سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:3

نالو: حمزو

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: نوح

ذات: جوکيو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: اٽڪل 40 سال

هنڌ: سانڌاڻ

ائڊريس: معرفت سومار ماڇي هوٽل وارو، هالا

تعليم: پنج درجا           ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڪجهه ياد اٿم، ڪجهه لکيل آهي

 

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين جيءَ گهريا جاني
عجيب تنهنجي اندر ۾ هئي هينئڙي حيراني
مان ساهه سسي صدقي ڪريان ڪهڙي قرباني
 ڪيو مٺا مهرباني، آهيان هردم غلام ”حمزو“ چئي

 

نالو: جمن

تخلص: ”جمن“

پيءُ جو نالو: ڦوٽو

ذات: ڪنڀار

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 57 سال

هنڌ: راڻو ٻگهيو

ائڊريس: ڳوٺ راڻو ٻگهيو، پوسٽ آفيس منصوره، تعلقو هالا

تعليم: پنج درجا پاس             ڌنڌو: ڪنڀر

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڪجهه لکيل آهي ۽ ڪجهه ياد آهي.

آجيان

ڀلي آيا ڀلا پرين پيارا هن پٽ
اڻ تڻ هيم اندر ۾ ڏاڍي ساه کي سٽ
نڪريو مون پئي نهاريو گهيڙ اوهان جا گهٽ
لائي ڇڏيو لڱن تان جيڪا لا مڻيا هئي لٽ
هاڻ ڪريو ڪچهري قرب مان چڙهي ڳاڙهي کٽ
هاڻ ورهايو هٿن سان جيڪي ڀري آيا مٺاڻ جا مٽ
پوءِ ٿيو پاڻ اوهان جا پٽ، پيو جيءُ ڳائيندس ”جمن“ چئي
 

نالو: خداڏنو

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: علي محمد

ذات: راڄڙ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 55 سال

هنڌ: حاجي بچل انڙ

ائڊريس: ديهه پير بلاولي، پوسٽ آفيس سعيد خان لغاري، ڳوٺ حاجي بچل انڙ، تعلقو هالا

تعليم: ٻه درجا پاس               ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سگهڙپائي جو هرفن آهي

پهاڪو

پٿر وجهه پاڻيءَ ۾ ته مور نه ٿئي مکڻ
ٽوهه ڪڏهن نه ٿئي گدرو ڀلي مصري وجهجي مڻ
گڏهه ڪڏهن گهوڙُ نه ٿئي ڏسي ٽونٽي هڻندو ٽن
چڱائي ڪندين چرين سان ته گندو ڪندا گڻ
جنهن جو بي بنيادو بڻ، تنهن سان رستو نه رکجان ”راڄڙ“ چئي
 

نالو: خير محمد

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: مينهون خان

ذات: لغاري

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 55 سال

هنڌ: غلام محمد لغاري

ائڊريس: معرفت علي محمد ڪوري، ڳوٺ غلام محمد لغاري، پوسٽ آفيس ڪرم نظاماڻي وايا هالا نوان

تعليم: چار درجا پاس

ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سڀني صنفن تي لکيل آهي.

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين اوهين جيءَ جا جيارا
عجيب آيئو اڱڻ تي لٿا من جا مونجهارا
روز اوهان جون راهون تڪي نيڻين وهايم نارا
ٿيو ڀاڳ ڀلارو جو پير گهمايو پيارا
ڪهڙيون ڪريان خدمتون ڀورل ڀلارا
پيرين ڌريان پنبڻيون تڪيا ڪريان تارا
سڄڻ سوڀارا، خوشي ٿئي ”خير محمد“ چوي
 

نالو: ميهار

تخلص: ”فقير“

پيءُ جو نالو: الهه ڏتو

ذات: لغاري

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 45 سال

هنڌ: غلام محمد لغاري

ائڊريس: معرفت نظر حسين اسٽور وارو، ڳوٺ غلام محمد لغاري، پوسٽ آفيس ڪرم خان نظاماڻي وايا هالا نوان

تعليم: ست درجا پاس

ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: سڀني صنفن تي لکيل آحي

 

نصيحت

هي مرد تنهنجو ماڳ ناهي زندگيءَ تي ناز نه ڪر
تون هميشه هت نه هوندين اٿئي دنيا دم گذر
ڪر عبادت الله جي جنهن پيدا ڪيئي پرور
وٺ راهه رسول جي جيئن چيو سهڻي پاڪ سرور
ايندءِ موت مٿي تي نه گهوٽ ڇڏيندين گهر
اتي پڇڻ وارا پڇندءِ اڳيان ڪهڙي ڪندين خبر
هوندءِ ڪجهه هڙ ۾ ته سولو ٿيندءِ سفر
ڪجهه ته نيدا ڪر اٿئي اها مهل ”ميهار“ چئي

نالو: نور محمد

تخلص: ”خليفو“

پيءُ جو نالو: حاجي محمد صديق

ذات:  مڱريو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1918ع

هنڌ: اسحاق مڱريو

ائڊريس: سومار ماڇي هوٽل وارو، درگاهه روڊ هالا

تعليم: ڪجهه به نه

ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارتون، ڏور، ڏٺ، پرولي، هنر جي صنف جي ڄاڻ آهي

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين آئون ڀلائي ڀايان
قربائتي قدمن جي کڻيو خاڪ لڱن تي لائيان
ڀلا ڀاڪر ڀرم جا توهان کي پيو پايان
اوهان جا ڳڻ ڳڻيو پيو ڳايان، جو ڪئي اٿئو مهر ”مڱريو“ چئي

نالو: گل محمد

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: ٻيڙو فقير

ذات: ڪنڀار

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ 1940 – 12 – 8

هنڌ: حيدرآباد

ائڊريس: سلطان شاهه ڪالوني، ڪاري موري حيدرآباد

تعليم: سنڌي     ڌنڌو: مزدوري

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ”سنڌ جي سگهڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيڻ، ڪچهريون ڪرائڻ ۽ سگهڙن کي همٿائڻ، سنڌ جي سگهڙن جي خدمت ڪرڻ

 

آجيان

ڀلي آيئو جي آيئو محب مٿي جا موڙ
لکين لائق اوهان جا ڀانيان قرب ڪروڙ
جانب اوهان کي جس هجي ورهين کان هئي ووڙ
غم لهي ويا ”گل محمد“ چئي خوشي ٿي آ کوڙ
پرين اوهان جي پسڻ سان لٿي سيني سوڙ
جهڙو حال پريان نال تي ڪيان هٿ جوڙ
خادم ٿئي خدمت ڪريان لالڻ اٿم لوڙ
ڀلا  اوهين ڀلوڙ، ڪجو قرب ڪنڀار چئي
 

نالو: استاد متارو

تخلص: ”واڍو“

پيءُ جو نالو: طيب

ذات: لاکو عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 80 سال

هنڌ: تارهان

ائڊريس: معرفت غفور درزي، پوسٽ آفيس ٻاروچو باغ تعلقو هالا

تعليم: اڻ پڙهيل ڌنڌو: کيتي

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: خاص طرح هنر، سمورا فن ڄاڻندڙ .

 

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين منهنجا محب مٺا منٺار
عجيب آئين اڱڻ تي ويا وجودي ويچار
هاڻ خان ويهه خوش ٿي توکي حبئون پايان هار
جيڪي پرين ڪيا اٿئي پيار، سي ڪجان محشر تائين ”متارو“ چئي

نالو: محمد رمضان

تخلص: ساڳيو

پيءُ جو نالو: دين محمد

ذات: ابڙو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ:  45 سال

هنڌ: ٻاروچو باغ

ائڊريس: معرفت سومار ماڇي هوٽل وارو پوسٽ آفيس هالا

تعليم:  پرائمري           ڌنڌو: هاري

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڏور، ڳجهارت، سينگار، پهاڪو وغيره

 

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين، تنهنجي هئي تات
ساريم توکي سپرين ڏينهان توڙي رات
عنايت ڪيئي اچڻ جي ٿي مٺڙي ملاقات
وري يار وڃڻ جي وائي نه ڪر وات
الله توکي آباد ڪري، هجين شل حيات
فڪر لٿو ٿي فرهات، عجيبن آئي ”ابڙو“ چئي

نالو : غلام حيدر خان

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: حاجي شير محمد

ذات: نظاماڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 30 – 8 – 1933ع

هنڌ: ڳوٺ حيات خان نظاماڻي

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪرم خان نظاماڻي، تعلقو هالا

تعليم: پنج درجا

ڌنڌو : زمينداري

سگهڙپائي جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:  لطيف جو راڳ ڪندڙ ۽ هر خميس تي درگاهه جي ڊيوٽي ڏيندڙ 30  35 سال مون لوڪ ادب جي خدمت به ڪئي آهي. هر جمع وٽس سگهڙن جي ڪچهري ٿيندي آهي.

(ڪلام نه آهي)

نالو: محمد يوسف

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: الهه بخش

ذات: لاشاري

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: اٽڪل 60 سال

هنڌ: کنڊو

ائڊريس: معرفت سومار ماڇي هوٽل وارو فهيم ڪالوني، هالا نوان

تعليم : ٽي درجا

ڌنڌو: مزدوري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڪجهه ياد آهي ۽ ڪجهه لکيل به آهي

(ڪلام نه آهي)

نالو: الحاج ولي محمد

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: محمد طاهر

ذات: طاهرزاده قمبراڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 76 سال

هنڌ: ٽنڊو الهيار

ائڊريس: گهر نمبر 1742، وارڊ سي ميمڻ محلو ٽنڊو الهيار ضلعو حيدرآباد

تعليم: سنڌي، فارسي، عربي ۽ چار درجا انگريزي

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: نثر نويس، اڻ ڇپيل، سنڌ جي ثقافت سنڌي ديسي رانديون، وتايو فقير، نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ، اديون، سرتيون وغيره ۾ مضمون  ريڊئي تي ٻاراڻو ادب پيش ڪيل، ادبي ادارن ۾ مقالا

(ڪلام نه آهي)

قلندر بخش ميراڻي

هي دودي چنيسر جي ڳالهه ڪندو آهي

ضلعو خيرپور

نالو: دوست محمد

تخلص: ”دوسن،

پيءُ جو نالو: محمد جعفر

ذات: ڪلهوڙو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1935ع

هنڌ: ڳوٺ بصيرو

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪرونڊي، تعلقو فيض گنج

تعليم: پنج درجا سنڌي ۽ ديني تعليم          ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، هنر، سينگار، عمر ماروي، محبت مجاز، ملاقات، خواب جو موضوع، عشقيه واکاڻ، محبوب کي ڏوراپو

 

سينگار

رات پنهنجي روح ۾ ويهي ڪيم ويچار عجب
زهب کان زلف زياده وار جلويدار عجب
ڦٽ فراقي فائق جا ڳڻن ڀريا ڳنڍيدار عجب
ڪاڪل ڪيس قريب جا سنبل وڌ سرڪار عجب
ديدار پسي دلبر جو ٿيا کوڙ خدمتگار عجب
”دوسن“ چئي دلدار، موهي ٿو من مشتاقن جو
 

نالو: عبدالجبار

تخلص: جبار

ولديت: جرار حسين

ذات: راڄپر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 61 سال (1930)

هنڌ: ڪرونڊي

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪرونڊي، تعلقو فيض گنج، ضلعو خيرپور

تعليم ديني تعليم                        ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، هنر، سينگار سسئي، ماروي وغيره

ڏهس سينگار

ڪاڪل ڪنڊڙا زلف ذهب وڌ زم دار چوان
گلا لڪ گوهر جا گيسو گل گلدار چوان
فٽ فضل فهميدي جا واه ورياهه سندا وار چوان
اڳ اليهر عجيب جا گهرئا گهنڊيدار چوان
ڪچ ڪيس ڪامل جا ڪڪر ڪارونڀار چوان
ڪهڙا پرينءَ سندا پار چوان، جانب جان ”جبار“ چوي

 

نالو: غلام سرور

تخلص: ”سرور“

پيءُ جو نالو: ميهر خان

ذات: هاليپوٽو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ 1965ع

هنڌ: طفيل جٽ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪرونڊي، تعلقو فيض گنج

تعليم: چار درجا سنڌي ۽ ديني تعليم           ڌنڌو: زمينداري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، هنر، پهاڪو، سينگار وغيره

 

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين، ڀلا پير ڀري ڀري
اڱڻ آئين عجيب، ڪيڏو قرب ڪري ڪري
توکان سواءِ تونگر نٿي، ساعت ڪا سري سري
مٺا هن مسڪين کان پل نه ٿي پري پري
”هاليپوٽو“ هردم ٿو محبن منجهه مري مري
سهڻا منهنجا تنهنجي ڏسڻ سان ٺاهوڪا دل ٺري ٺري
اهڙو واءُ وري وري، سڄڻ پيو ”سرور“ چئي

نالو: امام ڏنو

تخلص: ”مهراڻي“

پيءُ جو نالو: گل محمد

ذات: مهراڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ 1955ع

هنڌ: باٺيرو

ائڊريس: معرفت خادم حسين قمبراڻي هوٽل وارو، پوسٽ آفيس ڪنب

تعليم: پنج درجا سنڌي          ڌنڌو: درزي

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هر فن ڄاڻندڙ

بيت

سڪ تنهنجي سيني ۾، طالب آهي تمام
نڪي ننڊ نيڻن کي، نڪي اکين کي آرام
کڻي پنو پريت جو، لکان لک سلام
ڪڏهن ايندين عجيب، ڏي اچڻ جو انجام
ويٺو تنهنجون واٽڙيون، ڏسان صبح شام
اٺئي پهر ”امام ڏني“ کي، نرمل تنهنجو نام
اچي ڪر ڪلام، محبت سان ”مهراڻي“ چئي

نالو: اعجاز علي

تخلص: ”عجاز“

پيءُ جو نالو: محمد عارف

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ 1952ع

هنڌ: مينگهو فقير شر

ائدريس: پوسٽ آفيس مينگهو فقير شر، تعلقو ٺري ميرواهه

تعليم: سنڌي                     ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هر فن ڄاڻندڙ .

پهاڪو

ياد ڪر يقين سان، اهو رک تو آر
ڇا منجهان ڇا آهين، پنهنجو سڃاڻ پار
نياز ۽ نوڙت جو، تون ڌنڌو پيو ڌار
ڪوڙ ڪدورت ڪيني کي ۽ ٻيائي کي تون ٻار
پراون کي پنهنجو سمجهي، تن سان گڏ گذار
دلبر توکان ڌار، عمر نه ٿئي ”اعجاز“ چئي

نالو: بحرالدين

تخلص: ”بحر“

پيءُ جو نالو: ڪوڙو خان

ذات: شنباڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1956ع

هنڌ: دريا خان شنباڻي

ائڊريس: پوسٽ آفيس جسڪاڻي تعلقو ڪوٽ ڏيجي

تعليم: ڪجهه به نه              ڌنڌو: هاري

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن جي ڄاڻ

سينگار (ڏهس)

گلا لڪ گوهر غازيءَ جا، وار ويتر ونگ وجهن،
فٽ فياض فضيلت ور جا، ڏسي مار مرن
ڪاڪل ڪيس ڪاريهر کي، تفنگ تير هڻن
ڀڙ ڀنڊا اڀاڳ ڀرئي جا، ڏسي ڀيرا ڀونگ ڏين
زلف زياده ذهب کان، رباني رنگ ٺهن
اڳ اڳرا اپسرا گيسو، شهر تلنگ وڻن
جي مار سياه کلي ميم مراقبي، ڏسي پتنگ پٽ پون
جن کي لڳا امنگ عجيبن، ڪندا بيان ”بحرالدين“ چئي

نالو: گدا حسين

تخلص: ”گدا“

پيءُ جو نالو: حاجي يار محمد

ذات: سهتو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1948ع

هنڌ:

ائڊريس: پوسٽ آفيس راڻيپور، تعلقو ڪوٽ ڏيجي

تعليم: پنج درجا سنڌي          ڌنو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن جي ڄاڻ، مواد لکيل آهي

 

ڏهس (رستي جا نالا)

چتايم پئي چاري کي، صبح تو لاءِ شام
ويٺو واٽ نهاريان، ايندو وير وريام
ديدون انهيءَ دڳ ۾، ان آسري وڌام
پرين هن پيچري سان، ڪيو اچڻ جو انجام
تنهنجي انهيءَ رستي تي، هئي تات تمام
رهبر خاطر راورو، ڏهاڙي ڏٺام
صاف ڪيم سڙڪ کي، محب لاءِ مدام
انهيءَ گس ”گدا حسين“ چئي، آيو علي مقام
روئي راهه نهاريان، تنهن جي تات تمام
مبارڪون ڏيهه ڏنام، جڏهن رهبر آيو روڊ سان

الهه ڏنو ڦلپوٽو

گفتا

اڌ تر جي اڌ جيترو جي راڻا ريجهي پون
درد هليا وڃن دل مان نه سور سڌون ڪن
سالن کان سڪ آهي، مون کي محبوبن
جي پرچي پرين پون، ته ٿئي عيد ”الهڏنو“ چوي
 

نالو: دلمراد

تخلص: دلاور

پيءُ جو نالو: فيروز الدين خان

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 25 – 3  - 1945ع

هنڌ: رسول پور

ائڊريس: پوسٽ آفيس هنڊياري، تعلقو ٺري ميرواه

تعليم: سنڌي             ڌنڌو: واپار

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: مڪمل فن جي ڄاڻ

آجيان

ڀلي آئين ڀلا پرين تنهنجيون ڀلايون ڀانيان
لکين ٿورا لوڪ ۾ ڳڻ تنهنجا ڳايان
سڏي تنهن سنگت کي قرب جون ڪچهريون ڪرايان
سدائين پيو ساراهيان، دلبر اوهانکي ”دلاور“ چوي

نالو: غلام شبير

تخلص: جوڳي فقير

پيءُ جو نالو:  بگو فقير

ذات: چنا

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1936ع

هنڌ: ڳوٺ ڏڻي بخش چنا

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميهر  ويسر، تعلقو ٺري ميرواه

تعليم: ست درجا سنڌي          ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن جي ڄاڻ

بيت

جيئري ڏسان جائي، وڄي پنهوار سي پٽ
پٽ اکيون پنهنجيون ادا عمر اپٽ
اپٽ اماڻ اوڏهين منهن مون ڏانهن مٽ
مٽ مهاڙ ملير ڏي جا ٿي جهريا جهٽ
جهٽ اماڻ جهانگين ڏي گهڙي نه ڪر گهٽ
گهٽ گهاريان هتڙي ڪلف ڪرڪٽ
ڪرڪٽ پنهنجي ڪوٽ مان وڃان ويڄن وٽ
وٽ تن وٽ، ٿيا جوڙ ”جوڳي“ چوي

محمد صفر ڪانهر

سينگار

رخ روشن محبوب مٺي جو تجمل سان اٿس تاب
اجرو آئيني کان منهن مثل مهتاب
جلوو پئي جبل تي، اتي پئي آب
دلبر جي ديدار جو حقي هجي ثواب
ڪومائجي ڪنول وڃي جان کولي نر نقاب
بيحد وڏو باب، آهي سهڻي جو ”صفر“ چئي

نالو: حاجي محمد

تخلص: .حاجن“

پيءُ جو نالو: محمد ساجن

ذات: سومرو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 10 – 1 0  - 1941ع

هنڌ: ميهر ويسر

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميهر ويسر وايا سيٺارجا

تعليم: پنج درجا سنڌي          ڌنڌو: ملازمت:

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن جي ڄاڻ

نصيحت

اچڻ انسان کي گهرجي ادب وارن جي محفل ۾
ملي جت مان ۽ محبت مزيدارن جي محفل ۾
علم پڙهجي علم سکجي علم انمول هيرو آ
قدر تنهنجو آهي ڪافي قدردانن جي محفل ۾
ٿئي ”حاجن“ کي محفل ۾ وندر دل جي سڄڻ ليڪن
رسي پئي روح کي راحت قلمڪارن جي محفل ۾

محمد سومر ڳاهو

نصيحت

قربدارن جي ڪچهري ۾، پيو اٺئي پهر آءُ
تن کي ڪڏهن هوندو ڪينڪي، وڏائي سندو واءُ
پيار ڏيئي پنهنجو ڪندا، توکي ڀاڪر پائي ڀاءُ
اهڙن سالڪن جي صحبت مان پيو سهڻو ايندو ساءُ
نوڙت توکي نياءُ، سي سيکاريندا ”سومر“ چوي

نالو: حيدر بخش

تخلص: ”صوفي“

پيءُ جو نالو: بلوچو

ذات: شر

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1920ع

هنڌ: مينگهو فقير شر

ائڊريس: پوسٽ آفيس ٺري ميرواهه

تعليم سنڌي ۽ فارسي جي ڄاڻ          ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: هرفن جي واقفيت

پهاڪو

عقل ۽ انصاف جو آهي گڏ گذر
عدو آهن انهن جا تندي ۽ تڪبر
اهي چارئي نه رهندا، ڪري ويري هڪ ولر
جهڙو جت اثر، اهڙو سواد ”صوفي“ چوي

نالو: خادم حسين

تخلص: خادم

پيءُ جو نالو: راڻو خان

ذات: قمبراڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 45 سال

هنڌ: ڪنب

ائڊريس: خادم حسين قمبراڻي هوٽل وارو، پوسٽ آفيس ڪنب ، تعلقو ڪوٽڏيجي

تعليم: چار درجا سنڌي           ڌنڌو: دوڪاندار

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: مڪمل فن جي ڄاڻ

سينگار

ڏسي عجب اکيون عجيب جون نرگس نميو پون
پسي ڇانو ڇمن جي هرڻ پيا هرڪن
لٽي دل لحظي ۾، جڏهن کڻي خان کجن
غزالين گاهه ڇڏي، دئو پين درگن
نرمل جي نگاهن، ڪيئي خريد ڪيا ”خادم حسين“ چئي

نالو: سوڀارو

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: محمد صالح

ذات: سومرو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1956ع

هنڌ:

ائڊريس: پوسٽ آفيس چونڊڪو تعلقو نارو

تعليم: پهريون درجو سنڌي               ڌنڌو: واڍڪو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، هنر، ڏٺ، پهاڪو، گفتا، بيت، سينگار ۽ ٻين سگهڙن جون ٻوليون

بيت

اهو ڀير ڀڳو ناهي، جئين گل ٽڪي بلبل
ڀنور جيئن ڀيرا ڏئي، وٺي واس گلابي گل
سرهاڻ ۾ سرهو رهه، ڏينهن حياتي ڪل
تنهنجو توراڻو، تروندو، انصافي عدل
انهيءَ ملڪيت جو ملهه، ڪندو سائين پاڻ ”سوڀارو“ چئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org