سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: --

صفحو :1

گلقند

ڀيرومل مهر چند آڏواڻي

منڍ

 

پهاڪن ۽ اصطلاحن ۾ اڪثر نج سنڌي آهي ۽ انهن جي ڪم آڻڻ ڪري مضمون نهايت سهڻو ۽ سلوُڻو ٿئي ٿو. مون ورهين کان ڪيتريون چوڻيون ڪٺيون  پئي ڪيون آهن، جن مان حال اڍائي هزار کن هن ڪتاب ۾ آنديون اٿم.

هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ 912 پهاڪا آهن، جن مان ڪي ”گلشڪر“ ۽ ٻين پهاڪن جي ڪتابن مان چونڊي ڪڍيا اٿم ۽ ڪي اهڙا به پهاڪا ڏٺا اٿم، جي اڳي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڇپجي پڌرا نه ٿيا آهن. ڪي چوڻيون ڪن قصن تي ٻڌل آهن تنهن ڪري اهي قصا به مختصر طرح ڏنا اٿم. ڪيترن سنڌي پهاڪن لاءِ انگريزي پهاڪا ڏنا اٿم  جي فئلن صاحب، هينري بان ۽ ديوان روچيرام جي پهاڪن جي ڪتابن مان ورتل آهن. انهيءَ ڀاڱي کي ڌار جلد ٻڌائي ان جي قيمت فقط ڏهه آنا رکي ويئي آهي.

ٻئي ڀاڱي ۾ اصطلاح آهن جن مان ڪيترا ”گل“ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن“، ”طلسم“، جوت اخبار، اخبار تعليم، شمس العلماء مرزا قليچ ۽ پنهنجن توڙي ٻين صاحبن جي ٺاهيل ڪتابن مان چوُنڊيا ويا آهن. انهيءَ ڀاڱي جي قيمت فقط نؤ آنا آهي. اميد ته هي ٻئي ڀاڱا شاگردن توڙي سنڌي ٻوليءَ جي پيار وارن صاحبن کي گهڻو ڪارائتا ٿيندا.

ڪراچي 8 مارچ 1928ع

ڀيرو مل مهر چند

 

گلقند

 

ڀاڱو پهريون

پهاڪا

(1) آپ نه پالي، پالي ڏون!

جو پاڻ کي پالي نه ٿو سگهي، سو ٻين کي پالي سگهندو؟”پڙهي ويٺو نه پرڻجڻ جو سعيو ٿو ڪري! آپ..... ڏون!“

(2) پاڻ پني گهوڙا ڳنهي

(3) پاڻ نه پاڙي ڪتا ڌاري.

C.f. Who spends before he thrives, will starve before he thinks

(4) آر سي ڙي آرسي، مون جهڙو ڪو ٻيو؟

جيڪي ائين سمجهن ته اسان جهڙو سهڻو ۽ ٺاهوڪو ٻيو هوندو ئي ڪونه، تن ٽانءِ ڦوُنءِ وارن يا هٺيلن سان لاڳو ڪبو.

(5) ڪميڻو ڪپڙا ڪيو، ڏسي پنهنجو ڏيل (= بت).

(6) آزمائي کي آزمائي ، سو ڇائي (ڌوڙ) منهن ۾ پائي.

ڪنهن ماڻهوءَ يا ڪم مان هڪواريءَ پتيجائو پائي (خراب نتيجو ڏسي) ان کي وري آزمائبو، ته پاڻ کي خوار خراب ڪبو.

ڀيٽيو- (7) جوديکي نه پتيجائو، ڌوڙ تنهنجي منهن ۾.

C.f. It is a silly fish that is caught with the same bait.

(8) آگي طعام پيڇي ڪام

(ماني تيار هجي ته) اول ماني کائجي، ڪم پوءِ ڪجي.

 

 

(9) آڱريءَ ننهن ڄائو، لوڪ تماشي آيو.

آڱر کي ننهن ڄائو آهي (رواجي ڳالهه ٿي آهي) ۽ ماڻهو تماشو ڏسڻ آيا آهن. جڏهن ڪنهن خسيس بيماريءَ وغيره ڪري ڪو وڏيون دانهون ڪري جو چار ڄڻا اچي مڙن، يا وڏي ڏيکاري ڏئي جو ٻيا کلن، ته ائين چئبو.

مثلاً ”ڪپ لڳس ۽ رت ذرو نڪتس، ته هليو ڊاڪٽر وٽ! آڱريءَ.....آيو.“C.f. Much a do about nothing.

(10) آهه غريبان قهر خدائي.

غريبن کي ستائبو ته هنن جي اندر مان جيڪا آهه (پٽ) نڪرندي، سا ڌڻيءَ جو غضب آڻيندي.”دلوراءِ رعيت سان ظلم ڪيا، ته ننگري ناس ٿيس.آهه............خدائي“c.f. The prayer of the innocent is never unheard

(11) آهوُجا کائين، ماهوُجا پيٽ سوُر مرن.

اَهوُجا يا آهوُجا ۽ ماهوُجا ۽ ماهوُجا نالا لکن يا ذاتين جا. مطلب ته کائين هڪڙا يا ڪم هڪڙن جو ٿئي ۽ پيٽ ۾ سور ٻين کي پوي(حسد وچان). ڏسو ”اڏي ڪاٺ پڏي ٽوُئو“...73

(12) آهي ته عيد، نه ته روزو.

جيڪڏهن پئسو يا شيءِ اٿس ته ائين ٿو اڏائي، جو ڄڻ ته عيد ٿو ملهائي، ۽ جي نه اٿس ته بکون ٿو ڪڍي،”نوان  ڪپڙا سڀ هڪٻئي پٺيان پائي پورا ڪيائين ۽ خرچيءَ مان به اُها پائي نه بچايائين جا پوءِ ڪم اچيس. آهي.... روزو“.C.f. Wilful waste makes woeful want

(13) آهي وڏ گهراڻي پر ڏندڻ پاڻيءَ سان واهپو ڪونهيس.

ڪو صفائي سٺائيءَ تي ڌيان نه ڏيندو مثلاً ماني کائي گرڙي نه ڪندو، ته ٽوڪڻ لاءِ ائين چئبو.

ڀيٽيو (14) ڇڏ گدلائي، ڪر صفائي، تون سدا رهه اڇو،

 ملي ميٽ لڱن کي تون وهنجي ڌوءُ مٿو.

C.f. Cleanliness is next to godliness

(15) آءٌ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريون!

ڪو معاملي جهڙي ڳالهه ڪري ته ائين چون، هن مراد سان هٿ وٺي ڪرهن يعني جهيڙو ڪرڻو اٿئي ڇا؟

(16) آءٌ به ويندي پيڪي مون به لهندي سڪ.

هڪڙي ننڍي نيٽي سڪ ڪري پيڪي وئي ته ڀاڄائنس ڪنهن ڳالهه تان رئاري ڪڍيس. جڏهن ڪنهن کي ڪنهن ڳالهه جو اجايو ڪڏ کڻي تڏهن ائين چون، هن مراد سان ته پوءِ پڇتائيندين ”مثلًا اهو واپار ڪندو ته، گهاٽو پوندس“ پر جي دل اٿس ته ڀلي آزمودو لهي ڏسي. آءٌ.....سڪ“.

(17) آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.

جيڪي ڪنهنجي مهربانيءَ جو اَڻ ٺهندو فائدو وٺن، تن لائين ائين چئبو.

(18) آڱر يا ننهن رکڻ ڏينس ته سڄو ئي سر لنگهائي وجهي.

c.f. Give him an inch and he will take an ell

(Ell= 11/4yds)

(19) آيا مير ڀڳا پير.

فئلن صاحب جي هندي پهاڪن جي ڪتاب موجب ”آئي مير ڀڳي پير“ جو بنياد هن طرح آهي؛ امروهه جي شهر ۾ ميرانجي نالي هڪ شخص وٽ جادوءَ جو ڏئو هو، جنهنجي وسيلي هن ڪيترا ڪرامت جهڙا ڪم ڪيا، جنهن ڪري هڪ وڏو پير ڪري ليکيندا هئس. هاڻي هوُ اتي جي ڪن ماڻهن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. امروهه ۾ ٻيا به ڪي پير جهڙوڪ زين خان ۽ ننهي ميان ماڻهن ۾ واسو ڪن ٿا، پر چون ته جڏهن مير(ميرانجي) اچي تڏهن ٻيا پير ڀڄي وڃن، جو هوُ کائن وڌيڪ ڪلا وارو هو، هاڻي پهاڪي جي معنيٰ ته جڏهن وڏا(مائٽ، حاڪم يا ڏاڍا مڙس) اچن، تڏهن ننڍا ٻار، زيردست يا هيڻا) ٽري وڃن.

ڀيٽيو (20) آيو بابا ولي.ته کتيجا کنئين ڇلي.

(21) آيو مڙس رانجهو، ته هرڪو ٿيو لانجهو=بي همٿ

(22) آيو ميان شير. ته سڀني ڪڍايو پير.

(23)ڪئن ڏٺي ٻلي.ته دلڙي ٿين ڍلي.

(24) آب جو ڏنو ڪهڙي ڪم، جاسين رب نه ڏئي.

ابي يا پيءُ جو ڏنل (پئسو) ڪهڙي ڪم جو آهي، جيستائين رب (ڌڻي) پنهنجو نٿو ڏئي، مراد ته مائٽن تي بار ٿيڻ يا اباڻي ورثي تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي ڪمائيءَ تي ڀاڙجي.

(25) اب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري.

(26) ري پنهنجي کٽي سڀر ٻري نه باهه.

پنهنجي کٽي ڪمائيءَ کان سواءِ پاڻ سڀر يا زور سان نه ٻرندي يعني رڳو پنهنجي ڪمائي منجهان ئي چلهو چڱي طرح تپائي رڌي کائي سگهبو. ڏسو ”اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي“.

(27) ابو به ڍائو، ادو به ڍائو، اڌ ڪم ڪيم هيٺ اڌ ڪيم مٿي.

پيءٌ ۽ ڀاءُ ٻئي ڍاوا ۽ مون به اڌ هيٺ ته اڌ مٿي ڪيو يعني آءٌ به سڄوئي ڍائس، ٽوڪ طرح ائين چئبو، هن معنيٰ سان ته ڪنهن جو به ڍءُ نه ٿيو. ”ٽن مهنن ۾ پنجويهه روپيا مائٽن کي موڪليائين! ”ابو به ڍائو ته ادو به ڍائو“!

(28) ابو گسي ڌيءُ وسي.

ڏيتي ليتي هلائڻ ڪري پيءُ جي هڙ گسي ٿي ۽ ڌيءُ (حقيقتون ڌيءُ ساهرو گهر) ورسي ٿي. ڏيتي ليتيءَ جو پهاڪو.

(29) اَبي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي.

بيروزگار مرد يا غريب زال پئسي جي تنگيءَ سببان ائين چوي، هن معنيٰ سان ته منهنجي پيءُ ديگ چاڙهي (رڌائين کاڌائين)، منهنجي ڀاءُ به ائين ڪيو، پر جيڪڏهن انهن وانگر مون پنهنجو ديڳڙو نه چاڙهيو ( پنهنجو رڌم کاڌم نه) ته ائين ڄاڻبو ته منهنجن مائٽن به رڌو کاڌو ڪو نه ٿي، يا مائٽن جا سک جهڙا مون ڏٺا تهڙا نه ڏٺا. ڪي هن معنيٰ سان به ڪم آڻين ته آءٌ پنهنجو ٻوٽو نه ٻاريندس، ته وڏن جو نانءُ ناموس لٽجي ويندو.

(30) اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پيئي آهي؟

مطلب ته پڌري ڳالهه ڪڏهن به لڪي ڪين سگهندي.

”اها مقدمي جي ڳالهه ڪئن لڪندي؟ اُڀ.... آهي“.

(31) سج به ڪو تريءَ هيٺان لڪي؟

(32) خون کستوري ڳجهو نه رهي.

C.f Murder will out                

(33) اُڀ ۾ ٿڪ اُڇلائي، سو منهن ۾ پائي.

ٿڪ اڇلائڻ، نفرت يا ڌڪار جي نشاني. جيڪو عرشين چڙهيل هوندو يعني جنهن کي ٻيا اعليٰ درجي جو ڪري ليکيندا هوندا ( مثلاً مهاتما گانڌي) تنهنجي جيڪڏهن ڪو آبرو وٺندو يا گلا ڪندو ته خود سندس آبرو نه رهندي،جو ٻيا ڦٽ لعنت ڪندس.

C.f. Who spits against the wind, spits in his own face.              

(34) اُٿ به ناڻو ويهه به ناڻو، ناڻي بنا نر ويڳاڻو.

اُٿ توڙي ويهه يعني گهر مان اُٿي ٻاهر وڃ توڙي گهر ۾ ويهه، ته به (خرچ پکي لاءِ) پئسو گهرجي؛ پئسي کان سواءِ مڙس ويڳاڻو (موڳو) آهي.

ڀيٽيو (35) اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (لاڻو = هڪ قسم جو ٻوٽو)

(36) پئسي بنا پرساد، هر وُ ڏئي نه هٿ ۾.

(37) پئسو ناهي پاس، جيرو آه اداس.

(38) پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.

(39) جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.

(40) دام ڪري سڀ ڪام(دام=پئسو)

C.f. (1) A light purse makes heavy heart.

(2) Money is the god of the world.

(41) اٽو چي گهوٻاٽو يا اٽو ٻاٽ چي گهوٻاٽ.

ٻاٽ معنيٰ ڏريل اَن، جنهن مان ڀت رڌين، چي _چوي (زمان مضارع). مطلب ته آءٌ چوان ”اٽو“ يا ”اٽو ۽ ٻاٽ“ ته هوُ چوي”گهوٻاٽ يا گهوٻاٽو“ (ڏنڊو). جڏهن ڪو هڪ جو جواب ٻيو جواب ڏئي. تڏهن ائين چون.


 

ڀيٽيو (42) اڪڀر جو مڪڀر.

اڪڀر جي معنيٰ اڪ جي ٻوٽي جي ڀر يا پاسو. مڪڀر معنيٰ مڪ (کٻڙ جي وڻ جو ڦر) جو پاسو- مطلب ته هڪ ڀر جو ٻيءَ ڀر.سوال هڪڙو جواب ٻيو.

(الف) سوال از آسمان، جواب از ريسمان (نوڙي).

(ب)من چه ميگويم، طنبوره چه مگويد؟

C.f. I talk of chalk and you of cheese.                                 

(43) اٽو کاڌو ڪُئي مار پيئي گابي تي.

ڏوهه ڪري هڪڙو سيکت ملي ٻئي کي.

ڀيٽيو (44) کٽيو کائي کتيجا ڌڪ جهلي ڌيڻس.

(45) کٽيو کائي فقير لٺيون جهلي ڀولڙو.

C.f. One doth the blame another bears shame.                       

(46) اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا؟

اوه چرن پٽ ته اوه چرن ٻيلا.

اُٺن ۽ مينهن جو ڪهڙو ميلاپ؟ هوُ (اٺ) چرن پٽن يا ميدانن ۾ (بيٺل وڻ) ۽ هوُ (مينهون) چرن ٻيلن ۾. مطلب ته ٻنهي جي چرڻ جي جوءِ (جائين يا چراگاه) نرالي( ٻنهي جو نمونو يا سڀاءُ ٻيو) تنهن ڪري انهن جي پاڻ ۾ محبت ٿي ڪين سگهندي. شرابي چوي ته آءٌ صوفي جو سنک ڪريان! اُٺان .....ميلا“؟

(47) اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لهي.

اُٺ پوڙهو ٿي ويندو، ته به ٻن ڪنواٽن (ڪچن اُٺن) جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جيترو بار کڻي سگهندو. ساڳئيءَ ريت پير مرد عقل هلائڻ ۾ ٻن جوانن جي برابر، بلڪ وڌيڪ ”پوڙهو“ لفظ جي بنيادي معنيٰ ئي آهي ”آزمودگار“

ڀيٽيو- (48) وڏن ۾ وڏي ڪلا (سمجهه، سياڻپ)

C.f. Years know more than books.

 (49) اُٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي.

اُٺ تي بار لڏيل هوندو يا نه هوندو ته به پيو رڙندو. جيڪي ماڻهو تڪليف هوندي يا نه هوندي (دک توڙي سک ۾) پيا ڪرڪندا ڪنجهندا، تن ڪرڪرين لاءِ ائين چئبو.

(50) اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، ڳڙُ وجهه ته به رڙي

هي به ڪرڪرين سان لاڳو ڪبو. مثلًا ڪن گهوٽ مائن کي اڻڀو اَٽابو ملي ته به دانهون ڪن. ۽ جي ڪجهه سڻڀو ستابو ملين ته به دانهون ڪن يا گلائون ڪن.

C.f. Pigs grunt about everything and nothing.                        

(51) اُٺ تان وڃڻي لٿي ته به اُٺ ٿيو هلڪو.

ڪنهن ڪم يا قرض جو وڏو بوجو هوندو، ته اُن مان ٿوري هلڪائي ٿي، ته به چئبو ته ڪجهه بوجو لٿو. ”سئو مان حال ويهه روپيا ڏنامانس. اُٺ.... هلڪو “ يعني حال ايتري به قرض جي هلڪائي ٿي.

C.f. It is the last straw that breaks the camel,s back.                

)52 (اُٺ پٺيان گهنڊڻي.

وڏي ڄمار واري (اُٺ جيڏي)  سان ننڍي ڄمار واري ڇوڪري پرڻجي ته ائين چون. (وهانءَ جي ڦيرن مهل گهوٽ جي پٺيان ڪنوار هلي ٿي)

اشارو ڪو ٻار يا فقير پٺيان ڪاهي پوي ته چون ته پٺيان گهنڊڻي ٿي لڳو اٿم (ڇڏيئي نٿو).

(53) پريو مڙس پيءِ نه ڪجي وڃائجي نه وهي،

ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ماريو پوندو ڊهي. (پيئين = مڙس)

(54) ڏاڏي جيڏي ڏگهه سان، ٽنگ جيڏي ڪنئَار!

(55) ميان ڳور لائق، بيبي سيج لائق (ڳور= قبر)

(56) مڙس پوڙهو زال جوان، تنهن کي ڄاڻي ڪک جو ڪان.

C.f Crabbed age youth cannot live together.                     

)57( اُٺ جي چاڙهيء کي به لعنت ته لاهيء کي به لعنت.

 اُٺ ڪنهن چاڙهه تي چڙهندو يا اتان لهندو ته ٻنهي گهمري سوار کي ڏکيائي ٿيندي. مراد ته بڇڙي سڀاءَ وارو دوست يا مددگار ٿيندو، يا پاڻ ڪنهن وڏي عهدي تي پهچندو ته به آزاريندو ۽ جي لهي ميدان ۾ ايندو (دشمن يا برخلاف ٿي بيهندو) يا پاڻ سقيم حال کي پهچندو ته به پيو آزاريندو (حرڪتن يا چورين ٺڳين ڪرڻ سان)

)58( اُٺ نه پڄي ٻورن هڻي لتوُن.

جت اٺن تي مال جا ٻورا رکي، پاڻ مٿان ٽنگون ڦاڙي وهن ۽ اٺ هڪلڻ مهل اٺ تائين ڪين پهچن، تنهنڪري ٻورن کي لتون هڻن. هڪڙي جا گسر يا ساڙ ٻئي مان ڪو ڪڍي، ته ائين چون مثلاً هيڊ ڪلارڪ پنهنجي عملدار جون ڌمڪيون کائي، اهي ساڙ ٻين منشين مان ڪڍي، جو پاڻ کان ڏاڍي سان پڄي نٿو سگهي

)59( اٺينءَ پيڙهيءَ اُٺ ماڪوڙو ماسات.

اٺين پيڙهيء موجب اٺ ۽ ماڪوڙو به هڪ ٻئي جا ماسات (ماسيءَ جا پٽ) نڪري پوندا. جڏهن ڪو تمام ڏورانهي مائٽي ڇڪيندو آهي، جا ليکي نه چوکي، تڏهن ائين چون.

C.f Cheese is cousin to Eve.                                  

(60) اپنا مال هيء، روئسان به کائسان به .

هڪڙي ماڻهوءَ بصرن سان ماني ويٺي کاڌي. بصرن جي بانس ڪري اکين مان پاڻي وهيس ته کلي ائين چيائين. مراد ته پنهنجي سهنجي، کلي به قبولبي، روئي به قبولبي.

)61( اپني توڙ نباه اُسڪي اوه جاني.

جڏهن ڪنهنکي چڱائي جو بدلو بڇڙائي ملي، تڏهن هن کي ائين چون، هن مراد سان ته تون پنهنجي توڙ يا پڇاڙي تائين نباهه يعني نيڪي ڪندو رهه، باقي هن جي نيت هو ڄاڻي.

)62 (اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.

ڪن موالين ڀنگ گهوٽي، ڪنهن سواليء کي چڪو ڏنو. هن اها پي چيو ته لڳي ڪين(نشو ڪو نه ٿيو)،تنهن تي چيائونس ته پنهنجي گهوٽ ته نشو ٿئيئي. مراد ته پنهنجو ٻوٽو ٻارڻ گهرجي(24کان 26)

)63 (اڄ جو ڪم سڀان تي نه وجهجي.

مراد ته سستي ڇڏي، سڀڪو ڪم تتي تائين ڪجي.

ڀيٽيو- (64) آج نه ديکا لعل توڪل ديکونگا.(لعل = لعل شهباز)

(65) ڪل ڪري سو آج ڪر، آج ڪري سو اب.

C.f. Procrastination is thief of time.                          

)66( اڃا اُٺ ڪڍن سسئي.

سسئي پنهنجي پنهونءَ پٺيان پيادي ٿي ويئي، ته ائين چيائونس، ته اڃا اٺ توکي ڪيچ تائين پهچائين ته ٻي ڳالهه،باقي پيادي مشڪل پهچندينءَ. پهاڪي جو مطلب ته اڃا ڪم ٿيڻ ۾ وقت کپي يا اڃا گهڻي دير پيئي آهي.

 ڀيٽيو- (67) اڃا دهلي دور آهي.

)68( اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي.

چوٿائي ۾ هڪ پاءُ ته خرار ۾ چوويهه مڻ. مطلب ته ڪم جو ٿورو حصو مس پورو ٿيو آهي. اڃا ڪٿي ڳالهه پيئي آهي.

)69 (اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ.

مينهون جهنگ مان چري موٽن، ته ميهار رڇ (باسڻ) ڌوئي کير ڏهن، پر مينهون اڃا جهنگ ۾ ئي هجن،ته اڳواٽ باسڻ ڌوئي رکڻ، سو اڳڪٿيو ڪم آهي.

ڀيٽيو-پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ، ڦر کان اڳي ڄر ڇڏڻ، سلي کان اڳي سنگ ڳڻڻ (اصطلاح) ۽ ”ڏسو ڪنگر ۾ ڪڪڙا“.....

Count not your chickens before they are hatched.             

)70( اُڃياري پيئندي، ڇڪياري ڪين پيئندي.

زمين توڙي گانء، مينهن وغيره جا اُساٽيل يا اڃايل هوندي سا پاڻمرادو پاڻي پيئندي، پر ڇڪ واري يعني جنهن تي ڇڪتاڻ ڪبي، سا نه پيئندي. مطلب ته ڪنهنجي مرضي جي برخلاف ڪنهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ زور نه ڪجي، گهرج پونديس ته پاڻيهي ڪندو.

C.f A man may lead a horse to the water, but he cannot make drink unless he will.                                                 

)71( اُڌاري جي ماءُ ڪين مئي آهي.

اکري معنيٰ ته اڌاري جي ماءُ سدائين جيئري آهي ۽ اوڌر پيئي ڄڻي. مطلب ته اڄ تون مون کي اڌارو ڏيندين يا جي منهنجو ڪم ڪندين ته ٻي ڀيري آءٌ توکي ڏيندس، يا تنهنجو ڪم ڪندس. ٻئي کي سوال ڪرڻ مهل هن کي اهڙي دلاسي ڏيڻ لاءِ ائين چون.

)72( اَڌ کي ڇڏي جو سڄي پٺيان ڊوڙي تنهنجو اَڌ به وڃي.

ڪتي ۽ سندس پاڇي جي ڳالهه مشهور آهي. مراد ته جيڪي هجي، تنهن تي قناعت نه ڪري. جيڪڏهن لالچ ۾ پئبو، ته جيڪي هوندو سو به ويندو يا نقصان پوندو.

C.f. A bird in hand is worth two in the bush.               

)73( اَڏي ڪاٺ، پڏي ٽوُئو، وچ واري کي لڳو سوُئو.

ڀونگي جوڙجي ٿي ته اڏاوت جو ڪم ڪاٺ ڪري ٿو، پر ٽوئو (پکو) پڏي يا مرڪي ٿو، جو ٻاهران اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن ڪو ڀلو ماتس تڪليف وٺي، ٻئي ڪنهن جو خانو آباد ڪري، يعني هن جا دل گهريا مطلب پورا ڪري، پر وچ ۾ ڪنهن ٽياڪر کي حسد وچان جگر ۾ سوئو لڳي (ساڙ لڳن) ته انلاءِ ائين چون. ”پنهنجي سنگتيءَ جي پٽ کي مون نوڪري وٺي ڏني، ته سندن هڪ پاڙيسري جي منهن جو پنوئي لهي ويو.پڇوس ته توکي هرج ڪهڙو پيو؟ اڏي،.......سوئو. 11.

An envious person waxes lean with the fatness of his neighbours.

)74( اڏيندي ڏينهن لڳن ڊاهيندي ويرم نه لڳي.

جاءِ جوڙائڻ، گهرجي ٺاهه ٺوهه ڪرڻ، يا ڪنهن سان محبت ڳنڍڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ٿو، باقي ڊاهڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ سنگت ڦٽائڻ ۾ دير نٿي لڳي. اهڙيون حالتون ڏسي چئبو.

(1) It  is easier to pull down than build.                             

(2) Afriend is not so soon got as lost.                                

 (75) اُستاد جي مار ڇوڪر (ٻار) جي سنوار.

مطلب ته اُستاد ماريندو سنوارڻ لاءِ، تنهن ڪري اهڙي مار کي خراب ليکڻ نه گهرجي.”جور اُستاد به زمهر پدر“يعني اُستاد جو ظلم پيءُ جي مهربانيءَکان چڱو آهي.

ڀيٽيو- (76) پٽ ٻٽيهه لکڻو، موچڙو ڇٽيهه لکڻو.

(77) ڇڙهيء جو صرفو ڪيو ته ٻار کريو.

C.f Spare the rod and spoil the child.                       

 )78( اڪ جي ماکي نه آهي، جا لاهي وٺبي.

اَڪ جي ٻوٽي تان ماکي سولائي سان لاهي سگهبي آهي.

مطلب ته ڪم اهڙو سولو نه آهي جو جهٽ پٽ ٿيندو.

(79)  تيل سهانگو هو ته گدڙن به هوند چوٽيون مکيون.

(80) ٺپ کوهه ڪين کڄندا آهن.

(81) پهڻ ڪونئرا هئا، ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.

(82) ڌيري ڌيري ڌنئرو ڄمندو.

(83) کچڻي نه آهي جا کائي وٺبي.

(1) An oak is not felled with one stroke.                          

(2) If wishes were horses, beggars would ride.                   

)84 (اڪن کان ٿو آما گهري.

اَڪ هڪ زهردار ٻوٽو، تنهن ۾ آمي (انب) جهڙي مٺي ۽ سوادي شيءِ ڪٿان آئي؟ مراد ته جنهن ماڻهوءَ مان ڪنهن ڪم ٿيڻ جو آسرو ڪونهي، تنهن تي آسرو رکي ٿو.

ڀيٽيو- (85) ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري.

 C.f. Look not for musk in a dog-kennel.                           

)86( اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ.

 اَک اٿي ته پها پٽيون ٻڌجن ۽ ڦٽ ٿئي ته انهيءَ کي به پٽي ٻڌي ڇڏجي، نه ته وائلائڻ ڪري ڦٽ ورڳي ويندو. ليس توڙي تپ ٿئي ته لنگهڻ يا بک ڪڍجي، جو انهيءَ ڪري فائدو ٿيندو. حڪمت جو پهاڪو.

)87( اکر نه کٽي، مڪر کٽي.

اکر معني علم. مطلب ته علم واري کان وڌيڪ حرفت وارو کٽي کائي ٿو. ”هو گهڻو پڙهيو به ڪونهي، ته به حرفت سان چڱو روزگار پيو ڪڍي.اکر ....کٽي“.

)88( اُکرين ۾ مٿا وجهن، سي مهرين کان نه ڊڄن.

اُکري ۾ اَن وغيره وجهي، مٿان مهري هڻي، ڪٽبو آهي. مطلب ته جيڪي ڏکين يا خوفائتن ڪمن ۾ هٿ وجهندا، سي انهن ڪمن جي نتيجن کان ڪين ڊڄندا: واپار ڪندا ته گهاٽو به سهندا. ”توهين اخبار ۾ ميونسپل مشيرن جي گهڻو برخلاف ٿا لکو؛ سنڀاليو متان توهان تي ڪومقدمو ڪري. چي اکرين...نه ڊڄن (يعني مقدمي ڀر ڊڄان نٿو).

ڀيٽيو- (89) جي گهڙندا سورهين سيلهه به لڳندا تن. (جيڪي سورهين واٽن ۾ گهڙندا تن کي ڪنڊا به لڳندا).

(90) سيلهن ۾ جي هٿ وجهندا سي سور به سهندا.

C.f. He who whould catch fish, must not mind getting wet.         

)91( اک ڪڍڻ سولي، پر وجهڻ اولي يا ڏکي.

مطلب ته ڪنهن کي نقصان پهچائڻ سولو آهي، مثلاً نوڪري مان ڪڍائڻ يا رپورٽ ڪرڻ، پر جنهن کي نقصان پهتل هوندو، تنهن کي فائدو پهچائڻ ڏکيو آهي.

)92( اک ۾ گهاڻو، ته به مٺو جڳاڻو.

اک جهڙي نازڪ عضوي ۾ تيل پيڙڻ جو گهاڻو هوندو يعني ماڻهو ڪهڙيون به جڳاڻو يعني جڳتر يا جهان (جهان ۾ جيئڻ) مٺو پيو لڳندس. مطلب ته:- مرڻ ڪونه قبولي جيئڻ گهرن جال،توڙي کين حياتي لڳندي هئي وبال._نؤ بهار)

C.f Life is short,yet sweet.                                    

)93 ( اکين لؤنگ لڳا جافر ويا وسري.

لؤنگ ۽ جافر نالا مصالحن جا. ڪو نوان سنگتي ڪري ۽ جهونا دوست وساري ته هن کي ڏوراپي ڏيندي ائين چون.”هاڻ وڏا ماڻهو سنگتي ڪيا اٿيئي ته اسان غريبن کي ڪٿان ياد ڪندين؟ ”اکين...وسري“.

)94( اڳياڙي تڏهن سرهي جڏهن پڇاڙي سرهي.

ڪنهن سان ڪا ڀلائي ڪري پڇاڙي ۾ پڙ ڪڍي بيهبو؛ ته اڳياڙي واري ڪيل ڀلائي پڻ ليکجڻ ۾ نه ايندي. مطلب ته توڙ تائين لائق ڪري،پنهنجو ناما چار وجهجي.(61)

C.f. All is well that ends well.                                 

)95( اڳين پاڻي پوين چڪ.

ڪنهن تلاءَ ۾ پاڻي ٿورو هوندو ته جيڪي وهٽ اڳي ويندا، سي پاڻي پيئندا ۽ ٻيا چڪ چٽيندا. مراد ته هرڪو ڪم تري کري ڪبو ته اُن ۾ فائدو آهي.

(96) جو اڳي سو تڳي.

C.f First come, first served.                                            

(97) اگهائي ته ڪچه نه ته ماڻڪن موٽ ڪري،

مطلب ته ڌڻي اهڙو بي نياز آهي جو ڪن جو ڪچه يعني ڪوڏيا ستيئڙو (جهڙي تهڙي ڪمائي) اگهائي (قبولي) ٿو ۽ ڪي ماڻڪ پيش ڪن (جهجهي عبادت ڪن) نه به ناقبول.

ڀيٽيو (98) اهڙو ئي الله جو پورهيتون پيش ڪري.

(راجا چنيسر ليلا ڇڏي ڪؤنرؤ پورهيت پرڻيو هو)

(99) ڏس آگي جا اسرار جو عيبدار اڳي ڪري.

)100( اگهه ڪنهن وڌو؟ چي ”جنهن جي نه سري“

ڪنهن شيءِ کان سواءِ نه سرندي آهي ته لاچار پئسي هٿڻ ٽڪو ڏيئي به وٺبي آهي. ڏسو ”پئسي پلو مهانگو“.

C.f. Necessity never made a good bargain                           

(101) اگهه کٽيوکائجي وٽ کٽيونه کائجي.

وڏو اگهه وٺي بلاشڪه فائدو ڪڍجي، پر تور ڏيئي فائدو نه ڪڍجي. مطلب ته تور ۾ ٺڳي نه ڪجي.

C.f. Weigh right, and sell dear.                                    

(102) اگهه مٺي ڪي الله مٺي.

مثلاً ”گيهه مهانگو ملي ته چئبو ته اگهه مٺو ۽ جي ان مان ڪجهه هارجي پوي ته چئبو الله مٺو. جڏهن ڪجهه پئسي جي گهوٻي لڳي ۽ ڪجهه زيان ٿئي ته ائين چون.

ڀيٽيو (103) هڪڙا ڏک ٻيون ڏونگريون“.

C.f. Misfortunes seldom come single.                          

(104) اڱر ڪو سا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن.

تتل اڱر (ٽانڊا) هٿ ساڙيندا ۽ ٺريل ڪوئلا هٿ ڪارا ڪندا. مراد ته بڇڙي ڪم يا سنگت مان ڪڏهن به چڱائي نه رسندي. ”مدي ڪمين نانڪا جد ڪد مداهوء“. بڇڙن ڪمن مان جڏهن ڪڏهن بڇڙائي حاصل ٿيندي.

ڀيٽيو- (105) اڱرن پيٺي هٿ ڪارا.

 C.f Touch pitch and be defiled.                                 

(106) اَمل ماڻڪ هجي پيٽ ۾ ته بکي منهن ۾

مراد ته ڪنهن ۾ ڪو گڻ هوندو ته اهو پريانئي پڌرو.

ڀيٽيو (107) جن جي منهن مڻيا، سي پاڻيهي پڌرا.

C.f A good name keeps its luster in the dark.                   

(108) انبن جون سڪون انبڙين مان نه لهن .

مطلب ته انبن جهڙو سواد انبڙين مان نه ايندو. ٻن ماڻهن جي سڀاءَ يا لڇڻ جي ڀيٽ ڪندي هن طرح ڪم آڻبو.”هاڻوڪو عملدار رعيت لاءِ ڪيترا به سهنج ڪندو، ته به اڳين عملدار جون سڪون لاهي ڪين سگهندو. انبن...لهن“.

ڀيٽيو (109) انبن سنڌو ساءُ ڪٿان اچي اڪ ٽٽڙن مان   

(110) ان پلي ذات ڀلي.

پلي، ان رکڻ لائين جائين، ٽوٽن ۽ پڃرن مان ٺهيل. جنهن وٽ ان جي پلي آهي يعني جو هوند وارو آهي، تِنهن جي ذات ڀلي يا اچي آهي يعني اهو وڏو ماڻهو ليکجي ٿو. ”اڄ پئسو ڏسي ماڻهو گهٽ گهرن ۾ نياڻيون پيا ڏين ان...پلي“.

(111) پيءُ سندس پيهون ڪٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا،

اڳي پڇائون ٿي ذات پات، هاڻي پڇن ناڻا.

(112) لڇمڻ ڪلڇڻ ڍڪي.(لڇمي= دولت)

(113) موڳو پنهنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي،

وڃي وهي مجلس ۾ ته سڀني سهائي؛

چريو ڳالهائي ، ته به بختاور بودلو.

C.f Money guilds our guilts                                           

(114) اَن جو منهن جنڊ ڏي.

 جهڙي طرح ان جو رخ سدائين جنڊ ڏي آهي (پيسڻ کانسواءِ ڪم نه ايندو) تهڙي طرح جنهن ماڻهوءَ کي جتي جنڊ پيهڻو هوندو (نوڪري ڪرڻي هوندي) سو پس پيش اوڏهين ويندو. ”موڪل پوري ڪري وڃي نوڪري تي چڙهندو. ان....ڏي“.

Where shall the ox go, but he must labour?                      

(115) اندر اڇو نه ڪري ڌوئي ٿو ڌاڳا.

ڌاڳا يعني وٽيل سڳا نوڙين جهڙا، جي فقير مٿي کي ويڙهين يا ڳچيءَ ۾ پائين. مطلب ته دل صفا نه آهي، باقي رڳو ٻاهرين صفائي ڪري ٿو. ڪي ماڻهو ڪوُڙ ڪپت ڪن، پر ڪنهن سان پلؤ لڳين ته ڪپڙن سوڌي ٽٻي ڏين. درياءَ ۾ اکو وجهن، ماڪوڙين کي ڏارو ڏين، پر ماڻهن کي پيڙين.

ڀيٽيو (116) من نه ٿيو مسلمان ڪلمو پڙهيو ته ڇا ٿيو.

C.f It is not hood that makes the monk.

(117) اندر ٻڏٻهون ٻاهر آٽڻ ان جو.

ٻڏ، هڪ گاهه جي پاڙ، جا غريب ماڻهو ڏڪار ۾ کائين اُها کائڻ ۾ اگري لڳي ٿي.ٻهون=گهڻو. اندر ٻڏگهڻي آهي ۽ ٻاهران رڳو اَن جو آٽڻ    (سڪل اٽو) لڳل آهي. مطلب ته ٻاهران چڱو اندران خراب. جو ماڻهو ٻاهران سهڻو، پر اندر افعال ڪو نه هوندس، تنهن لاءِ ائين چئبو.

C.f Appearances are not to be trusted.                             

(118) انڌا رکن روزا ته ڏينهن به ٿين وڏا.

انڌا ماڻهو روزا رکندا ته هر گهڙي پيا پڇندا ته سج لٿو آهي يا نه. روزي ڇوڙڻ (ماني کائڻ) جي اڻتڻ وچان وقت وڌي پوندو اٿن. ڪنهن کي ڪجهه ملڻو هوندو مثلاً اضافو، پر ملڻ ۾ دير پوندي ته ائين چوندو، هن مراد سان ته قسمت ڍري اٿم تڏهن دير پيئي آهي.

C.f Sad hours seem long                                          

(119) انڌن آندو ڪtن کاڌو يا ٻلن چٽيو.

جو ماڻهو انڌو ٿي (غفلت ڪري) پنهنجي شيءِ يا پئسي جي پوري سنڀال  نه ڪندو، تنهن لائين ائين چئبو. ”هن مانيءَ ۾ سهيڙ ڪٿي آهي؟ انڌن....چٽيو. گهر مان ڪو ٽپڙ کڻي وڃيس ته پتو ڪونه پويس“.

(120) انڌي پيهين ڪتي چٽي.

C.f A careless watch bids the thief to come in.                   

(121) انڌن ۾ ڪاڻو راجا.

جتي سڀ بيعقل يا اڻ پڙهيل هوندا. اتي ٿوري عقل يا علم وارو وڏو ماڻهو ليکبو. ڏسو ”جتي وڻ نه آهي....“

ڀيٽيو (122) ٽنڊن ۾ منڊو پهلوان.

C.f Among the people, Scoggin is a doctor.                      

(123) انڌن وڃي ملتان لڌو آهي.

حيدرآباد جي ڪاري ڦردي (ڦليلي ) وٽان هڪ شاهي سڙڪ مياڻي، مٽياري ۽ هالن کان سڌو روهڙي ۽ ملتان تائين وڃي ٿي. واٽ تي ڀلجڻ لاءِ سبب ئي ڪونهي، پر ”انڌو ۽ اڻ سونهون ٻئي هڪ آچار (124) انهيءَ هوندي به ڏس پڇندا ته پتو پوندن. جڏهن ڪو چوندو آهي ته فلاڻو گهر يا هنڌ مون کان نه لڀندو، تڏهن ائين چون، هن مراد سان ته ڏس پڇندين ته پتو پوندءِ ڏسو –”پڇڻا نه منجهڻا“.

(125) جوبنده يا بنده يعني جو ڳوليندو سو لهندو.

(126) ڏورڻ واريون ڏور، هڏ نه آهن هوت کان.

(127) لوچ ته لهين لعل کي، ڏور ته پويئي ڏس.

C.f Seek and ye shall find.

(128) انڌو وهي کڏ تي چي مونکي ڏسيئي ڪونٿو.

ڪي پنهنجي عيب لڪائڻ جي ڪوشش ڪن، پر رستو اهڙو وٺن جو لڪڻ بدران اٽلندو پڌرو ٿي پوي.

You dance in a net, and think nobody sees you.

(129) انڌي اڳيان آهري ڪر تئو ٽنگيو آهه.

ڪر معنيٰ ڄڻڪ انڌي ماڻهوءَ جي اڳيان آهري(آرسي) جهلبي، ته به هن جي ليکي ته منهنجي اڳيان تئو ٽنگيل آهي يعني هن جي اڳيان اها ئي اونده. هي پهاڪو اڻڄاڻ يا مورکن سان لاڳو ڪبو. جن کي ڪا ڳالهه چڱي طرح کولي ٻڌائجي ته به پتو ڪونه پوين يا چڱي شيءِ جو قدر ڪو نه ڪن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org