سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: -

صفحو :7

 (132) اِلهو ٻلهو ڪرڻ- جهڙو تهڙو يا مٿاڇري طرح ڪم ڪرڻ.

     ”نوڪر اچي ته الهو ٻلهو ڪري، سويلئي هليو وڃي“.

(133) امرت ويلو - پرهه ڦٽي، ڀيڄ ڀني، پويون صبح.

(134) اُميد واري آهي - پيٽ سان آهي.

(135) ان جل- قسمت. ڀيٽيو-داڻو پاڻي.

(136) اندر سڙندي کي اڳڙيون ٿو وجهي- دل جي درد لڪائڻ لاءِ ٻاهران سرهائي ٿو ڏيکاري.

(137) اندر ڪارو آهي- بڇڙي نيت وارو آهي. ڀيٽيو- اندر ۾ ڇريون اٿس.” اندر ڪاري کان منهن ڪارو چڱو“

(138) انڌو ٿيو آهي- ساڃهه ويئي اٿس. اصطلاح 97.

(139) انڌي ڪفايت- بيهودي يا ڪوڙي ڪفايت.

(140) انگ اَڙيو- مائٽي ٿي.” انگ اڙيو ڇوڪر کريو“.

(141) انگ ڀيٽ ته کپي-ڪپڙو ۽ کاڌو ته ضرور گهرجي.

(142) انگوُر-سلو، اصطلاحي معني نتيجو.

(143) اڻ رٿيون ٿو رٿي- ڪوڙي تهمت ٿو رکي.

ڀيٽيو- ”جا ڄائي نه هوندي، سا مرندي ڪٿان“؟

(144) اڻ گهڙيو ڪاٺ آهي- بلڪل بي آزمودگار يا مورک آهي.(ڪنهن گهڙي ٺاهي سوڌو نه ڪيو اٿس)

(145) اوٽي به پاڻ ته موکي به پاڻ- سوال به پاڻ ٿو پڇي ته جواب به پاڻ ٿو ڏئي.

(146) اوجهه ڏيڻ- مرڻ. ”ڦاڙهو جاتي کائي تاتي اوجهه ڏئي“

(147) اوڏو وڃڻ – ويجهو وڃڻ، ڪم آڻڻ. ”شراب کي ڪڏهين اوڏو نه وڃجي“.

(148) اوهيرا ڪري ٿو وسي- واءَ جي زور تي مينهن اُڇل سان ٿو پوي. اوهيرو  Driving: rain

(149) اُها ماس اُهو پياس- بلڪل ساڳيو. ”هيءُ به اهو ڪپڙو آهي، جو تو ورتو هو. اها ماس اهو پياس“.

(ماڻس پڻس يعني جوڙيندڙ ساڳيو اٿس).

(150) اهڙي جٺ ڪيائينس جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان يعني  ڏاڍي جٺ ڪيائينس. اشارو – ڪي هاري ناري پنهنجا ٻار ڪنهن ٻرڙي جي حوالي ڪري، پاڻ ٻنيءَ ڏي ويا. ٻارن هلاک ڪيس ته ٻرڙي اها جٺ ڪين جوگنديءَ ۾ کڻي بند ڪيائين.784

(151) اهڙي مار کاڌائين جهڙي اُٺ پتڻ تي کائي يعني ڏاڍي مار کاڌائين.(اٺ پٽڻ تي مار سان چڙهي).

(152) ائين ڀڳو جيئن کاري هيٺان ڪانءُ- تڪڙو ڀڳو.

(153) ايندو- آمدني، پيداش. ضد-ويندو= خرچ 469.

(154) بادشاهه گردي- ظلم، ڦرلٽ.” منهنجا پئسا نه ڏيندو سو ڪا بادشاهه گردي آهي ڪئَن “؟

(155) بازار-جتان ٻور ٻاري ملي.(اَبا = ٻور+ زار= جاءِ)

اصطلاحي معني ڌنڌو يا واپار، جنسن جا اگهه.

(156) بازار آڪري يا تيز آهي- اگهه وڌيل آهن.

(157) بازار ڪريل يا گهٽ آهي – اگهه لٿل آهن.

(158) واپار جي بازار گرم آهي- واپار چڱو ٿو هلي.

(159) بازار ماٺي يا موڳي آهي- واپار گهڻو نٿو هلي.

(160) باز اچڻ- (ڪنهن ڳالهه تان) مڙڻ.

(161) ڪهڙي باغ جي موري آهين؟ تون شيءِ ڪهڙي آهين؟ يعني ليکي نڪي چوکي آهين.

(162) بان ڀريائين- توبهه ڪيائين. (163) جا نو ڀريائين.

(164) گيسي ڪيائين.

(165) باهه ٿي ويو- باهه جو روپ (ڳاڙهو) ٿي ويو، گهڻو ڪاوڙيو.

(166) باهه ڏيانس- مون کي نه گهرجي] ڌڪار جو ڳالهاءُ [.

ڀيٽيو - (167) بٺ پوي. ] چلهي ۾ پوي [ (168) ٻن پوي] بن ۾ پوي [. (169) کڏ پوي. (170) کہ پوي] کوهه ۾ پوي [ (171) مچ ۾ هڻانس. (172) جهنم ۾ پوي ] جهنم= دوزخ [ (173) اوڙاهه جي تري ۾ پوي. (174) خير ٿو گهرجي ] مانائتو ڳالهاءُ [

(175) باهه لڳڻ- ڪاوڙ لڳڻ. توکي به ٿوري ڳالهه تان باهه لڳي، (2) مهانگو ٿيڻ. ” سڀ شيءِ کي باهه لڳي ويئي آهي؛ يا سڀڪا شي ٻري ويئي آهي“.

(176) بتانو ڪڍي وٺڻ – ڳجهي ڳالهه ڪڍي ظاهر ڪرڻ.

”توکان ڳالهيون لڪائي ٿو، پر آءٌ جيڪر بتانو به ڪڍي وٺانس“ ]بتانو يعني ڪپڙي ٽڪر، جو پڳڙي جي اندران هن لاءِ وجهن ته پڳڙي ڪجهه وڏي ڏسڻ ۾ اچي يا ڀت ۽ پاسا کڙا ٿي بيهن [ . 327.

(177) بت بنجي ويٺو آهي- ماٺ ڪري ويٺو آهي. ڪم نٿو ڪري. ] مٽي جي ماڻهوءَ وانگر چري پري نٿو [

(178) بٽئي ڪرڻ حصو يا پتي کڻڻ ] فصل مان [. ”پراون لڏن مان ٻه لڏون هن بٽئي ڪيا“.

(179) بربلا ٽڪا- حرام جا پئسا، ill-golten  money ”مون وٽ بربلا ٽڪا ڪينهن جو آءٌ اهڙا خرچ ڪريان“.

”پراڻي ڳوٿري بربلا ٽڪا“.]پهاڪو [ .

(180) برميچڻ-   برابري ڪرڻ. ڀيٽيو- ”ڪلهو هڻڻ“.

    قابليت ۾ هن سان ڪو به بريمچي نه سگهندو“.

(181) برهما پيونچي- سڃ لڳي پيئي آهي.

ڀيٽيو- (182) هتي ڪڪڙ پيا دس هڻن.(183) ڪنگ پيا رڙن. (184) ڀيٽيو- ” بازار مصطفي جي خريدار خدا!“ ] يعني سڃ لڳي پيئي آهي [.

(185) بريز بريز لائڻ- اجائي گهڻي تڪڙ ڪرڻ.]ڄڻ ته ڪا مصيبت پيئي اٿس [. اچين ته  بريز بريز لايو ڏين“.

(186) بزدل- (ٻڪريءَ جي دل جهڙو) ڊڄڻو، گيدي.

(187) بز نه بز جي بها- ”مون کان ڪتاب ورتائين پوئين نه بز .....بها“. نه ڪتاب نه اُن جا پئسا ڏنائين. الي ويو.

(188) بستري داخل ٿيڻ- بيمار پوڻ ”کٽ وٺي پوڻ“.

”هو مهني کن کان بستري داخل آهي“.

(189) بسڙ ۾ پير هنيائين- سڌي جواب ڏيڻ کان نٽايائين.

] بسڙ يعني جهجهي ڌڌڙ، جنهن ۾ پير اندر هليو وڃي[.

(190) بصر ڇلڻ- عيب يا ويڪون ڪڍڻ. (ٻين مان)

(191) بک ۾ پاهه ٿيڻ – بک سببان ڳرڻ يا ضعيف ٿيڻ.

”ڏڪار ۾ ٿري ماڻهو بک ۾ پيا پاهه ٿين“.

(192) بگلو ڀڳت- ٻاهران ساڌو، پر اندر اَٺوري.

(193) ازرق فقير 211. Hypocrite

(194) بل پيو کائي – ڦٿڪي يا لڇي پيو ]سور سببان[.

(195) بوتو بنائڻ- ڪوڙي ڳالهه ٺاهڻ، يٽ (زٽ) هڻڻ.

(196) بود آيو- سامت ۾ آيو، چڱو ڀلو ٿيو” (بيماريءَ مان)

(197) بود ڀريو آهي- خوشيءَ ۾ آيو آهي-

(198) بهار بهار ٿيڻ- ٽڙڻ، گهڻو خوش ٿيڻ. ”چمن جو چهچٽو ڏسي دل بهار بهار ٿئي ٿي“. (199)باغ باغ ٿيڻ. ” تنهنجي ڏٺي منهنجي دل باغ باغ ٿي آهي“.

(200) بيٺ ٻڌڻ- ڪنهن ڪم لائين اُدم يا ڪشالو ڪرڻ.

(201)- ڪمر ڪشڻ (202) سندرو ٻڌڻ.

(203) بيٺل ماڻهو – مرتبي يا عهدي وارو، وڏو ماڻهو.

]پينشن وارو ”ويٺل“ سڏجي ٿو[. ”بيٺل ته لک جو، ڪريو ته ڪک جو“. ]پهاڪو[

(204) بيٺي ٻني- بيٺلائي” ”بيٺي ٻنيءَ مان ٻه نياڻيون اُڪلايائين ۽ جائين به جوڙيائين“. ]نوڪريءَ يا عهدي ۾ هئڻ جي ڀيٽ فصل تيار ٿيل ٻنيءَ سان[.

(205) بيٺي پير ٿو اچان- بنا دير يا اجهو ٿو اچان.

(206) بينو چاڙهڻ- پيشانيءَ ۾ گهنڊ وجهڻ (ڪاوڙ يا روسامي سببان).  To knit the brow

ڀيٽيو (207) سونڊ پائڻ. (208) سڄي مڄي وهڻ.

(209) بيءَ ۾ رکڻ يا رهڻ- ڪا ڳالهه فيصل ڪرڻ ڌاران حال ڇڏي ڏيڻ. Hold in abeyance.

(210) ٻاٿون کائڻ- ساهه گهٽي زور ڏيڻ ۽ پوءِ معني ]اجائي[ ڪوشش ڪرڻ. ”نوڪريءَ لاءِ وتي ٻاٿون کائيندو يعني تڪليفون ڪندو (رلڻ ساب نٿو پويس)”

(211) ٻارڻ چاڙهڻ- (پنهنجي)ڪمائي ڪرڻ. اکري معني  پنهنجي باهه ٻاري پنهنجو ديگڙو  چاڙهڻ. ” مائٽن تي ڀاڙڻ  بدران پنهنجي ٻار چاڙهه“.

(213) ٻانڊ وجهڻ – اجايو وڃائڻ. ” هيتريون مانيون ٻانڊ وجهندس ڇا؟ ٿوريون ڏيو“. ]ٻانڊ= ندي، درياه[

(214) ٻاڦ نه ڪڍج- ڳالهه ظاهر نه ڪج.

(215) ٻارڻ ٻارڻ- معاملو پيدا ڪرڻ. هن چغلي هڻي ٻارڻ ٻاريو.

(216) ٻاڙو نه ٻولجي – کهرو يا اڻ وڻندڙ نه ڳالهائجي.

(217) ٻانڊ ٿو ٻهاري- ڇتو يا چريو ٿيو آهي. ]ٻانڊ= پورو بنڊ[

ڀيٽيو- (218) ڪک ڪپڙيون ٿو ميڙي.

(219) ڪل ٿرڪي اٿس.

(221) ٻانهن ٻيلي- همراهه يا مددگار

(220) ٻانهن لڳڻ- دم هڻڻ، وڏائي ڏيکارڻ. ” هن جي ته رڳو سڃ جي ٻانهن پيئي لڳي“. يعني اجايو هٺ ڪري ٿو.

(222) ٻانهون ڊگهيون اٿو – وڏيءَ پڄنديءَ وارا آهيو.

(223) ٻاڻ لڳڻ – سوڀارو ٿيڻ، مراد پوري ٿيڻ ”نوڪريءَ لائين ڪوشش ڪيائين، پر ٻاڻ ڪو نه لڳس“.

(424) ٻاهتريو آهي يا ٻاهتر ۾ آيو آهي- عقل کٿو اٿس.

(225) ٻاهريون ٻنو رکڻ- ٻاهريون مان يا ڊول (نمونو) رکڻ

(1) پئسو ڪونهيس ته به ٻاهريون ٻنو رکي پيو هلي.

(2) پاڻ ۾ ٺهيل ڪينهن ته به ٻاهريون ٻنون رکن پيا.

يعني ٻاهريون نمونو اهڙو اٿن، ڄڻ ته پاڻ ۾ ٺهيل آهن.

(226) ٻائي نڪا ٻٽي اٿس- ڇڙو ڇانڊ آهي.

(227) سڀني سان ٻٻر پوکيا اٿس- سڀني سان اڍنگو هليو آهي.

(228) ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري- نامراد ۾ ٿو اُميد رکي 85.

(229) ٻٻيون منجهڻ- مونجهاري ۾ پوڻ

To be at sixes and sevens.

(230) ٻٽ ٻڌڻ- اکين کان سوائين ٻيو سڄو منهن ۽ مٿو ڍڪڻ.

”ٻٽ ٻڌي هوائين، تنهن ڪري سڃاڻڻ ۾ نٿي آيو“.

(231) ٻٽڻ متي اٿس- ٻنهي طرفن کان فائدو ٿيو اٿس.

(232) ٻٽي ٻڪري به در تي ڪانهيس- کٽل آهي.

(233) ٻپهرو ڪرڻ- منجهند جو وقت گذارڻ.

(234) ٻڏل رقم تاري آيو- نه ملڻ واري رقم وصول ڪيائين.

(235) ٻڏڻ ويو آهي نڪري لڏڻ آيو  آهي ياد- شرم نٿو اچيس، پاڻ مرڪي.

(236) ٻڏي وڃڻ (شرم ۾)- شرمندو ٿيڻ.

(237) ٻرنديءَ کان پاسو ڪجي- پليگ يا ٻي ڪنهن آفت کان ڀڄي پاسو ڪجي. (ٻرندي = باهه) 174

(238) ٻري اچڻ – ڪا مصيبت يا الزام اچڻ. ”سرڪاري پئسا کاڌائين ته هاڻ ٻري آئي اٿس“.

(239) ٻري وڃڻ- تمام مهانگو ٿيڻ. ڏسو اصطلاح 175.

(240) ٻڙي ڏيڻ- وارڻ، رد ڪرڻ. ”رقم کي ٻڙي ڏيئي ڇڏ“.

(241) ٻڪر ٻوُساٽ- زبردستي، جنهن ڪري ڪڇڻ نه ملي.

”ڌاڙيل ٻڪر ٻوُساٽ ڪري. سڀ مال ڦري ويس“.

(242) تنهنجي ٻڪري کاڌيم- تنهنجو ڏوهي آهيان.

ڪاوڙيل کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ چون ته ”تنهنجي ٻڪري کاڌيم (خطا  ڪيم)، هاڻ معاف ڪر“.

(243) ٻه گهر ٻارڻ- ٻن ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائڻ.

(244) ٻن باهين ۾ آهيان- هڪ ڌر جي مرضي ٿو رکان ته ٻي ڌر رنج ٿي ٿئي. 408.

(245) ٻن ٻيڙين ۾ آهيان- ٻن خيالن ۾ آهيان. (مٿين جهڙو)

(246) ٻنڀو پٽيس- پٽ ڄائس.

(247) ٻنڀو پوريس- جيڪو اولاد هوس سو مري ويس (هاڻ اُهو ڪونهي، جو سندس جاءِ جو ٻنڀو پٽي وهي).

(248) ٻنجو ڏيڻ- بند ڪرڻ، روڪڻ (خرابيءَ وغيره کي).

(249) ٻنڌ ڀڄڻ. عام جام يا هر گهڙيءَ اچڻ- ”فقيرن  جي ٻنڌ ڀڄي پيئي آهي؛ هڪڙي کي بکيا ڏي ته ٻيو بيٺو ئي آهي“. (ٻنڌ=بند، پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ).

(250) ٻن سين ۾ سج- منجهند جي مهل، ڌرتتي، مڌيان.

(251) ٻنو ڀڄي ٻاري پيس- چڱو فائدو ٿيس، ڀاڳ وريس.

(252) ٻوٽو ٻارڻ- مڙسي يا همت ڪرڻ. ”سوجهرو ڪرڻ“.

(253) ٻول ۾ ٻڌل آهيان- قول ۾ قابو آهيان، انجام ڪيل اٿم.

(254) ٻئي اکيون برابر ڪرڻ- سڀني کي هڪ جهڙو سمجهڻ.

(255) ٻئي جهان ويس- ڪو به فائدو نه ٿيس.

(256) ٻيجاري ڏٺائين- انجام نه پاڙڻ ڪري تڪليف وڌائين.

(257) ٻيڙا ٻني لڳس- مراد پوري ٿيس، ڪم راس ٿيس.

(258) ٻيڙي ٻوڙڻ- ڪنهن کي وڏو نقصان يا خرابي پهچائڻ

(259) ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو لاٿائين – ٻيجاري ڏٺائين، دلاسو ڏيئي ڦري ويو (ٻيجاري= دغا).

(260) ٻيگهي مچڻ – چڱو وجهه ملڻ. ” ماستر ٿو ڪلاس ڇڏي ته ڇوڪرن جي ٻيگهي ٿي مچي“.

(261) ڀاڄيءَ واٽ – شيءِ شڪل ڏيڻ وٺڻ جو رستو.

”ههڙن ماڻهن سان ڀاڄيءَ واٽ رکڻ ئي نه گهرجي“.

(262) ڀاڳ ڀريو – سڀاڳو، سدورو، چڱي سڀاءِوارو.

(263) ڀاڱي ڀائي – حصيدار، پتيار، ڀائيوار.

(264) ڀال ڀلائڻ – (1) نيڪي ڪرڻ. (2) پرچاڻي ڪرڻ.

(265) ڀان ڀان ڪرڻ. سکڻو يا سڃو هئڻ، پورو آواز ڪرڻ.

(1) ماڻهو لڏي ويا ته سڄو پاڙو پيو ڀان ڀان ڪري.

(2) ضعف سببان مغز پيو ڀان ڀان يا ڌان ڌان ڪري.

(266) ڀانوا ڏور لڳو اٿس- ڀنڻ پيو اٿس، سک ڦٽو اٿس.

(267) ڀاڻي ۾ ڀنو  رهڻ- ڌڻيءَ جي رضا تي راضي رهڻ.

(268) ڀاءِپوڻ – طبيعت کي وڻڻ 871

(269) ڀت جو ٽنڊڻ آهي- غريب سڀاءَ جو آهي.

(270) ڀترين لڳڻ – گهڻا ٿيڻ، سستو ٿيڻ. ”انب هيل ڀترين لڳا آهن“. ايترا گهڻا جو ڀترن سان ملي سگهن ٿا يا ڀترن وانگر جام آهن.

(271) ڀت سان منهن لڳس – پشيمان يا شرمندو ٿيو.

(272) ڀت گهاٽو ٿيڻ – وڌيڪ فائدو ٿيڻ. ” منهنجو حصو به تون کڻ؛ ڀلي ته تنهنجو ڀت گهاٽو ٿئي“.

(273) ڀت ۾ ڪٻر وڌائين – ٺهيو ٺڪيو ڪم کاريائين: اجايو رڳڙو ڪيائين. ڀيٽيو- (274) کوهه ۾ کودو وڌائين.

(275) ڀتو ڀاڻ- سڙيل يا پراڻي شيءِ (276) سڙيو ساڙ.

(277) ڀتيءَ ڀر تي آهي – مرڻ کي ويجهو آهي.

(278) ڀڃ گهڙ – ڳڻ ڳوت، عقل (ڪئن ڀڃجي ۽ گهڙجي)

(279) ڀرجي اچڻ- پورو ٿيڻ. موڪل ڀرجي آئي، باقي ٻه ڏينهن.

(280) ڀريءَ ٻير هيٺ بک مرڻ- هوندي سوندي لنگهڻ ڪڍڻ

To strave in a cook-shop.

ڀيٽيو- (281) ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن“.

(282) ڀري لاهڻي اٿس – ڪم کي بار ٿو سمجهي، دل ڏيئي ڪم نٿو ڪري.

(283) ڀڳڙن وانگر ڀڄڻ- هڪ ٻئي پٺيان گهڻن جو مرڻ.

(284) ڀلي ڪري آئين! هليو وڃ. ”نوڪري نٿو ڪرين ته ڀلي ڪري آئين“.

(285) ڀن ڀرڻ- نقصان يا خرچ ڀري ڏيڻ.

(286) ڀنجر ڀرڻ- ويچار يا ڏک ٿيڻ، قياس پوڻ، (ڀنجر =پنبڻي)” سورتيءَ سوُر، اوريو اڻ سوريتيءَ سين،

هن جو ڀنجر نه ڀريو، هوءَ وڃي ٿي وهلور، ڪو جو پرايائين پوُر، اڳي کان به اڳرو“.

(287) ڀوُ ڏکڻا ٿيڻ- اجايو خرچ ٿيڻ. (رقم).

(288) ڀورو ڀاءُ ڪر- جا ڳالهه ڪرين پيو، سا بند رک.

(289) ڀورو ڀڳو- ڳجهارت يا ڳجهي ڳالهه سمجهه ۾ آئي.

(290) ڀوڳنا ڀوڳيائين- بيمار پيو، بيماريءَ جا ڏک ڏٺائين.

(291) ڀون ڀون ڪري وٺڻ- مکين وانگر ويڙهي وڃڻ، چيڙائڻ. ”اهو ڪم ڪندين ته سڀ ڪو ڀون ڀون ڪري وٺندئين“.

ڀيٽيو (292) کٿ ڪرڻ.

(293) ڀيڏي هڻڻ- تور ۾ ٺڳڻ (ڀيڏي=ڪرائيءَ جو ڪنڊو).

(294) ڀيرا ڪرڻ- پنڌ ڪرڻ، وري وري وڃڻ.

(295) ڀيرو ڀڃڻ- وارو گسائڻ- جو ماڻهو ڪنهن وٽ روز ڀيرو ڪندو (ويندو)هوندو، سو جي ڪنهن ڏينهن نه ويندو، ته چئبو ته هن ڀيرو ڀڳو (وارو گسايائين)

(296) تاب دڙڪو ڪرينس- ڌمڪائينس.

(297) تاب ۾ رکينس- ڊپ ۾ رکينس.

(298) تاڃي پيٽو پيو ڪڍي- اچ وڃ پيو ڪري، رلي ٿو.

ڀيٽيو (299) پنجا ستا پيو ڪڇي. (300) چرخ شماري پيو ڪري. (301)ڌرم جا ڌڪا کائڻ.

(302) تاڃيءَ پيٽي پٽ آهي- وڄ چڱو مڙس (چڱي زال) آهي.

(303) تار ڪرڻ- چوٽيءَ تائين ڀرڻ، ڍئي ڇڏڻ.

(304) (پاڻي) تاڙ ڏيئي يا تاڙ کائي ويو- کپي يا کٽي ويو.

(305) تال موُل گم ٿيس- وائڙو يا حيران ٿي ويو.

(306) تاهوُت لاتائين- تڪڙ يا تاڪيد ڪيائين.

(307) تاءُ اُڀرڻ يا اچڻ- ڪنهن جو گهڻو خيال ٿيڻ.

To feel strongly” ڀاءُ جو تاءُ ڇو نه اُڀرندس“.

(308) تبل ٿو هلائي- اختياري يا حڪم ٿو هلائي (ڄڻ ته اسين سندس زيردست آهيون).

(309) تتر ڏيکاري ڀتر ڏنائين- وڏا انجام ڪري پوءِ پوري طرح نه پاڙيائين. گهڻو باسي بلڪل ٿورو ڏنائين.

(310) نت وهندو- جهٽ پٽ – With speed.

(311) تتي تاءِس- ٺهه پهه، يڪدم.While the iron is hot

(312) تٿان پٿان پيو آهي- مرڻينگ پيو آهي، ڄاڻ ته مئو.

(313) تپائي ڏنو يا کنيون اٿس- گهڻو آزاريو يا ستايو اٿس.

(314) باهه ٻاري ڏني اٿس. (315) اُچايو اٿس.

(316) تپي ڳاڙهو يا لوهه ٿي ويو، تمام گهڻو ڪاوڙيو.

(317) تخت تي چڙهيو ويٺو آهي- تمام گهڻو سکي آهي.

(318) تڏو کڻايائينس- هڪالي ڪڍيائينس.

(319) تڏي تؤنريءَ تي- جتي زالون يا مرد اعزا پرسيءَ لاءِ وڃن.

(320) تڏي ويڙهه آهي يعني ايترا ماڻهو ٿا مرن جو فقط تڏي ۾ ويڙهي کڻجن ٿا (ڪفن يا ڪائيَ بنا).

(321) تر- موجودات. ” تر رکبو“ يعني ڪجهه موجودات رکبي-

(322) تر ڀاءُ لهه- خبر چار ڪڍ، سڌ سماءُ وٺ.

(323) تر جيترو- ٿورڙو تر جؤ=ذرو پرزو.

(324) ترجيح ڏيڻ- پٺڀرائي ڪرڻ، ٽيڪو ڏيڻ.

(325) ترڪتال جو ڪم ڪيائين- مٿاڇرو ڪم ڪيائين.

(326) ترڪ هنيائين يا هڻي ويو- (پڙهڻ ۾ ڪو ٽڪر) ڇڏي ويو.

(327) تر کان اڳي بر کائي ويندو- نفعي کان اڳي موڙي کائي ويندو (دغا باز يا کوٽي ماڻهوءَ لاءِ ائين چئبو).

(328) تروئي لڳي ويس- ساڳيو جهڙو (329) اندر جلي ويس (330) سڙي ويو. (331) ڪارو ٿي ويو.

To be utterly mortified or discomfited.

(332) تريءَ تي بهشت کپيس- ڪم جو پورائو ٺهه پهه کپيس.

ڀيٽيو- (333) ڏينهن پڪا ڏاڙهون ٿو گهري.

(334) تريءَ تيل نه لڳڻ- نه مڃڻ يا نه قبولڻ. ”مارئيءَ کي عمر سومري پرڻجڻ لاءِ ڏاڍا زور ڪيا، پر هوءَ چوي ته هن تريءَ تيل نه لڳي“ يعني ڪين پرڻبيس.

(335) تري کڙي- ٺهه پهه، جهٽ پٽ.

(336) ترين ڀر ٿيڻ- بلڪل سقيم حالت کي پهچڻ. ” جن گهرن جا اڍنگا خرچ، سي سگهو ئي ترين ڀر ٿيندا.“

(337) تڙ تانگهڻ- (1) ڦولهه يا جاچ ڪرڻ، ” ڌيءَ لائين گهڻئي تڙ تانگهيائين پر مائٽي اڃا ڪا نه ٿي آهي“.(2) آزمودو پرائڻ. ” هن جيڪي تڙ تانگهيا آهن، تن مان تو اڃا پاڻي نه پيتو آهي يعني جيترو آزمودو هن کي آهي تنهن جي توکي پتي به ڪانهي.

(338) تڙي ڏنائينس- ڌمڪايائينس

ڀيٽيو- (339) ڌمال ڪڍيائينس، ڌمڪي چاڙهيائينس.

(340) تلف تاراج ٿي ويو- ناس يا چٽ ٿي ويو (ملڪ وغيره)

(341) تل ڪيائين- لڪايائين- (پئسا وغيره)

(342) (ڪپڙو) تندون تارا ٿي ويو – کسي ڌاڳا، يا سڳا ٿي ويو.

(343) تن کي تسو- بدن کي سختي (اُڃ بک سهڻ جي).

ڀيٽيو- (344) جيءَ کي جفا (345) ڏيل کي ڏاکڙو.

(346) هن جي اها ئي تندري واري تار هلي اچي- ساڳي ڳالهه وري وري پيو ڪري.

 (347) ساڳيو سر پيو آلاپي.

Harping on the same subject.

(348) تڻ مڻ تپائي ڏنائين- بلڪل بيزار يا هلاک ڪيائين،

(349) تور تريو- ساهميءَ ۾ تريل، پورو وزن. ”هر هڪ قيديءَ کي تور تريو هڪ پاءُ اٽي جو ويلي تي ملي ٿو“.

(350) توڪل جو ترهو ٻڌڻ – ڌڻيءَ تي ڀاڙڻ، ڌڻي ۾ آسرو.

(351)  تير تڪلي تي- مٿاڇري طرح. ڏسو ”ترڪتال“ 325.

(352) تيل ترين مان ويو- جيڪو فائدو ٿيڻو هو سو اُتي ئي ويو

(353) تيليءَ مان ٿنڀ ڪرڻ- ٿوريءَ ڳالهه جو وڏو وڌاءُ ڪرڻ ڀيٽيو- (354) نوڙيءَ مان نانگ ڪرڻ ۽ ڏسو ”آنڙيءَ مان ڪانڙي“.

To make mountain of a mole-hill

(355) (جهاز) تيليون تيليون يا تيليون تاڪ ٿيو- پرزا پرزا ٿيو.

(356) تين ۾ نه تيرهن ۾- ڪنهن به ليکي يا شمار ۾ نه.

”اهو تين ۾ نه تيرهن ۾، انهيءَ کي پڇي ڪير ٿو“؟

(357) ٿالهيون لاهڻ- نيات مان ڪڍڻ. Excommunicate

(358) ٿان سڌ ڪرڻ- خيرات ڪرڻ، ٻين کي مفت کارائڻ ”هو پرائي مال تي ٿانءُ سڌ ڪرڻ ويٺو آهي“.

(359) ٿانءُ پائڻ- ٽڪاءُ يا جٽاءُ ڪرڻ. ” هيءُ نوڪر ڪٿي به ٿانءُ نه پائيندو“.

(360) ٿڌا ڪپڙا- سوٽي ڪپڙا ( جي بت کي ٿڌا لڳن).

(361) ٿڌ ۾ ئي- (1) صبوح جي ٿڌي پهر ۾ ئي. ”ٿڌ ۾ ئي ڪم لاهي اچ“ (2)سويلئي ”ٿڌ ۾ ڪو علاج ڪر“.

(362) ٿڌو ٿيو- ٺريو، ڪاوڙ گهٽيس.

(363) ٿڌو ٺڪر- بي همت، ليلهڙ ”تو جهڙو نر مڙس ڪئن ٿڌو ٺڪر ٿي ويٺو آهي“؟

(364) ٿڌو ساهه کڻڻ- ڏک يا ارمان مان ساهه کڻڻ.

(365) ٿڌو ڪرڻ- وسائڻ ”ڏئو ٿڌو ڪر“

(366) ٿڌو مانجهاندو ڪرڻ- جو ڪم ڪرڻو هجي تنهنجو سعيو نه ڪرڻ، آلسي يا سست ٿي وهڻ ” اِتي ٿڌو مانجهاندو ڪري ويٺا آهيو؛ ڪم تي نه چڙهندا ڇا؟

(367) ٿڌي ڪوسي- گرمي سردي، سک دک، مشڪلات. ”مڙس اُهو جو ٿڌي ڪوسي صبر سان سهي“

(368) ٿڌيون ڪوسيون ڏيڻ- چٽ به ڪرڻ ۽ دڙڪو به ڏيڻ، سڀ اپاءَ ڪم آڻڻ ” گهڻئي ٿڌيون ڪوسيون ڏنيون مانس پر ڪين سچي ڪيائين“.

(369) ٿڏي تي (جهليائونس) – اُتي جو اُتي.

(370) ٿڪ ڦٽي ڪري نه چٽجي- انجام ڪري ڦري نه وڃجي.

(371) ٿورڙو ٿانءُ- جو ڳالهه دل ۾ نه سانڍي، ٽرڙو.

ڀيٽيو (372) هلڪو؛ (373) هلڪ هورو.

(374) ٿورو لائڻ=ڀلائي ڪرڻ- ٿڌو ٿورو ڪرڻ ڪنهن مطلب لائين ڪنهن سان ڀلائي ڪرڻ

(375) ٿيڙ ڏيڻ- کارڻ ڏسو- ”پير هيٺان ٺڪري ڏيڻ“.

(376) ٽارو ٿيڻ- سڪڻ، سخت ٿيڻ ”ڪم ڪري ڪري ٻانهون ٽارو ٿي ويون آهن“.

(377) ٽاڪلا گهڙڻ- اجايا ڪم ڪرڻ ” ڪرت ڪار نه ڪندو ته گهر ۾ ويهي ٽاڪلا گهڙيندو ڇا“؟ (ٽاڪلو=تيزي).

(378) ٽامڻي هڻڻ يا ٿيڻ- منهن ڳاڙهو ٿيڻ. (ٽامي جهڙو)

ڪاوڙ يا اُس لڳڻ سببان To be sunburnt.

(379) ٽان ٽان مچائڻ- بڪ ڪرڻ ”ٻارن ٽان ٽان مچائي آهي“

(380) ٽانڊيءَ تپڻو آهي-جهٽ چڙي پوندو آهي.

(381) ٽانڊي ۾ آهوتي وجهڻ- معاملو وڌائڻ.

(382) ٽٻ پڙهڻ- اجائي يا ڪوڙي ڳالهه ڪرڻ ” هن ويٺي ويٺي ٽٻ پڙهيو ته پنج ڏينهن نل بند ٿيندا“.

(383) ٽٻر ۾ ٽاڻو- ٽيڏو ماڻهو. Squint-eyed

(384) (1) ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ٽٻي = ويچار.

(2) صبح ويو سانجهي آيو، هڪڙيائي ٽٻي = گهت.

(385) ٽٻيون ڏيئي- گهوتا کائي، سختيون سهي، جئن تئن ڪري. ” ٽٻيون ڏيئي مس مس قرض لاٿائين“.

(386) ٽپ ٽپ تي- ٿوري ٿوري پنڌ کان پوءِ، جلد جلد.

(387) ٽپڙ ٻڌائڻ يا ڪلهي تي کڻائڻ- لڏائي يا هڪالي ڪڍڻ ”عملدار سان اڍنگو هلندو ته اُتي ئي ٽپڙ ٻڌائيندس.

(388) ٽپڙ ٽيشن تي- رقم چٽ. ” سٽا هڻندو ته ٽپڙ ٽيشن تي“.

(389) ٽپڙ ڪونهيس- (1) وسعت يا پئسو ڪونهيس.

(2) افعال يا لڇڻ ڪونهيس.

(390) ٽڪر ڪري گيهه ۾ پيس- مفت ۾ فائدو ٿيس.

(391) ٽڪ مان ور لٿس- سيکت کائي سڌو ٿيو.

(392) ٽڪو ڏيئي ٽانڊو کڻائڻ- (اجائي) وڏ ماڻهپي ڪرڻ.

(393) ٽڳا ٽوڙڻ- واسطا ڇنڻ، لاڳاپو نه رکڻ.

(394) ٽنڊ تي ٽوپي رکڻ- وڏائي ڏيکارڻ، هٺ ڪرڻ.

(395) ٽنگ ڀرڻ- کوٽ جو پورائو ڪرڻ. ڏسو”ڀن ڀرڻ“.

(396) (رقم) ۾ ٽنگ پيو- کٽي، کوٽ ٿي.

(397) ٽنگ کڻي بيهڻ- (1) کٽڻ. رقم ٽنگ کڻي بيٺي يعني کٽي پيئي. (2) منڊو ٿيڻ. وهٽ ٽنگ کڻي بيٺو.

(398) ٽڻ ڊاهڻ- رٿ ڦيرائڻ، خيال لاهڻ.

(399) ٽڻ ڀڃڻ يا گسائڻ- وجهه وڃائڻ.

 (400) ٽوپو-(سيبو)- هلت، ”درويش جا ٽوپائي پنهنجا“

(401) ٽولا ڪا کائڻ، تڪليفون سهڻ، رلڻ، ”نوڪري لاءِ گهڻئي ٽولاڪا کاڌائين، پر ڪانه مليس.“

(402) ٽي داڻيون وڌائين-سوڀارو نه ٿيو.

(403) ٽيهئي ٽويا ڇڏيم- سڀ واسطا ڇڏيم.

(404) ٽيئونءَ ماءُ پنجوءَ وارو حساب- لڳئي جو حساب.

اشارو - هڪ واڻيو ان وغيره وڪڻندڙ هو ته زال کي چوندو هو ته”ٽيئونءَ ماءُ، سير کڻي ڏيم.“ تنهنجي معنيٰ ته سير اهڙو ڏيم جنهنجي تور ٽي پاءَ هجي.

اَن خريد ڪرڻ مهل”پنجوءَ ماءُ“ ڪري سڏ ڪندو هوس ته هوءَ پنج پائو سير ڏيندي هيس.ائين تور ۾ ٺڳيون ڪندو هو.

(405) ٺاٺارڪي ٻلي آهي- نٺر آهي، ڌڪ بجي تي هريل آهي.(ٻلي اڳيان ٺڪاءُ ڪبو ته ڀڄندي، پر ٺاٺارن جي ٻلي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ تي هريل ، سا نه ڀڄندي)

(406) ٺاٺ وڃي ٺڪر آيو- چڱو ماڻهو ويو ۽ خراب مليو.

(407) ٺالهي ٻڌا ٽڪا ڪمائيان- جهجهو ناڻو ڪمايائين.

(408) ٺپ ٺريس- راضي يا خوش ٿيو. (ٺپ=ڦٽ).

(409) ٺپي سنئون ڪرڻ- ڏسو ٽڪ مان ورلاهڻ“.

(410) ٺڪاءُ ڪرڻ- پهچڻ. ”ڳوٺ وڃي ٺڪاءُ ڪيوسين“.

(411) ٺڪر ڀڄڻ- ڪلنڪ اچڻ، ڏوهه پوڻ.172

(412) ٺڪي ٺوڪي- جاچي جوچي، ٻولائي ٻولائي.

(413) ٺڪرين تي نچائڻ- تعدي يا جٺ ڪرڻ.

”اشراف کي آدر ڏجي، پر لچ کي ٺڪرين تي نچائجي“

(ٺڪرين تي نچڻ ڪري پير ڦٽبا، تنهن ڪري اها معني.)

(414) ٺوڪر کاڌائين- نقصان پيس، خرابي پهتيس.

(415) ٺهه ٺپ يا ٺهه پهه- جهٽ پٽ، ترت.

(416) ٺينگيمڙدي- فڪل يا بي پرواهيءَ سان. ”هو ٺينگيمڙدي پيو گهمي، ڪنهن جي ڪاڻ ڪانهيس“.

(417) پاٽ پاڻيءَ ۾ نه ٻڏ- ٿوري ڪم ۾ نه منجهه

(418) پاٽوڙا کوڙي کائڻ لڳو- گهڻي کائڻ لاءِ ٺهي ٺڪي سنڀري ويٺو. (پاٽوڙا کوڙڻ= پلٿي مارڻ).

(419) پاپڙ ٿو ويلي- خسيس ڪم ٿو ڪري، جن مان گهڻو فائدو يا ڍءُ نه ٿئي.

(420) پار پوڻ- لنگهڻ (ڪنهن ڏکئي ڪم يا بيماري مان).

(421) پاڙون پٽي ڪڍڻ- بنياد ڪڍڻ. ”اهڙين پنگتي خرابين جون پاڙون پٽي ڪڍڻ گهرجن“.

(422) پاسا ٿو ڪوئي- ڀڄڻ جا سعيا ٿو ڪري

(423) پاسو کوڙڻ - (4) مرڻ. ”پڻس پاسو کوڙيو ته هن سڀ ملڪيت لٽي پوري ڪئي. (2) کٽڻ- ”سٽا هنيائين ته سگهوئي پاسو کوڙيائين“.

(424) پاسو وٺڻ- طرفداري ڪرڻ، ڪنهن جي فائدي ۾ ڳالهائڻ. ”سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ تون هن جو پاسو ٿو وٺين“.

(425) پاڪوڙا پاتائين- حيلا اپاءَ ڪيائين، پاڻ پتوڙيائين.

(426) پاند اڙائڻ- (پلوَ اٽڪائڻ) وهنوار يا واسطو رکڻ.

(427) پاند پاتائين- (ڳچي ۾ ڪپڙو پائي) نيزاري ڪيائين.

(428) پاند ۾ پائڻ- (جهولي ۾ جهلڻ) حاصل ڪرڻ.

(429) پاڻ ڀرو- (1) جو پنهنجي مدد پاڻ ڪري (2) جو پاڻيهي هلي چلي (بيماريءَ مان اُٿڻ کان پوئين).

(430) پاڻ ڀلايائين- پنهنجا لائق يا نيڪي ڪيائين.

(431) پاڻ پتوريائين يا ولوڙيائين- پاڻ کي گهڻي تڪليف ڏنائين

(432) پاڻ بچائڻ- من مارڻ. پاڻ کي سختيون ڏيڻ ”ههڙي زبردست  عملدار سان پاڻ بچائي هلڻو آهي“.

(433) پاڻ ڪڍائي ويو- پنهنجي جند ڇڏائي ويو.

(434) (کاڌو) پاڻ ڪڍي ويو- سواد ڇڏيائين، بيسوادي ٿيو.

(435) پاڻ کنيون اٿس- پاڻ ڀرو ٿيو آهي، زور ورتو اٿس.

(436) پاڻ ڳڻائڻ-نالو ڪرڻ. ”هو وهانءَ ۾ آيو، پر مدد ڪا نه ڪيائين. رڳو پاڻ ڳڻائي ويو“

(437) پاڻ مارڻ- آپو يا خودي (اهنڪار) ڇڏڻ.

(438) پاڻ ۾ پيئي يا لڳي اٿن- پاڻ ۾ وڙهيا آهن.

(439) منهن ۾ پاڻي آيس- سرهو يا خوش ٿيو.

(440) پاڻي پيو ٻري- ظلم لڳو پيو آهي.

(441) انجام کي پاڻي ڏي- انجام پاڙيا پورو ڪر.

(442) هن جا پاڻي ڪنهن جي تانگهڻ جا نه آهن- لحاظ يا نيڪي ۾ هن جو مٽ ڪونهي.

(443) پاڻي تي ليڪو-بي بقا، يڪدم ڦرڻ جهڙو.”هن جون ڳالهيون آهن پاڻيءَ تي ليڪو“ يعني نه بيهنديون.

(444) پٿر تي ليڪو- بقاءَ وارو، قائم رهڻ جهڙو.

(445) پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ اڳواٽ اجايا خيال ڪرڻ.

”آب نديده موزه کشيده“ 29.

(446) پاڻي کان ڪڍيائينس- چريو ڪيائينس.

(447) پاڻي مان نڪري ويو آهي- هوش ويو اٿس.

(448) پاڻي وراءُ ٿج- ڳالهائڻ ۾ واهر ڪج، پٺڀرائي ڪج.

(449) پاڻيءَ ورائڻ وارو- مدد ڪرڻ يا رٿ کي زور وٺائڻ وارو.”تنهنجي پاران ميونسپالٽيءَ ۾ ڪو پاڻي ورائڻ وارو ڪونهي“.

(450) پاڻي ولوڙڻ- بي مطلب ڳالهائڻ، اجائي ڪوشش ڪرڻ.

(451) پاهه ٿيڻ (بک ۾)- ڳرڻ، ماندو ٿيڻ

(452) پائو ٿي پوڻ- زور ڪري ٻئي تي بار ٿيڻ ” ڀاءُ تي پائو ٿي پيو آهي، پنهنجي نٿو ٻاري چاڙهي“.

(453) پاءُ ٽڪي جهڙي آسامي- بلڪل سپتيو ماڻهو.

(454) پائڻ لڳڻ- ٻوڙڻ شروع ڪرڻ، ٻوڙڻ (درياه)

(455) پائي کنيون اٿس. اُچايو يا آزاريو اٿس.

(456) پت ڏوپي ويس- آبرو بنهه ويس. اصطلاح 4.

(457) (منهنجي) پت رک- لڄ يا آبرو بچائين.

(458) چرين جي پت وڃائي اٿس- وڏو چريو يا بيوقوف آهي.

(459) پت ويچارڻ- عيب ياويڪون ڪڍڻ.

(460) پتڪون ڪڍيائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.

(461) پتليون پڙهائڻ- (ڳالهين) ۾ لڳڻ، ڀنڀلائڻ. ”اهي پتليون ٻين کي پڙهاءِ؛ آءٌ تنهنجو به گرو آهيان“.يعني اهڙيون حرفتون آءٌ پاڻ توکي سيکاريان

(462) پتو ڌار- همٿ جهل.(پتو= دل)

(463) پتو مارڻ- ڪاوڙ روڪڻ، من مارڻ 574.

(463) پتيجائو پائڻ- (خراب) نتيجو ڏسڻ 6.

(465) پٿر- جو پٿيرجي يا وڇائجي، فراسي، ٽپڙ وغيره. اهو هنڌ جتي موت ٿيڻ ڪري ماڻهو اعزا پرسي لائين اچن. ” پرائي پٿر پٽي سڀڪا پنهنجا“

(466) پٿر کان پري آهي- تمام سخت آهي.

(467) پٽ پٽيهر- ريشمي وڳا، اُچا ڪپڙا.

(468) پٽ پوڻ- (1) (ماءُ جي پيٽ مان نڪري) پٽ تي پوڻ، ڄمڻ.”سسئي جئن پٽ پيئي تئن درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائونس (2) گهڻو گهٽجڻ- اگهه وڃي پٽ پيا.

(469) پٽ نه پوي- ترت وڪامجي وڃي. ”بازار ۾ ههڙي سٺي شي اچي جيڪر پٽ نه پوي“.

(470) (پاڻي) پتا ڏيئي ويو آهي- گهڻو لهي ويو آهي.

(471) (پئسن جي) پٽي سٽي پورائي ڪر- ڪجهه ڪنهن کان ڪجهه ڪنهن کان وٺي پورائي ڪر.

(472) پٺ- پٺي، پٺيون پاسو، زور، مدد.

(473) پٺڀرائي ڪيائين- مدد ڪيائين، شامل ٿيو.

(474) پٺ ڀرڻ- ڌڻي پٺ ڀريندئين (1) اولاد ڏيندئين.(2)

همراه ٿيندئين. هنڊي وغيره جي پٺ ڀرڻ معني پٺيان صحيح پائڻ. To endorse.

(475) پٺتي پوڻ- ڪوتاهي ڪرڻ، گهٽجڻ يا واڌارو نه ڪرڻ.

(1) مهمان نوازي ۾ پٺتي نه پوندو. (2) ديسي هنر پٺتي پئجي ويا آهن.

(476) پٺ پڌري ٿيس- پٽ ڄائس( جو نالو قائم رکندس).

(477) پٺ ڏيڻ- (1) وڃڻ” تو پٺ ڏني ته نوڪر ڀڄي ويو“.

(478) پٺ ورائي ڏسڻ- (1) پنهنجا اڳيان عيب جاچڻ 331.

ٻين مان ٿو ويڪون ڪڍين، پنهنجي پٺ ورائي ڏس“

(479) پٺيان پيو اٿس- (1) دشمن ٿي لڳو اٿس، نقصان پهچائڻ لاءِ. (2) زور يا منٿون ٿو ڪريس.

(480) پٺي ٽپريائينس- دعا يا آسيس ڪيائينس.

(481) پڄاڻي ڪيائين- حد ڪري چڪو، ڪين گهٽايائين.

(482) پڇ پائي ڀڳو- تڪڙو يا لڪي ڀڳو ( ڪانئَرن وانگر).

(483) مال پڇ پئجي ويو آهي- وهٽ ضعيف ٿي ويا آهن.

(484) پڇاڙي سرهي ٿيس- (1) حياتي جو پويون وقت خير سان گذريس (2) مرڻي جو ڪرتب چڱو ٿيس.

”پڇاڙي سرهي ڪيائين- توڙ تائين لائق ڪيائين 94.

(485) پڇڙيون ٺوڪياءَ- ڦٿڪيو (مڇيءَ وانگر) حيلا ڪيائين.

(486) (ڳالهه) پڌر پيئي ظاهر ٿي.

(487) پڌري پٽ- ظاهر ظهور، کليو کلايو.

(488) پور پاتائين- حيلا يا ادم ڪيائين (ڪنهن ڪم لائين).

(489) پر يا سونا پر ڪونه پاتا اٿس- وڏو ماڻهو ڪونهي.

(اسان جهڙو رواجي ماڻهو آهي).

(490) پرديس ڀوڳيائين- ٻين ملڪن جو سفر ڪيائين

(491) پردو رکيائين- ڍڪ ڍڪيائين، ڳالهه پڌري نه ڪيائين،

(492) پردو لاٿائين- پت وڃايائين، عيب پڌرا ڪيائين.

(493) پرسوئڻ لڳو- ڀڄڻ يا وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.

(494) پرڳڻا پنايائين- ڏاڍو رلايائين، گهڻو هلاکه ڪيائين.

(495) پرگهور لڌائين- سنڀال يا خاطري ڪيائين.

(496) پرلوڪ پڌاريو يا سڌاريو- مري ويو. پرلوڪ= ٻيو جهان

(497) پر ۾ لڪائي، پنهنجي منهن ” پنهنجي پر ۾ سمجهائينس ته وري اهڙو ڪم نه ڪري“

 (498) پر وٺي ڀڳي- ڳالهه جو مطلب سمجهڻ ۾ آيو.

(499) پڙ ڪڍي بيٺو- بنهه ناڪار ڪيائين، چوڻ نه مڃيائين.

(پڙ= لڙائي جو ميدان، تنهنڪري معني ميدان ۾ ٿي بيٺو يعني چوڻ لڳو ته وڙهندس، پر ڳالهه نه مڃيندس).

(500) (ڳالهه) پسي پيئي- ڍر يا دير پيئي، فيصل نه ٿي.

(501) ڪپڙا پڪا ڪر- ڌئاڻيءَ جو حساب ٻڌ-

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org