سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: -

صفحو :10

 

 (1165) (سٽ) ڳوڙها يا ڳنڍيون ڳوڙها ٿيو- منجهو-

(1166) ڳوڙهو ٿي پيو آهين- متو آهين، ٿلهو ٿيو آهين.

(1167) ڳوڙهو ڳيهڻ- ڪجهه باسي پوئين نه ڏيڻ يا اُن جي پوُرائي نه ڪرڻ. مثلاً مائٽيءَ جي پڪ ڏيئي پوئين ڦرڻ.

(1168) ڳيتون ڏيئي قرض لاٿائين- قسطون ڪري يا تڪليفون سهي قرض لاٿائين.

(1169) گهاٽ جو سون- مٺو يا هلڪو سون.

(1170) گهاٽ يا گهاءُ گسايائين- ڪاوڙ جو وقت ٽاريائين.

(1171) گهاٽ گهڙڻ- (1) رٿوُن رٿڻ. ” هن دل ۾ گهڻي گهاٽ گهڙيا (2) ڪاريگريء جو ڊؤل يا نمونو بيهارڻ.

(1172) گهاٽي گهڙي پيس- مرڻ مهل گهڻي سختي ڏٺائين.

(1173) گهانگهو ڳچي پيس- ڦاٽو، وڏو بار سر تي کنيائين، پرڻيو. ”(ڳٽ ڳچي پيس)“. گلا جو گهانگهو کنيائين= گلا پنهنجي گردن ۾ وڌائين يعني پاڻ تي گلا سٺائين.

] گهانگهو= ڳچي، ڀڳل مٽ يا ڪني وغيره جي[.

(1174) گهاءَ وڌائين- وڍ وڌائين، دل ڏکويائين.

(1175) (دهلارين) گهايوُن ڏنيون- دهل تڪڙا وڄايائون.

(1176) (سج) گهٽ به گهتان هو- لهڻ تي هو.

(1177) گهٽ ٻوُساٽ- زبردستي (ڪڇڻ نه ملي).

(1178) گهٽ گهٽيا اٿس- ڳالهائڻ بند ٿيو اٿس، ڪڇي نٿو.

(1179) گهچا ڪڍيائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.

(1180) گهر- زال (1) ٻيو گهر پرڻيو آهي= ٻي شادي ڪئي اٿس.

(2) گهر ڊهي پيس وري جڏهن ڪي گهر ڪري يعني زال مري ويس وري جڏهن پرڻجي.

(1181) گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ- ٿوري ساک يا ڏيکاءَ لائين پنهنجو گهڻو نقصان ڪرڻ 220.

(1182) گهر ٻڌو- پاڻ ۾ ٺهو يا ميلاپ ڪريو- يڪمشت ٿيو.

(1183) گهر جي گهريتڙي آهي- گهر کان ٻاهر نه اڪرندو آهي.

(1184) گهر جهلڻ واري- جا گهر هلائي سگهي.

(1185) گهر ڪرڻ- (1) ٺهي وهڻ.To marry and settle 

     (2) ٺهي وهڻ.” هن ڇوڪري کي ساهرا گهر ڪرڻ نه ڏيندا يعني پنهنجي گهر ۾ ٺهي وهڻ نه ڏيندس (سندس افعالن يا پنهنجي بڇڙي سڀاءَ ڪري).

       (1186) مرض گهر ڪري ويو يا ويٺو- پڪو ٿيو.

       (1187) گهر کي سولو ٿو وڃي- پنهنجو سهنج  ڳولي ٿو.

(1881) گهر گهاٽ ڪونهيس- نڌڻڪو آهي. ”رلي مئو آهي“

(1189) گهر گهلو پير کڻڻ- (1) گهر کان جلد ٻاهر وڃڻ (پراون گهرن ۾) 242. ڌيءُ توڙي زال کي گهر گهلو پير کڻڻ نه گهرجي.

(2) اُٻهرو ٿي ڪو ڪم ڪرڻ.

(1190) گهر مان پيئي يا لڳي اٿن- پاڻ ۾ دشمني ٿي اٿن.

(1191) (ٻارن) گهر مٿي کڻي ڏنو- گهڻو گوڙ ڪيائون.

(1192) گهرءُ ۾ گهارجي- رضا تي راضي رهجي.

(1193) گهڙا ڀرڻ- خدمت يا شيوا ڪرڻ (ديس جا گهڙا).

(1194) گهڙي ماٽي جي سڌ ڪانهيس- اَلڙ يا بي آزمودگار آهي.

] دلي ۽ ماٽي (مٽ يا چاڏي) جي تفاوت جي سڌ ڪانهيس[.

(1195) گهڙي جا گهڙيال- وقت جون حالتون ” گهڙيءَ جا گهڙيال آهن؛ ڪڏهن سکه ڪڏهن دکه.627

(1197) ٻار گهنڊڻي ٿي لڳو – پٺيان ڪاهي پيو (ڇڏيئي نه).

(1198) گهڻو- ڪجهه نه (اُلٽي معني سان) ” تو مان ٿيو ئي گهڻو“.

(1199) گهوٽ پيءُ ٿي ويٺو هج- بيپرواهه يا بنا اُلڪي ويٺو هج

(1200) گهوڙا يا گهوڙا ! هائين هائين ! گهوڙا گهوڙا ڪيائين = دانهون ڪيائين. (ڦريل ماڻهوءَ وانگر). گهوڙو پويس- مصيبت پويس. اشارو- چون ته اڳي ڌاڙيلا گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا ته ماڻهو پريائين ”گهوڙا گهوڙا“ ڪري پڪاريندا هئا هن معني سان ته ڦرياسون.

(1201) گهوڙي تي چڙهي آيو آهي- گهڻي تڪڙ ڪري ٿو.

(1202) گهوڙي ڪن برابر- ڀائپي ۾ سڀ هڪ جهڙا. 614

(1203) گهيرو ڪرڻ- ويڙهي وڃڻ.To besiege

(1204) (پکي) لاتيون لنوين ٿو- ٻوليون ڪري ٿو.

(1205) لاٽوري ڏيئي ويس- (ڪجهه) چوري ڪري ويس.

(1206) لاشو به ڪونه لڀندس- بنهه چٽ ٿي ويندو.

(1207) – لاک لاٿائينس- سيکت ڏنائينس، جٺ ڪيائينس.

(1208) لاکي جي مهل- سوير صبوح جو يا سج اُڀرڻ مهل.

(1209) لالا نگهري لڳڻ- ڪنهن تي آسرو رکڻ.

       هنجي لالا نگهري لڳندين ته ڪم نه ٿيندئين“.

(1210) لانگ ورايائين- چڙهيو( وهٽ تي، ٽنگ ورائي).

(1211) لاڻ نه لائينس- عيب نه لڳائينس، گلارو نه ڪرينس.

(1212) لاهه پاهه ڪيائين- (شي) هڪ باسڻ مان لاهي ٻئي ۾ وڌائين

(1213) لاهه لنگهايائين مٿاڇرو ڪم ڪري پوُرائو ڪيائين.

(1214) لاهڻي نه لاهينس- آبروُ نه وٺينس.

(1215) لاهي پاهي بيٺو – لوٺيو يا بي حيا ٿي بيٺو 346.

(1216) ڪنهن لائقي لڳو –ڪنهن چڱي عهدي تي پهتو.

(1217) لائوُن- سنسڪرت” نمن“ = نمائڻ ( گهوٽ ۽ ڪنئَار مٿا- وهانءَ مهل). لائوُن لڌائون = پرڻيا. پاڻ ۾ لائون اٿن= گهڻي محبت اٿن (زال مڙس جهيڙي).

(1218) لائي چائي ڪرڻ- چغلي هڻي جهيڙو ڪرائڻ.434

(1219) (توکي) لائي ڳالهايائين- ٻين جي ڳالهه ڪندي (توکي) اَڻ سڌي طرح ٽوڪيائين.

(1220) (تيوڻ) لائي لائي کاءُ- ٿورو ٿورو ڪري کاءُ.

(1221) لايو سجايو ٿيو- ڪيل خرچ يا پورهيو سڦلو ٿيو.

(1222) لباس ٿو ٻڌي- ڳالهين ۾ ريبي يا ٺڳي ٿو.

(1223) لبيس- لباس زبان ۾ لبيس اٿس= مٺو ٿو ڳالهائي.

(1224) لٻ لٻ ڪرڻ يا لٻڻ- ڇڙٻون ڏيڻ، ستائڻ.

(1225) لٻي ٿٻي تي هليو-ترڪتال تي يا مفت ۾ پورائي ڪيائين.

(1226) لت ڳري ٿيس- تنهنجو بار پيس يا زور لڳس.

(1227) لتل ڦٽ اُکليا- دکن جي نئين سر يادگيري پيئي.

(1228) لٺ لڳي- لٺين سان مارا ماري ٿي، جهيڙو ٿيو.

(1229) لٽاڪو لٿو- مونجهاري جو يا ڏکيو ڪم پوُرو ٿيو.

(1230) اکين تي لٽ چڙهيو اٿس- ساڃهه ويئي اٿس.

(1231) لپو هڻڻ- ڪوڏر سان ڌڪ هڻي زمين کوٽڻ. کوهه جو لپو لڳو- کوهه کڻڻ جو ڪم شروع ٿيو- چڱو لپو لڳي ويس- چڱو وجهه مليس. لپا لائي ٿو کائي= وڏا وڏا گرهه ٿو کائي.  ] لپو  A spadeful [

(1232) لڄ آيس- لڄي ٿيو. لڄ ۾ پئي لڪو- شرمندو پئي ٿيو.

(1233) لڄ پت سان رهجي آئي -  عزت آبروُ سان ڪم پوُرو ٿيو.

(1234) لڇ ڳنڍيل اٿن- پاڻ ۾ ٿورو ناتو اٿن. لڇ = ذرو.

(1235) پنهنجون لڏوُن ڀوري پنهنجي ٿالهيء ۾ کاڌائين- ڪنهن شريڪ کي ڪجهه سوکڙي طرح ڏنائين ته اُن  جي موٽ مليس.

(1236) لڙڪ لڙي پيس- اکين مان ڳوڙها ڳڙيس، رئڻ آيس.

(1237) لڙهه لڳڻ- آڌار يا اجهو وٺڻ. ( لڙه= لٺ، آڌار).

(1238) (برسات) لڙهي لاتي- (مينهن) سانده ۽ گهڻو پيو.

(1239) لڪ لانچڻ- ڪمر ڪشڻ.(لڪ = چيلهه. لانچڻ= ڪشڻ)

(1240) لقب لاتائينس- تعديون يا جٺيون ڪيائينس.

(1241) لڪ لنگهايائين- تڪليف يا بيماري ڀوڳي چڙهيو.

(1242) لڪڙا ڏيڻ- مردو ساڙڻ. ( هندڪو رواج).

(1243) لک تي ڏئو ٿو ٻريس- وڏو شاهوڪار آهي.

(1244) لڳڻي ٻيڙي آهي- جتي اچيس تتي بيهو رهي.

(1245) لڱ ٿا مڙن- تپ ٿو اچي.

(1246) لل پيو مئَي- بڪي پيو، بيهودو ٿو ڳالهائي.

(1247) للي چپي ڪرڻ- ڪنهن جي لحاظ ڪري سموري سچي ڳالهه نه ڪرڻ، ڳالهائڻ ۾ خوشامد ڪرڻ.

(1248) لنبا ڏيڻ- ٻرندڙ ننڍين ڪاٺين سان چکيا کي باهه ڏيڻ

(1249) لنڊي خوشامد- بيهودي يا اجائي خوشامد.

(1250) لنگهڻ ڪڍيائين- کاڌي کان سوائين گذاريائين.

(1251) (اسانوٽ) لنوندي نه جهوندي- گوڙيا گهپي ناهي.

] نڪو زبان سان ڪو لنوين (ٻولي) ۽ نه لڱ جهنون .

(1252) لنءَ لنءَ ٺريس- رڳ رڳ ٺريس، گهڻو خوش ٿيو.

(1253) لنءَ لنءَ ڪانڊاري – بت جو هڪ هڪ وارکڙو ٿي بيٺو.

(1254) لوڏ ئي لک لهيس- هن جي رڳو ٻانهن جي لوڏ جو ملهه لک رپيا آهي يعني نهايت شاندار ۽ وڻندڙ هلت اٿس.

(1255) لوڪ آهي ٻوڪ- ماڻهن کي جيڪي اچي سو پيا چون. ٻوڪ ڏيڻ- بڪڻ- ” وچ ۾ ٻوڪ نه ڏي“.

(1256) لولا لولا ٿيو- پريشان ٿيو( ڪنهن منجهائيندڙ ڳالهه سبب)

(1257) (ڀرت) لولا مانيون ڪيائين- بگاڙي يا کاري ڇڏيائين.

(1258) لولي جو لوڻ- نڪمو ماڻهو.

(1259) (هن مان) لولي جو لوڻ به نه ٿيندو- ڪجهه نه ٿيندو.

(1260) (مائٽي) لوڻ جي سمجهي ڪر ته کنڊ جي ٿي پوندي- حال ائين ئي سمجهه ته خراب آهي پر پوئين پاڻيهي ڏسندين ته سٺي آهي.

(1261) لوڻ وجهي ڀت ۾ ڀائيوار ٿو ٿئي! ڪين جهڙي مدد ڏيئي ڀائيوارن جهڙو حصو ٿو گهري !

ڀيٽيو-”دال گيهه تيرا آگ ڦوُڪ ميرا“ (پهاڪو).

(1262) لوُڻي لڳي اٿس- فڪرات اٿس. ”لوُڻاٽيو پيو آهي“.

(1263) لوهه ٿيو ويٺو هج- دل جو ڏاڍو ٿيو ويٺو هج.

(1264) لئا لائڻ- جهيڙو ڪرائڻ ڏسو ”ڇيڻا ڀورڻ“.

(1265) ليڙو لهي پيو اٿس- وات کي ڏنل ڏٽو لٿو اٿس يعني بيشرمن وانگر ٿو ڳالهائي.

 ڀيٽيو- ” ڏگهري“ ۽ ” کڙه“.

(1266) ليڪو لنگهي ويو آهي – حد لنگهي ويو آهي (حياءَ جي)

(1267) لينگها چٽي ٿو- پن مڱ تي گذاري ٿو.

(1268) ليوُن ٻوُڙن سان ٻوُڙا لين سان لاتائين- جهيڙا ڪرايائين

(1269) (ڳالهه) ليءُ مٽي ٿي- ڍڪجي ويئي (ليپو آيس).

(1270) ماڪ تي موريو آهي- ڪوُڙي دلاسي تي خوش ٿيو آهي

] ماڪ تي وڻ ٽڻ مورجن يعني ساوا ٿين[

(1271) ماناکائي مٿي ٿيو آهي- ٻڍو ٿيو آهي. مانا= مانيون.

(1272) حياتي جو ماڻ ڀرجي آيو- حياتي يا عمر پوري ٿي.

(1273) مٿا موُنا هنيائين- گهڻا ڪشالا ڪيائين (موُنا= گوڏا).

(1274) مٿو تتس- اونو ٿيس.

(1275) مٿو يا منهن ڏيڻ- پڄڻ، تڪليف وٺڻ. ”ڳن ڏيڻ“.

(1276) مٿو ڪوُڙائي ساک نه ڪڍجي- (ٿوري ناموس لائين اجايا خرچ نه ڪجن.

(1277) مٿي تي هٿ پنس- پڄنديء وارو ٿيو.

(1278) مٿي چڙهي ويو آهي- ڦوُنڊ ۾ ڀريو آهي.

(1279) مٽ پوڻ- برابر ٿيڻ شاعري ۾ شاه سان ڪير مٽ پوندو؟

(1280) مٽوُن ڦوُڪيائين- شوخي ڏيکاريائين، ڪاوڙيو.

(1281) مٽي ڏيڻ ويا- مردو پوُرڻ ويا. (مسلماني رواج).

(1282) (ٻڪري) مٽي ڪيائون- پاتائ‍‌‍‍ؤن، ڪٺائوُن،.

(1283) مٽيءَ پنوڙو هئڻ- موت لکيل هئڻ. ” ڪئَمبيل صاحب جو حيدرآباد ۾ مٽي پنوڙو، سو ويچارو ولايت مان اچي 1892ع ۾ ڦليلي ۾ ٻڏو“.

(1284) مٺو ڪري ڀوڳيائين- صبر سان سٺائين.

(1285) مٺيون ڀڪوڙيائين يا پيٽ ۾ پاتائين - سور صبر سان سٺائين.

(1286) مچ مچايائين- خرابي ڪيائين، جهيڙو ڪرايائين.

(1287) مچي مڪر ٿيو آهي- ٿلهو ٿيو آهي. (مڪر، مڇي)

 (1288) مڇي مانيءَ وارو آهي- چڱيءَ هوند وارو آهي.

(1289) مڇي بازار لاتي اٿن- کچر کلو يا گهڻو گوڙ ڪيو اٿن.

(1290) مڇيء، مان ڪنڊا ٿو ڪڍي- اجايوُن ويڪوُن ٿو ڪڍي.

(1291) مدد جو هٿ ڊگهيريائين- مدد ڪيائين.

(1292) مدو اچي ڀريو- ٺهرايل وقت پوُري ٿيڻ تي آيو.

(1293) (ڳالهه ۾) مرچ مصالح گڏيائين- ڪوڙ سچ گڏيائين.

(1294) مرچ لڳس- ڳالهه نه وڻيس؛ ڪاوڙيو.

(1295) مڙس ٿيءُ- همت ڌار مڙسي = همت.

(1296) مڙهه مقام- گهر گهاٽ، رهڻ لائين ٺهرايل هنڌ.

(1297) مڪو متس- چڱو فائدو ٿيس.(مڪو= فائدو)

(1298) مکڻ- نرم دل. مکڻ جو گهڙو= رڄ چڱو مڙس.

(1299) مکڻ جي سيخ پچائڻ- ڏسو ” پاڻ پچائڻ“.

(1300) مکڻ مان وار ڪڍيائين- بلڪل چڱي طرح جا چي (ڪتاب وغيره) اهڙيون خاميون ڪڍيائين جن جو رواجي طرح جيڪر ڪنهن کي پتو به نه پوي.

(1301) ممڻ مچڻ- معاملو ٿيڻ. ” اکر ڪڇائين ته ممڻ متو“.

(1302) ممڻي سپ آهي- ڏسڻيء ماٺيڻو پر اندر جو نانگ.

(1303) من ڀرجي آيس- رئڻهارڪو ٿيو. من ڇنس = رٺائين.

(1304) منڊا چڙهيا اٿس- ڳالهائي نٿو سگهي (ڦيڻو لڳس).

(1305) منگوچا ماڻيائون- مؤجون ڪيائون

(1306) من  متي آهي- پنهنجي مت تي هلندوآهي. ” پاڻهرتو“.

(1307) من ۾ ڀرجي ويو- هٺ ٿيس ( اختياري ملڻ ڪري)

(1308) من ۾ چور ويٺس- ڪٻڌيا يا دل ۾ دغا پيس.

(1309) منهان پئجي ويو آهي- ڏٺو نٿو وڻي

(1310) منهن اونڌائي يا منهن ميرائي- سج لٿي جي مهل

(1311) منهن ٻريس پيو- منهن ۾ تجلو اٿس.

(1312) منهن ڀت سان لڳس- پشيمان ٿيو، پڇتايائين.

(1313) منهن تي نٿو پوي- سونهين يا ٺهي نٿو.

(1314) منهن جو پنو لهي ويس- منهن جي جوت گهٽيس.

] زيور تان پنو (ياقوت) لهندو ته سونهن وينديس[.

(1315) منهن ڏسي ٽڪڙو ڏنائين- جهڙو ماڻهو ڏٺائين تهڙي خوشامد ڪيائين.

(1316) منهن ڪنئرو- نرم سڀاءَ يا گهڻي لحاظ وارو.

(1317) منهن لهي ويس- موڳو ٿيو.

(1318) منهن مٿي  ٿيس- آبرو يا مان وڌيس.

(1319) منهن مٽيائين- اڳين پريت ڇڏيائين.

(1320) منهن موڙڻ- دنيا کان منهن موڙيائين= پاسو ڪيائين ڪم چئبس ته منهن نه موڙيندو= ناڪار نه ڪندو.

(1321) منهن منهن تي چڙهيائين – ڦوڪيو، ڪاوڙ لڳيس.

(1322) منهن وڏو يا اڻاسو- بيشرم.”نڪ نرڄو“.

(1323) مهيء لڙڪيائون- بکيڙو يا گوڙ ڪيائون.

(1324) مئا هٿ هڻڻ- ٿورڙي ڪوشش ڪرڻ.

”مئا هٿ هڻندس ته به پنج سؤ رپيا اُڌارا ملندم“.

(1325) ميٽ مٿي ۾ هجيؤ ته هتي  اچي لاهجو- جلد اچجو.

(1326) (گهوڙي کي) ميدان کڻايائين- تکو دوڙيائين.

(1327) ميرو ماڻڪ- نهايت اصيل ماڻهو پر سادو سوُدو.

(1328) ميڪ ميڪ ڪرڻ يا ميڪڻ-سڏڪا ڀرڻ يا رئڻ.

(1329) مينڍ ۾ ڳائڻ- جهيڻي يا سنهي سر ۾ ڳائڻ، آهستي يا لڪائي ڳالهائڻ. مينڍ ۾ مارئي ڳائڻ=  پڌري ڳالهه آهستي يا لڪائي ڪرڻ ” مائٽيء جي پڪ ٿي، مصري به ٿي کاڄي ۽ هيءُ اڃا مينڍ ۾ پيا مارئي ڳائين] مينڍ= ستار وغيره جا بند ڍلا ڪري سر جهڪو ڪرڻ[.

(1330) مينهن وسندي-گهرج مهل.161

(1331) نابري واريائين- ناڪار ڪيائين ( ڪم ڪرڻ کان).

(1332) نادري حڪم جاري ڪيائين- اڍنگو حڪم ڪڍيائين.

] نادرشاه بادشاه سخت حڪم جاري ڪيا هئا[.

(1333) نادي ڪر- ڀائيواري نبير. شيئين ڇڏ يا کڻ.

(1334) ناس پتو يا نڪ چپ ڪونهيس- نرلڄو آهي.

(1335) ناگلي گجر نه آهي- سولو ٺڳجڻ جو نه آهي.

(1336) نالو بد ٿيس- بدنام يا گلارو ٿيو.

(1337) نالو پيو ڳائجيس- ساک پيئي ٿئيس.

(1338) نام چت ڪيائين- مري ويو.( هند ڪو اصطلاح).

(1339) ناناڻن اڳيان ڏاڏاڻا ٿو ساراهي- ( اسان پارا) جيڪي کيس چڱي طرح سڃاڻن تن جي اڳيان ٻٽاڪون هڻي ٿو.

(1340) ناناڻي ڍوري لنگهي ويو- ڀيٽيو” لاهي پاهي بيٺو“.

(1341) نانءَ چڙهيو- مشهور. ” نامڪٺيو“ ” نامي گرامي“.

(1342) نٽهڻ اُس – ساڙيندڙ يا تکي اُس.

(1343) نڙيءَ مان پاڻي پيو بکيس- نهايت سهڻو آهي.

(1344) نظر يا اک مان ڪڍ- جاچي ڏس، تپاس، جاچ.

(1345) نظر بند ڪيائونس- جهلي پهري هيٺ رکيائونس.

(1346) نقش ٻوڙيائين- مان وڃايائين.

(1347) لڪ تائين پيٽ ڀريائين- تمام گهڻو کاڌائين.

(1348) نڪ کي مر نه لائبي- پاڻ کي لڄي يا گلارو نه ڪبو.

(1349) نڪ نرڄو يا نڪ  وڍير-بيشرمو. نڪ نرڄائي= بيشرمي

(1350) نڪ وڍيائينس- جٺ ڦٺ ڪيائينس.

(1351) نڪون تار ٿي ڪيائين- بيوس يا لاچار ٿي ائين ڪيائين.

(1352) نڪون ساهه هرڪو ٿو کڻي- آبرو سڀ ڪنهن کي پياري آهي.

(1353) ننڊ ڦٽيس- بي آرامي يا چنتا (ڳڻتي) ٿيس.

(1354) ننڍي پوچ- ننڍي ٽهيءَ وارا.

(1355) ننو اکر واريائين- ناڪار ڪيائين.

(1356) نوُر نچويائين- اکين کي تڪليف ڏيئي پورهيو ڪيائين.

(1357) نوڙيء مان نانگ ڪيائين. ٿوريء ڳالهه جو وڏو وڌاءُ ڪيائين. ڏسو ” آتڙي مان ڪاتڙي“ ۽ تيليء مان ٿنڀ.

(1358) نهوڙي نيڻ- پوُرو ڪرڻ، مارڻ.

(1359) نيروليء جي ڪن کري آهي- ڪوڙو هل ٻڌن ته ائين چون.

(1360) نهن چوٽي ڏڪي ويس- سڄوئي بت ڏڪيس.

(1361) نيري وهانءُ- گهوٽ مائٽن جو هڪڙو ئي پٽ ۽ ڪنئار مائٽن جي هڪڙيائي ڌيء تنجو وهانءُ. ” ڄيٺي مينهن پهريتي پٽ. نيري وهانءُ ڪن سڀاڳن سامهون“.

(1362) وات اُٿي پيو يا ڦلاريو – وات پڇي پيو.

(1363) وات ٽڪاڻي ڪيائين- مٿاڇري صلاح ڪيائين.

] وات ٽڪيائين ته متان پوئين ڏوراپو ملي[.

(1364) وات جا پلاءَ ٿو کائي يا وات جا ورا ٿو پچائي- ٻٽاڪون هڻي ٿو. ” دل کي خوش ڪري ٿو“.

(1365) واترادو، وات ڏار يا وات وڏو- گهڻ ڳالهائو.

(1366) (ڪم جي) واٽ نٿو واري- (ڪم) نٿو ڪري.

(1367) وات رک- پرهيز يا ڪري ڪر 865.

(1368) وات ڪيائين- گار گند ڪيائين” گهٽ وڌ ڳالهايائين“.

(1369) اوهان جي وات ۾ گلاب- پنهنجي ڪنهن ڳالهه ڪرڻ لائين ٻئي کي ڳالهائڻ جي وچ ۾ روڪڻ مهل ائين چون.

(1370) وات ۾ مڱ پيا اٿيئي ڇا؟ ڇو نٿو جواب ڏين؟

(1371) وات وجهڻ- سوال ڪرڻ. ” ٻين کي ڇو وات وجهجي“؟

(1372) وات وڪيل آهي- پنهنجي پاران پاڻ ڳالهائي سگهي ٿو

(1373) وار نه ونگو ٿيندئين! ذري تڪليف نه ڏسندين!

(1374) واساما يا واسانگا ڳائڻ- ڪنهن جي اوني ۾ رهڻ.

        ”ڪيڏي مهل لاڪر تنهجا ويٺي واساما ڳايم“.

      (واسامو= ساهي. ” اجهواچي“ چوڻ آهي واسا موڳائڻ).

(1375) واگهوءَ جي وات ۾ آهي- ڪنهن زبردست ماڻهوءَ جي نظر هيٺ يا هن جي ڊپ ۾ آهي.

(1376) واهه واهه پئجي ويس- گهڻي ناموس يا ساک ٿيس.

(1377) واهيري جي وير- آکيڙي ڏي موٽڻ جي مهل، نما شام.

(1378) (ڳالهه) وائين وائين ٿي- هلي ويئي، ظاهر ٿي.

(1379) وائي بادي (ڳالهيون) اعتبار ۾ نه آڻڻ جهڙيون.

(1380) وائيندي تي ٿو ڇڄ ڏئي- ٻئي جي مرضي پٽاندر ٿو ڳالهائي. ]ان وائرين ته هڪڙو ان هاري ٻيو ڇڄ هڻي[

(1381) وايون بتال يا ولليون ٿيس- ڳالهائڻ ۾ منجهو، وائڙو ٿيو.] بطال = منجهل. ولليون= بنا ڍنگ[.

(1382) وچ ڪڍيائينس- منجهه لڌائينس، سماءُ ورتائينس

(1383) وچ وهندين! وڏو مان ٿيندئين! (دعا).

(1384) وڏا پير ڪيا اٿس-ڀلائي ڪري آيو آهي.

(1385) وڏو ڳالهائڻ اٿس- گهڻو يا اجايو ڳالهائيندو آهي.

(1386) ور تي رسو ٿو ڀڃي- پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪري ٿو

(1387) (ٻار) وري آيو- مري ويو.

(1388) وڙهي ڍانگا ٿيا- وڏو تڪرار ڪيائون.

(1389) وصال ڪيائين- ڌڻي سان وڃي مليو، مري ويو.

(1390) وقت کي سلام ڪجي- سمي پٽاندر هلت ڪجي.

(1391) وڻ گهوڙو نه ٻڌائين (1) بريز بريز يا اجائي تڪڙ ڪيائين، تحمل يا ڌيرج نه ڪيائين. (2) اُچايائين، آزاريائين.]وڻ سان گهوڙو نه ٻڌائين، ساهي نه کنيائين[.

(1392) وڻ وڄائي ڇڏيائينس (1) حيران يا پريشان ڪيائينس. (2) طوفان انبن جا وڻ وڄائي ڇڏيا= انب ناس ٿيا.

(1393) وهڻ ولوڙيائين- گهڻا ڪشالا ڪيائين- (وهڻ =درياهه).

(1394) وهوُ ڍڳو – نار ۾ وهندڙ ڍڳو گهڻو ڪم ڪندڙ ماڻهوُ

(1395) ويهن ئي ننهن جا زور لاتائين- هر طرح جا حيلا ڪيائين.

(1396) هاريو ويريو پليَ پوندئين! جيڪو خرچ يا نقصان ٿيو اٿيئي سو شل موٽي ملندئين! (دعا جو نمونو)

(1397) (ڪم ڪرڻ جي) هائين ڀريائين- (ڪم ڪرڻ) قبوليائين.

(1398) (ڪم ڪرڻ جي) هام هنيائين- ٻٽاڪ هنيائين.

(1399) توسان ها ۾ ها ملائي ٿو- جئن تون چوين ٿو تئن پاڻ به چوي ٿو، توسان ٻٽ آهي.

(1400) هٿ اٽڪائڻ- (1) وڙهڻ- ڪنهن مڙس ماڻهوئين سان هٿ اٽڪائين ته خبر پويئي. (2) واسطو رکڻ. (توبه ڇڪي هن پليت سان هٿ اٽڪايو آهي“.

(1401) هٿ اچڻ- حاصل ٿيڻ. ” کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي“.

(1402) هٿان پيس- خطا يا ڏوهه پاڻ ڪيائين پنهنجن هٿن سان). ” هٿان تو پيئي ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين“.

(1403) هٿ تريا پيا اٿس- هٿ ۾ شيئين کڻي تورجي اٽڪل پوريءَ طرح ڪري سگهي ٿو ( ساهميءَ ۾ تورڻ کان سوائين).

(1404) هٿ ٽنگڻ- سوال ڪرڻ.

(1405) (خيرات) مان هٿ ٺاريائين- (خيرات) دل وٽان ڪيائين.

(1406) هٿ پير لڌائين- ويم ڪيائين، ٻار ڄڻيائين.

(1407) هٿ جس هئڻ- ڪيل ڪم لائين جس (ناموس) يا قدر هئڻ. ”منهنجو هٿ جس ڪونهي. ڪنهن سان چڱائي ڪريان ته اهو پاڻ برائي پيو سمجهي“.

(1408) هٿ جو ڇوُٽ- سخي، جو وڏيءَ دل سان پئسو خرچي.

(1409) هٿ چيو نٿو ڪري- پئسي جو زور ڪونهي.

(1410) هٿ ڇوئي اٿس- شين چورائڻ جي عادت اٿس.

(1411) هٿ ڌوئي پٺيان پيو- پوُري ڪرڻ لائين سنڀريو.

(1412) هٿ ڪپي ڏنائين- لکي ڏنائين (صحيح پائي).

(1413) هٿ کڻڻ- واسطو ڇڏڻ. ”انهيءَ ڪپڙي تان هٿ کڻ“.

(1414) هٿ نه منجهندئين! پئسي جي تنگي نه ڏسندين!

(1415) هٿن جا ليڪا ڊهڻ جا نه آهن- ويجهي مائٽي ڇنڻ جي نه آهي.

(1416) هن جي هٿن جو ڄاول آهي- کانئس ننڍو آهي.

(1417) هٿن مان ڪي ڪري پيس- دل کي صدمو پهتس، گهڻو ڏک ٿيس. ]دل کي ايڏو لوڏو آيس جو هٿن واري شيئين ڪري پيس. ڏسو ”ڇهه ڇڄڻ“[.

(1418) هٿن ۾ هريوُن اٿس- هار وير يا ڀڃ ڊاهه ڪري ٿو، حرڪتي آهي. ]هريوُن = آڱرين جي وچ واريوُن وٿيون. ٻڪ ۾ پاڻي جهلبو ته هرين مان ڦڙا وهندا[.

(1419) هٿين پوڻ- هٿن سان وڙهڻ. ” هٿين ڇوٿو پوين“؟

(1420) هٽ کٽائي حلوا کاڌائين- پڄنديءَ کان وڌيڪ يا قرض کڻي خرچ ڪيائين.

 ڀيٽيو- ”قرض کڻي ڪنگڻ پاتائين“

(1421) هٽ کڻي ڇڏيائين- دڪان هميشہ لائين بند ڪيائين.

(1422) هٽيءَ ساروُ هوڪو ڏجي- پڄنديءَ آهر خرچ ڪجي.

(1423) هٺون هيٺ نه لٿو- هوڏ ڪري بيٺو، نه مڙيو.

(1424) هجا هيرا پاتائين- ڏکيا يا سڃا (اجايا) ڏوراپا ڏنائين.

(1425) هڏ ڀڳل آهي- پورهئي ڪرڻ تي هريل آهي.

(1426) هڏ پورو اٿس- پئسي جو زور ڪونهيس.

(1427) هڏ رک- پنهنجن هڏن کي گسڻ کان رکي، سست.

(1428) هڏ گڏ ڀڳائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.

(1429) هڏ گڏيل نه اٿن- پاڻ ۾ ميلاپ ڪو نه اٿن.

(1430) هرديگي چمچو- ”سڀ وٽ سان پورو“.

(1431) هرک هارڻ- دل ڪرڻ، ڪنهن سان پرڻجڻ يا ڪٿي مائٽي ڪرڻ جي ” راجا چنيسر ليلا ڏسي هرک هاريو“.

(1432) (ڪجهه) هڙ پليءَ نه پيس- (ڪجهه) حاصل نه ٿيس.

(1433) هڙ گسايائين- پئسا خر چيائين، نقصان سٺائين.

(1434) هڙون وڙون مدد ڪيائين- ڪجهه پاڻون مدد ڪيائين ۽ ڪجهه پنهنجا لائق ڪري ٻئي کان مدد وٺي ڏنائين.

(1435) هش تي خوش ٿيو- ڪوڙي خوشامد تي خوش ٿيو.

(1436) هڪ اک کلندييءَ ٻي رئندييئين- خوشيءَ توڙي رنج سان قبوليندين.

(1437) هڪ ڪن کان آيو ٻئي  کان ويو- ”ٻڌو اڻٻڌو“.

(1438) هڪ ڪلهي تان لهه ٻئي تي چڙهه- وهنواري پلؤ ڏي، ڏيتي ليتيءَ ۾ پورو رهه، منهنجي طلب نڪري ته مون کي ڏي ۽ تنهنجي نڪري ته تون وٺ.

(1439) هڪڙي کي سڄي اک ۽ ٻئي کي کٻي اک ڪرڻ هڪڙي سان هڪڙي ۽ ٻئي سان ٻي هلت ڪرڻ.

(1440) هنباريءَ رسيو-وڏي عهدي تي پهتو (هنباري= پالڪي).

(1441) هنيانءَ تي ڇنڊو پيس- دلجائين ٿيس، ڪاوڙ ڍري ٿيس

(1442) هنياءُ نه لوڙهه دلگير يا بي همت نه ٿيءُ.

(1443) مهنئَينءَ ۾ نه کنئَينءَ ۾ آهي- نه ڪنهن جي نقصان نه فائدي ۾ آهي، ڪنهن جي به پچار نه اٿس.

(1444) هوا جي سٽ به ڪانهي- ذري هوا به نٿي لڳي.

(1445) هيٺ مٿ جي سڌ ڪانهيس- نفعي نقصان جي پروڙ يا ڳڻ ڳوت ڪانهيس.

(1446) هيٺاهين وٺڻ-نئَڙت ڪرڻ.

(1447) هيڪلي وڻ هيٺ آيو آهي- جن لڳو اٿس.

(1448) هڻ کڻ لڳي پيئي آهي- موت تڪڙو ٿو ٿئي.

(1449) هيري جي ڪڻي- رڄ چڱو مڙس يا چڱي زال.

)1450( يار ويس- ميلاپي، کلڻو ملڻو.

اشارو- اصطلاح ياورجيس اُن کي چئجي ٿو. جنهنجي اکري معني هڪڙي ۽ رواج موجب ٻي آهي.

پهاڪو يا چوڻي اها آهي جنهن ۾ ڪا نصيحت يا نڪتو ٿورن پر مائيدار لفظن ۾ ڄاڻايل آهي.                                

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org