سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: -

صفحو :2

 (130) اڄاڻ کي جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي.

(131) انڌي کي جهڙو ڏينهن تهڙي رات.

A pebble and a diamond are alike to a blind man.               

(132) انڌي گهوڙي ڪل ۾.

ڪل نالي گاهه اهڙو ڊگهو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. جو انڌي گهوڙي ان جي وچان رستو لهي ڪين سگهندي. جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڳاهه جو پتو نه پوندو آهي، تنهنجي لاءِ مٿين پهاڪي وانگر ڪم آڻبو.

(133) انسان اونڌي ڪوپري آهي.

جهڙي طرح اونڌي کوپر يا ڪيپراٽي (ڪاپار) ڀرجڻ جي نه آهي، تهڙي طرح انسان جو به ڍءُ ٿيڻ جو نه آهي.

(134) طمع سندو طس ڀريو ڀرجي ڪينڪي.

(135) انسان خطا جو گهر.

مطلب ته انسان کان ضرور خطا ٿيندي.

ڀيٽيو- (136) انسان ته نسيان (نسيان-غفلت)

(137) بندو ڀلوئي بيٺو آهي.

(138) عيبن کان آجو هڪ الله.

C.f To err is human.(Pope)                    

(139) اڻائي به ويئي تڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.

ڪنهن مواليءَ کي پنڪي لڳي ويئي ته ڪو شخص مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي پوُڻي مٿي تي رکي ويس. جڏهن پنڪي کليس تڏهن پڳڙي بدران پوُڻي ڏسي، تپرس کائي، ائين چيائين؛ يعني ڪپهه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو پورهيو سڀ ويو، وري جهڙي ڪپهه اڳي هئي تهڙي ٿي پيئي.(گلشڪر). ڪو ماڻهو ڏکڙا پٽي، پنهنجي حالت سڌاري، ۽ پوءِ ڪنهن اهڙي چڪر ۾ اچي وڃي، جو محنتون برباد ٿي وڃنس، ۽ موٽي اڳوڻي حال کي رسي ته ائين چئبو- ڀيٽيو اَهو سهو به ويو (اصطلاح)

(140) اڻ سرندي سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرندي ٽري.

 سرندي معنيٰ پڄندي. اڻ سرندي معنيٰ اڻ پڄندي.ڪنهن ڳالهه ۾ وس نه هلندو ته ٽري وڃبو (ماٺ ڪري ويهبو) پر انصاف اُن جا جو وس پڄندي به من ماري يا دل کي روڪي. ”مارئي سان پرڻجڻ عمر سومري جي وس هو، پر شاباس اٿس هو هن جي مرضي نه ڏسي، سرندي کون ٽالو ڪيائين. اڻ سرندي....ٽري“.

ڀيٽيو (141) سرندي کون ٽالو ورلو ڪوگرمک ڪري.

(142) اڻ گهريو ماءُ به پٽ کي نه ڌارائي.

مطلب ته واجبي گهر بيشڪ ڪجي،غير واجبي لڄ نه ڪجي.

ڀيٽيو- (143) اهاري، وهنواري، لڄا ڪري ته هاري.

آهار يعني کاڌي، ۽ وهنوار، يعني ڏيتي ليتي ۾ لڄ ڪبي ته هارائبو يعني پاڻ کي ڪس لائبي) لڄ ڪبي ته بک مربو.

(144) شرع ۾ ڪهڙو شرم؟

  C.f Unreasonable silence is folly.                     

(145) اڻندو اُهائي ، جا هوندي ڪوري جي من ۾.

ڪوري جي اڳيان تاڃي wrap پکڙيل آهي ۽ پيٽي  woof لاءِ تڙو shuttle سندس هٿ ۾ آهي، تنهنڪري گهاٽو توڙي ڇڊو جئن دل ۾ ايندس، تئن اُڻندو. مطلب ته ڌڻي بي نياز آهي، جئن وڻيس تئن ڪري ٿو.(196)

ڀيٽيو- (146) ڏوري ڏاتار جي هٿ ۾ 

(147) واڳ ڌڻي جي وس.

(148) مجيدا ڪون ڪهي صاحب ڪؤن يوُن نا ڪرو تم يوُن ڪرو.

(149) جيڪي موليٰ ڪندو سو ٿيندو.

C.f There’s a divinity that shapes our ends,rough- hew them how we will.                                                               

(150) اوٽ پڙي موٽ ۾ ڪنئار پڙي گهوٽ ۾.

ڪجهه ڏبو ته انجو عيوضو ملندو، ڪنئاريتا ڌيءَ ڏين ٿا، ته سندن ڌيءُ لاءِ گهوٽيتا پنهنجو پٽ ڏين ٿا. ڪنهن ڳالهه ۾ ماڻهو پاڙ جهاڙ يا وهنوار ٿين ته ائين چون.

(151) اُنڌيون پاٽيون پاسيرا ٽويا.

جو ماپ يا تور ۾ گهوٻي هڻندو، تنهن لائين ائين چئبو-”هن دڪاندار جون اونڌيون...ٽويا، هن کان شيءِ ڪير وٺندو“

ڀيٽيو- ٽيئون ماءُ پنجوءَ ماءُ وارو حساب (اصطلاح)

(152) اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها ڇانءَ ۾ وهاري.

زبان اها ئي ساڳي آهي، پر فضيلت جو ڳالهائبو ته مان ملندونه ته بيمانو ٿبو. ”تون جي هن سان بي ادب نه ٿين ها، ته ڇو جيڪر توکي ههڙو بيمانو ڪري ها؟ اها...وهاري.

(153) اُها ڪڪڙ مري ويئي جا سونا آنا ڏيندي هئي.

هڪڙي ڪڪر روز سونو آنو لاهيندي هئي. سندس مالڪ کي دل ۾ آيو ته هڪ ٻڪي سڀيئي آنا پيٽ مان ڪڍي وٺانس. هن پوءِ ڪڪڙ جو پيٽ چيريو، پر منجهانس هڪڙو آنو به ڪو نه نڪتو. هيءَ ڳالهه اهڙي پيئي لڳي جهڙي”اڌ کي ڇڏي جو سڄي ڏي ڊوڙي، تنهنجو اڌ به وڃي“. پر پهاڪي جي معنيٰ نه اڳيان چڱا مڙس يا اڳيان چڱا ڏينهن هليا ويا، هنئر ڪٺن زمانو آهي.

ڀيٽيو- (154) اهي تنيا ئي مري ويا جي گهٽا ڏيندا هئا.

(155) اهي دفتر ئي ڪتا کڻي ويا.

(156) اهي لالڻ ئي لڏي ويا.

(157) اهي وڻ به ويا واهيرا به ويا. واهيرو =آکيرو.

C.f The goose is dead that laid golden eggs.

158. اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني.

اڳي زالون ڪنن ۾ سونا ڳن، ڏيڍيون، ڪرڪون ۽ ٻيا زيور سونهن لاءِ پائينديون هيون، پر مڻين جي بار سببان ڪن پچي يا ڇڄي پوندا هئن. اهڙيون حالتون ڏسي هي پهاڪو چيو اٿن- مراد ته اهو ڪم ئي گهوريو جنهن مان فائدي هٿڻ نقصان ٿئي يا ڪا خرابي پهچي.

ڀيٽيو- (159) اها ساهه ئي گهوري جا سرتڪي، ساهه = مڻيا.

(160) اهڙو ڪم ڪجي جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.

مطلب ته هڪٻئي ۾ ڪو معاملو پيدا ٿئي ته اهڙي طرح نبيرجي جو ڪم به لهي اچي ۽ محبت به نه وڃي.

C.f. Fall not out with a friend for a trifle.

(161) اُهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي.

مراد ته صرفو ڪري ڪجهه بچائجي جو گهرج مهل ڪم اچي.

C.f.  Provide against the rainy season.                      

(162) اُهو وڻ ئي ڪونهي جو واءُ نه لوڏيو آهي.

مطلب ته اهو انسان ڪو نه ٿيندو جنهن ٿوري ڪي گهڻي تڪليف نه ڏٺي هوندي. دک سک آهيئي آهي.

(163) اهوئي هٿ کير ۾ اهو ئي هٿ نير ۾.

 مطلب ته اتيئي شاديءَ جا ساٺ سوڻ (کير سان ٿين ٿا) ۽ اتيئي گهر ۾ پٿر. (نير ۾ ٻڏل ڪپڙا-ماتمي ويس).هن طرح ڪم آڻبو. ”ڪنئاريتا وهانءُ ڇڪين ٿا، ته ڀلي پيءُ جو ٻارهو گذاري پرڻجي پوي. اهڙا ڪم ٿين پيا. اهوئي ...۾

(164) اياڻو چوي سياڻو ويڃائي.

 بيعقل کي جيڪي ايندو سو چوندو، پر سياڻي جو ڪم آهي ته ويڇائي يا ويچار ڪري ته ڇا صحيح ڇا غلط ۽ پوئين جيڪي پاڻ واجب سمجهي سو ڪري.

ڀيٽيو-(165) نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري.

C.f.  A fool may give a wise man counsel.              

(166) ايڪ تندرستي هزار نعمت.

انسان کي هڪ تندرستي يا چڱڀلائي آهي ته هن وٽ ڄڻ ته هزار نعمتون آهن. مطلب ته تندرستي هڪ وڏي غنيمت.

C.f Good health is above wealth.                         

(167) ايڪ پنٿ دو ڪاج.

هڪڙو پنڌ ڪجي ۽ ٻه ڪم ڪجن.”بازار مان شيئين شڪل وٺي اچ ۽ انڌ پنڌ هي بدڙي به پهچائيندو اچ. ايڪ.....ڪاج.

C.f Kill two birds with one stone.

(168) بابا گهر گهوڙي ته ڪامون هڻ هڻ؟

بابي جي گهر گهوڙي هوندي ته گهوڙي جي هڻ هڻ (هڻڪار) مون لائين چئبي ڇا؟ مطلب ته هڪڙن جي ڌن دولت مان ٻين کي ڪهڙو سواد ايندو؟ (ڪنئاريتا شاهوڪار. پر جي گهوٽ ماءُ کي نه ڏيندا. ته هوءَ انهن کي ائين چوندي)

C.f what matters it to a blind man that his father could see?

(169) باب جي کٽي ۽ آپ جي کٽي وڏو سنڌو.

سنڌو  يعني تفاوت. پيءُ جي پئسي جو قدر نه پوندو پر پنهنجي ڪمائيءَ جو گهڻو قدر پوندو.

(170) باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو.

جيڪي بار کڻڻ يا سٽن سهڻ جهڙا هوندا، سي سٽ جهليندا، باقي جيڪي ڪچي لڱين هوندا، سي سٽون نه سهندا. جڏهن ڪنهن جوان تي گهر جي خرچ يا ڪنهن ڪارخاني هلائڻ جو بوجو پوي ۽ هو خفي ٿئي ته ائين چون.

ڀيٽيو-(171) اُٺن جا بار به ڪي گڏهه کڻن؟

(172) باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اچي.

سسئيءَ جي قبر منگهي پير جي پريان پٻوڻي ناڪي طرف مهباڙننءِ وٽ آهي.چون ٿا ته اڳي جيڪو رهگذر اُتي رات جو وڃي رهندو هو، تنهن کي کير جو ڪٽورو ۽ ٻه مانيون ازغيبي ملنديون هيون. هڪ لڱا ڪو مسافر اهو ڪٽورو  کڻي ويو، تنهن کان پوءِ ٺڪر جي وٽي ۾ کير اچڻ لڳو، تنهن تان ائين چيائون، ڪو اهو وٽو به کڻي ويو ته کير ۽ مانيون اچڻ ماڳهين بند ٿيون، تنهن ڪري چون ”وٽو کڻي هڪڙو واٽ وڃائي سڀني جي“ (173) مطلب ته چوري ڪندو هڪڙو ۽ ٺڪر (ڪلنڪ) گهڻن کي ايندو، جو سڀ ڪنهن ۾ پيو شڪ پوندو.

C.f. one doth the seath and another bath the scorn.

174. باهه ۽ پاڻي ٿورا ڪري نه ڄاڻجن.

باهه ۽ پاني گهٽ ڪري نه سمجهڻ گهرجن. ٻرنديء کان پاسو ڪجي ۽ ڪنهن واهه يا درياه ۾ اُٻهرو ٿي نه گهڙجي.

Fire and water are good servents but bad masters.

(175) بچائي فقير پوئڍائي کان

پوئڍائو ماڻهو، جو نئينءَ مان شاهوڪار ٿيو هجي، تنهن سان شل ڪنهنجو پلؤنه اٽڪي (ڇاڪاڻ ته حد نالائق ٿين ٿيا).

(176) پوئڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي،

ماءُ جنهنجي جنڊ ڪڍڻي، پٽ ڦرڪا پائي.

(177) سڪي سڪي مڙس ڪيائين ٻي جا ٻڌائين سڳي،

اڳي کاڌاءِ لوڙهه مڇي، هاڻ لڏڻ لڳي(زنانو)

(178) ماءُ بٺاري، پٽ ڳاٽي ڀڳو.

(179)ماءُ موُري، پيءُ بصر، پٽ ٻنهي کان ڪسر.

(180) ماءُ موُري، پيءُ بصر، ڌيءُ دا نانءُ گل زعفران.

C.f Upstart a churl, and gahthered good, and thence did spring his gentle blood.

(181) بڇڙو ڪتو ڌڻي پڻائي.

ٻه ڄڻا واٽ وٺيو پي ويا ته ڪنهن گهر مان هڪڙو ڪتو نڪري، هڪڙي کي ڏاڙهڻ ٿي آيو، ته هن ڀونڊو ڏيئي چيس ته ”لعنت آهي تنهنجي ڌاريندڙ کي“. پوءِ مغز ڌاري لٺ ٿي هنيائينس. سنگتيءَ چيس ته هيءُ ڪتو اسان جي فلاڻي دوست جو آهي، تنهن ڪري نڪي ماريس نڪي گاريون ڏينس. هن پوئين لٺ هيٺ ڪئي ۽ چيائينس ته ”ڪتا، تو نه منهن، تنهنجي ڌڻيءَ منهن“.(182) يعني توکي ڪو نه ٿو ڏسان، پر تنهنجي ڌاريندڙ جو لحاظ ٿو ڪريان. مطلب ته جيڪو اولاد يا نوڪر بڇڙي هلت ٿو هلي، سو پنهنجن مائٽن يا سيٺين کي پڻائي يعني گاريون ڏياري يا بدنام ڪري ٿو.

C.f. Bad servent wound their servant is fame (Gay)

(183) بختاورن جا ڍڳا به ويامن

مطلب ته ڀاڳ وارن کي اهڙن هنڌان فائدو ٿئي ٿو جتان ٻين کي ڪا به اميد نه هوندي ”ڀاڳ ڀڄي ڀاڳ ڏي“.

ڀيٽيو- (184) دولتمندن جا ڏاند به ڏڀن.

 

C.f. Throw him into the Nile and he will come up with a fish in his mouth.

(185) بدن ۾ دم نه ٺهي نالو زوراور خان !

دم= ساهه، زور. جيڪو اجائي آڪڙ ڏيکاري تنهن لاءِ چئبو.

(186) ڪم قوت غصا بهت، مار کاني ڪي نشاني.

C.f. Great boast, little roast.

(187) بڙا ڪهاوڻ بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دوُر.

مطلب ته پاڻ کي وڏي سڏائڻ ۾ وڏو دکه پائڻو آهي يعني وڏا عهدا ته وڏيون جوابداريون ۽ تڪليفون، باقي ننڍن جا دک دور آهن يعني اهي ڳڻتين کان ڇٽا پيا آهن.

C.f. Uneasy lies the head that wears the crown.

(188) بسياري خواري.

ڪنهن به ڳالهه ۾ گهڻ Excess  ۾ پئبو ته اُن ۾ گلا آهي (چڱائي ڪانهي). مطلب ته پورائي پنائي چڱي آهي.

C.f. Too much of one thing is good for nothing.

(189) بک بڇڙو ٽول دانهه ديوانا ڪري يا بک بڇڙي بلا چڱن کي چريو ڪري.

ٽول معني شيءِ. مطلب ته بکه ماڻهوءَ کي ڇتو ڪيو ڇڏي.

(190) پيٽ ۾ نه جيسين روٽي تيسين ڳالهه مڙيائي کوٽي.

C.f. A hungry man, an angry man.

(191) بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي

 سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي

مطلب بک مهل جيڪي ملي سو مٺو پيو لڳي.

ڀيٽيو- (192) بک ۾ بصر به مٺا.

C.f. Hunger is the best sauce.

(193) بکئي جون اکيون چلهه ۾.

بکايل هر گهڙيءَ چلهه ڏي پيو نهاريندو، ته ڏسان ته ماني تيار ٿي آهي، يا نه.

ڀيٽيو- (194) بکئيءَ کي بٺ به ڏور. (بٺ= چلهو)

C.f. Hungry men think the cook lazy.

(195 ) بک وچان اُگهڙ ياد نه آهي.

اُگهڙ، اُگهاڙپ. پيٽ پالڻ جي ڳڻتيءَ وچان بت تي ڪپڙو ڪرڻ يا ٻاهريون ننگ رکڻ ياد به ڪونهي. غريب ائين چون-

(196) بندي جي من  ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي.

بندو يعني انسان (اصل معني غلام) دل ۾ گهڻيئي گهاٽ گهڙي ٿو(رٿون رٿي ٿو)، پر نيٺ ائين ٿئي ٿو جئن صاحب (ڌڻيءَ) کي وڻي ٿو (ڇاڪاڻ ته ”اڻندو اها ئي... 145)“

C.f. Man proposes, God disposes.

(197) بڻي ته بڻي نه ته دال روٽي گهڻي.

بڻت بڻي (ٺاهه ٺهيو) نه ته واهه واهه، نه ته دال ماني يعني غريباڻو کاڌو يا جهڙي تهڙي نوڪري ڪٿي به ملي سگهندي.

(198) بيعقل جي بلا دوُر.

اياڻو جي اياڻپ ڪندو ته به ڪو گهڻو ڏوهه ڪو نه ڏيندس، جو هرڪو ڄاڻي ٿو ته هو بيعقل آهي. بلا دور يعني مصيبت  پري يعني موچڙن کان هو بيعقل ٿي ڇٽي ٿو-

C.f. Ignorance is bliss.

(199) بيعقل کان بي ڏاڙهيو ڀلو.

مراد ته مورک جو سنگ نه ڪجي.

ڀيٽيو- (200) بيعقل بازار ۾ کڻجي نه ساڻ،

پهرين ڪٽائي پاڻ، پوئين ڪٽائي سنگتي.

(201) مورک ماڻهو، ٻه گهر ٻارؤ، ٻئي ٻن ڏجن.

C.f. Chins without beards are better than beads without brains.

(202) بيک کي ٽيڪ.

ٻائو،ٻانڀڻ يا ڪو فقير ڪلڇڻو هوندو ته به هن جي بکيه يعني ويس (فقيراڻي لباس کي ڏسي) مٿو ٽيڪجي ٿو.

(203) ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي.

ٻاٻل (ٻاٻوريا ڪاڪو) پريو مڙس يا ڳوٺ جو مکي گهڻو ئي آچاري (پورو نياءُ ڪندڙ) هوندو، پر اڳيان ڪو مڃڻ وارو به هجي. “ هن پرچاءُ ڪرڻ لائين گهڻو  ئي پڪاريو، پر ڪنهن ٻڌس ڪو نه.ٻاٻل ... مڃي“.

(204) ٻارڻ ٻهوُن ڪجن ته به رڙا رجهن

ڪينڪي يا رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻه پڙا.

ٻارڻ يعني جيڪي ٻار جي، ڪاٺيون.ٻهون = گهڻا،رڙو معني سخت داڻو، مڱ يا مٽر جو کريل داڻو جو ڳريئي نه.ٻه پڙا يعني ٻيڻا. مطلب ته گهڻيون يا ٻيڻيون ڪاٺيون ٻاربيون ته رڙاڪين  رجهندا. مراد ته بڇڙي کي ڪيتري به سيکت يا تربيت ڏبي ته به سڌرندو ڪين.

)205( اڪ آمو نه ٿئي توڙي ڦٽي ڪري ڦر. آمو = انب.

)206) اڪنامت الله دي اڪنا سک لئي

اڪ سکندي ڀي نا سکي جئسي پٿر بوند پئي.

(207) ڌاتورو ڌاري جي ڪجي ڪار ڪماند جي،

اصل انهيءَ پار جو ڏينا ڏيکاري.

(208) دم سگ راست نشود.

ڪتي جو پڇ ٻارنهن مهنا نر ۾ وجهه ته به ڏنگي جو ڏنگو.

(209)ڪلر منجهان ڪين ٿئي. توڙي جال پيارينس جر.

C.f. Croooked by nature is never made straight by education.

(210) ٻاليتو نه ماليتو.

هڪڙو وڏو آڪاهيو واڻيو هو، جنهن کي سڀ ڳوٺاڻا وڏو شاهوڪار ڪري ڀائيندا هئا. هڪ لڱا ڪنهن غرضائوءَ هڪ هزار روپين اُڌارا گهريس ته ڪين ڏيئي سگهيو ۽ هيءُ پهاڪو ڏنائين. مطلب ته ٻاليتو يعني ٻارن ٻچن وارو ماڻهو ڪڏهن به ماليتو يعني مالدار يا شاهوڪار نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته ” جيڏا ڏوُتا تيڏا ڀوُتا“.

(211) ٻاهران جاپ بوئين، اندران ڪاپ بوءَ.

ٻاهران جاپ يا ڌڻيءَ جي سمرڻ (عبادت) جي بانس، ۽ اندر ۾ ڪپ يا ڇريءَ جي بانس. مطلب جو ٻاهران ڄڻ ته درويش آهي؛ پر اندر ۾ ڇڙيون هجنس، تنهن لاءِ چئبو.

ڀيٽيو- (212) قلب ۾ ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي (هنج = هنس)

(213) منهن جو مٺو، اندر جو ڪارو.

(214) منهن ۾ ملو، دل ۾ ڪاسائي.

(215) منهن ته آهير يا لئي اُجرو، قلب ۾ ڪارو.

(منهن آرسيءَ کان به اوجل، پر اندر ڪارو).

(216) منهن تي موسيٰ جهڙو، عادت ۾ ابليس = شيطان.

(117) منهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطاني.

(218) موُن ڀانيون درويش، پر بازن کانئي بڇڙو.

(219) وات ۾ ماکي، دل ۾ ڪاتي.

(220) هٿ ۾ مالا، اندر ۾ ڀالا (= نيزا)

C.f. All saint without, all devil within.

(221) ٻاهران چکي مکي اندران بڙ بڙ دکي.

ٻاهران ڏيک ويک يا ٺاهه ٺوهه، پر اندر ۾ بڙ بڙ (چلم جهڙي آواز) جي دکي يا ڪنو. جو ٻاهران ڏکجي چٽجي گهمي، پر لڇڻ چڱا نه هجنس تنهن لاءِ ائين چئبو. 177

ڀيٽيو-(222) اڇي پڳ نه پس، اندر مڙيئي اڳڙيون.

(223) اڇي ڏاڙهي نانءُ دلبر.

(224) چٽيو واڱڻ پٽ جو رومال.

(225) ڏوُران ڏاڙهي اوريان ڪک.

C.f. A fair face may hide a foul heart.

(226) ٻائي ٻيرا اڍائي سير.

اکري معني موجب ته اي ٻائي يا سانئڻ، ٻير ٿا وڪامن. ڪهڙو اگهه؟ چي پئسي ( ياٽڪي) اڍائي ير. ٻير اهڙا سستا تڏهن ملندا، جڏهن ڪنهن به ڪم جا نه هوندا، تنهن ڪري پهاڪي جو مطلب ته ” آهي ڇا، لڀي ڇا؟ يعني اها شئي  ڪنهن به ڪم جي نه آهي.

ڀيٽيو- (227) ڌوڙ ڇائي ٻڪ اڍائي.

(228) ڌوڙ ڌاڻيون اٽي چاڻيون.

(229) ڌوڙ ڌڪا دانگيءَ پڪا. نڪمي ماڻهوءَ لائين:-

(230) ڌوڙ پيس ڌڙڪي ويس. (ڌڙڪي= رلي).

(231) ڌوڙ ڌنيتيءَ منهن ۾. رابيان منهن ۾ رک.

(232) ٻائي جي ٻانهي پکي سوُنهين پنهنجي.

سانئڻ توڙي گولي يعني شاهوڪار توڙي غريب هرڪو پنهنجن ڪکن(گهر) ۾ سونهين ٿو. مراد ته پراون گهرن ۾ گهڻو نه وڃجي، ڇاڪاڻ ته:- پراوا ڌر نوُسڻ ڪتن جو ڪم.

ڀيٽيو- (233) هر هر هورائي وڃڻ در دوسن جي.

دوستن جي در تي هر گهڙيءَ وڃڻ هلڪائي يا گهٽتائي آهي.

(234) جيڪي گهر ۾ ڪين گذارينديون تن کي لوڪ ميارون مارينديون.

(235) ٻه ڀائر ٽيون ليکو.

ڀائيوار ڀائرن وانگر آهن، پر حساب ڪتاب کي به ٽيون ڀاءُ ڄاڻي، ساڻس سولو هلجي. وهنوار ۾ سوڌو رهجي.

”تنهنجي ڪا طلب نڪرندي ته بيشڪ ڏيندس. ٻه... ليکو“.

ڀيٽيو- (236) شريڪت ۾ مريڪت ڇا جي؟

يعني ڀائيواريءَ ۾ مروت يا للي چپي ڇو ڪجي؟

C.f. Money has no blood relations.

(237) ٻه ته ٻارهن.

ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ملي بيهندا، ته اُهي ڄڻ ته ٻارنهن ڄڻن جي برابر آهن. ”دو دل يڪ شود بشکند کوه را ” يعني ٻه دليون گڏ ٿين ته ڏنگر ڏاري وجهن. مطلب ته ميلاپ وڏي شيءَ آهي.

ڀيٽيو- (238) جيڪي اتفاق ۾ آهي سو نفاق ۾ ناهي.

(239) جيڪي اُلفت ۾ آهي سو ڪلفت ۾ ڪينهي.

C.f. Union is strength.

(240) ٻٽيهن ڏندن مان سڀ ٻولجي.

مطلب ته وات مان سڀ (چڱي) وائي ڪڍجي.

C.f. It is a good tongue that says no ill.

(241) ٻڏئيءَ ٻيڙيءَ جو لوهه يا هريرون به چڱيون.

مطلب ته ٻڏل رقم مان جيڪي ملي سو لاڀ ليکي.

C.f. Of an ill paymaster get what you can, though it be but a straw.

(242) ٻري تيل، کامي وٽ، واهه ڙي ڏيا واهه!

ڏئو ٻاربو آهي ته ٻرندو تيل آهي ۽ ڪپهه جي وٽ کامندي (جلندي آهي، پر چئبو ائين  آهي ته ڏئو واهه جو ٻري ٿو. مطلب ته سختيون سهن هڪڙا، ناموس ٿئي ٻين جي.

ڀيٽيو- (243) وڙهن سپاهي، نالو ٿئي سردار جو.

C.f. The blood of the soldier makes the glory of the general.

(244) ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن.

ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ هوندا ته هر هڪ کي اهو ڊپ پيو لڳندو ته ٻيو منهنجي شڪار مان حصو کڻي ويندو تنهن ڪري پاڻ ۾ پيا وڙهندا. جڏهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ هن لاءِ وڙهن ته سڀ اختياري منهنجي هٿ ۾ هجي تڏهن ائين چئبو.

Tow cats and a mouse, two wives in one house,two dogs and a bone, never agree in one.


 

(245) ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.

هن طرح ڪم آڻبو. ”هيءُ جنهن سنگت ۾ گهڙي تنهن مان جيستائين ڪڪ نه ٿئي(ٻڪريءَ وانگر چري پورو نه ڪري، تيستائين ڪين ڇڏي. ”ٻڪريء ...... چري.“

The goat browses where he is tied.

(246) ٻڪري کير ڏئي ڦولهڙين گاڏڙ.

ٻڪري ڏهبي ته کير ڏيندي، پر ساڳي وقت ڦولهڙيون به لاهيندي، تنهن ڪري اهو کير سڏيو اٿن ڦولهڙين گاڏڙ يعني ڦولهڙين سان گڏيل. ڪو ماڻهو چڱو ڪم ڪندو، پر ساڳي وقت پنهنجي ڪنهن اڍنگيءَ هلت ڪري پنهنجي ڪئي جو رس جس وڃائيندو ته ائين چئبو. ”گلاب منهنجو ڪم ڪندو آهي، پر ريڙهائي ريڙهائي. ٻڪري ...گاڏر“

The cow gives good milk, but kicks over the pail.

(247) ٻڪريءَ کي ساس جي ڪاسائيءَ کي ماس جي.

ٻڪريءَ کي پنهنجي ساهه جي لڳي ٿي (مرڻ جو ڊپ ٿئيس ٿو) ۽ ڪاسائيءَ کي گوشت جي لڳي ٿي. بيقياسي ماڻهوءَ سان هن طرح لاڳو ڪيو. ”آءٌ پيو بيماريءَ ۾ مران ۽ هيءُ چوي ته منهنجي ڪم جو اونو ڪج! ٻڪري...جي“

(مون کي لڳي آهي پنهنجي، ته هن کي لڳي آهي پنهنجي)

(248) ٻه گدرا هٿ نه اچن.

مطلب ته ٻه هاجون ساڳي وقت  هٿ نه اينديون.

ڀيٽيو – (249) ٻه تراريون هڪ مياڻ ۾ نه ماپن.

(250) ڪيئن مائيندا من ۾ خودي ۽ خدائين،

ٻن ترارين جائين، ناهي هڪ مياڻ ۾.

C.f.Grasp no more than thy hand will hold.

(251) ٻليءَ شير پڙهايا. ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.

هڪڙي ٻليءَ ڪنهن شينهن جي ٻچي کي چنبو هڻڻ سيکاريو، ته هن اول کيس چنبي سان ٿي ماريو. مراد ته لچ کي چڱي مت ڏسڻ پاڻ لاءِ جنجال پرائڻ آهي.

(252) چڱائي ڪر ڄٽ سان، ته ڄٽ ڦيري هڻي پٽ سان

C.f. I taught you to swim and now you would drown me.

(253) ٻلي کائيندي ڪين ساري کنگهندي ساري.

ڪا رقم يا شيءِ خوشيءَ سان وٺي کائبي، پر اها کنگهڻ (موٽائي ڏيڻ) يا اُن جو عيوضو ڀرڻ ڏکيو لڳندو.

Merry is the feast –making till we come to the reckoning

(254) ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙ.

ٻليءَ جي دل ڇڇڙن سان، تنهن ڪري سپني ۾ به اهي ياد اٿس. جيڪي ڪنهن ٻيءَ ڳالهه هلندي سمجهن ته اسان جي مطلب واري ڳالهه جو ذڪر آهي تن لاءِ ائين چئبو.

ڀيٽيو- (255) جي جاڳندي ستي به سيئي.

جن ڳالهين جو جاڳندي ذڪر، سپني ۾ به اهي ڏسجن.

C.f. Wish is father to the thought

(256) ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو.

 جنهن جي چوري ٿئي تنهن کي ائين چون، هن مراد سان ته جيئن ٻنيءَ مان گاهي (گاهه ڪندڙ) گاهه کڻي وڃي، ته به ٻني اهڙيائي سائي، تهڙي طرح تون به سدائين آباد هوندين، باقي چوري ڪندڙ گاهيءَ وانگر، انگ اُگهاڙو پيٽ بکيو.

(257) چوري نه موري، موري ته به گهوري.

مورجڻ معني سائو ٿيڻ، نوان پن ڪڍڻ مطلب ته چوري ڪندڙ ڪڏهن به سائو نه ٿيندو، ٿئي ته به چوري کڏ پوي.

(258) ”ڪک چور سو لک چور“. جو اڄ ذرڙو چورائيندو سو سڀاڻي لکن جو مال چورائيندو.

C.f. Who steals a penny will steal a pound.

(259) ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ.

گانئين مينهن وغيره ويهي ڏهبي، پر اُٺ ڏهڻ لائين اُٿي بيهڻو پوندو. مطلب ته اَهنڊ ( مد مغز) ماڻهوءَ مان سولائيءَ سان ڪم نه نڪرندو. ” ٻين کي پرچاءَ ڪرڻ لاءِ چوندس ته اهي ڪندا،باقي سدورو مل منهنجي سمجهائڻ جو نه آهي. ٻي ...اُٺ. هن سان تون وڃي مٿو هڻ“.

(260) ڀاونا ڀاڙو هر ڪنهن کي ڏئي پانهنجو.

جيڪو جهڙي نيت رکندو، تنهن کي اهڙو اُجورو ملندو.

ڀيٽيو- (261) جهڙي نيت تهڙي مراد.

(262) نيت خاص، مراد حاصل

(263) نانڪ نيت صاف ڪر ته درگهه پوين قبول-

C.f. (1) Good mind, good find

(2) Evil to him that evil thinks.

(264) ڀتين کي به ڪن آهن.

نازڪ ڳالهيون ڏاڍايان نه ڪجن متان ڪو ٻڌي.

C.f. Walls have ears

(265) ڀڄندڙن جي اڳ ۾ لڪندڙن جي پٺ ۾.

حقيقتون ڪانئرن سان لاڳو ڪيو، جي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ پنهنجي سلامتي ڳولين؛ پر جو ٻئي تال مارڻ چاهي تنهن سان به لاڳو ڪن ٿا. پوئين حالت ۾ ڀيٽيو :-

(266) جيڏانهن ڏسي تيري، تيڏانهن پائي ڦيري.

(267) موچڪي رنبي حلال ۾ به وهي حرام ۾ به وهي.

(268) ناني نُوري جتي ڪٿي پُوري.

C.f. Hold with hares and hunt with hounds.

(269) ڀريءَ ڇني کان ڀيري ڇنو چڱو.

ڳؤري ڀري هڪدم کڻي پنهنجو بت ڇني يا جهوري وجهجي، تنهن کان بهتر ته ٿورو ٿورو ڪري کڻجي. ائين گهڻا ڀيرا ڪرڻا پوندا ۽ ٿڪ ٿيندو، پر اهو چڱو.

ڀيٽيو- (270) ڀري ماري، ڀيرو نه ماري.

C.f. It is not the burden but the over burden that kills the beast.

(271) ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتائي پيا آهن.

ڀڳڙا کائڻ ۾ هٿ کي ڪين لڳندا، تنهن ڪري ڌوئڻ جو ضرور ڪو نه ٿو ٿئي. ساڳي ريت ڪنن ڪمن ۾ هٿ وجهبو ته پڇاڙيءَ جي ڳڻتي رهندي، نه ته ڪهڙو ڊپ؟

C.f A clean hand wants no washing.

(272) ڀڳو گهڙو ڍؤن ڍؤون ڪري.

ڀڳل دلو کڙڪائبو ته ”ڍوُن ڍوُن“ جهڙو اڻ وڻندڙ آواز ڪندو. مورک به ڪڏهن وڻندڙ گفتگو وات مان نه ڪڍندو.

C.f. A cracked bell can never sound well.

(273) ڀڳي سان ئي ڀير جسين رڌو نراس ٿئي.

ڀڳل ائٽ سان ئي ڪتيندي رهه، جيسين رتو يعني ڳاڙهو (جنڊيءَ ٿيل) ائٽ جڙي تيار ٿئي. مراد ته جهڙي تهڙي يا سادي سودي سان ئي حال ڪم ٽپائين

 C.f A man must plough with such oxen as he hath.

(274) ڀلو ڪر ته ڀلو ٿئيئي.

 ٻين جو ڀلو ڪر، ته ڌڻي تنهنجو ڀلو ڪري.

C.f. Do well, and have well.

(275) ڀلي ڀاڻ آئي، سان به نه ڀلي.

هڪ وڇ ڀلجي ڪيڏانهن اوجهڙ نڪري ويئي، پر پوئين رلي رلي پاڻ مرادو ڀاڻ (وٿاڻ) ۾ آئي، ته ڌنار ائين چيو. ويل رقم موٽي ملي ته اها ويل نه چئبي. بڇڙن ڪمن کان جو باز آيو تنهن ڄاڻ ته بڇڙا ڪم ڪيا ئي ڪين ها.

 C.f. It is not lost that comes atlast.

(276) تاڙي هڪ هٿي نه وڄندي آهي.

معاملو تڏهن مچندو جڏهن ٻئي ڌريون وڙهڻ جو ارادو ڪنديون. هڪڙي ڌر ماٺ ڪندي ته معاملو نه ٿيندو.

C.f. It takes two to make a quarrel.

(277) ترت دان مهاپڃه

جنهن پٽ يا وقت سر خيرات ڏيڻ يا ڪنهن جو ڪم ڪرڻ (بنا ريڙهائڻ جي) تنهن جو ثواب وڏو آهي.

C.f. He gives twice that gives in trice.


 

(278) تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي.

تر يعني ٿوري تان ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهه ۾ گسندو ته سؤ چوٽون يا ڌڪ جهليندو. مطلب ته ٿوريءَ غفلت جي ڪري وڏي خرابي ٿئي ٿي.

C.f. A little neglect may breed great mischief.

(279) تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي.

اکري معني ته جيڪا ڪتي پوري وقت کان اڳي ويم ڪندي سان انڌا پوُنگڙا ڄڻيندي. جيڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ۾ اجائي تڪڙ ڪندو سو ڪم کي اُٽلو بگاڙي وجهندو.

ڀيٽيو - (280) تڪڙ ڪم شيطان جو.

(281) تڪڙ ۽ طمع ڇا لڳي.

C.f. Haste makes waste.

(282) تون ڪير؟ چي ”سکيو“

ڪنهن ڪم (اڪثر چڱي ڪم) مان ڪو اڻ وڻندڙ نتيجو نڪري ته ائين چئبو، هن مراد سان ته اڳنا سکيس يا توبهه ڪيم. ”حساب نٿي بيٺس؛ سندس پرپٺ سڄو حساب ٺاهي رکيو مانس، ته اُٽلندو اچي ڪاوڙيو. چي منهنجن ڪاغذن کي تو اول هٿ ڇو لاتو؟ هيءُ ڀلائيءَ جا ڀاڙا ٿو ڏئيم ! پر ٺهيو. تون...سکيو“.

(283) ترار ٻڌڻ کان توبهه ڪيم، جيسين رب جياري.

(284) ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻيهي ڇانءَ ۾ وهاري.

جهڙي طرح ٿڌي دلي کي پاڻمرادو ڇانءَ ۾ جاءِ ملي ٿي، تهڙي طرح سيتل يا نيڪ سڀاءَ واري جو پاڻمرادو مان ٿئي ٿو.

C.f. Conciliatory manners command esteem.

(285) ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.

ٿوري ملڻ تي دل نه سسائجي ۽ گهڻي ملڻ تي من نه وڌائجي. هر حال ۾ شڪر ڪجي.

(286) شڪر ڪر صحيح، ته توئي سان توهه ٿئي.

C.f. Great minds are easy in prosperity. And quiet in adversity.

(287) ٿوري کٽئي گهڻي برڪت.

ٿوري ڪمائيءَ تي قناعت ڪري، اُپت آهر خرچبو ته سکي رهبو. هن طرح به ڪم آڻبو. ”توکي ٽيهه روپيا پگهار آهي، ته به شڪر ڪر. ٿوري ... برڪت“. يعني ڌڻي انهيءَ ٿوريءَ ڪمائيءَ ۾ وڏي برڪت وجهندو.(سکي رهندي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org