سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:2

ضلعو جيڪب آباد

نالو؛ بهار علي

تخلص؛”بهار“

پيءُ جو نالو؛  وزير احمد

ذات: ٻرڙو

عمر  يا ڄمڻ جي تاريخ: 1960 – 1 - 1

تعليم: سنڌي پنج درجا پاس

هنڌ: لڳ ميرپورٻرڙو، تعلقو ٺل

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد  سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سگهڙپائي جي سڀني صنفن ۾ ڄاڻ رکندڙ.

پهاڪو

سو محنت ڪيم سون جي نه ورتي روپي
ڌاريو ڪپڙو ڌاڳي سان ٽانڪجي کڻي ٽوڪ
تب سنڌ ظاهر سڳي کان لپيٽجي کڻي لوپي
ڏونگهي وارو ڏانءُ نه ورتو، ڪڏهن کڙ  ڄانڀي کوپي
ڦند فقيري شان وڃائي، ڪوڙو جئين ڪوپي
بيوقوف کي ”بهار“ چئي ڀلي سبق ڇڏ سونپي
توڙي ست درياهه ڌوپي، تب ٻيائي نه ڇڏي ”ٻرڙو“ چئي
 

نالو: گل حسن

تخلص: ”گل“

پيءُ جو نالو: الهه وڌايو

ذات: ملڪ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1967 – 9 – 1

هنڌ: ڪرمپور بجاراڻي

تعليم: بي ايس سي ۽ ايم اي سنڌي (آخري سال)

ڌنڌو: شاگرد

ائڊريس: ارباب علي دايو ٽيلر ماسٽر پوسٽ آفيس ڪرمپور بجاراڻي وايا شڪارپور

سگهڙپائي جي خاص صنف جي ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سگهڙپائي جي سڀني صنفن  ۾ ڄاڻ رکندڙ

 

سينگار (ٻٽو ڏهس)

پٻ، پڳ، پائون، پايا، پد، پاڪ پرين جا پير
ريٽا، رتول، رتڙا، ارتا، احمر، ڀنڀا ڀلي ڀير
فاز، فيٽ، چرن، چمان، لهن من جا مير
ڪڪا، ڪڪور، کهنبا، جيئن ڳاڙها ٻيرين ٻير
تيئن نازڪ، نتاڪ، ناز ڀري جا سهڻا جن جا سير
سي ”گل ملڪ“ مور مٿير، جن جي اڪير عرش کي

نالو: غلام محمد

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حاجي مير هزار

ذات: ڪنراڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1971 – 3 – 4

هنڌ: لڳ ڳڙهي ڀٽو

تعليم: مئٽرڪ                ڌنڌو: زمينداري

ائڊريس: معرفت نواز سائيڪل ورڪس، رهبر چونڪ، پوسٽ ٺل، تعلقو ٺل سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن سان واقفيت.

 

نصيحت

اجل ايندينءَ اوچتو، مار ميئي جي مستي
ڏنگائپ واري ڏانگي مان هوڏ ڪڍ هستي
راهي ٿيندو روح پوءِ سفر پسندي سختي
چانگهي ساڻ چستي، گڏج گام ”غلام محمد“ چئي

 

نالو: محمد صيفل

تخلص: صيفل

پيءُ جو نالو: شفيع محمد

ذات: ڀٽي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ:

هنڌ:

ڌنڌو: هاري

ائڊريس: معرفت سگهڙ بهار علي ٻرڙو، پوسٽ آفيس ميرپور ٻرڙو، تعلقو ٺل

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، ڏور

پهاڪو

جي ڀائين جوڳي ٿيان ته رک ڄاڻو اها ڄاڻ
هتي اٿئي نانگن ذاتيون ڪيتريون، لهه ووڙي واسينگن وٿاڻ
لنڊي، ڊمڻ، کپر اٿئي متان کائي وجهني کٽياڻ
الفي پائي انگڙئين رک محبت مرليءَ ساڻ
”ونحن اقرب“ ويجهڙو اٿئي، تنهنجو ئي توساڻ
پاڻ ۾ اٿئي پاڻ، جي صحيح سڃاڻين ”صيفل“ چئي
 

نالو: محمد نواز

تخلص: نواز

پوءُ جو نالو: شاهنواز

ذات: چنا

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ   66 – 1 – 1

هنڌ: ڳوٺ پير بخش چنا

ائڊريس: نواز سائيڪل ورڪس رهبر چوڪ ٺل

تعليم: پنج درجا                  ڌنڌو: دوڪانداري

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سگهڙپائي مان چڱي واقفيت

(ڪلام پهتل ناهي)

نالو: حاڪم علي

تخلص: ڪوبه نه

پوءُ جو نالو: جتوئي

ذات: ڪوري

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 24 سال

هنڌ: لائق ڪوري

ائڊريس: نواز سائيڪل ورڪس رهبر چوڪ ٺل

تعليم:             ڌنڌو: گورنمينٽ ملازم

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ”سگهڙپائي مان چڱي واقفيت“

(ڪلام پهتل ناهي)

 

نالو: الله بخش

تخلص: ڪوبه نه

پوءُ جو نالو: فقير محمد

ذات: سامت

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 31 سال

هنڌ: ميرپور ٻرڙو

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل نئون

تعليم: پنج ڪلاس سنڌي                ڌنڌو: هاري

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، پهاڪا، ڏهس، سينگار ۽ ٽيهه هڪلي

(ڪلام پهتل ناهي)

محمد جمن ٻرڙو

(ڪلام پهتل نه آهي)

 

ضلعو حيدرآباد

نالو: احمد

تخلص: ”احمد“

پيءُ جو نالو: جان محمد

ذات: کوسو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1956ع

هنڌ: گاجي بخش کوسو

ائڊريس: معرفت غلام نبي ڊاڪٽر، پوسٽ آفيس سعيد آباد

تعليم: پنج درجا پاس             ڌنڌو: درزي

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

سگهڙپائي جي سڀني صنفن سان دلچسپي

 

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين جانب شال جئين
ساريو روز سهڻا پئي توکي اکين ۽ هنئين
اڄ ملئين عيد ٿئي لٿو هر هنئين
هاڻ الله لڳ ”احمد“ چوي ٿورو به پري نه ٿئين
هج مون وٽ هميشه عرض ٻڌي ائين
ڀل نوڪري نئين، تب لک ڀلايون ڀايان

نالو: الله بخش

تخلص: جوڳي

پيءُ جو نالو: لونگ

ذات: ماڇي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1937ع

هنڌ: لڳ هالا اسٽيشن

ائڊريس: سومار ماڇي هوٽل وارو، درگاهه روڊ هالا

تعليم: ٻه درجا پرائمري           ڌنڌو: مزدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت ۽ ڏور

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين ڀلا يا ڀلوڙ
هئي تنهنجي هوت لڳل لنئون اندڙ لوڙ
اڄ عجيب آئين اڱڻ تي قرب ڪيئي ڪروڙ
هتي سيني اندر سوڙ، سا جوان لهي وئي ”جوڳي“ چئي

نالو: برادي

تخلص: ”برادي“

پيءُ جو نالو: الهه ڏنو

ذات: ٻگهيو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 46 سال

هنڌ: قديمي راڻو ٻگهيو

ائڊريس: ويٺل راڻوٻگهيو، معرفت سومار ماڇي هوٽل وارو، درگاهه روڊ هالا

تعليم: چار درجا           ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سڀ صنفون ڄاڻندڙ

آجيان

ڀلي آيا ڀلا پرين، منهنجي هيئن جا هار
سڄڻ اوهان جي محبت نيڻي وهايم نار
ته ڪڏهن ايندا قرب وارا ڪنداسون ٻچار
اڄ ته لالڻ اوهان اچي سڄڻ لڌي سار
قدمن تان قربان وڃان جو ياري نڀايو يار
هلي آيو حب مان دلبر ڪرايو ديدار
بيزار نه ٿجو مون ”براديءَ“ مان نه ڌڪي ڪجو ڌار
حديث آ حبيب جي پيا چڱائي ڪريو چوڌار
حشر ويل حساب جي اوهان تي نبي ڪندو نهار
هوندو باغ و بهار، منهنجي ٻاجهارن سان ”ٻگهيو“ چئي

نالو: پير بخش

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: ڏاڙهون خان

ذات: چانڊيو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1948ع

هنڌ: ڳوٺ شڪل چانڊيو، تعلقو هالا

ائڊريس: معرفت سومار ماڇي هوٽل وارو، درگاهه روڊ هالا

تعليم: پرائمري            ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل ڪتابن جو تفصيل: سگهڙپائيءَ جي هر هڪ صنف ۾ مواد موجود آهي.

سينگار

ٻاجهه ڪري ٻهڳڻ منهنجو جي کولي هڪ نقاب
ته روپ وڃي رجنين جو ٿئي شور شتاب
مرڪ منهنجي محبوب جي موهيا ڪئين مهتاب
صورت ڏسي سڄڻ جي نميا ڪل نواب
لبن جي لالاڻ سان گڏجي ڪيئن گلاب
ديدار منهنجي دلبر جي سان سوين ٿين ثواب
قلم مس ڪتاب، پورا نه پون ”پير بخش“ چوي

نالو: يار محمد

تخلص: ”ٻگهيو“

پيءُ جو نالو: محمد جمن

ذات: ٻگهيو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 50 سال

هنڌ: راڻو ٻگهيو

ائڊريس: معرفت سومار ماڇي هوٽل وارو، درگاه روڊ هالا

تعليم: سنڌي پنج درجا           ڌنڌو: مزدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

ڪتابن جيترو مواد لکت  ۾ موجود آهي.

بيت

سڪ سائي سوڙهو ڪري دهرو وڌو دام
پسڻ ريءَ پرينءَ جي نه اچي اکين کي آرام
زاريون ڪريون زاغ کي ڏيان سنيهو سلام
خدا لڳ کنيا تا وڃي پهچاءِ هيءُ پيغام
ڪون وڻي ٿو ڪو ٻيو کاڌو لڳي خام
تڪريو روز نهاري تنهنجا گس غلام
واري واڳ وصل جي ڀورل ويهه ڀرجام
تنهن جو تر  وٺي نام، پئي ٻاڪاريم ”ٻگهيو“ چوي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org