سچي سرداريان
”چنو“ چري چاهه منور ماهه شاهن جو شاهه هيڻن همراهه هوت هر واريان
روحاني رس هلي تون هس پرين پارس ڪينرو ڪس ڪيئي قراريان
هيڻو آ حال ڀلائي ڀال ”سومر“ جو سوال ننگي ننگ پال هوت هزاريان

پهاڪو

آيا اڱڻ تي عجيب اکين مڃيا احسان
ڀلي آئين جيءُ آئين خوش ٿيس خان
آئي تنهنجي عجيب مون وڏا مليا مان
شوق مان هر هر حبيب چوان شاهي تنهنجا شان
لٿا شڪ گمان، محبت منجهه ”مير محمد“ چوي

نالو: شاد محمد

تخلص: ”شاهن“

پيءُ جو نالو: محمد سليم

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1963ع

هنڌ: رسول پور لڳ

ائڊريس: ڳوٺ شير محمد شر پوسٽ رسول پور، تعلقو ميرواهه، خيرپور ميرس

تعليم: اٺ ڪلاس سنڌي                     ڌنڌو: ٽانگي گاڏي

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

سينگار، پهاڪو، ڏور، آجيان

 

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين منهنجا دل گهريا دلبر
دلبر تولئه دڳن ۾ هئي نت سندم نظر
ايندو ڏسي عجيب کي وياسين ڇڏي سراسر
هاڻ ڏک سڀئي ڏور ٿيا جيڪي ڀيڙي هئا ڀر
گهوٽ مون وٽ گهار تون، باقي عجيب عمر
عمر ساري سراسر، هيو ”شاهن“ تنهنجي شُوق ۾

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org