سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:10

نالو: مرحوم استاد محمد مريد

تخلص: ”مريد“

پيءُ جو نالو: محمد جريل خان

ذت: زهراڻي جت

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1921ع

هنڌ: سنهري پل، ڏنو واهڻ

ائڊريس: تعلقو ڏوڪري

تعليم:                         ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سينگار، ڏور، ڳجهارت، هنر، گرچيلو

ضلعو نوابشاهه

محمد الياس ملاح

ڇنڇر ساريم سپرين آچر شال اچن
سومر ڏينهن سڪ منجهان ويجها ٿي ويهن
اڱاري ڏينهن عجيب لاءِ پلٽيو پور پون
اربع تي هئا اچڻا من پوئي پهر پڄن
خوش ٿي خميس تي خير جو خط لکن
اينداسون ”الياس“ چئي ڏنو دلاسو دوسن
جمعي تي جانب آيا ڏک ڏور ٿيا پسي پرن
اڱڻ آيا عيدون ٿيون سار لڌي سڄڻن
اچو سڀ ڏين، مبارڪون محبوب جون

 

مولوي امام الدين

ڪلام موجود نه آهي

ضلعو نوشهرو فيروز

نالو: مولا بخش

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: محمد فضل

ذات: ميراثي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 70 سال

هنڌ: مسو ڀرڳڙي

ائڊريس: فقير مولا بخش ميراثي، پوسٽ آفيس ڀرن معرفت علي احمد دوڪاندار ڳوٺ حاجي باگو خان سيٺار ضلعو نوشهرو فيروز

تعليم: 6 درجا سنڌي                 ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڪهاڻيون، ڪافي، دودو چنيسر، ليلا، صاحبه مرزا، ليليٰ ڪنوران، دودي چنيسر واري ڪتاب ۾ منهنجي ڪهاڻي ڇپيل آهي

نالو: محمد عارف

تخلص: ”عارف“

پيءُ جو نالو:: محمد اسماعيل

ذات: پيرزادو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1930ع

هنڌ: ڪنڊيارو

ائڊريس: پوسٽ آفيس و تعلقو ڪنڊيارو، شاهي بازار جوئيلرز مارڪيٽ

تعليم: پنج درجا              ڌنڌو: دوڪانداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن، سگهڙائپ تي عبور حاصل

نالو: محمد سومرو

تخلص: ڪجهه به نه

پيءُ جو نالو: پنهل خان

ذات: ڀنگر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 50 سال

هنڌ: حمزو  ڀنگر

تعليم: ست درجا سنڌي پاس                 ڌنڌو:

ائڊريس: پوسٽ آفيس امام آباد تعلقو مورو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هر فن ۾ واقفيت .

 

نالو: رحمت الله

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: ڳهڻو

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 35 سال

هنڌ: مورو

تعليم: سنڌي پنج درجا پاس                 ڌنڌو: هاري

ائڊريس: ضلع نوسهروفيروز تعلقو مورو پوسٽ آفيس نيو  ڪانڌار ڪالوني

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

سينگار ڏهس (بنا نقطي)

 

سڪ سهارو سردار سهڻو سک سلالو سرس
ڪلاهه ڪامل ڪڪور ڪارا ڪڪر ڪورا ڪس
گل، گلا، لڪ، گدام گهرا گام گوهر گس
دک دلدار دور دائم دل دهرو دس
هر هر حاڪم هڪ هئا هار هالا هس
مهڪ مالا موهه مارڻ مدام معطر مس
لوڪ لڪاڻا لک لالڻ لال لهه لس
روح رهاڻ رس، ”رحمت الله“ سدا راهه ۾

محمد سومر ڀنگر

نصيحت

توڻي ڏاند هوندو ڏڏ ته به هر ۾ پيو هلندو
جي چلائيندين چهبڪ ته چار ئي پهر چرندو
 جي اٿس ٻيو ٻاهرو ته وراڻي پيو ورندو
جي جوڙو اٿئي جنگ ته ريج ڪونه رهندو
جي حب رکندين هارپي سان ته سلو ڪونه سڙندو
جي ڀلي پوک ڀيلائيندي ته جيءُ پيو جهرندو
جي داڻو نه هوندو ديري ۾ ته پلئه ڇا پوندو
پوءِ بهه ته بيهي رهندو قرضن ۾ ڪردو
ڪير نه ڏيندو ڪنهن کي پيو فاقي ۾ ڦرندو
جڏهن تراڙو ترندو، ته سڏي وٺندا ”سومر“ چئي

امداد حسين ميراڻي

ڪلام پهتل نه آهي

محمد موسيٰ ڪانڌڙو

ڪافي

منهنجو راجهن سان لکيو انگ ري اديون
لڳو عشق سندو ڏاڍو ڏنگ ڙي  اديون
هيو تخت هزاري جو تاج ڌڻي
ڪيس هير جي محبت قيد کڻي
پاتئين گيڙو ويس، ويس نانگ وڻي
 

اهو راز وڏو آ رنگ ڙي اديون، منهنجو رانجهن سان ....

اديون عشق جي آيس مان ته اري
منهنجي رانجهن ريءَ هت ڪانه سري
چڙهي چوٽ وڃان ڪيئن هاڻ وري
 

ننگ پال مٿي آ ننگ ڙي اديون، منهنجو رانجهن سان...  

رنگ پور ۾ اهي ”ڪانڌڙو“ ڪيئن ڪري
”موسيٰ“ محبت ۾ پئي هير مري
منهنجو ڏيل اندر هت هانءُ ڏري
 

ڪيو پيار مون کي آ پتنگ ڙي اديون، منهنجو رانجهن سان...

غلام رسول ڀنگر

ڪافي

اي دل ڪجهه ماٺ ته ڪر دلدار تنهنجو ايندو
ڪرين ڇو ٿي ڀلا دانهون منٺار تنهنجو ايندو
دک درد زماني جا تنهن کي ته ٻڌائيندس
 ڪندو پيار پرين توسان خوش توکي به ڪرائيندس
ڪري عشق صفا  ظاهر سينگار تنهنجو ايندو
سهڻا سونهه تنهنجي خاطر رڳو سور سهان پيو ٿو
هن هن کان پڇو ٿي مون چيلون يار تنهنجو ايندو
ٿيو مست موالي آهين غم ۾ ته ”غلام رسول“
ٿيندو پيار پڪو توسان آهي اهڙو انهن جو اصول
ٻڌاءِ ڇا ٿيو توکي تنهنجو غم ٺار اڄ ايندو

موليٰ بخش ميراڻي

ڪلام ڪونهي

محمد عارف پيرزادو

ڪلام پهتل نه آهي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org