سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:5

نالو: عبدالرحمان فقير

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حافظ محمد صالح

ذات: مهيسر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ:1946ع – 11 - 1

هنڌ: رفيق مهيسر

ائڊريس: معرفت ميان عبدالخالق مهيسر، آفيس سپرنٽنڊنٽ ڊي اي او بوائيز خيرپور ميرس

تعليم: ناظران قرآن، مئٽرڪ پاس            

ڌنڌو: زمينداري ۽ گورنمينٽ ٺيڪيدار 

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، گفتا، ڏور، ڳجهارت، هنر، عوامي شاعري، بيت، مداحون، پهاڪا

بيت

الله اڱڻ آندو جنهن جي تن اندر هئي تات
اصلي ”عبدالرحمان“ چئي نه پيدا ٿئي پرڀات
هجن گڏ هميشه نه ڪن وڃڻ وائي وات
رهي سدائين رات، ته جاني جدا نه ٿئي

نالو: ڌڻي بخش

تخلص: ساڳيو

پيءُ جو نالو: چڀڙ فقير

ذات: چنا

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1930 – 2 – 27

هنڌ: خود

ائڊريس: پوسٽ ميهر تعلقو ٺري ميرواهه وايا سيٺارجا

تعليم: -               ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، سينگار، گفتا، پهاڪا

بيت

ويا درد دفي ٿي جڏهن پريءَ پاتا پيرا
لهي ويا لحظي ۾ مون مسڪين جا ميرا
ڪري قرب ڪامل اچي وسايا ويرا
دلبر مون ديرا ڌوتا ”ڌڻي بخش“ چئي

 

نالو: شفيع محمد

تخلص: شفن

پيءُ جو نالو: محمد مٺل

ذات: چنا

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 51ع – 10  - 8

هنڌ: محمود چنا

ائڊريس: پوسٽ آفيس سڳيون معرفت سيٺ سڄڻ تعلقو گمبٽ

تعليم: پنج درجا                      ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هر فن

موليَ

رول ماڻهو رلي پئي هڻندو  ڊاڙ ڍرڪي
هيٺ مٿي مان سو سڃاڻان سيوهڻ لعل لڪي
ماڻهو مون وٽ ماني کائن رهن ٽول ٽڪي
قرآن آيو ته به ها نه ٿيندي نهڪر ڪيم نڪي
ڦيرائي ڪنهن به فرياد ڪيس ته سوال ڪندو سهڪي
جنهن کي شرم ناهي شڪي، ٿيندو ڇاجي لاءِ ”شفن“ چئي

نالو: شمن

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: خدا بخش

ذات: ڦلپوٽو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1937ع

هنڌ: ڳوٺ ڦلواهڻ

ائڊريس: ڳوٺ ڦلواهن پوسٽ آفيس پريالوءِ معرفت امام بخش ڪنڀر

تعلقو خيرپور ميرس

تعليم: سنڌي ڄاڻون          ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:هر فن ۾ واقفيت

شعر

ڏسڻ لاءِ عجيب تو ڏي، اکيون آهن اداس
سيج وڇايان تن ۾ وٺائي وڃي واس
قلب هت قرار ٿئي، ٻيو لهيم ٺري ماس
مان خادم آهيان خاص، تون شهزور آهين ”شمن“ چئي

نالو: گلزار علي

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حيدر بخش

ذات: جوڳي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ:

هنڌ: ٺري ميرواهه

ائڊريس: پوسٽ آفيس ٺري ميرواهه وايا سيٺارجا

تعليم: اٺ درجا                       ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

هنر، سينگار، ڳجهارت، پهاڪو

ڀلي آئي ڀلا پرين منهنجي تن جا طبيب
ٿي سرهائي ساهه کي اوهان جي اچڻ سان عجيب
مونجهارا ويا ميٽجي نوان ٿيا نصيب
منهنجا هوت حبيب گل آيا ”گلزار“ چئي

نالو: غلام الدين

تخلص: ”مولائي“

پيءُ جو نالو: حاجي الهڏنو

ذات: خاصخيلي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1951 – 1 – 1

هنڌ: سوڍو خان خاصخيلي

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميهر ويسر تعلقو ميرواهه

تعليم: ايم اي – بي ايڊ             ڌنڌو: سپروائيزر:

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: بيت

 

ڀلي آئين ڀلا پرين تون هوت آئين هلي
سهڻا تنهنجي سڪ، وري خان پئين کلي
ڪيون ڪچهري قرب واري محب هاڻ ملي
درد ويا رلي، تو محبوب آئي ”مولائي چئي“

نالو: قادر بخش

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو:  بخش علي

ذات: چنا

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1960ع – 4 – 17

هنڌ: ڌڻي بخش چنا

ائڊريس پوسٽ ميهر، تعلقو ميرواهه

تعليم: مئٽرڪ                ڌنڌو: پرائمري استاد

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هنر، ڳجهارت، سينگار

جنهن کي ناهي حب حسين جي منهن تنهن کان موڙ
دل ڦاٿل هجي فند ۾ ته به ٽهڪ کڻي ٽوڙ
ڪي سياڻا سور وارا تون ويهي وڃين ووڙ
ترت نيندا توڙ قابل ”قادر بخش“ چئي

نالو: اياز علي

تخلص: ”اياز“

پيءُ جو نالو: حاجي فقير

ذات: جوڳي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 66 – 10 – 15 

هنڌ: ميرواهه

ائڊريس: پوسٽ سئي گئس تعلقو ميرواهه

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:سينگار، پهاڪو، هنر

اڱڻ آيا عجيب جيءَ آيا جاني
وار وڍي وڇاڻا ڪيان، قدمن تا قرباني
سو سو ڀيرا صدقي وڃان، محب کائن مهماني
محبت جو مذڪور اهو آهي حق حقاني
اها اچڻ جي احساني عجيب ڪئي ”اياز“ چئي
 

امير بخش خاصخيلي

پهاڪو

ڪاڻ ڪڍ ڪاڻ ڪٽجڻي ڪاڻ ۾ ڪافي ڪس
حب هردم هنئين ۾ حبدار هلي هس
پاڻ پهچي پيوند پاءِ پڪار پڪو پارس
ڏند ڏنگن ڏريو ڏر ڏاڍو ڏاها ڏيندءِ ڏس
تکو ترت تڪڙو تئين تونگرن ترس
سهڻا سڀ سرس عجيب آهن ”امير بخش“ چئي

پيار علي هاليپوٽو

 

بيت

ملندس مارن کي ڏکيا ڏينهن ڪٽي
اٿم ارمان اندر ۾ سورن ڇڏيو سٽي
لوئي لڄ اباڻي جي مور نه ڪندس مٽي
هيءُ منهنجو جيءُ جڏو ڪيو فراقن ڦٽي
حب اباڻي نه هٽي، پنهوارن جي ”پيارو“ چئي

احمد بخش ناريجو

ڏور

(معراج جي رات بابت)

ملي محلات هنڌ کي جاءِ گهڻي جالار
پٽيون پڃر تنهن ۾ هيا ته هزار
درن جو هو درجو مٿي هيٺئون ڪونگرن جي ته قطار
ڇهتر ڇاپيائين شوق مان آهي پيوند ئي جي پچار
اهي سهڻا سڀ سينگار مليس عجيب خاطر ”احمد“ چوي

 

نالو: قربان علي

تخلص: ”ساقي“

پيءُ جونالو: محمد يوسف

ذات: بڙدي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1940ع  - 2 – 1 

هنڌ: ڪرونڊي

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪرونڊي، تعلقو فيض گنج

تعليم: فائنل، جي وي، مئٽرڪ               ڌنڌو: رٽائرڊ پرائمري ٽيچر، ايس وي، اديب فاضل سنڌي

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، هنر، پهاڪا، سينگار، شعر، مجاز وغيره

(ڪلام موجود نه آهي)

نالو: گلاب خان

تخلص: ”گلاب“

پيءُ جو نالو: امين فقير

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1950ع

هنڌ: لڳ سڳيون

ائڊريس: پوسٽ آفيس سڳيون تعلقو گمبٽ

تعليم: پنج پاس              ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هر فن موليٰ

(ڪلام نه آهي)

نالو: غازي محمد ايوب فقير

تخلص: ”غازي“

پيءُ جو نالو: حاجي نواب الدين فقير

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 33 – 8 – 9 

هنڌ: سڪندرآباد

ائڊريس: پوسٽ آفيس سڪندرآباد، تعلقو ٺري ميرواهه

تعليم: اديب، فاضل، سنڌ، اردو فائنل ڌنڌو: پرائمري ٽيچر

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: بيت، نظم، لوڪ ڪهاي، هنر، ڳجهارت، سينگار

(ڪلام ڪونهي)

نالو: خير محمد ناريجو

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: عبدالرحيم

ذات: ناريجو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1967ع

هنڌ: حضر ناريجو ڳوٺ

ائڊريس: معرفت رفيق مهيسر وايا پير جو ڳوٺ

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڏور، ڳجهارتون، گفتي جا بيت

(ڪلام ڪونه آهي)

نالو: محمد عثمان

تخلص” ”عاجز“

پيءُ جو نالو: سهراب علي خان

ذات: ويسر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1934ع  - 2  - 1

هنڌ: ميهر ويسر

ائڊريس: ميهر ويسر، تعلقو ميرواهه وايا سيٺارجا

تعليم: اديب، فاضل، سنڌي، انٽر      ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هنر، سينگار، ڳجهارت، پهاڪو، گفتا، ڏٺ

(ڪلام ڪونهي)

 

نالو: مير محمد

تخلص: ڪو به نه

پيءُ جو نالو: خدا بخش

ذات: ڦلپوٽو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1949ع

هنڌ: ڳوٺ ڦل وهاڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس امام بخش ڪنڀر پوسٽ آفيس پريالو ضلع خيرپور ميرس

تعليم: پرائمري                ڌنڌو: ڪاندار

سينگار، ڏهس، ڏور، ڳجهارت وغيره

(ڪلام ڪونهي)

 

نالو: گلزار علي

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حيدر بخش

ذات: جوڳي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ

هنڌ: ٺري ميرواه

ائڊريس: پوسٽ آفيس ٺري ميرواه وايا سيٺارجا

تعليم: اٺ درجا               ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هنر، سينگار، ڳجهارت، پهاڪو

 

نالو: مير محمد

تخلص: ”رضا“

پيءُ جو نالو: فقير زين العابدين

ذات: پيرزادو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1973ع  - 3 -  1

هنڌ: ڳوٺ تارڪو وڏو

ائڊريس: پوسٽ آفيس ٺري ميرواهه

تعليم: مئٽرڪ (ڏهه درجا)            ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن ڄاڻيندڙ

 

ضلعو دادو

غلام حسين باجاري

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين مون چٽيءَ گهوڙي ڄام
هيڻن جي حبيب تو سڄڻ کنئي آ سام
غريب ”غلام هسين“ جي آ هردم توتي هام
گوهر ڀريئي گام، ته ويون برائيون ”باجاري“ چئي
 

رحيم بخش قريشي

ڏهس سينگار

 

ڏسي قيس قريب ويا ڪنبي ڪاريهر
تلنگ تليهر تاب ڇڏي ويا ڪيئن نه کنيائون ڪر
ڀونگ ڀڄنڳ ڀرڪي بيٺا آڏو ڏيئي اوڍر
اڳ اليهر سپ سيهر پيا ڪن پچر
ته واسينگن کان ورن جا وڌ واهه واه آهن ور
اهڙا انگ عجيب کي ڏنا ڏاهي کي ڏاتر
آ قلبن منجهه ڪسر، منهنجو راڻل ”رحيم بخش“ چوي

 

ڌ

 

ڻي بخش بروهي

ڪلام ڪونهي

حاجي مير محمد جويو

سڄي سنسار جا سائين پهين ٿو پاڻ تون پرور
صبح ساجهر رزق روزي، ڏئين ٿو ڏيهه کي ڏاتر
ڪٿي الله ۽ ڪٿ گاڊ، ۽ ڪٿ رام ٿو سڏجين
ڪٿي رب پاڪ ڪٿ ڀڳوان، ڪٿ پيو ڪوٺجين قادر
”ميرل“ جهڙا ڪيئي آيا، ڪيئي ايندا ڪيئي ويندا
بقا هڪ ذات تنهنجيءَ کي، نه ٻيو هت ڪو رهي آخر

ضلعو سانگهڙ

 

نالو: برڪت علي خان

تخلص: ڪوبه نه

ولديت: غلام حيدر خان

ذات: جلالاڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1952ع

هنڌ: ڳوٺ ساڏوڻي

ائڊريس: پوسٽ آفيس جهول شهر 

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو: دڪانداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارتون، ڏور، آجيان

آجيان

ڀلين آيو ڪيو اٿو ڀلائي جو ڀيڙو
هميشه قائم رهي متل هي ميڙو
رب به تنهن ۾ راضي آهي جو واٽ ڏسي ٿو اهڙو
مولا علي مشڪل شاهه اوهان جو وڌائيندو ويڙهو
ٻهڳڻ پنهنجي ٻاجهه سان اوڪاريندو ٻيڙو
اهو قسمت آهي ڪهڙو بهاري ٿئي برڪت چوي
 

نالو: حسين بخش

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: محمد بخش

ذات: شر بلوچ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1934ع – 2 – 16 

هنڌ: ڳوٺ حسين بخش شر

ائڊريس: معرفت غلام رسول مڪراني، ڳوٺ محمد بخش شر، پوسٽ آفيس جهول تعلقو سنجهورو

تعليم: اڻ پڙهيل              ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، ڳجهارت، هنر

سينگار

جي مرڪي منهنجو محبوب ڪوٽ ڪسرا جا ڏسجن
جي قدم کڻي ڪامل ڇا مجال آ مورن
چشمن چورنگجن تي مرنگه پيا منجهن
پٿر تريو پرينءَ ڏي پيا اوڀارا اچن
جبرائيل جوڙيون ڪيو پيا نرمل اڳيان نمن
حورون ان حيرت منجهه پيون جانب اڳيان جهڪن
حاجي اڃان حج تي پيا ويچارا وڃن
روضو پاڪ رسول جو چانئٺ پيا چمن
پيراندي پيغمبر جي صحبت ساڻ سمهن
واپس هيڏانهن ورڻ جو ارادو نه رکن
من اهڙا احسان ٿين، هن هيڻي ”حسين بخش“ تي

نالو: خان محمد فقير

تخلص: ”خانڻ“

پيءُ جو نالو: نواب خان

ذات: ڪيريو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 50 سال

هنڌ: ملان سڌن

ائڊريس: معرفت محمد هاشم ڪنڀر تعلقو شهدادپور

تعليم ست درجا               ڌنڌو: آبادگار

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، آجيان ڏور، ڳجهارت، پهاڪا، غزل، مزاحيه، زمانو، ٽيهه اکري وغيره

 

اجرڪ

ساري دنيا کان بهتر ۽ نياري سنڌ جي اجرڪ
وڻي ڏاڍي ٿي منهنجي دل کي پياري سنڌ جي اجرڪ
 

پنهنجي پردي لاٿي پائي اسان جي سنڌي جي نياڻي
پڪي پوڙهي توڙي پرڻيل ڪنواري سنڌ جي اجرڪ
 

سچي سڪ سان ٻڌن پٽڪو پائين جان پنهنجيءَ تي
وڏيرا پير واپاري ۽ هاري سنڌ جي اجرڪ
 

ٺهي ٺاهوڪي ٿي کپري حيدرآباد هالن ۾
ٽنڊي آدم کي آ ٽيڙي ڏياري سنڌ جي اجرڪ
 

عزت هن منهنجي اجرڪ جي خدا خانڻ وڌائي آ
سڄي دنيا ۾ ٿي سهڻي سوڀاري سنڌ جي اجرڪ

نالو: عنايت

تخلص: فقير

پيءُ جو نالو: گل محمد خان

ذات: جلالاڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1935ع

هنڌ: ساڏواڻي

ائڊريس: پوسٽ آفيس جهول

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو: مزدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏٺ، هنر پهاڪو، ڏور، سينگار

 

ڳجهارت ڏٺ:

نالو حاڪم تي پکي راند جو ئي نه

سمن حاڪم سرڪار پکي ڪڪڙ راند جو ورهيو

ڀڃڻي: سمن سرڪار تي ڪڪڙ وڙيو ئي نه

سسئي پنهر سرهو حاڪم جي آيا ڪنهن نالي کي چور جو ڪري ويا بي شر اشراف ڏٺو

ڀڃڻي:

هو بيشر ٿي آيا ڪنهن اشراف کي ڏٺو ڪري ويا

سسئي پنهون ڪو سٽ ڪيائون جو ڪپڙ جو نيائون اڄ راند جو ڪري ويا سر

ڍنگ ننگ دنگ

ڀڃڻي: ڪو ڍنگ ڪيائون جو منهنجو ننگ نيائون اڄ دنگ ڪري ويا

نالو: حڪيم علي بخش

تخلص: ”ذاڪر“

پيءُ جو نالو: محمد خان

ذات: جلالاڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1935ع

هنڌ: ڳوٺ قائم خان جلالاڻي

ائڊريس: معرفت محمد پنجابي هاءِ اسڪول روڊ، جهول

تعليم: پرائمري پاس          ڌنڌو: حڪمت

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، هنر، ڌور، ڳجهارت، آجيان، پهاڪا، هرفت

سينگار

قدرتي ڪائنات جو، سرار محمد مصطفيٰ
نور مان قادر جي ٿيو، نروار محمد مصطفيٰ
اول آخر آهي اهو، مشهور سيد مرسلين
آهي عالم جو اهو، آڌار محمد مصطفيٰ
جنهن تي نازل آ ٿيو، قرآن قادر جو ڪلام
سو سڄي ثقلين جو، سينگار محمد مصطفيٰ
ورد ڪر دل سان ”علي بخش“ بڻج مولا جو مداح
تو سندو حامي حمايت، سردار محمد مصطفيٰ

نالو: حڪيم حاجي غلام نبي شر

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حاجي وزير خان

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1931ع

هنڌ: ضلعو سانگهڙ

ائڊريس: پوسٽ آفيس جهول

تعليم: سنڌي پرائمري، مدرسو                ڌنڌو: حڪمت

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور ۽ هنر

ڏور

جانب جي ته جلوس ۾ سراسر سرهاڻ ٿي ويئي
يار ملايائين يار سين روح رهاڻ ٿي ويئي
خان آئي خار ويئي مٺي ميٺاڻ ٿي ويئي
اڄ تائين انهينءَ عجيب جي پهچاڻ ٿي ويئي
غازيءَ جي ته ”غلام نبي“ چئي واه جا واکاڻ ٿي ويئي

ڀڃڻي

جنهن وقت ڪعبت الله شريف کي مڪي شريف جي قريشن تعمير ڪرايو ۽ حجر اسود جي پٿر تان تڪرار ٿي پيو هر هڪ سردار قبيلي جو چوڻ لڳو ته اهو پٿر آئون رکندس ان وقت ۾ آخر اهو فيصلو ٿيو ته صبح جو حرم پاڪ ۾ پهريائين جيڪو به شخص داخل ٿيندو فيصلو انهيءَ تي آهي. قدرت خداءِ جي سان حضور پاڪ محمد صلي الله عليه وآله وسلم سڀ کان پهريائين داخل ٿيا ۽ حجر اسود پنهنجي چادر ۾ رکي ٻين کي ان چادر ۾ هٿ وجهائي پٿر پاڻ رکيائون.

 

نالو: ميوو خان

تخلص: ”ميوو“

پيءُ جو نالو: مينهون خان

ذات: چانگ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1937  - 1  -  15

هنڌ: گهنڊڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس گهنڊڻ، ضلعو سانگهڙ

تعليم: پنج درجا پاس                 ڌنڌو: دوڪانداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، ڏور، ڳجهارت، هنر،حرفت وغيره

 

زلف زوراور تنهن جا قاتل ۽ ڪنڍڙا موهيو وجهن مشتاق
کي ورهڻي ونگڙا، ڏورئون ڏنگين ڏنگڙا مشتاقن کي ميوو چوي
زلف زوراور ٿو لالڻ ڇڏي لاڙي سونهن ٿيا سدائين
پرين سندي پاڙي ڪاريهر به ڪنبي وڃن جي تڪي ڏسي تاڙي
جڏهن وير ڇڏي واڙي پوءِ وڃن ماٺ ڪريو ميوو چوي
اهي اکيون عجيب جون وتن ريءَ سرمي سينگاريون
سهڻيون سدائين ڪنڍڙيون ۽ ڪاريون
موهيو وجهن مشتاقن کي رئي هٿيار ماريون
هردم هٿيار اٿن هٿ ۾ جنهن ڏي سڌيون اٿن سنواريون
انهن جا به ڏيل وجهن ڏاريون، جيڪي مٿاهين هلن ميوو چئي
 

نالو: محمد هاشم

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: ٽوهه

ذات: ڪنڀار

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 65 سال

هنڌ: ڳوٺ حاجي لقمان ڪيريو

ائڊريس: شاهپور چاڪر تعلقو شهدادپور

تعليم: ٻه درجا سنڌي                 ڌنڌو: ڪنڀارڪو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڪتاب سنڌي سينگار شاعري ۾ سينگار، آيل، ڏور، ڳجهارت، پهاڪا، سينگار، بيت وغيره

 (ڏهس سينگار)

ڇم ڇڪيو دل ڇيهه ڪن دهن دڇن ذبارا
انف ابرو عجيب جا سونهن رکن صدبارا
وطافر ورون کان وڌ روءِ سندس رخسارا
تڳيءَ ۾ تجلي ٿئي جي کڻين دونين دلدارا
سنبل به اڳيان سونهن نه ڪري گلاب گلزارا
جب گئي گانا ڪهي ابر منجهه اپارا
ته دامني نڪري دلبر ديکي نه ڪري چمڪ چمڪارا
گنير گت سکن جي پاتون کڻن پيارا
اهي هاشم هيا حبيب جا ڇا ڪندو شاعر شمارا
اهو ڪامل ڪلتارا، ڪندو قرب ڪنڀر چوي
 

نالو: حاجي ميوو خان

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حاجي الهداد خان

ذات: رند

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1904ع

هنڌ: مدد علي رند

ائڊريس: الهه بچايو رند، پوسٽ آفيس پيرون مل، تعلقو سانگهڙ

تعليم: اڻ پڙهيل              ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، سينگار، ڏور، هنر، پهاڪو، حضور پاڪ صلعم جي شان ۾ بيت.

آجيان

ڀلي آيو ڀلا پرين اسان جي اوطاق
فرق پيو  فٽن تي جيڪي چڪن پيا چاق
آيا آهيو اڄ اڱڻ تي پيرڙا ڀري پاق
ڪريون ڪچهريون قرب سان وڏي ساري واق
ته نشو چڙهي وڃي نينهن جو ٿيون پيالن پياق
اهو ٿورو ڪيو اٿو مون ٿڪل تي جو آهيان محبت جو مشتاق
هي قائم ڪچهريون قرب جون ڪندو رازق رب رزاق
ڄاڻي پرور پاڪ، جو ڪيا اٿئون احسان حاجي چوي

نالو: مورڻ خان

تخلص: ”مورڻ“

پيءُ جو نالو: محمود خان

ذات: جلالاڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1924ع

هنڌ: ضلعو سانگهڙ

ائڊريس: پوسٽ آفيس جهول

تعليم: اڻ پڙهيل              ڌنڌو: هاري، مزدور

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سگهڙپائيءَ جي صنف، فن، ڏور، ڳجهارت، آجيان، پهاڪو

 

ڏور

جيڪو ماڻهن مهڻو سو سڄڻ سٺم سوٺو
ڪيئن ڪريان ڪيڏانهن وڃان ڏسڻ ۾ آيو پوٺو
سڀئي ڳالهيون سامهيون ٿيون ڌاڙو لڳي ويو اوٺو
خان چيس خيال ڪر کرو آهي نه کوٽو
مير چين موٽو – هيءَ آهي محبتي ”مورڻ“ چئي
 

ڀڃڻي

هيءُ بيت هرڻي شڪاريءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل کي حضور پاڪ ڪڍي ڇڏيو ان تي شڪاريءَ اچي اعتراض ڪيو بعد ۾ ڏٺائين ته هرڻي ٻچن سميت پئي اچي انتي شڪاري مسلمان ٿي پيو ۽ هرڻي کي حضور پاڪ فرمايو ته موٽي وڃي.

نالو: محمد شريف

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو:  سڄڻ

ذات: ڏاهري

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 50 سال

هنڌ: ڳوٺ تاج محمد ڏاهري

ائڊريس: پوسٽ آفيس امان الله ڏاهري وايا شاهپور چاڪر

تعليم: چار درجا سنڌي               ڌنڌو: آبادگاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڪتاب سنڌي سينگار شاعري ۾ ڇپيل هڪ سينگار، آجيان، پهاڪو، هنر، ڏور، ڳجهارت وغيره کان سواءِ هرفن ڄاڻندڙ

سينگار

تڳيءَ ۾ تجلو ٿئي جي وڃن ڪهين واٽ
جيئن راڊ ڪري رجنيءَ ۾ ڪو چاسينگر چمڪاٽ
هيرا موتي مات ٿيا جهڪا جوهرن جا جرڪاٽ
پٽ پشمون ميڻ ماڪون مسڪ ڇپيو منجهه ماٽ
شهر شڪر گفتار سان ڇا مربا ڪن ملاٽ
مورن مرگهن ڪنجل ڪبڪن نخرا ڇڏيا ناٽ
صياد سنڪر سوجان سنيڪ ڳوليو ڏين ڳاٽ
پسڻ ساڻ پرين جي موهي وڌا موهاٽ
شمس قمر ”شريف“ چوي وڃين لڪا منجهه لڙاٽ
عجيبن کان اڳواٽ، کڻي مڙني هٿ مٿي ڪيا

نالو: ولي محمد

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: مقيم

ذات: وساڻ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1953ع

هنڌ: ڳوٺ رکيو وساڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس رڪن ٻرڙا، وايا شهدادپور

تعليم: ٻه درجا                ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: آجيان، پهاڪو، سينگار، ڏور

قدرتي صفاتي سينگار

واهه قدرت تنهنجو ڪم، واه قدرت تنهنجو ڪم
ڪٿي خاص خوشيون ڪٿي گوهر غم
ڪٿي مايا ملڪيت جي جاءِ ڪانهي ڪٿي پيسو ناهي پائي
ڪٿي تنهنجي سڪ سوائي، ڪٿي وات ۾ تنهنجي وائي
 ولي محمد ويچارو ٿو عرضِ ڪري وساڻ
ته توڏ هلندو توسان نه پرائيندو پاڻ
تون ڪرم نوازي ڪامل ڪر چئه ڏي محبت سندو ماڻ
سوسانڊي ڏنئون ساهه ۾، پرين کنين پاڻ
اهو عرض ڪيو ”وساڻ“ ٿو ”ولي محمد“ ويچارو چوي

 

خان محمد ٿهيم

بيت

راتو ڏينهان روح ۾، آ عجيب سندو انتظار
مرڻ کان اڳ ۾ عجيب جو، ٿئي دنيا ۾ ديدار
سڪ ڦٽايو سک آ، برهه ڪيو بيمار
لاهي ڇڏي لطف سان، اوسيئڙا انتظار
اکيون تنهن جي اچڻ لاءِ، پيون سڪن سڀ ڄمار
واءُ وصل جو وار، ته ٿورو ٿئي هيم تي

 

نالو: محمد صادق

تخلص: ”صادق“

پيءُ جو نالو: جمال خان

ذات: ٿهيم

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ 1925ع

هنڌ: محمد صادق

ائڊريس: معرفت طالب حسين ٿهيم هوٽل وارو نزد ريلوي ڦاٽڪ ٻيراني بس اسٽاپ ٽنڊو آدم

تعليم: سنڌي فائنل           ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سنڌ سينگار شاعري هرفن جي مڪل ڄاڻ ۽ مهارت ۽ اڻ ڇپيل مواد ڪليات صادق جيڪو عنقريب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇاپيو وڃي پيو.

 

نصيحت

مڪر ڀر مايا تي دنيا هي دام آ دوکو
نڀائي ڪين سان ڪنهن سان سندس انجام آ اوکو
هليو ويندو ٺلهو هرڪو هتي هوندي مالي پيئي
سڪندر جڏهن دنيا مان ويو ته هئڙس هٿ خالي ٻيئي
اجل ايندو ڪين ڇڏيندو موت ۽ مرڻ ۾ پڪ آهي
نصيب ٿيندو يا نه ٿيندو قبر ۽ ڪنن ۾ شڪ آهي
صادق سالڪ سگهڙ ويندا ٿيندو ليکو اتي سڀ جو
جهان ٿيندو فنا فاني رهندو نالو سچي رب جو

نالو: روشن دين

تخلص: ”روشن“

پيءُ جو نالو:محمد صادق

ذات: ٿهيم

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1946ع

هنڌ: -

ائڊريس: معرفت طالب حسين هوٽل وارو نزد ريلوي ڦاٽڪ ٽنڊو آدم

تعليم: سنڌي فائنل           ڌنڌو: هاري

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

سينگار

آيو محبوب محفل ۾ عجب اظهار ٿيا وهوا
کلي خوشبوءِ هرجائي گل و گلزار ٿيا وهوا
سيني سڪ هئي جن جي عجيب سي اڱڻ آيا
مليون ديدون ديدن سان سوين سينگار ٿيا وهوا
الفت ۾ عجيبن سان ٿيون ڪئين برهه جون باتون
ڪيون عيدون اکڙين اڄ وصل وهنوار ٿيا وهوا
ڪريان ڇا صفت سهڻي جي سندس صورت گلاب آهي
اهڙا اهڃاڻ عربيءَ جا رنگي رخسار ٿيا وهوا
جڏهن جانب آيو جڳ ۾ عرب ايران ٿيا روشن
ٿيان صدقي مان سهڻي تان چمن چوڌار ٿيا وهوا

 

نالو: شمس دين

تخلص: ”شمس“

پيءُ جو نالو: محمد صادق

ذات: ٿهيم

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1943ع

هنڌ: محمد صادق

ائڊريس: معرفت طالب حسين هوٽل وارو نزد ريلوي ڦاٽڪ ٽنڊو آدم

تعليم: سنڌي فائنل           ڌنڌو: هاري

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 

پکي آئين پرديس ۾ وهاءِ ڪو وکر
اٺئي پهر اندر ۾ رک پرين جي پچر
غافل ٿي نه گس کان ڀورا بي خبر
اٿئي ويري واٽ تي ساري کڻ ثمر
شمس جي شعاع ۾ منجهي ڪين مر
جيسين پورا اٿئي پهر، تيسين پيو ماڻ مشاهدو محبوب جو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org