سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: -

صفحو:7

ضلعو سکر

نالو: شاهه محمد

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو:  رحمت الله

ذات: گڏاڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1962ع – 10  -  15

هنڌ: خانپور مهر

ائڊريس: پوسٽ آفيس خانپور مهر، تعلقو گهوٽڪي

تعليم: اٺ درجا پاس         ڌنڌو: پوليس حوالدار

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 سينگار، ڳجهارت، ڏور، بيت

بيت

هيءَ حقيقت حال جي ٻڌ اڙي انگ اڱر
دلي دوستي دنيا ۾ تون ڪوڙي سان نه ڪر
اهو آئي عادت ۾ پنهنجي ڏيندو پر
جنهن ۾ نفعو ناهي، نقصان گهڻو بي شڪ برابر
تون صحيح سراسر، وڃي غازي ڳولهه ”گڏاڻي“ چوي
 

نالو: هدايت علي فقير

تخلص: ”سونهارائي“

پيءُ جو نالو: سلطان علي

ذات: رڏ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1922ع – 12 – 9

هنڌ: ڳوٺ: سونهارو

ائڊريس:: پوسٽ آفيس چونڊڪو تلعقو نارو

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو: حڪمت، دواسازي

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 هر فن جي مڪمل ڄاڻ

پسي پيشاني پرينءَ جي قمر ٿيو قربان
شوق گهڻو هو شمس کي پسڻ لئه پريان
پر ابر مٿئون عجيب جي کڻي روزو ڪيو رحمان
نه ته آفتاب ۽ ماهتاب وڃن ها جلي منجهه جولان
ڀرتيون تجلي تاب حسن جي اوريان ٿيو آسمان
برت بهادر بجلي بالا ويئي لنگهي لامڪان
حوران ٿيون حيران، پسي حسن ”هدايت علي“ چوي

نالو: غلام حيدر

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: محمد لائق

ذات: ڀنڀرو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1937ع – 3 – 25

هنڌ: ڳوٺ گينڊاهو

ائڊريس: پوسٽ آفيس چونڊڪو، تعلقو نارو

تعليم: چار درجا سنڌي               ڌنڌو: هارپو

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڳجهارت، ڏور، آجيان، گفتا، بيت، وعيره. سال ۾ ٻه دفعا سگهڙن جي ڪچهري ڪرائيندڙ آهي.

 

بيت

سانگين جهانگين کي سدائين ساهه منهنجو ساري
مٺڙا مارو ماٺيڻا شال ڏاتر ڏيکاري
آهيان اباڻن آسري لڳل مون لاري
گوندر ٿي گهاري، غمن ۾ ”غلام حيدر، چئي

 

علي ڏنو لاشاري

سينگار

سهڻا گهڻا سنسار ۾، توڙي هزارين هجن حسن
گام نه کڻن گوهر اڳيان نه ڪي ٻولي ٻي ڪن
وجهن ديد وڃن درد موهيا مرد مبين
بنا فقطي نالو جنهنجو، شان ڏسن شوقين
آهي ڪامل کان وڌ ڪين، عالم ۾ ”علي ڏنو“ چئي

نالو: حشمت علي

تخلص: ”حشمت“

پيءُ جو نالو: غوث بخش

ذات: شنباڻي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1958ع

هنڌ: - .

ائڊريس: پوسٽ آفيس چونڊڪو، تعلقو نارو

تعليم: پنج درجا سنڌي               ڌنڌو: هارپو

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 هرفن جي ڄاڻ

بيت

سڄڻ سٻاجهو گهڻو، پر مون مندي مير
نفس ڍلي نادان جو، وڏو مونسان وير
ڀلائي جو ڀير، ڪندو هوت ”حشمت علي“ چئي

نالو: حسين بخش

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: هدايت علي فقير

ذات: رڏ

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1960ع – 2  -  1

هنڌ: ڳوٺ سونهارو

ائڊريس: پوسٽ آفيس چونڊڪو، تعلقو نارو

تعليم: ٻارهن درجا            ڌنڌو: پرائمري ماستر

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 هرفن جي ڄاڻ

بيت

منهنجو من موهي مشتاق ڪيو دل واري، دلبر پياري
پياري سرڪي سوز فراق جي ٻارڻ هت ويا باري، دل ٿي ساري
ساري سڄڻ سانگيئڙا ڪيئن گهايل گهاري، دوست وساري
وساري ڪم دنيا جا جيڪر لڳجي لاري، ته ٻيڙو تاري
تاري ترهو توڪل جو پوءِ پارا ڪاري، اڱڻ اجاري
اجاري دل عجيب نيڻن ساڻ نهاري، قربن واري
واري واڳ اسان ڏي جيڪر ”حسين بخش“ پڪاري، ڳوٺ سونهاري
سونهاري سردار سڄڻ ڪيا ڀرم ڀلاري، يثرب واري

نالو: فيض محمد

تخلص: ”ساٿي“

پيءُ جو نالو:  محمد سومر

ذات: جسڪاڻي

عمر ڄمڻ جي تاريخ: 1964ع – 8 – 16

هنڌ: ڳوٺ الهندو خان جسڪاڻي

ائڊريس: پوسٽ آفيس صالح ٻٽ تعلقو روهڙي

تعليم: ٻارهن درجا            ڌنڌو: پرائمري ماستر

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 ڳجهارت، گفتا، بيت، هنر، ڏور، سينگار، ڏٺ، سه حرفي، گيت، غزل وائي سر جا بيت

 (ساٿي) بيت

آريءَ اڃان اڪ پر اکيون اڃا به اڃاريون
ڪڏهن ڍايون ڪينڪي مون کان موچاريون
انتظار عجيبن جي ڳارائي ڳاريون
ويتر ويچاريون، صورت ساڙيون ”ساٿي“ چوي
 

عاجز محمد عثمان ويسر

هي حقيقت حال جي ٻڌ خاشي تون به خبر
ڪنن جي ڪچهري مان پوندي ڪانه ڪثر
موڳي جي محبت ۾ تون مري مري نه مر
ٽهي ان کان ٽر، جنهن کي الفت ناهي ”عاجز“چئي

عنايت فقير قاضي

اندريون اکيون خول تيل نه ڪر نچي
ڪر عرض الله کي وڄ بهتر مان بچي
ته نورت اٿي نماز وٽ مڙد تون مچي
جي سمرا ٿي ساڻ ته ڪامل ته ڪنل ۽ ڪچي
اهيلو وٺ راهه رچي، ته اکي نه ڏسنل ۽ ”عنايت“ چئي

ضلعو شڪارپور

نالو: قائم الدين

تخلص: ”قائم“

پيءُ جو نالو: عبدالرشيد

ذات: سهتو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1960ع

هنڌ: ڳوٺ سهتا

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڳڙهي ياسين، ضلعو شڪارپور

تعليم: پنج درجا پاس                 ڌنڌو:

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

ڳجهارت، سينگار وغيره

 

(ڪلام ڪونهي)

نالو: محمد سومر

تخلص: ”سومر“

پيءُ جو نالو: محمد جواڻ

ذات: سومرو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1949ع

هنڌ: ڳوٺ لونگ ڏيٿو

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڳڙهي ياسين

تعليم: پنج درجا پاس         ڌنڌو: زمينداري

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 ڳجهارت، ڏور، سينگار ۽ گر چيلو وعيره

سينگار

پائي پوشاڪون پدمڻي مٿي سر سالور
تڙ ڦل تيز تلاءَ تي پورب ڪري پور
چنڊ ئي وار وڏا اندر ٻهڪن ٻوٽا ٻور
مرڪڻ ساڻ محبوب جي گلن لاتي گهور
عينان نينان آهو مارن ڪجل ريءَ ڪلور
ڪهنگ ڪاز ڪونجڙي جوڀن جهوريا جهور
گنئير، گت گنوايا ٿيا چنچل چور
”سومر“ پائي سور ماهي مرگهه مري ويا

 

عبدالحليم سومرو

سينگار

سڄڻ وصفين سهڻو ڏنس رنگ رحيم
آهو پيش عجيب جي نرگس نينا نيم
ڪڪر ڪيس ڪمند پيا، ڀونگ ڀوڏر ٿيم
موتيا رتيا، لال گلابي، ڪريا گل عليم
چاسينگر جيان چمڪو ٿيو وئي ٽانڊاڻن ٽيم
ڪونڌر قرباني ڏين، جهڙي نور تسميم
جن کي آئي حميم سي ڪاتيءَ ريءَ ڪسي ويا

 

 

قائم الدين سهتو

گفتو بيت

هي ٿڪل تي ٿورو ڪرين سو وات نه آڻ وري
تنهن قصي جي ”قائم“ چئي ظاهر ڪر نه ذري،
متان خير خري، واڦيندي وڃي هليو

 

ڪريم بخش بروهي

ڏهس

عجب اکيون عجيب جون  ابرون اڻ جهل
نين ننگي ناز ڀريون ڪيفي ڪڪوريل
ڪرنگهائي عين ڪجليون اڻانگيون اڻٽل
وڙهڻ خاطر ورندا وتن درگ دودا دل
لوچن وڏي لاڏ سان وڪڙ ڏين پيو ول
ڪونه ڪن ڪهل، ڪهڻ جي ”ڪريم بخش“ چوي

 

محمد بچل شيخ

سينگار

سوين سينگار سهڻل جا پيا پيار منجهان پڙهجن
نوري نقاب نازڪ جي مٿان محبوبن
اک اڳيان شم شاهه جي هلي بات نه بلورن
پوش پهرايا پرور ڏاتر کيس ڏندن
ڳڻي ڳڻندين ڪيترا حرف وڏا هوتن
”پنجل“ پورا نه ٿيندا پرين جا توڙي قيامت تائين ڪجن
تن جا شوق نه ڇڏجن، جي شافي آهي ”شيخ“ چوي

 

الهڏنو حسناڻي ابڙو

بيت

”اڏا ڏتل“ عليءَ جي کوليان خبر مان ڪهڙي
تعريف جنهن جي پرور جڳ ۾ ڪري ٿو جهڙي
علي قوت محمد صه جي علي تصوير آ تهڙي
حيدر جو وڌيو درجو ٿيو شڪران علي آه

ضلعو لاڙڪاڻو

نالو: اميد علي

تخلص: ڪوبه نه

پيءُ جو نالو: بيگ محمد

ذات: ماڇي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1958ع

ڳوٺ : ٻلڙيجي

ائڊريس: پوسٽ آفيس موهن جو دڙو، ڳوٺ ٻلڙيجي، ضلعو لاڙڪانڻو

تعليم: پنج درجا پاس                 ڌنڌو: هاري

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

سينگار، بيت، ڏور  ۽ ڳجهارتون

 

بيت

تون سڄڻ آهين سهڻو بري سنگت کان بچ
سڄڻ پنهنجي سون ۾ ڇو ڪوڙ ملائين ڪچ
”اميد علي“ آڙاهه تي عاشق بڻجي اچ
ڪڏي پئو ڪاڻاهه ۾ محبت باري مچ
نانڪ وانگي نچ، ته مرندين ڪونه ماڇي چوي

نالو: حاجي اقبال احمد

تخلص: ”اقبال“

پيءُ جو نالو: موقڻ خان

ذات: جوڻيجو

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 40 سال

ڳوٺ گلڻ واهڻ
ائڊريس: پوسٽ بگي، تعلقو ڏوڪري
تعليم: پنج درجا پاس                 ڌنڌو: دوڪانداري

سگهڙ پائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:

 ڳجهارت، سينگار، نصيحت وغيره

 

بيت

پرور مون کي پناهه ڏي شيطاني شر کان
مندائي رکي منهنجي لاءِ جو گندو نڪري گهر کان
ان وڍئي کي واٽ تي کارائجان کير کان
نڀاڳي نظر کان، بچاءِ ”حاجي اقبال“ کي
 

نالو: فقير محمد اقبال

تخلص: ”ملوڪ“

پيءُ جو نالو: محمد صالح

ذات: عباسي

عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 1944ع – 12 – 13 

هنڌ: محمد خان ڪلهوڙو

ائڊريس: پوسٽ باڊهه، تعلقو ڏوڪري

تعليم: پرائمري                ڌنڌو: هارپو

سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل:  ڳجهارت، ڏور، ڏٺ، چوڻيون، گريلو، سينگار، ڪافيون، مولود، غزل، رباعيون، ست سريون، سه حريون، حمد، نعت، صفات، وعيره

”موتي مور ملوڪ جا“ ٻن سو صفحن جو ڇپيل ڪتاب، ”موتين مٺ ملوڪ جي“ چئن سو صفحن جو ۽ ڪافي مواد اڻ ڇپيل آهي.

بيت

شڪارين شڪار تي تتر ڪاله تڙي
وانجهن ويهي واٽ تي وڏا گهٽ گهڙيا
کڻي ڪان ڪونجن سين اچي لب لڙيا
ڏنائون باهه ڀڏي کي سايون سنگ سڙيا
منگ مور ”ملوڪ“ چوي انهي جوءِ جڙيا
ڍٻر ڏسي ڍنڍ تي وتن ٻگهه ٻريا
وهيا نيٺ وهي ويا اچي ال اڙيا
هو ڪرڙا ڪونه ڪڙيا جي اچڻ شرط اڏي ويا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org