سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: -

صفحو :9

 (839) ڍڪڻ ٿيءُ- پردو يا لڄ رک. ڍڪڻهار= پرده پوش.

(840) ڍڳي وانگر ٿو وهي- گهڻو پورهيو ٿو ڪري.

(841) ڍنڍين ڍير- ڍڳن جا ڍڳ، تمام گهڻا.

(842) ڍوري هڻڻ- مچڻ، متارو ٿيڻ (وهٽن). ”مال ڍوري هنيون بيٺو آهي“.

843- ڍونگل پيو ڍاري- چرچا يا چٿرون پيو ڪري.

(844) ڍيري ٿيڻ-ڊهڻ .” ڌڪ لڳس ته ڍيري ٿي پيو“.

(845) ڍينگوئي ڍيري- رقم ئي چٽ ! (ڍينگو = نار).

(846) رات اکين تي گذاريم – سڄي رات ننڊ نه ڪيم.

ڀيٽيو- تارن ڳڻيندي رات وهايم يا گذاريم.

(847) رات پڪا جؤ ٿو گهري- ” تري تي بهشت ٿو گهري“.

(848) (چور) راتاهو ڏيئي ويس- رات جو ڦري ويس.

(849) رات گڏيل هئي- اڃا اوندهه هئي. (صبح نه ٿيو هو).

(850) راتو واهه ڀڄي ويو- رات جي وقت ۾ ڀڄي ويو.

(851) راجا ريت- ٺهرايل دستور يا نرخ ” جيڪي راجا ريت هوندو سو ڏبو، نئين رسم ڪانه وجهبي“.

(852) راڄونتيون ڇايوُن- جيوت جا لاڙها چاڙها. ” راڄونتيون ڇايوُن آهن، ڪڏهن سک ڪڏهن دک“. 627

(853) راڌا ويڌي ڪرڻ اڌو اڌ ويڌي ڪري نبيرڻ. ” هن سٺ گهريا، مون 40 چيا، نيٺ راڌا ويڌي ڪئي سون (پنجاهه).

(854) ربيع نه خريف-( چيٽ نه ڪتي) ڪوبه واسطو نه.

(855) رتا وڇوڙڻ- سڳا مائٽ (ڀائر وغيره) وڇوڙي ڌار ڪرڻ.

(856) رت ٿي ويا- پرتا ”کير کنڊ ٿيا“.

(857) رت ٽهڪيس- جوش آيس، گهڻي ڪاوڙ لڳيس.

(858) رت ڏسي رمي هڻڻ- حال ساروُ تڪليف ڏئڻ ”هو غريب ايترا پئسا ڪٿان ڏيئي سگهندئين؟ تون به رت ڏسي رمي هڻ يعني گهڻو نه پيڙينس. (رمي يا ڪنڙي Cupping-glass. رت واري هنڌ حڪيم هڻن).

(859) رت رنائين- رت جا ڳوڙها ڳاڙيائين، زار زار رنائين.

(860) رت ولوڙڻ- ڪشالو ڪرڻ. ” گهڻو ئي رت ولوڙيائين پر ڀاڳه نه ڀرايس ته ڪشالا ئي ڪوُڙ ٿي ويس“.

(861) رڇ ڪڏائي وجهڻ- پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ. ”مان جيڪي چوان ٿو سو ٻڌيئي ڪين ٿو، وچ ۾ رڇ ڪڏائي وڌو اٿس“.

(862) رڇ ۾ ئي ڪينهيس- منجهنس ڪو به حال ڪونهي.

(863) رڏ ڪڏائڻ- نٺر يا بي چيو ٿيڻ. ” وڃڻ لائين چيائينس پر هوُ رڏ ڪڏائي بهي رهيو“.

(864) رحلت ڪيائين- مري ويو. (865) رضا يا وفات ڪيائين

(866) رقم ئي توبري ۾- رقم ئي چٽ! سڀ پئسا اجايا ويا. بنياد- هڪ واڻيو واهه اُڪرندي گهوڙي سوڌو ڪريو. پئسن جي هڙ توبري ۾ پيل هئس سا پاڻيءَ ۾ لڙهي ويس، تنهنڪري هئن به چون ته (867) هڙ ئي هلاک- رقم ئي چٽ. (868) پئسا پاڻيءَ ۾.

(869) رڪ جي دانگي چڙهي آهي- ڏڪار ٿيو آهي.

(870) رک رکاڻي نه ڪيائين- جيڪي چوڻو هوس سو چيائين.

(871) رکو روُح- کهري سڀاءَ وارو، جو ملڻو يا ميلاپي نه هجي.

(872) رڳن ٺارڻ واري ننهن مليس- اهڙي ننهن مليس جنهنجي لڇڻن ڪري دل کي گهڻي فرحت يا خوشي ٿيس“.

(873) رڳن ۾ پيهي وڃڻ- دل کي گهڻو وڻڻ. ”هو پنهنجي نيڪ سڀائين ڪري منهنجن رڳن ۾ پيهي ويو آهي“.

(874) رندن ۾ رولڻ- ڀٽڪي خراب ٿيڻ.

(875) رنڌڻي ۾ رولو پوڻ- گهر جي ڀاتين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿيڻ.

(876) روٽي روٽيءَ تي رکي نه کائڻ- ڏکيو بکيو يا ڪنگال ٿيڻ ”سيٺين سان ڊوه ڪيو اٿس ته پاڻ به روٽي روٽيءَ تي يا ماني مانيءَ تي رکي ڪين کائيندو“.

(877) روح ريلو ڏنو- دل جي ڇڪ يا سڪ ٿي.

(878) روڪڙو جواب- صفا ناڪار Flat refusal.

(879) رءُ ڪپڻ- وڌڻ نه ڏيڻ. ” تو ٻٽاڪون پي هنيون پر هن وچ ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي جو تنهنجو رءُ ڪپي ڇڏيائين“.

To take wind out of one’s sails.

(880) رئڻ ۾ ڇٽڪڻ- رودن ڪرڻ، زار زار يا گهڻو رئڻ. ”پهريائين سوُر پئي پيتائين، پر پوئين اچي رئڻ ۾ ڇٽڪيو“.

(881) زبان دراز (آهي) – گهڻ ڳالهائو  (آهي). ”وڏ واتو“.

(882) زبان ڏنائين- انجام ڪيائين.

(883) زبان ڪوڙي ڪيائين- انجام نه پاڙيائين.

(884) زمين دوز ٿيڻ- ڊهي پٽ ٿيڻ، ڊهڻ. ”ڌرتي ڌٻڻ ڪري ڪي جايون زمين دوز ٿي ويون“.

(885) زور جي ميندي لڳڻ- ڪنهن کان سندس مرضيءَ جي برخلاف ڪو ڪم ڪرائڻ- ”هن کي چوڻ طرح چئبو؛ جي نه مڃيندو ته زور جي ميندي ڪا نه لڳندي“.

(886) زور ڏيئي بيٺو- جيڪي حيلا ڪرڻا هئس سي ڪيائين.

(887) ساب پوڻ- سڦلو يا سجايو ٿيڻ. ” پورهيا ساب پيا“.

(888) ساڄي لڳيس- چڱو وجهه مليس (فائدي جو).

(889) ساري سر اٿس- نصيب زور اٿس.

(890) ساسين سکالو ٿيو- سولائيءَ سان ساهه ويس. (مئو)

(891) ساهه ٽنگجي پوڻ- گهڻي ڳڻتي يا ويچار ٿيڻ. ”جيستائين تنهنجو خط نه ايندو تيستائين منهنجو ساهه ٽنگجي پوندو“.

(892) ساهه پٽڻ- ساهي کڻڻ، ٿڪ ڀڃڻ.

(893)- ساهه مٺ ۾ ٿيڻ يا اچي وڃڻ- گهڻو ڊپ هئڻ يا مرڻ جو ڊپ ٿيڻ. ”اهڙو طوفان لڳو جو سڀني جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو“. (سنڌي پنجون ڪتاب).

(894) سائو- آباد، شاهوڪار يا چڙهيل (عهدي وارو)

(895) سائي سلي- شروع يا منڍ کان وٺي، ننڍي هوندي کان.

(896) سڀ وٽ سان پوُرو- توسان تو جهڙو مونسان مون جهڙو.

(897) ستي مک جاڳايائين- بند ٿيل جهيڙو شروع ڪريائين.

(899) ستمي چوَر ٿيس- جيڪي هوس سو سڀ ويس.

(900) سٿرا ساٿي آيس- ڏسو ”ساسين سکالو ٿيو“.

(901) سج ڪني ڪڍي- سج ٿورڙو اُڀريو.

(902) سج لاڙائو ٿيو- سج لهڻ تي آيو. اصطلاح 250

(903) سج کي ڀتر هڻي کاڌائون- رات جي ماني سويلئي کاڌائون.

(904) سڄي لڱين- سڄن يا سلامت لڱن سان، صحيح سلامت، چڱو ڀلو. ”دشمنن مان سڄي لڱين ڪو نه بچو“ يعني ڪي مئا ته ڪي ڦٽيا (پنجون ڪتاب).

(905) سڃ پيئي واڪا ڪري- سڃ لڳي پيئي آهي.

(906) سڌ تي ٻڌ- جهڙي حالت تهڙي رٿ. 393.

(907) سڏئي سڏ ڏيڻ- وقت تي مدد ڪرڻ. 771 ۽ 783

(908) گهڻا سر اُٿلايا اٿس- گهڻا زمانا يا دنيا جا نمونا ڏٺا اٿس يعني گهڻو آزمودگار آهي. (سر= زمانا).

(909) سرمو پائي ويو- اهڙي طرح شئي کڻي ويو جو پتو نه پيو.

(910) سر ويچ - جر سر وڪڻي، سر جي سٽ ڏئي، پهلوان.

(911) سڪيءَ ۾ ٽٻي هڻي ويو- پڌري ڳالهه بنهه الي ويو.

(912) سڱن تي کنيائينس- چڱيءَ طرح ڌمڪايائينس.

(913) سڱ ساهڻ- (1) مائٽ سڏائڻ (2) برابري ڪرڻ. ”آءٌ ٻانهي ٻاروچن جي، سڱ نه ساهيندياس“. (شاهه).

(914) سلا ساوا هوندائين! – آباد هوندين (دعا) 581.

(915) سلي کان اڳي سنگ ڳڻڻ- اڳ ڪٿيا ڪم ڪرڻ 69.

(916) سمي پائي- اتفاق سان. سمي ساروُ= وقت پٽاندر.

(917) سوڙهو گهٽڻ – لاچار ڪرڻ. ” ووٽ لائين سوڙهو گهٽيائين“.

(918) سوڪ ماني پچايائينس- ڏاڍي جٺ ڪيائينس.

(919) سونا سڱ چاڙهي آيو- سونڊ پائي يا ڪاوڙجي آيو.

(920) (هن لائين) سونو سج اُڀريو- سڀاڳو ڏينهن ٿيس.

(921) سون ۾ سرهو آهي- بلڪل لائق يا سچو انسان آهي.

(922) سونو ڪٽورو هٿ ۾ اٿس- پنڻ کان عار ڪو نه اٿس.

(923) سوني ماڻ سان مئي ڏنائين- (پئسا) موٽائي نه ڏنائين.

(924) سهڻي سمهڻ- ڀروسو رکي وهڻ. ”تون انهيءَ سهڻي نه سمهه، ته هو تنهنجو ڪم ڪندو“. (سهڻو= سپنو).

(925) (زال) سنئين مهني آهي- ويامڻ تي آهي.

(926) پاڻيهي سئي سڳي کي سوريندي-پاڻيهي ڳالهه چرندي، ڳالهه تي ڳالهه کلندي.

(927) سئيءَ ۾ سڳو- سڳو مائٽ.

(928) سئيءَ سڳي سوُڌو- ذري پرزي، سموُرو.

(929) سيج پڄايائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس. ]اکري معني ته کٽ مقام يا مسڻ ۾ پهچايائينس[.

(930) سيخ ٿيڻ- (1) گهوڙو سيخ ٿيو- نرا کنيائين، پوين ٽنگن تي کڙو ٿي بيٺو. (2) چنڊ سيخ ٿيو- اُڀريو. (3) هو وڃي ٿو سيخ ٿيندو- گهڻو ڪاوڙبو.

(931) سينڍ ڏيڻ- اڳواٽ چتائڻ ”هن کي سينڍ ڏيئي ڇڏج ته سڀاڻي ماستر حساب پڇندس“. (سينڍ=سيٽ).

(932) سيني تي مڱ ڏرڻ- حاسد جي روبرو اهڙو ڪم ڪرڻ جو هن کي ساڙ لڳن. ”جو سڙي تنهنجي سيني تي هو مڱ ڏري“.

(933) سيڻهه ٿي پوڻ- گهڻو ڀرجڻ ”کائي سيڻهه ٿي پيو، هلي نٿي سگهيو“. (سيڻهه= ٻڪريءَ جي ڦوڪيل کل).

(934) سيءُ وٺي ويم يا سياٽو پيم- ڏڪي يا ڊڄي ويس.

(935) (سج) شاخون ڪڍيون- اُڀريو.

(936) شاهاڻي ٽور هلي ٿو- آهستي ۽ فرحت سان هلي ٿو.

(937) شب – ڍڪ، پردو. ڪيترا ڏينهن اها ڳالهه شب ۾ رکي (لڪائي) سگهبي. ڳالهه شب ۾ رهجي آئي=ڳالهه جي اوگهڙ يا اُپٽار نه ٿي.

(938) شتر بي مهار- (ڇڙواڳ اُٺ) جنهن کي ڪو جهلڻ پلڻ وارو نه هجي، اَڍنگيءَ هلت وارو.

(939) شد مد سان ڳالهايائين- چڱي زور يا فلڪ سان ڳالهايائين.

(940) شڌو ٻڌو اٿس- (جائي) هوڏ ڪئي اٿس.

(941) شرڙ ڦاڙيائين- جنن ڀوتن جون يا واحياتي ڳالهيون ڪيائين.

(942) شر مچايائين- ٿوريءَ ڳالهه جو وڏو وڌاءُ ڪيائين.

(943) شڪل پيئي شيشا ڀڃيس ( ته به چوي ته ٻانهن کپيم ڀت جي ڀوُري) – بدشڪل آهي ( ته به چوي ته بلڪل سهڻي ٻانهن کپيم) - ]اکري معني ته منهن ۾ ايترو تيج اٿس جو اُن جي اثر ڪري شيشا ٽڙڪيو پون[.

(944) (ب) شل ٿي پيو- سڪي ويو، نستو ٿيو (ٿڪ ڪري).

(945) (ڳالهه جي) شنيدي ٿي- (ڳالهه) پڌري ٿي.

(946) شهه کائي موٽيو- هارائي آيو.

(947) شيءِ ٿيڻ- مطلب يا پورائو ٿيڻ. ” حال ٽيهه رپيا مليا ته به منهنجي شيءِ ٿي“. انبن مان شيئين ڪيم = ڍءُ ڪيم.

(948) شير پياز پڌرو ڪيائينس- سڀ عيب يا ڳجهه ظاهر ڪيائينس. ڀيٽيو- ” پڙ پڌرو ڪيائينس“.

(949) شير شڪر- گهرا دوست. ”هيءُ پاڻ ۾ شير شڪر آهن“.

(950) شير مڙس- شينهن جهڙو مڙس، پهلوان، بهادر.

(951) شينهن ڪلهي چڙهڻ- بي اونو يا سکي ٿيڻ. (1) ”قرض کان ڇٽي اچي شينهن ڪلهي چڙهيو آهي. (2) هڪڙي نياڻي هيس سا به وڃي شينهن ڪلهي چڙهي يعني پرڻجي وڃي ساهري سکي ٿي.

)952( (ڪپڙو) صابڻ چٽ ڏيئي ڌوءُ- صابڻ جو گهڪو ڏيئي (ٿورو صابڻ هڻي) ڌوءُ.

)953( صدقي جي ٻڪري- جنهن کي ٻين جي پاران تڪليفون يا سختيون سهڻيون پون يا جو نڌڻڪو سمجهيو وڃي. A Scapegoat ”توهين گهمڻ ٿا وڃو باقي آءٌ آهيان صدقي جي ٻڪري جو توهانجو ڪم ويهي پورو ڪريان“.

(954) ضد تي چڙهيو آهي- ضد يا هوڏ ڪئي اٿس.

(955) طبل ٿو هلائي- وڏائي ٿو ڪري، حڪم ٿو هلائي.

(956) طبيبين تات پوڻ- (1) علاج يا دوا ڪرڻ. ”کاڌي پيتي جي سنڀال نه ڪبي ته طبيبين  تات پئبو يا طبيبن جا در ڏسڻا پوندا“. (2) ٻين جي محتاجي ڪڍڻ، ڪاڻيارو ٿيڻ. ”ڪو به نازڪ ڪم سنڀالي نه ڪندا ته پوئين طبيبين تات پوندا“.

(957) ظلم جو ٽڪر- ستائيندڙ. ” ڇوڪرو ظلم جو ٽڪر آهي“.

(958) (ڳالهه) عالم آشڪار آهي- جڳ پڌري آهي.

(959) عدم پيدا آهي- پيدا ڪونهي، گم آهي (ماڻهو يا شيئين).

(960) عدول حڪمي ڪيائين- نافرماني ڪيائين، حڪم نه مڃيائين.

(961) عقل جو وير آهي- بيعقل يا ڪم عقل آهي.

(962) عقل چرخ ٿيس- وائڙو ٿيو، گهڻو عجب لڳس.

(963) عقل ڳنڍيائين يا ويڙهايائين- چڱي سياڻپ يا اٽڪل ڪيائين.

(964) (رپيا) علي الحساب ڏنائين. اڳواٽ ڏنائين، حساب پوئين ٿيندو.

(965) عنقا جو شڪار. ناممڪن يا نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه. ”ويل جواني اهڙي هٿ اچي جهڙو عنقا جو شڪار ملي “ (چوندا آهن ته عنقا پکي آسمان ۾ رهي ٿو).

(966) عيد اڳڙي- مانائتو ڪپڙو جو ڪنهن ڏينهن وار تي پائجي. ” نوان ڪپڙا پائي پورا ڪيائين، باقي جيڪا عيد اڳڙي بچي اٿس سا به اکين ۾ ٿي اٿس“.

(967) غرقي- ٻڏل (پاڻيءَ ۾ پسيل) ان، ٿوري وسعت. ” گهر ۾ غرقي به نه لڀي ٻاهر دم هڻي ٺوڙهين جا“. 647

(ٺوڙهي=اُچي ڪڻڪ جو قسم).

(968) غم کاڌائين- ڏکه يا ڪاوڙ دل ۾ سانڍياءُ، نه ڪڇائين.

(969) گهوتا (غوطا) - ٽٻيون، ڳڻتيون. ”گهوتا پيو کائي“.

(970) فاقا ڪڍيائين- لنگهڻ يا بکون ڪڍيائين، بنا کاڌي گذاريائين.

(971) فتوُر جاڳايائين- معاملو ڪرايائين.

(972) فرياد مچايائين- وڏيون دانهون ڪيائين.

(973) فصل ٻٽيرو- سک ڦٽو، جنهن کي هڪ هنڌ آرام نه اچي.

(974) فلڪ نه آڻڻ- ويچار نه ڪرڻ، نه ليکڻ. ” تو جهڙن تي هوُ جيڪر فلڪ به ڪين آڻي“.

(975) فوت ٿيڻ- مرڻ. ڏسو ”رحلت ڪرڻ“.

(976) فهيون منجهائڻ- ستائي منجهائي ڇڏڻ. ”پئسا نه مليس ته فهيون منجهائي ڇڏيائين“.

(977) (سڄو ڏينهن) قاصداڻي ڪار ڪرڻي پوي ٿي- قاصدن جي ڪرت (ڊڪ ڊوڙ) ڪرڻي پوي ٿي.

(978) (ڪنهن جي)قبر يا مسڻ ڪنو نه ڪجي- مئل ماڻهوءَ تي ڪو قرض رهيل هجي ته نه رکجي( پر لاهجي).

(979) (دنيا ۾)قبو اُڏائي ڪو نه ويهبو- سدائين جيئرو نه رهبو.

(980) قرض کڻي ڪنگڻ پائڻ- ”هٽ کٽائي حلوا کائڻ“.

(981) قرض ۾ ٻڏو پيو آهي- تمام گهڻو قرض اٿس.

(982) قرض ۾ ٿو وهي- بيدليو يا مٿاڇري طرح ڪم ڪري ٿو.

(983) قسمت سانگي آيو- اتفاق سان آيو. قضا ٿيڻ= ڀڄڻ.

(984) قصا پيا ڪٽين- زٽ شٽ پيا هڻن، ڳالهيون پيا ڪن.

(985) قضا قضا نه ٿئي- لکيو نه ٽري 814.

(986) (ڪنهن جي) قلعي کولي ڇڏڻ- ٽپڙ يا افعال پڌرا ڪرڻ.

(987) قلم ئي ڪڍي ڇڏيائون- رواج ئي بند ڪري ڇڏيائون.

(988) قلم وهي ويو- حڪم جاري ٿي چڪو.

(989) ڪاتيءَ ڪسندي يا ڪنڌ تي ڪاتيءَ ايندي ائين ڪيائين- ڏاڍي لاچار ائين ڪيائين.

(990) ڪاٺ ڪهاڙا لڳڻ- گهڻي سر جوشي ڪرڻ ڪنهن خرابي کي بند ڪرڻ يا ڪنهن بڇڙي کي روڪڻ لائين. مثلاً ”چورن جي پٺيان پوليس ڪاٺ ڪهاڙا کڻي لڳي“.

(991) ڪاٺي ڀڳي اٿس- نانگ يا بلا کاڌو اٿس؛ ڪکيو آهي.

(992) ڪارڄڀو- ڪاريءَ ڄڀ وارو، نڀاڳو. (چون ته ڪار ڄڀو پٽي ته هن جي پٽ لڳي، تنهنڪري اها معني[.

(993) ڪاريءَ وارا ڪک- سڃ، اڻ هوند. پريان ڀانئين ته شاندار شيَ آهي، پر ويجهو وڃي ڏس ته ڪاريءَ وارا ڪک يعني سڃ ۽ ڀينگ 225.

(994) ڪا شي ڪروٽ کاڌائين- گهڻيون سختيون سهي يا لاچار قرض کڻي ڪم پورو ڪيائين ]ڪا شيء ۾ اڳي ڪي هندو ڪروٽ يعني ڪارائيءَ سان پنهنجو بت وڍي مڪتيسر نالي کوهه ۾ وجهندا هئا جو سمجهندا هئا ته ائين مڪتي ملندي[.

(995) ڪاغذ ڪيائون- حساب يا ليکو ڪيائون، نفعو نقصان جاچائون. ”پوتا ميل ٻڌائون“.

(996) ڪاڪياڻي ٿي پوي ته؟ - ڪو اتفاق يا خرابي ٿي پوي ته پوئين؟

(997) ڪانڀ ڪڍي ويٺو آهي- (1) ڪپڙو گوڏن ۽ پٺيءَ کي ٻڌي ٺهي جڙي ويٺو آهي. (ٿري ماڻهو عام طرح ڪانڀون ڪڍي وهن) (2) ڪم جو اونو ڪو نه اٿس.

(998) (تو لائين) ڪانگ اُڏايم- ڪانگن جي اُڏامڻ مان سوڻ ڳنڍيم (ته شل اچين).

(999) ڪانگ ڪڍي ويٺو- ڳالهه جي ڊيگهه ڪيائين، گهڻو ڳالهايائين. (ڪانگ= ڪانءَ جي ڪان ڪان).

(1000) ڪانگيوُن ڊوڙايائين- تڪڙا نياپا موڪليائين.

] ڪانگ= تڪڙو نياپو، جو ڪانءَ جي هٿان موڪلجي[

(1001) ڪانءُ- (1) افلاطون، اُستاد،تريناڪ. ”هو ڪانءُ آهي“ (ڪانءُ سياڻو پکي). (2) عيب- انهيءَ مائٽيءَ مان ڪهڙو ڪانءُ نڪتو جو توهان نه ڪئي“.؟

(1002) ڪانءَ جي چهنب ۾ موڪلج- بلڪل جلد موڪلج.

(1003) ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئجي- ڪنهن ۾ ڪو عيب ڏسجي ته هن کي اهو منهن تي چئي نه ٻڌائجي.

(1004) ڪائو کائڻ- گهٽجڻ. پاڻيءَ ڪائو کاڌو- پاڻي گهٽيو يا لهي ويو. تپ ڪائو نه کاڌو- تپ نه گهٽيو.

(1005) اها ته ڪبير به ڪٿي آهي- اهو ته ٺهيو پيو آهي.

]اکري معني ته ڪبير ڀڳت به ائين چئي ويو آهي[.

(1006) ڪتر پوڻ- گهٽ ٿيڻ. ”نشي ڪم آڻڻ ڪري ڄمار ۾ ڪتر پوي ٿي“.

(1007) ڪتن جي چٺ- بلڪل ميرو باسڻ (ڪتن چٽيل).

(1008) ڪتي ٻلي کان قابو آهي- بلڪل سوگهو آهي.

(1009) (دل تي) ڪٽ چڙهيس- خراب اثر ويٺس.

(1010) ڪپڙن ۾ نٿو ماپي- تمام گهڻو خوش ٿيو آهي.

]خوشيءَ سبب اهڙو متو جو ڪپڙا سوڙها ٿيس[.

(1011) ڪچ مئڻ- گارگند ڏيڻ، ڪنا لفظ ڪم آڻڻ.

(1012) ڪچو لائڻ- گلارو يا بدنام ڪرڻ، ”سڄي ڪڙم کي ڪچو لاتائين“. (ڪچو- ڪلنڪ، عيب).

(1013) ڪچو کائڻ ٿو اچي- مارڻ يا وڙهڻ ٿو اچي.

(1014) ڪچو کير پيڻ- (1) ڪنهن کان صلاح پڇڻ يا پوُري خاطري ڪرڻ ڌاران  ڪو ڪم ڪرڻ. ”ڪچو کير ڇو پئجي جو پوئين پڇتائجي؟” (2) آزمايش نه هئڻ. ”مون به ڪچو کير ڪو نه پيتو آهي- آزمودگار آهيان“.

(1015) ڪڇي ڦاڙجي- (1) هوند ساروُ خرچ ڪجي.

(2) ڳڻتي ڳوتي ڪم ڪجي 676.

(1016) اسان جي ڪڍ پيو اچي- اسان جي پٺيان پيو اچي.

(1017) (مال)ڪروُ مروُ ٿيو- زيان ٿيو، اجايو ويو.

(1018) ڪڪڙو ڪوُ لڳي پيئي آهي- سڃ لڳي پيئي آهي.

(1019) ڪک ڀڃي ٻه نٿو ڪري- ذرو ڪم نٿو ڪري.

(1020) ڪک ڪپڙيوُن پيو ميڙي- چريو ٿيو آهي.

(1021) (ڳالهه) ڪک ۾ لڳي بيٺي اٿم- گهڻو ويچار يا اونو اٿم.

(1022) ڪک وجهڻ يا ڪک وجهي ڍڪڻ- ڪنهنجا عيب يا ڪا گهٽتائي لڪائڻ. ” پٽس جي ڳالهه آهي ته ڏس ڪئن ڪک وجهي ٿو ڍڪيس“.

(1023) ڪلها گٺل اٿس- ڏاکڙن يا گهاٽن سهڻ تي هريل آهي.

(1024) شل ڪلها ڳاڙها ڪري ايندين!- ڳاڙهو ڊپٽو ڍڪي ايندين. (پٽ ساهرو). دعا ڪرڻ جو نمونو.

(1025) ڪلهو ڪلهي سان ڏيئي بيٺو- شامل يا مددگار ٿيو.

(1026) ڪلهو هڻڻ- برابري ڪرڻ. ” وڏن سان ڪلهو نه هڻ“.

(1027) ڪليوُن ڪنبڻ لڳيس- ڏڪڻ يا ڊڄڻ لڳو.

(1028) ڪنا گهڙڻ – اجايو سستيءَ ۾ وقت وڃائڻ. ” نوڪري نه ڪندو ته گهر ۾ ويهي ڪنا گهڙيندو ڇا“؟

(1029) ڪن اوڙا ڪن ٻوڙا ڪيائين- ماٺ ۾ رهيو. (ائين ڏيکاريائين ڄڻ ته ڳالهه نه ٻڌايائين.

 ڀيٽيو- ڪن ٻوساٽيائين، ڪن لڪايائين (مرم واري ماڻهوءَ لائين چئبو).

(1030) ڪن ڀريائين- ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي ڪاوڙايائين.

(1031) ڪنڀ ڪرڻ واري ننڊ- گهڻي وقت تائين ڳوڙهي ننڊ، گهڻي غفلت. ”چورن باهه ٻاري ڏني. پر پوليس کي ڪنڀڪرڻ واري ننڊ هئي“. ]رانوڻ جو ڀاءُ ڪنڀڪرڻ ڇهن مهنن کان پوئين جاڳندو هو[.

(1032) (ڳالهه ڪن تائين آيس يا ڪن پيس- ڳالهه ٻڌائين.

(1033) (ڳالهه) ڪن پٺيان ڪيائين- ڌيان ۾ نه آندائين.

(1034) ڪن ڇٽي آيا- موُر نڪتو (کوٽ نه ٿي).

(1035) ڪن ڇڏائي آيو- پلؤ آجا ڪري يا پاڻ ڇڏائي آيو.

(1036) ڪن يا ڪنڙو ڏنائين- ڳالهه لڪي ٻڌائين.

(1037) ڪن رس اٿس- راڳ ٻڌڻ جو شق اٿس.

(1038) ڪن سپرو آهي- ٻڌڻ جو تکو آهي.

(1039) ڪن سن ۾- ڳجهيءَ طرح، لڪائي.

(1040) ڪن ڪڍينس- ڳالهه چورينس، منجهه لهينس.

(1041) ڪن کائي ويو- ڪڪ ڪيائين. (ڳالهين سان).

(1042) ڪن کڙو ڪيائين- چتايائين، ڳالهه ڌيان تي آندائين.

(1043) ڪن يا ڪنڙو کڻينس- ڳالهه چورينس.

(1044) ڪن ۾ ڦوڪ ڏنائينس- ڇيڙيائينس.

(1045) (ڳالهه) ڪن وجهينس- ڌيان تي آڻينس، ٻڌائينس.

(1046) ڪن وزير- همراز A confidant. ”هوُ ڇوڪرو پيءُ جو ڪن وزير آهي“ (لڪائي ڳالهيون ڪريس).

(1047) (توکان) ڪن هڻي ٿو- (توکان) ڊڄي يا ٽهي ٿو.

(1048) ڪنڌ تي چڙهندو ٿو وڃي- گستاخ ٿيندو ٿو وڃي.

(1049) ڪنڌ ڪڍائڻ- ناڪار ڪرڻ. ” منهن موڙڻ“.

(1050) ڪنڌ کڻڻ- مانائتو ڏسڻ ۾ اچڻ، ٻين اڳيان پاڻ کي شرمندو نه سمجهڻ. ” قرض لاٿائين ته ڪنڌ کڻڻ جهڙو ٿيو“.

(1051) ڪنڌ کي وهاڻو ڏيئي ويٺو- (1) بيپرواه ٿي يا دلجائين ڪري ويٺو. (2) ڪم جو اونو نه ڪيائين.

(1052) ڪنڌ ۾ ڪلي اٿس- هٺيلو آهي ]ڪنڌ ۾ ڪلي ته ڪنڌ نمائڻ (نئڙت ڪرڻ) مشڪل[.

(1053) ڪنڌ يا منهن مٿي ٿيس- مان وڌيس.

(1054) ڪنڌ هيٺ ڪيائين- (1) لڄ ڪيائين- (2) شرمندو ٿيو.

(1055) (سڀني سان) ڪنڊا پوکيا اٿس- (سڀني سان) بڇڙيءَ طرح هليو آهي. ”ڪنهن سان رهائي ڪا نه اٿس“.

(1056) ڪنڊ ۾ رئڻ- ڳجهيءَ طرح يا لڪائي ڏک ڪرڻ. ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ رئي“.

(1057) ڪنگڻ ڪڍي ويٺو آهي- کٽو آهي، پئسا نٿو ڏئي.

(1058) ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ڇڏ- ڌيان ڏيئي ٻڌي ڇڏ.

(1059) ڪنو ڪڍينس- منجهه يا سماءُ لهينس.

(1060) ڪچي يا ڪچڙي ڪانڀ- ننڍڙا ٻار، اها آڪهه جنهن ۾ ننڍڙا هجن“، ويچارو ڪچڙي ڪانڀ ڇڏي ويو“.

(1061) ڪنو وٽي ڪيائون- سڱ ڏيئي سڱ ورتائون.

(1062) ڪنول ڦريو اٿس- چريو ٿيو آهي.

(1063) ڪني مڇي. نه وڪامڻ جهڙي يا نڪمي شيئين. ”ڪٻٽ آهي، ڪني مڇي ڪانهي جا نه وڪامندي“.

(1064) ڪڻ ڇڏي تهه ميڙڻ- تنت مال يا چڱي شيئين ڇڏي خسيس شيئين قبولڻ، بيهودي چونڊ ڪرڻ، ليلا هار وٺي چنيسر ڇڏيو سو گويا ڪڻ ڇڏي تهه ميڙيائين.

(1065) ڪڻو قرارو ٿيس- ڀاڳ وريس، نصيب کليس.

(1066) ڪڻي گهٽ ڪاسو ٿيو- ٿورو کٽو، ٿوري تان ڳالهه گٿي.

(1068) ڪوڏر هڻڻ- سخت پورهيو يا ڪشالو ڪرڻ. ” ڪهڙي ڪوڏر هنئين اٿس جو ٽنگون ٽيڙي پيو آهي“؟

(1068) ڪوڏيءَ ملهه ٿيس- بلڪل بيمانو ٿيو.

(1069) ڪوُڙ ڪڇن مان ڪڍڻ- سچو ٿيڻ. ”ماڻهو ڪوُڙ ڪڇن مان ڪڍن ته ڏيتي ليتيءَ جي رسم بند ٿئي“.

(1070) ڪوُڙي ڪنين ٻڌم- افواهي طرح يا هل ٻڌم.

(1071) (شيئين) ڪوسا ڪهر ڪري وڪڻيائين- بلڪل گهٽ اگهه ۾ وڪڻيائين” (ڪوهري هوڪا ڏيئي وڪڻن).

(1072) ڪوَ کائڻ- ڊڄڻ، ٽهڻ. ”هو توکان ڪؤ ٿو کائي“.

(1073) ڪئي يا ڪتي ڪن وڍيا- (سيکت ملڻ ڪري) وري ائين نه ڪيائين. ” چغلين هڻڻ ڪري هڪ ڀيرو مار کاڌائين ته وري ڪتي ڪن وڍيا“.

(1074) ڪياڙي کنهڻ- ويچار ۾ پوڻ، منجهي بيهڻ. ”پهريون ئي سوال پڇو مانس ته لڳو ڪياڙي کنهڻ“.

(1075) (ڪم ڪر ته خبر پويئي ته) ڪيتري ويهين سؤ آهي- (ڪم ڪر ته) حقيقت جي سڌ پويئي.

(1076) ڪيچ ٿيو- گهڻو ئي ٿيو. ” اٺ انب مليا ته ڪيچ ٿيو“.

(1077) (چورن جو) ڪيرو قائم آهي- پيڙه پڪي آهي. ڪنهن جي هڪالڻ يا ڪڍڻ جا نه آهن (شهر مان).

(1078) ڪي مينهاڻو ڪي ريجاڻو آيو- ڪجهه پئسو ڪٿان ته ڪجهه ڪٿان مليو (ڪي پنهنجو پگهار ڪي ٻئي هنڌان مليو). ]اکري معنيٰ ته پوک لائين ڪجهه مينهن جو پاڻي ۽ ڪجهه ريج جو(واهه يا درياهه جو) مليو[.

(1079) کاٽا کٽايائين- وڏيون رقمون کٽايائين. (جنجي پوُرائي ڪري نه سگهيو). کاٽو=وڏي کڏ (جا ڀرڻ مشڪل).

(1080) کاڄ وڌي اچو- کاڄ ٿانون ۾ وجهي اچو. ” ماني پائي اچو“.

(1081) کاروُ کٻر- جو ٻين کي کاري يا بگاڙي

(1082) کاکڙ کوُکڙ- ڦوڳ، ردي مال.Riffraff

(1083) کام کاڌو يا کام کاڻو- حاسد( جو دل ۾ حسد وچان سڙي).

(1084) (هوُ) کاڻيءَ مانيءَ تان کل نه لاهي- ڪنجوس آهي.

(1085) کٻو لنوائڻ- چڱو سوڻ ڳنڍڻ ” اڄ کٻو لنوائي آيو آهين جو سڀ سڻائي ٿي اٿيئي“. ]چون ته تتر کٻي پاسي لوين ته اهو سوڻ سٺو، تنهنڪري هئن به چون ته ”ڏائو تتر ٻولائي آيو آهي“.

(1086) کٿي سان مهٽيائين يا منهن کٿي سان مهٽيائين- پڇتايائين.

(1087) کٿي ۾ ٽنگ وڌائين- ڪپت يا بي ايماني ڪري پنهنجي نوڪري يا روزگار جو رستو وڃايائين (مزور جي کٿي ۾ ٽنگ هوندا ته اَن وغيره کڻڻ لائين ڪو نه ڏيندس).

(1088) کٽئي وارو- پئسا کٽندڙ، ڪمائيندڙ- ”پٽ وڻي کٽئي وارو ننهن وڻي لڌي واري“. (پهاڪو).

(1089) کڦڻکوس- ڪنجوس. ” چمچوس“. کڦڻ=ڪفن.

(1090) کچر کلو لاتو اٿس- گهڻو گوڙ ڪيو اٿس.

(1091) کڏون کڻڻ- ٻئي لائين نقصان جون واٽون ٺاهڻ. 764.

(1092) کڏهرو يا کڏن کوٽ- جهيڙا ڪرائيندڙ.

(1093) کري آسامي- اعتبار جوڳو ماڻهو. جو پئسا نه الي.

(1094) کريو کير آهي- کريل يا اڍنگيءَ هلت وارو آهي.

(1095) (ڪم مان) کڙ تيل ڪو نه نڪتو- فائدو ڪو نه نڪتو.

(1096) کڙهه لٿي اٿس- مرم يا لڄ ڪانهيس. کڙهه=دري، (وات جي دري لهي پيئي اٿس). ”ڏگهري لهڻ“.

(1097) ککر ۾ کڙو هنيائين- معاملو ڪرايائين (ڪنهن کي ڇيڙڻ سان). ]ککرين جي ماناري ۾ کڙو يعني ڀتر هنيائين[.

(1098) پنهنجيءَ کل ڀر پيو ڊڄي- گهڻو ڊڄڻو آهي.

(1099) کل مان دل ٿي- چرچي مان معاملو ٿيو.

(1100) کنڊ ٿو کائي- دل کي خوش ٿوڪري.

(1101) (ڪم مان) کنڊ ڦڪي آيو- ڪجهه نه ڪمائي آيو.

(1102) کگنهي ڳالهائين- سمجهه يا ويچار سان ڳالهائين.

(1103) کڻ پاءُ ڪرڻ- شيئين هڪڙي هنڌان کڻي ٻئي هنڌ رکڻ. ” ڳالهه جي کڻ پاءُ“ ڳالهه جو ورجاءُ.

(1104) کڻي ڏنو اٿس- اُچايو يا ستايو اٿس.

(1105) (زميندارن) کوڙيون وڌيون- اَن جون جدا جدا ڍڳيون ٺاهيائون-

(1106) کوڙيءَ کي گهمرو اٿن. سڀ هڪ جهڙا آهن.451

(1107) کوکر ٿيو ويٺو آهي- اختياري يا پئسو ڪونهيس.

(1108) کونگهرو ڦيهيائين- ذڪر ڪيائين (انهيءَ ڳالهه جو جنهن جو دل ۾ ساڙيا ڏک هوس). ”بخار ڪڍيائين“.

(1109) (ڪهڙي) کيپ کٽي آيو؟ - (ڪهڙي) سوڀ ڪري آيو؟

(1110) کير وهي ڀت ۾ پيس- ڀاڳ وريس، چڱو فائدو ٿيس.

(1111) کير پي ڏس- آزمودو لهي ڏس (ڪم جو).

(1112) کير کنڊ ٿيا- پرتا، ٺهي ويا. ”رت ٿي ويا“.

(1113) کير کير ۽ پاڻي پاڻي ٿيندو- سچ سچ ۽ ڪوڙ ڪوڙ ٿيندو. پورو نياءُ ٿيندو.

(1114) کير ۾ کنڊ وڌائين- (1)ميلاپ ڪرايائين.

(2) چڱي ڪم ۾ مدد ڪيائين.

(1115) کير ۾ موُري وڌائين- ٺهيل ڪم ۾ ڦيٽارو وڌائين.

(1116) گاموُن سچار- بلڪل سپتيو ”گامون“ نالو سچار جو.

(1117) (دل پيئي) گانئوُن مانئون ٿئي- ]اکري معني دل ويچار ۾ گم ٿي وڃي ٿي، گهوتا کائي ٿي[. لڏي ٿي، دل ۾ ڊپ ٿو ٿئي.

(1118) گپ جو ڪلو آهي- پر متڙيو آهي 781

(1119) گجي وڏي ڌار- دل وڏي ڪر، بي همت نه ٿيءُ.

(1120) گدڙ گپ ٿي- ٿورو مينهن وسيو. ] ايتري ٿوري گپ جا گدڙ جي پير کي لڳي ته سڪل زمين نظر اچي[.

(1121) بيماريءَ ۾ گڏهه ليٽ ٿي- ماڻهو ٿورو بيمار پئي وري جلد چڱا ڀلا ٿيا ٿي.( جئن گڏهه ليٽي وري جهٽ اُٿي).

(1122) (ڪنهن جو) گرهه اٽڪيل ڪو نه اٿم- (ڪنهن جو) ڪجهه کاڌو نه اٿم يا ٿورو نه کنيو اٿم.

(1123) گگ نه ڳاريائين- وات پاڻي نه ٿيس، دل نه سرڪيس.

(1124) گل ڇني منهن ۾ نه ڏجي- ڪنهن جو عيب ڪنهن کي روُبروُ چئي نه ٻڌائجي.

(1125) گل ڪرڻ- وسائڻ. ”بتي يا ڏئو گل ڪر“.

(1126) گل ڪرڻ يا نڪرڻ- خراب نتيجا نڪرڻ. ”اهو مقدمو گهڻا گل ڪندو“. مقدمي مان گل نڪتا.

(1127) گنديءَ مانيءَ چريو آهي- بنهه چريو آهي. ڪپڙي ۽ کاڌي مان ئي چريائي ظاهر).

(1128) گنگ ٿڙڪيو ڳالهايائين- چٽيءَ طرح ڳالهه نه ڪيائين.

(1129) گنگي گانئين آهي- بلڪل ماٺيڻو آهي.

(1130) گوڏن ڀر ٿيو آهي- سقيم حال وارو ٿيو آهي.

(1131) (خط) گوڏن هيٺ رکيائين- جواب نه ڏنائين.

(1132) گوروئي گنگا تي اٿس- حال ڪونهيس، چٽ آهي.

(1133) گوش گذار ڪرڻ- (1) ڌيان تي آڻڻ. (2) ڌيان نه ڏيڻ. ” ڪن پٺيان ڪرڻ“.

(1134) گوئين کڻي ويو- (ٻئي کان) سرس ٿيو، کٽي ويو.

(1135) گيگ ملايائين- مکر يا ڊؤل ڪيائين.

(1136) ڳاٽي ڀڳا خرچ- ڳرا خرچ (جي ڳاٽو يا ڪنڌ ڀڃن).

(1137) ڳاڙهي ماڻ سان مئي ڏنائين- پئسا موٽائي نه ڏنائين.

(1138) ڳالهه رکيائينس- چوڻ مڃيائينس.

(1139) ڳالهه ڳنڍ ٻڌي ڇڏ-ڳالهه سچي ڪري سمجهه.

(1140) ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پيو- ٿوريءَ ڳالهه مان معاملو ٿي پيو.

(1141) ڳالهيون پيون ڳائبيون- ڳالهين جو ذڪر پيو ٿيندو

(1142) ڳائي گيهه جهڙي- گانئين جي گيهه جهڙي، چوکي.

(1143) ”انهيءَ جي رقم ڳائي گيهه جهڙي آهي؛ الي نه ويندو“.

(1144) ڳاڻ ڳڻيا- پوراڳڻيل. ”ڳاڻ ڳڻيا ويهه لڏون ڏنائين“.

(1145) ڳڀو راري- ٻار واري، جنهن زال کي ٻار ٿڻن تي هجي.

(1146) ڳجهه ۾ ڳنڍيس- اهڙيءَ طرح ڪم ٿيس يا آبرو رهجي آيس جو ڪنهن کي پتو به نه پيو.

(1147) (نشي سببان بت کي) ڳجهو کاٽ لڳي ٿو- اهڙيءَ طرح نقصان پهچي ٿو جو پتو به نٿو پوي.

(1148) ڳچ ڳريس- بت جو ماس ڇڻيس، ڏاڍو ڏک ٿيس.

(1149) ڳچيءَ ڳاري پيس- نيزاري ڪيائينس.

(1150) ڳر يا ڳلي لاتائينس- ڀاڪر پاتائينس.

(1151) (ڳالهه) ڳڙ ٿي پيئي- کرجي پيئي، مونجهارو ٿيو.

(1152) (قصوئي) ڳڙ ڳڙ ڌاڻي ٿيو- کرجي يا منجهي پيو. شيون گڏجي مسجي وڃن ته چون مال ڳڙ ڳڙ ڌاڻي ٿيو.

(1153) ڳن ڏيڻ- (1) (چانورن کي ڳن ڏي- ڪيويءَ سان اُٿلاهه. (2) آءٌ پاڻيهي پيو ڳن ڏيندس- ڪم جي پورائي لائين پاڻيهي ڪشالو يا اُدم ڪندس. ” مٿا موُنا هڻندس“.]”ڳن“=اولوAn oar [.

(4115) ڳن مورڻ- ڳن يا اولو هلائي ٻيڙي هاڪارڻ.

(1155) (تو جهڙا) ڳنڍ ٻڌا پيا اٿس( تو جهڙن جي) پرواهه ڪانهيس.

(1156) ڳنڍ ڪوسي ڪري آيو- پئسا ڪمائي آيو.

(1157) ڳنڍ ڳنڍيل اٿن- هڪٻئي سان مائٽي يا لاڳاپو اٿن.

(1158) ڳنڍ ۾ ڪينهيس- پئسو ڪو نه اٿس.

(1159) ڳنڍ نٿو ڇوڙي- پئسو نٿو ڪڍي يا خرچي.

(1160) ڳنڍين ڳوڙهو متين موڙهو- پئسي وارو پر بيعقل.

(1161) ڳنر تي لت اچڻ- نه سهڻ جهڙي ڀيڙيا تڪليف اچڻ.

] ڪو آزاريندو ته چئبو ڳنر تي لت آئي[.

(1162) ڳڻي ڳوتي يا ڳڻي مئي ڳالهائين-ويچار سان ڳالهائين.

(1163) ڳؤرو ڳالهايائين- ڍرو يا آهستي ڳالهايائين.

(ناراضپي يا ڏک سبب).” ڳميو ڳالهايائين“ = ڍرو ڳالهايائين ڳم= سستي. (زڪام سبب به ڳؤرو ڳالهائبو).

(1164) (ڳالهين) ڳوڙها ڪيا-( ڳالهين) منجهايو، پريشان ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org