سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: -

صفحو :5

 (642) سخيءَ کان شوُم ڀلو جو ترت ڏئي جواب.

دل جو سخي ٿي انجام ڏجن ]جي نه پاڙي سگهجن[، تنهن کان بهتر ته شوُم ]موزيءَ[ وانگر جهٽ پٽ ناڪار ڪجي.

C.f. Bad excuses are worse than none.

(643) سرمو سڀ ڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.

سرمو ڪنهن جي اک ۾ سونهين ڪنهن جي ۾ نه سونهين. مراد ته ساڳي شيءِ ڏسي سڀ ڪو، پر ڪن کي سهڻي لڳي، ڪن کي نه.

(644) سڙي سڙي يا ٻري ٻري ڪنجهڻ لهي.

جنهن جو اندر پيو جلندو، سو ڪنهن وقت ٻه اکر واتان ڪڍندو.

C.f. When the heart is a- fire, some sparks will fly out of the mouth.

(645) سڪن گڏ آلا ٻرن.

لچن سان گڏ اشراف بدنام ٿين يا سيکت پائين.

C.f. Two dry sticks will kindle a green one.

(646) سڪو ٽڪر ساءَ جو چڱو ۽ چوکو، لعنت اُنهيءَ لپيءَ کي جنهن ۾ جيءَ جو جوکو.

لپيءَ جهڙو اُچو ۽ ڳرو طعام کائي، پنهنجي جند جوکي ۾ وجهجي ]بيمار ٿجي[، تنهن کان سڪل مانيءَ جو ٽڪر ] سادو کاڌو[ کائجي، جنهن مان سواد اچي ته اُهو وڌيڪ.

Better lose a supper than have hundred physicians.

(647) سکڻي ڪني گهڻو اُڀامي.

ڪني ]ديگڙي[ ۾ چانور ٿورا هوندا ته باهه جي زور تي پاڻي گهڻو ڦٿڪندو. ڪنهن ٽرڙي کي به ٿورو ناڻو هوندو ته گهڻو هٺ ڪندو.

(648) آهر جي وڏائي ڪني پاٽ تي آئي،294

]ڪنو ۽ پاٽ يعني خسيس ملڪيت تي مڙس جو هٺ[.

(649) اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻهن ليکي ملڪ جو والي.

(650) اندر اڳڙيون، ٻاهر پڳڙيون 222

(651) دم دال جو آڪرڙ پلاهه جي 185

(652) ديوان جو دم دمڙيءَ جي دال تي.

(653) گهر ۾ آٽا نهين، مان ڪو بولي پوُري پڪائو.

(654) لڀن لوڻ ڪڻا به نه، منهنجو نالو سون ٻائي.

(655) ماءُ مري رکي سڪي، ڌيءُ دا نالا ڏهي ] = ڏڌ[

(656) ملڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾!

]ملڪيت کجيءَ جو هڪ اڌ وڻ ۽ اهو باغ سمجهي اُتي ليٽي ٿو[

(657) هڏ پوراسڏ وڏا ]ناڻي جو زور نه، اڇلون وڏيون[

(658) هڙ سکڻي لوڏ گهڻي، آءُ ماريا، کٽل ڌڻي.

(659) هڙ ۾ هريرون گوڏ ۾ پتاشا، اندر اڳڙيون ٻاهر ٺاشا.

C.f. (1) Empty vessel thunders much.

(2) Great boast, little roast.

)660( سلو سو جو انگورين ڀلو.

ٻار اهو جو ننڍپڻ کان سلڇڻو، انگورجڻ = سلو ڪڍڻ، اُڀرڻ.

)661( سنجهو ڏنجهو.

سانجهيءَ جو وقت ڏکيو آهي. ڪم ۽ چڙهيءَ لاءِ صبح سولو.

An hour in the morning is worth two in the evening.

)662( سندرو ثابت ته منزل آسان.

چيلهه تي سندرو سالم هوندو، ته منزل تي  پهچڻ سولو ٿيندو. مراد ته ڪمر ڪشبي ته سولائيءَ سان مطلب پورا.

ڀيٽيو- (663) اُدم کي پر آهن ]اُدم سان منزل تي پهچبو[

 C.f Perseverance kills the game.

(664) سنسار مها ڄار.

دنيا هڪ وڏي ڄار جي مثل آهي، جئن موهه رکبو تئن ڦاسبو.

C.f. The world is a net; the more we stir in it, the more we are entangled.

(665) سنگ جو پرسنگ.

جهڙي سنگت ڪبي تهڙو لاڀ يا نتيجو ملندو.

ڀيٽيو- (666) تخم تاثير، صحبت اثر.

(667) جهڙو سنگ تهڙو رنگ.

(668) سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي.

(669) ڪارو وهي ڪمري وٽ، رنگ نه مٽائي ته عادت مٽائيئي مٽائي.

Tell me the company you keep, and I will tell you what you are.

 

)670( سنئون چوي، سو سوُر پرائي، کيڏ ڪري سو کٽي کائي.

اڄ زمانو اهڙو، جو ڪو سنئين سولي ڳالهه ڪري ته ٻين جو ناراضپو کڻي؛ پر جو حرفت سا هلي تنهن جو مان ٿئي.

ڀيٽيو- (671) ستي ٿي سيڏائي، لنڊي ٿي کائي.

]اشراف مانيءَ ٽڪر لائين واجهائين ۽ نالائقن لائين ڍءُ[.

C.f. Flattery sits in the parlour when plain dealing is kicked out of doors.

(672) سوال کان صرفو چڱو.

ٻين اڳيان هٿ ٽنگجي ]سوال ڪجي[ تنهن کان ڪفايت چڱي.

ڀيٽيو- (673) سوال ويچارو آهي.

Better spare to have thine own than ask others.

(674) سوُر پئي ساٽيءَ کي ڏنڀجي گڏهه!

ساٽي ]مڇيءَ وڪڻندڙ[ کي سور پئي ته کيس ڏنڀ ڏيارجي؛ سندس گڏهه ڪهڙو گناهه ڪيو جو اُن کي ڏنڀجي؟ هڪڙي جا ساڙڪو ٻئي مان ڪڍي ته ائين چون 43 ۽ 58

)675( سوڙ ساروُ پير ڊگهيرجي.

مراد ته هوند ساروُ هلجي ڏسو 161.

ڀيٽيو- (676) ڪڇي نه ڦاڙي، سو کاٻاري.

(677) قرضن جا ڪوٽ کڻي، چوٽ چاڙهيائين چلها، ڄاڃي ماڃي کائي هليا، اُتس آئي گلا.

]قرض کڻي مجلسون ڪبيون ته پاڻ کي گلارو ڪبو[.

ڏسو – ”وڻجين ٻير کائين ڊاکون“....

C.f.(1) Stretch your legs according to you coverlet.

(2) Cut you coat according to your cloth.

)679 (سوڙهي سياندريءَ وهنوار نه ڪجي.

سوڙهي سياندري يعني ويجهي مائٽي يا دوستيءَ ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي نه  هلائجي يا ڀائيواري نه ڪجي.

C.f. Curse on accounts with relations! (spain)

)680( سون پرکجي ڪسوٽيءَ، رپو پرکجي باهه.

ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ٻه اکر ڳالهائين

جئن سون ڪسوٽيءَ تي گهڻ سان ۽ روپ باهه ۾ وجهڻ سان پرکي سگهجي ٿو، تئن ماڻهوءَ جي لڇڻن جي سڌ تڏهن پوندي، جڏهن ٻه اکر ڳالهائيندو. ]گفتگو مان پڌرو[.

C.f.Spech is the picture of mind.

)681( سوَکي ڀائي سڀ ڪو، اَؤکيءَ تون آڌار!

سک ۾ سڀ ڪو سنگي، پر دک ۾، اي ڌڻي، رڳو تون آڌار!

(682) سڀ ڪو مطلب جو يار. 426.

In time of prosperity friends will be plenty,in time of adversity not one amongst twenty.

(683) سياري جي سوَڙ سڀ ڪو پاڻ ڏي سيڙي.

مراد ته سڀ ڪو پنهنجو مطلب يا سهنج ٿو ڳولي 50

C.f. Every miller draws water to his own mill.

(684) سيرو کاڌو پاتل ڦاٽي.

جنهن شيءِ مان ڪم لٿو ۽ پاتل وانگر  وري ڪم اچڻ جي نه هوندي، سا نه سانڍبي ]وڪڻبي يا ڦٽي ڪبي[. ” گشت جي نوڪري پوري ٿيس ته وهٽ وڪڻي ڇڏياءِ. سيرو ..ڦاٽي.

(685) شراڪت جي ديگ ڌڻي تپائي.

ڀائيواريءَ جي ديگ ڪو ڪو نه تپائيندو، جو هرڪو چوندو ته ٻيو ڀائيوار پاڻيهي تڪليف وٺي باهه ٻاريندو.

A pot that belongs to many is ill- stirred and worse boiled.

(686) شڪر ڪر صحيح ته توئي سان توهه ٿئي.

پوري پوري طرح يا دل جان سان شڪر ڪر، ته ڌڻيءَ جو توتي توهه ]رحم[  ٿيندو 628 ۽ 395.

C.f. Content is more than a kingdom.

(687) صبر جني جو سينڱ تير نه گسي تن جو.

جي صبر جي ڪمان ڌاريندا، تن جو ٻاڻ نه گسندو.]سدائين فتح[

ڀيٽيو-(688) صبر وڏو ٽول.

Patience is the best buckler against affronts.

(689) صرفو ڪرين ته پٽ هنڊائين.

ڪفايت گهرجيئي ته ريشم پائين ]جپاني رخت نه[. مطلب ته ٿورن پئسن ۾ اڻ جهالائو شيئين وٺجي، تنهن کان چار پئسا وڌيڪ ڏيئي اُچي ۽ جهالائو شيءِ وٺجي، ته اُن ۾ ڪفايت آهي.

C.f. The best is best cheap.

(690) صلاحين شينهن ٻجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.

”صلاح“ جي اصل معني چڱائي، ان جو ضد ”فساد“، جنهن جي اصل معني خرابي يا بگاڙو. مطلب ته نيڪ رستن ]مٺ محبت[ سان شينهن جهڙا زبردست به ٻڌي سگهبا، باقي ڪرهن يعني معاملي سان ڪم نه ٿيندو.

C.f Reason is a better soldier than rashness.

(691) ضامنگيري تاوڻ گيري.

ڪنهن جو ضامن پئبو ته تاوڻ ]چٽي[ پوندي.

ڀيٽيو-(692) ڪشيئي نه ڪمان، پريئي نه ضمان

]ڪمان ڇڪبي زهه ڇڄندي ته ماري رکندي. ضامن به نه پئجي[

He that surety for another is never sure himself.

(693) طمع سندو طس ڀريو ڀرجيُ ڪينڪي.

لالچ جو طس(طشت) مٽ يا چاڏو ڪڏهن نه ڀربو. مراد ته لالچي ماڻهوءَ جو ڍءُ ٿيڻ جو نه آهي.

(694) گهڻي ۾ گهڻو گهرجي.Much would have more.

Covetousness is always filling a bottom less vessel.

(695) ظلم قائم آهي. ڪندڙ قائم نه آهي

ظلم پيو هلندو، پر ظالم جلد مرندو جو پٽ پونديس 10.

(696) عشق انڌو آهي.

عشق سببان انڌ کنيو وڃي ]پوءِ ڳڻ ڳوت نه ڪبي[.

ڀيٽيو- (697) عشق نه ڄاڻي ذات نه ڪذات.

C.f. Love is blind.

)698 (عقل بنا آدمي آهي پسوُنءَ سمان.

عقل کان سواءِ ماڻهو مروُنءَ برابر.

(699) عقل بنا آدمي جئن جهنگ ۾ چري ڍور.

A man without reason, is a beast in season.

)700( عقل ري عذاب گهڻا پسنديءَ جندڙي.

اي جند  يا جان! عقل بنا گهڻا ڏک ڏسبا.

ڀيٽيو- (701)عقل بنا اوندهه.

Ignorance is the parent of many miseries.

 )702( عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ڪين ٿيلهيندو.

عمر سومرو حد ظلم ڪندو ته مارئي وٺندو؛ سڄي ٿر کي ڪين ڌڪي ڪڍندو. ڪو جوان مائٽن سان نه ٺهندو ته جوئين وٺي ڌار ٿيندو؛ مائٽن کي لڏائي ڪين ڪڍندو.

ڀيٽيو- (703) راڻي رسندي ته پنهنجو سهاڳ وٺندي،

ڪنهن جو ڀاڳ ڪين وٺندي.]سهاڳ = مڙس[

)704( غريب جي جوئين جڳ جي ڀاڄائي.

جو غريب يا لحاظ وارو هوندو، تنهن کي هر ڪو ڀاڀي ڄاڻي، هن کان ٿورو گهڻو ڪم وٺندو.

ڀيٽيو- (705) وهوُ ڍڳي تي مار.

C.f. All lay load on the willing horse.

(706) غيب جي گدو چئي خبر خاوند کي.

گدوُ نالو شاعر جو. ڳجهه جي خبر ڌڻي کي. 331.

(707) اَڱر ڄاڻن لهر ڄاڻي.

(708) قاضي ڄاڻي قيامت ڄاڻي.

(709) اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ الله کي. ]ڳڀ = گرڀ، پيٽ[

(710) وڏيون اکيون الکهه ]الله[ کي. ڏسو ڳڙ ڄاڻي...

(711) فقير جي  ڪاوڙ پاڻ تائين.

غريب ڪاوڙيو ته ٻئي کي ڇا ڪندو؟ جند سان وڙهندو.

(712) هنڊي اُڀامندي ته پنهنجا ڪنا کائيندي.

C.f. Anger punishes itself.

)713( قرض وڏو مرض آهي.

قرض کڻن سو هڪ وڏو مرض ]بيماري[ پرائڻ آهي.

(714) رڻي ۽ رائر جو سڏ جنهن کي هوئين،

من جي اُتي جوئين، وڃي تنهن کي وسري.

]قرض ۽ ڍل جي ڇڪتاڻ سببان جوءِ به وسري وڃي[.

C.f. While debt I owe, I sink in woe.

(715) قلندرن پٺيان گهڻيئي  ڪتا پيا ڀوَنڪن.

قلندر = فقير، مطلب ته  پرپٺ ڪا گلا ٿئي ته اها ڪتي جي ڀؤنڪار وانگر سمجهي، اُنهيءَ تي ڌيان نه ڏجي؛ ڀلي پيا بڪن.

(716) پرپٺ بادشاهن کي به پيون گاريون ملن.

The moon does not heed the barking of dogs.

(717) ڪاٺ کٽو واڍو ڇٽو.

ڪاٺ کٽو ته واڍو ڪم کان ڇٽو. ]ڪم تي نيت هجيس ها ته اڳواٽ چتائي ها[. جن کي ڪم کان ڇٽڻ لائين ڪو سبب ملي، تن لائين ائين چئبو.

(718) ڀلو سنئيان ميري مٽڪي ٽوُٽي،

مين دوڌ بيچن سين ڇوٽي.

]ڀينر، منهنجي ماٽي ڀڳي، مان کير وڪڻڻ کان ڇٽيس[.

(719) لوُلي ڇٽي ڪتڻ کان ( لولي = جنهن کي هٿ نه هجن).

(720) موليٰ مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان.

C.f. No more mortar no more brick; a cuning knave has a cunning trick.

)721( ڪاٺيءَ ڪٺيءَ لڇ.

ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان ڀاڳ يا لڇمي ]ڌن[ آهي. ”ڌيءُ ڄايس ته مختيارڪار ٿيو ۽ نهن آيس ته ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇ، ڪن جي ڄائي ڪن جي آئي“.

C.f. Every one hath his own planet.

)722( ڪانگ کي لڙ ۾ مزو.

ماڻهو لڙ يا گوڙ ۾ هوندا ته ڪانءُ وجهه وٺي، هڪ نه ٻي شيءِ کڻي ويندو. ” سومرن ۽ سمن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي، سوڍن راجپوتن وڃي ٿر ملڪ هٿ ڪيو. ڪانگ ... مزو“.

Two dogs strive for a bone, and a third runs away with it.

)723 (ڪانئر چکن موت ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾.

گيدي يا ڊڄڻو ٿوري گهڻي تڪليف ڏسي چوندو ته اجهو مئس. اهڙيءَ ريت هو جلد جلد موت جو ذائقو چکي ٿو.

Cowards die many times before their death.

 (724)ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ سنگٽ گهڻا.

ڪاڻيءَ کي گهوٽ ملڻ ڏکيو، ويتر وهانءَ ۾ وگهن يا اٽڪون گهڻيون. قسمت ڪاڻي ]نصيب کٿل[ سبب ڪم نه ٿئي، ۽ جي ٿيڻ تي اچي، ته هڪ نه ٻي اٽڪ پوي.

)725( ڪتو به کاڌو کک به نه ڀري.

کک، پيٽ جو پاسو. ڪو گلا جهڙو ڪم به ڪري ۽ مراد به حاصل نه ٿئي ته ائين چون. ڌڪار وچان هئن به چون ته:-

(726) ڪارو منهن ڪتي جو رٻ اوتري جي اوتري.

C.f. Cheating play never thrives.

(727) ڪتو ڪڙم جو ويري.

ڪتو پنهنجي ڪٽنب وارن جو دشمن. ڪتو ڪتي کي ڏسي ته ڏاڙهيس. ڪو پنهنجن مائٽن يا ذات ڀاين جي برخلاف ٿي بيهي ته ائين چون. 592.

(728) شير خان جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري.

(729) آنڊي ۾ ٽانڊو. ]آنڊو= اولاد، ساڳي ڏاڏي جو[

(730) پنهنجن سان وير، پروان سان ميڙ ] = ميلاپ، دل جو[

(731) جرنئيس، جيڏي نئيس، پنهنجي نه نئيس 394.

(732) ڏيهه چوي. ڏيراڻي نه چوي.

(733) سڱ ۾ ساڙو، رت ۾ باهه. ] پنهنجن سان ساڙ وير[

(734) ڪتو وهي، ته به پڇ لٽڪائي وهي.

ڪتو وهڻ مهل پڇ لٽڪائي ته مٽي اُڏامي ۽ اُهو هنڌ صفا ٿي پوي. مطلب ته ڪتي کي به ڇنڊ ڦوڪ يا صفائي وڻي. ” جائين ۾ ويٺا آهيو ته ٻهاري نه پارائي اٿؤ. ڪتو ... وهي“.

(735) ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري نه ٿئي.

پاندي، سٽ جي ويڙهي. عمر کٽي وڃي، دنيوي ڌنڌو نه کٽي.

(736) ڪچيءَ ڪنا نه وريا ته پڪيءَ ڇا ورندا.

مانيءَ يا مٽيءَ جي ٿانءَ جا ڪنارا ڪچيءَ ۾ ورائي سگهبا،پچڻ کان پوئين نه. ٻار سڌري ته ننڍپڻ ۾، وڏ پڻ ۾ نه.

(737) ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار، جئن موڙ تئن مڙي.

A young twig is easier twisted than an old tree.

(738) ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پري.

نصيب کٿل پوک ڪندو ته ڍڳو مرندس يا گهاٽو پوندس. قسمت ڍلي هوندي، ته جنهن ڪم ۾ هٿ وجهه تنهن ۾ نقصان.

(739) توڙي وڃي روُم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوُم، لکيو لوح قلم ۾. لوح قلم معني قسمت.

(740) جاڏي وڃي واگهوُ، تاڏي پاڻي تانگهو.

]واگهوءَ کي گهڻو پاڻي کپي، پر قسمت کوٽي ته جتي تتي تانگهو[

(741) ڇٺي مورن ونٺي، ٻانڀڻ ڪهڙو ڏوهه؟

(ڇٺي اصل جي ونڌيل (يعني قسمت اصل کان خراب).

He who is born in misfortunes, stumbles as he goes; and though he fall on his back, will fracture his nose.

(742) ڪسنگ کان اُهيئين ڀلي.

خراب سنگت کان ڪا به سنگت نه هجي ته اُهو چڱو.665

C.f. Better be alone than in a bad company.

(743) ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا ٽڪر کائي.

ڪتيءَ جو ملهه ڪسيرو ]مني پائي[ ۽ مانيءَ يا گوشت جا ٽڪر کائي ٽڪي جا. شيءِ خسيس ۽ مٿس خرچ گهڻو.

ڀيٽيو-

(744) اٺين آني پڳڙي رپيو ٻڌاڻي،

ڪري پئي کوهه ۾ ٻه رپيا ڪڍاڻي.

(745) ٽڪي ڪي مرغي، ڇهه ٽڪا محصول،

(746) چار پئسي ڪي چٽا ڀيٽي، پانچ پئسي ڪي ملم پٽي.

(747) وڏي ٻاگهي يا وڏي ڌيڻس؟ ]ٻاگهي، نالو[

C.f. The game is not worth the candle.

)748 (ڪماليت کي زواليت.

ڪا ڳالهه ]مثلاً ڏيتي ليتي[ چوٽ وڃي چڙهندي، ته نيٺ ڌڪو ايندس. زواليت = بربادي.

C.f. Every tide hath its ebb.

(749) ڪم پئي ڪل پئي.

ماڻهوءَ جي لڇڻن جي سڌ تڏهن پوندي جڏهن منجهس ڪم پوندو.

C.f. A friend is never known till needed.

(750) ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.

ڪم لٿي کان پوئين واڍو ] جنهن ڪم ڪيو سو[ وسريو.

]پئسا نه مليس[. ”اسان وٽ اچي رهيو، پر وڃڻ وقت موڪلايائين به ڪو نه. ڪم ... وسريو“.

(751) سيج ڪيائون سرهي، مٺا منڱڻهار.

]گهوٽ ڪنئار وڃي سکي ٿيا، مٺا دهلاري جن کي پائي نه ملي[

C.f. When the dinner is done the spoon is forgotten.

(752) ڪن ڪن سان ڪين ڌوپندو.

گار جي گار ڏبي يا بڇڙي سان بڇڙو ٿبو ته ائين ڪم نه ٺهندو.

C.f. Dirty water cannot wash clean.

(753) ڪنگري ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ!

ڪڪڙا ] ڪپهه جو ٻج[ اڃا ڪنگر ۾ پيا پسن، ]اُن کان پوئين وؤڻ پوکجن، ڦٽيون ٿين، ڪپہ ڪتجي، ڪپڙو اُڻجي[ ۽ هيءُ اڳيئي پيشگير پائڻ جون واڌايون ٿي ورائي! ڪو اڳ ڪٿيو ڪم ڪري يا اجايا پهه پچائي، ته ائين چون 69.

)754 (ڪني اَڳڙي ڪنڊ ۾ ڌوئجي.

بڇڙي ڳالهه جو نبيرو لوڪ کان لڪائي ڪن سن ۾ ڪجي.

(755) گهر جو ڪن، گهر ۾ مئجي ] گهر جو ڪن = گهرو معاملو[

C.f. Dirty linen should be washed at home.

)756( ڪني آڱر وڍي ڀلي.

جنهن ماڻهوءَ يا  ڪم مان خرابي، تنهن سان واسطو بنهه ڇنڻ چڱو.

(757) ڪنيءَ رن جا ٻار جئن ٿورا تئن چڱا.

C.f. Better a finger off than wagging.

(758) ڪني ڦرائجي، ٻني نه ڦرائجي.

سنگتي اچي کائين ته ائين ديگڙو ڀلي ڦرجي وڃي، پر روزگار جي جائين ]دڪان وغيره[ تان شيءِ کڻڻ نه ڏجين.

Keep thy shop, and thy shop will keep thee.

(759) ڪوڏي، حرام، بجڪو حلال.

وڏيون رقمون کائي وڃي، پر ٿوريءَ تي اشرافت ڏيکاري!

(760) ست ڪتا کائي، ٻلي حج چڙهي!

(761) سڄو ڳيهي، ڏند نه ڏئي.

(762) شروو حلال، ٻوٽيون مردار.

Strain at a gnat, and swallow a carme.

(763) ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ اُن ۾ پوي.

ڪوري کڏ کڻي انهيءَ دکڻ ]کڏ [ ۾ ڄنگهون وجهي، ويهي اُڻي. ٻئي جي خرابي لاءِ جو واٽ گهڙي، سو پاڻ خطا کائي.

(764) جو ٻئي جي کڏ کڻندو، سو پاڻ کڏ ۾ پوندو.

(765) فريدا، جو تيڏي کڏ کڻي، تو اُس دي راهه سنوار،

اوه آپي پؤسين کڏ وچ،تو لنگهين پؤسين پار.

Bloody and deceitful men dig their own graves.

(766) ڪوڙهيو ڪتو کنهڻ کان نه رهي.

بڇڙي عادت وارو بڇڙائي(معاملي وغيره) کان نه رهندو.

(767)ڪوڙي جي ڊوڙ کڏ تائين.

کڏ تي ڊوڙبو ۽ کڏ پورو ٿيندو ته منجهي بهي رهيو.ڪوڙي جي ڳالهه به گهڻي تائين نه هلندي، جنهن ڪري نيٺ ڦڪو ٿيندو.

ڀيٽيو - (768) ڪوڙ جي پاڙ ٺڪريءَ تي.

C.f. A lie has no legs.

(769) ڪي چانورن مان چنوڪن، ڪي چني مان چانور.

ڪي اُچي شيءِ رڌين ته بيسوادي ڪن ۽ ڪي رڌڻ جا اهڙا ملوڪ جو ساديءَ شيءِ کي سوادي ڪن.

(770) کيڌي کوهه به کٽي وڃن.

رڳو ڪڍي پيو کائبو ته ائين ناڻي سان ڀريل کوهه به خلاص.

C.f. Drop by Drop a lake is drained.

(771) کڏ، چي جيءُ سڏ.

کڏ ۾ ناڻو پوريل هوندو ته سڏئي سڏ ڏيندو] ڪم ايندو[.

C.f. Saving is getting.

(772) کنئَينءَ وٿ جو ملهه ڪونهي.

ڪا به شيءِ کڻي وڃي وڪڻبي، ته پورو پئَسو نه ڪندي.

(773) کنئين اگهي نه، ڳولي لڀي نه.

(774) رڍ سهانگي ٿئي، ته هرڪو پڇ کڻي پيو ڏسيس.

A house ready built never sells for so much as it cost.

(775) کوپريء کوپريء گت نياري.

مغز مغز جي چال نرالي. سڀ ڪنهن جي پنهنجي سمجهه.

C.f. So many men, so many minds.

(776) کوهه جي مٽي کوهه کي.

کوهه کوٽڻ ڪري جيڪا مٽي نڪري سا کوهه بلي( گاري وغيره)

۾ ڪم اچي. جنهن وٽان رقم ملي، تنهن بلي خرچ ٿي.

(777) کيتي سر سيتي.

کيتي ]يا ڪم [ ته پنهنجي سر سان، يعني پاڻ ڪجي. 313

(778) آپ ڪري سو ڪام.  ]ڪم اهو جو پاڻ ڪجي. [.

C.f. He that by the plough would thrive, himself must either hold or drive.

(779) کير جو کانيل جهڻ ڦوڪي پيئي.

کير جو ساڙيل جهڻ (لسي) کي به ڪوسو کير سمجهي، ڦوڪون ڏيئي ٺاري پوئين پيئَندو ته متان وري وات سڙي. هڪ واري گهاٽو پوندو ته وري اهڙي ڪم ۾ سنڀالي هٿ وجهبو.

(780) ڪتيء کي ڪنهن اُماڙي ڏني، ته تارا ڏسي ٿي ڊني.

]ڪتيءَ جي ليکي ته اُڀ جا تارا آهن اُماڙي جون چڻگون [.

C.f. A burnt child dreads the fire.

(781) گپ جو ڪلو جتي کوڙ تتي کپي.

پر متڙئي کي جنهن ڳالهه تي بيهاربو، تنهن تي بيهندو.

(782) گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿوُ کٽا.

گدڙ ڊاک تائين پهچي نه سگهيو ته ٿوڪاري چيائين ته کٽي آهي. شرم کي پرچائڻ لاءِ ڪنهن ڳالهه مان ويڪون ڪڍڻ.

C.f. Sour graps as the fox said. When he could not reach them.

(783) گدڙ به گدڙ جي ڪوڪ اُنائي.

هڪڙو گدڙ ڪوُڪ ڪري ته ٻيو اُها اونائي يا ورنائي، پاڻ به ڪوڪ ڪندو. مطلب ته مروُن به هڪٻئي کي سڏئي سڏ ڏين ]پر افسوس ماڻهن جي حال تي! [.

(784) ٻرڙي پوي نه ٻاجهه ، ڀر  ۾ ٿو ڀاءُ مري.

]ٻرڙا ذات جا مسلمان. اصطلاحي معني بيقياسي[.

(785) ڪوُ ڪاهوُ ڪو ناهين. ]ڪو ڪنهن جو ڪونهي[

(786) وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

]ڪوُنجن ۾ ماڻهن کان وڌيڪ محبت؛ سدائين گڏ گذارين[.

A fellow feeling makes one wondrous kind.

(787) گڏهه تي گلاب هاريندي حيف ٿيو.

بي قدر يا ڳڻچور تي گلاب هارڻ (نوازش ڪرڻ) حيف!

To do good to the ungrateful is to throw rose-water into the sea.

(788) گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.

سانوڻيءَ ۾ گاهه ٿين، پر گڏهه تي برسات جا ڇنڊا پون ته چرڻ ڇڏي، هينگون ڏيڻ لڳي. بيعقل فائدي وٺڻ جو وقت بڪ شڪ ۾ يا ٻي اجائي طرح وڃائين، ته ائين چئبو.

Opportunities neglected are lost.

(789) گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهي.

گڏهه ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو ته مار ڏيئي به چاڙهيندس. مطلب ته لچ موچڙن سان سڌو ٿيندو.

(790) سؤنٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.

(791) ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو.

(792)ڪهر ڪئن؟ چي ان سنوان، موچڙن سان ڪئن؟

چي جهولي ئي تنهنجي.

(793) کڻ کلو ته ٿئيئي ڀلو.

C.f. It is the raised stick that makes the dog obey.

(794) گذرئي کي ياد نه ڪجي.

جا ڳالهه ٿي گذري هجي تنهنجي  يادگيري ڪرڻ اجائي.

(795) اُٺي بهه چٺي( برسات پيئي، بهه چهي ويو. ڳالهه گذري)

(796) ويئي تٿ ٻانڀڻ به نه واچي.

(797) ڪني ماضي من ۾ ڪني استقبال،

حيف تني جي حال، جن وساريو حال کي.

(ڪي گذريل ته ڪي ايندڙ وقت جون ڳالهيون پيا ڳڻين؛ پر افسوس انهن جي حالت تي، جي هلندڙ وقت کي وسارين ٿا)

C.f. Let bygones be bygones.

(797) گگر گگر پنڊا اڙيا.

گگر گگر جي ماڳ، مرڳو ٽوڪرا اٽڪيايا ڦاٿا. ڪنهن پساريءَ جو گگر (جابلو کؤنئر) گهم سببان پنڊن  کي چنبڙي پيو ته ائين چيائين. ڪنهن کي اوڌر يا صلاح ڏجي ۽ هو هر گهڙيءَ اچي وڌيڪ پئسي يا صلاح لاءِ ستائي، ته ائين چون، هن مراد سان ته هن مان اچي ڦاٿو آهيان.

(799) گنجي جي مٿي ۾ جوُنءَ نه ليک

جو سڃو سر هوندو ( نه اولاد، نه ڌن) تنهن کي ڳڻتي نه هوندي.

He that has nothing, is frightended at nothing.

(800) گهپي ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.

ٺڪرن مان پاڻي سڪڻ معني سڃ ٿيڻ. مطلب ته ڏيتي ليتي يا  ٻئي ڳالهه تان جنهن گهر ۾ گهپي (ريڙهه پيڙ) هلندي سو گهر سائو نه ٿيندو. گهپي = گهه ۽ پيهه.

(801) ڳالهين سنديون ڳالهيون ٽڪي سندا موٺ.

ڪنهن سنگتيءَ کي ٽڪو ڏيئي چيو ته مون لائين موٺ (دال جو قسم) آڻج، ته هن کي آڻي ڏنائين. ٻي ڪي شيون چيس پر پئسا نه ڏنائينس، ته هن به شين نه آڻڻ لاءِ هڪ نه ٻيو بهانو ٻڌايس. مطلب ته ڪم ٿيندو پئسن سان.

Talk is but talk; but is money that buys land.

(802) ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.

ڳوٿريءَ ۾ ڳڙ بند ٿيل هوندو ته جنس جي خبر نه پوندي. اها ٿي ڳجهي ڳالهه. مطلب ته ڌڻيءَ جي ڳالهه ڌڻي ڄاڻي، يا دل جي خبر دل کي. ” اسان جي حال جي ٻين کي ڪهڙي سڌ. ڳڙ...

(803) گهر جو پير چلهه جو مارنگ.

مارنگ يعني چلهه جو ڀتر، جنهن تي ديگڙو بيهي. ڪو پير فقير گهر ۾ يا ويجهو هوندو ته هر هر ڏسڻ ڪري اُنهيءَ تي ويساهه اهڙو ڄمندو جهڙو مارنگ تي ڄمي يعني ڪين ڄمندو.

A prophet is not worshipped in his own land.

(804) گهڙيا سي چڙهيا.

دل ٻڌي ڪنهن ڪم ۾ گهڙي پئبو، ته وڃي پار پهچبو 584.

C.f. Bold resolution is the favourite of providence.

(805) گهڻ پيٽاري بگري کائي ويئيءَ جهار.

جا بگري (ٻنيءَ ٽڪر) گهڻن جي پيٽي (کاتي) يا پتيءَ حصي هوندي، سا جهار (پکي پکڻ) جو کاڄ ٿيندي، جو هر ڪو چوندو ته ٻيو ڀائيوار پاڻيهي ان جي سنڀال ڪندو.

Every body’s business is nobody’s business.

(806) گهڻن کنئين ڇپر کڄي.

گهڻا ڄڻا گڏجي کڻندا ته ڇپر يا ٽڪر (جبل) به کڄي سگهندو. وڏو خرچ يا ڪم گهڻن  تي ورڇي رکبو ته آسانيءَ سان ٿيندو.

(807) گهڻ کي سمر، هڪڙي کي ڀري (= بوَجو).

(808) پانچ سات کي لڪڙي، ايڪ جني ڪا بوج.

C.f. Many hands make light work.

(809) گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي.

هڪڙي ڪم ۾ گهڻن جو هٿ پوندو، ته ڪم پاڻ بگڙندو.

C.f. Too many cooks spoil the borth.

(810) گهوٽ ڪنئار راضي ته ڪيا ڪرينگا قاضي؟

ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ٺهي ويندا، ته پوءِ ٽياڪر ڇا ڪري سگهندو.

As a man is friend, so the law is ended.

(811) لکيا لهارن کي ٽپر تي ٽانڊا.

مطلب ڪم بختن کي سختيون ئي سهڻيون پون ٿيون.

The smith has always a spark in his throat.

 (812) لکيو پڙي، پر ڪڏهن نه ٽري.

 نصيب ۾ جئن لکيل هوندو تئن ٿيندو، گسندو نه.

(813) جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.

(814) قضا قضا نه ٿئي توڙي ڪو سدا رئي.

(815) تقدير اڳيان ڪهڙي تدبير.

(816) تقدير ڪي آگي تدبير ڪيا ڪري،

حاڪم جب خفا هو، وزير ڪيا ڪري.

(817) لکئي مان لک نڪو لاهي نڪو پائي.

(818) لکيو منجهه للاٽ قلم ڪياڙيءَ نه وهي.

C.f. No flying from fate.

(819) لوڀ ڇڏ ته سون مٺين سان ورهائين.

سون مٺين سان ورهائڻ يعني بيريائي ڪرڻ. مطلب ته جنهن پنهنجي لالچ ڇڏي، سو پورو انصاف ڪندو.

(820) ماريءَ جي گهر هڏن جو ڍير.

جو پکين ۽ مرن کي ماري کائيندو هوندو، تنهن جي گهر ۾ فقط هڏن جا ڍڳ هوندا. جو غريبن کي ڦري، پنهنجو پيٽ ڀريندو هوندو، سو ڪڏهن سائو نه ٿيندو.

(821) مان به راڻي تون به راڻي ڪير ڀريندو پاڻي؟

مطلب ته سڀ ڪو نواب ٿي وهندو ته ائين ڪم نه هلندو.

(822) آءٌ به رئس، تون به رئس، ته گڏهه ڪير هڪليندو؟

I stout and thou stout, who shall carry the dirt out?

(823) ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنجه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوئين بهار جي.

مطلب ته سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه آهن؛ چڱو مڙس ڪو ورلو.

(824) آدمي آدمي انتر، ڪوئي هيرا ڪوئي ڪنڪر (ماڻهوءَ ماڻهوءَ ۾ تفاوت، ڪو هيرو ته ڪو پهڻي يا پٿري).

There is some difference between peter and peter.

(825) مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺن.

مائٽ جي دل نرم، اولاد جي سخت ٿئي ٿي.

(826) ماءُ سا ماءُ ٻيو سڀ دنيا جو واءُ، ماسي نه ٿئي ماءُ توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.

ماسي يا ڪو ٻيو گهوريو قربان ويندو، ته به ماءُ نيٺ ماءُ.

(827) ڌوڙ ڀڪليو ماءُ پرين، ڌن ڀڪليو جوئين پرين، اڇي ڪپڙين سس پرين. ( ڀڪليو = ڀريل. پرين= پيارو).

(828) ماءُ بنا مانڙيون ڪوٺي ڪو نه ڏئي،

مکڻ ڀريا هٿڙا بيٺي اُوءِ لائي (مانڙيون = مانيون).

(829) ماءُ مرلي پيءُ تنبوُرو، پٽ وڄائڻ ۾ پوُرو.

ماءُ کي مرلي ۽ پيءُ کي تنبورو سمجهي، پٽ انهن جي وڄائڻ (ساک ڪرڻ) ۾ پورو آهي. ( پنهنجو افعال ڪونهيس).

”پدرما سلطان بود!“ (بابو منهنجو بادشاهه هو!)

C.f. What can the virtue of our ancestors profit us, if we do not imitate them.

(830) مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڳن ڇڏيو ساءُ،

اهڙو ڪو لڳو واءُ، جو پنهنجا به پراوا ٿيا.

ڪو گهڻن ڏينهن کان پوئين منهن ڏيکاري، ته ڏوراپي ڏيندي ائين چون، هن مراد سان ته اها اڳين محبت تو ۾ ڪانهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org