سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: -

صفحو :8

 (502) پڪيءَ ٻير ۾ ڀتر هڻڻ- فائدي واري هنڌان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ.326.

(503) پڪين تي-( پڪل مانين) ٺهي ٺڪئي ڪم تي.

” نئين ڪارخاني کولڻ جون تڪليفون ٻين ڪيون ۽ هي بختاور وڃي پڪين تي پيو“.

(504) پکو وجهڻ صورتي وجهڻ.  To cast lots.

(505) پکي پوڻ- نصيب ٿيڻ” جيڪي دک پکي پيا سي ڀوڳيا

(506) پڳ- پڳڙي يا ڇٽ، جو گادي نشين کي ڍڪائين.

تنهنڪري پڳ اچڻ يا ٻڌڻ معني گادي ملڻ، آبرو جو درجو، اختياري يا جوابداري جو ڪم ملڻ.

(507) پڳ جو پيچ جتي ٿو اچيس اُتي ٿو ورائي يعني جئن پنهنجو سهنج ٿو ڏسي تئن ڪري ٿو

(508) پڳڙيون (1) قضيئي جي ٽيئين ڏينهن( معرڪي تي) ڪانڌين کي پڳڙيون ٻڌائڻ. (2) پڄاڻي ٿيڻ.

” سود يشي هل چل جي ڪري بزازين جون پڳڙيون ٿيون“. يعني پورا ٿيا، بند ٿي ويا.

(509) پڳ مٽ-ثاني. ” هو انهي رئس جو پڳ مٽ آهي“

(510) پڳڙي وڌائي رکو- پڳڙي لاهي رکو.

(511) پگهر جي ڪمائي- ٻانهن جي پورهئي جي ڪمائي.

(512) پگهر سڪائڻ نٿو ملي- آرام ڪرڻ جو وقت نٿو ملي.

(513) پنهنجي پگهر ۾ ٻڏي ويو- پاڻمرادو شرمندو ٿيو.

(514) پلوءَ اٽڪڻ- واسطو ٿيڻ.”هو ٻاٻري ڪنڊ آهي، هن سان شل ڪنهنجو پلؤ نه اٽڪي“.

(515) ٻاٻري ڪنڊ يعني ٻٻر جي ڪنڊ ۾ هڪ هنڌان پلؤ ڇڏائبو ته ٻئي هنڌ اٽڪندو تنهنڪري معني اڙيون يا اڙنيون وجهندڙ، جنهن کان جند ڇڏائڻ مشڪل.

(516) پلوءُ پائڻ (1) پلاند جهلڻ(آسيس گهرڻ لائين) هندڪو رواج

(2) ”نيزاري ڪرڻ“ ڏسو ”پاند پائڻ“.

(517) پلوَ جهلڻ- پلاند (جهولي وانگر) جهلڻ، گارين وغيره سهڻ لاءِ. ”ڳالهاءِ جيڪي ڳالهائڻو هجيئي، اسان وڏوئي پلوءُ جهليو آهي“.

(518) پلؤ ڏيڻ- ونهوار ۾ سولو يا سوڌو رستو ڏيڻ. ”چوي ٿو ته يا شيءِ موٽاءِ يا پئسا ڏي؛ اهو ته سولو پلؤ ٿو ڏئي“.

(519) پلوَ وٺڻ- بدر يا عيوض وٺڻ.

(520) پلئي پوڻ- حاصل ٿيڻ، ملڻ- ” حق پلئي پيس“.

(521) پنبو ڪڍي ويٺو آهي- پئسا نٿو ڏئي؛ کٽو آهي.

(522) پنبهيون ٿو هڻي- خوش ٿيو آهي، ٽپ ٿو ڇڏي.

(523) پنج اسناني- ٻه هٿ، ٻه پير ۽ منهن ڌئڻ. ”وضو“.

(524) پنجوءَ جي پڻ سان ٿو هڻي- واجبيءَ کان وڌيڪ ٿو گهري پنجوءَ نالي هڪ واڻئي جو پڻ( ان ماپڻ لائين) رواجي پڻ کان وڏو هو).

(525) پنج ئي گيهه ۾ اٿس- وڏو فائدو يا سڀ سڻائي اٿس.

(526) پنڌ پڇڻ- واٽ يا مفاصلو پڇڻ، احوال پڇڻ. 415.

”تو ۾ سو سر سارو جنهنجا تون پنڌ پڇين ٿو“. بيدل

(527) پنهنجو پاپ پيو کائي- ڪيل کوٽا ڪم سجهن ٿا.

(528) پنهنجو مٽ پاڻ آهي- جهڙس ٻيو ڪونهي.

(529) پنهنجي ٻڌي پنهنجي ڇوڙي- پنهنجي مت وارو آهي،.

(530) پنهنجي تي اچڻ- سچو ٿي ڪم ڪرڻ” پنهنجي تي اچي ته ڪم جهٽ ڪري ڏئي“.

(531) پنهنجي پاڇي ڀر پيو ڊڄي- گهڻو ڊڄڻو آهي.

(532) پنءُ ٻارهن- سوڀ، فتح. ضد ” ٽي داڻيون“.

(533) پنءُ سٽ- انهيءَ دم، جهٽ پٽ ”تت وهندي“،

”پنءُ سٽ پيرن ڀر، اُٿي خان کڙو ٿيو“ (مومل راڻو).

(534) بوتي ڪڇي ڇڏڻ- وت جاچي ڇڏڻ، افعالن جي سڌ هئڻ. ” چورن پوليس جي پوتي ڪڇي ڇڏي آهي، تنهنڪري وتن راڱا ڪندا“.

(535) پوتي پيو آهي- مرڻينگ آهي.

(536) توکي چڱيون پوپٽيون پڙهائيندو- اُستاد ٿي ملندئين حرفت سان کٽي ويندو. To out- trick.

(537) پورو هڏ اٿس- زور ڪونهيس (بدن ۾ يا پئسي جو)

(538) پوُڻو پيو آهي- بدن ۾ گهٽ يا ضعيف (مرڻينگ ) آهي.

(539) پويان پير ڪيائين- پٺتي موٽيو، هٽيو

(540) پهروُ پاتائون- ٻڪرو ڪٺائون.

(541) پهري سجاڳ- خبردار. Alert.

(542) پئسي پرکڻ جي مهل- صفا صبوح( جنهن مهل ايترو سوجهرو هجي جو خبر پوي ته پئسو سچو يا ڪوڙو) .

(543) پيٽ- کاڌو يا روزگار. (1) ” پيٽ جي باهه اٿس يعني کاڌي جي هٻڇ اٿس. (2) ” ڪنهن جي پيٽ تي لت نه ڏجي“- يعني ڪنهن جو روزگار نه کسجي.

(544) پيٽ- پيٽ يا دل واري ڳالهه، منجهه، ڳجهه. ”منهنجو پيٽ نه پٽاءِ“ يعني اندر ۾ جيڪي اٿم سو مون کان نه چواراءِ. ” پيٽ ڪڍيائين= منهجه لڌائين“.

(545) پيٽ- اولاد. ” هن جو پنهنجو ئي پيٽ وڏو آهي“.

(546) پيٽ- (1) بريا ويڪر. مثلا درياه جو پيٽ= ويڪر.

(2) مقدار، پرماڻ ” هيءُ اڌ مڻ مس ٿيندو. مڻ جو اڃا پيٽ پيو آهي“. يعني مڻ ٿيڻ ۾ اڃا گهرجي.

(547) پيٽ ڀريواٿس- مستي يا مغروري ٿي اٿس.

(548) پيٽ پٺيءَ سان لڳو اٿس- ضعيف ٿيو آهي.

(549) پيٽ پوڻ- ڀائين پوڻ 871.

(550) پيٽ کي پٽي ۽ انگ کي اڳڙي ٻڌائين- کاڌي ۽ ڪپڙي جون پاڻ کي سختيون ڏنائين. (صرفي لائين)

(551) پيٽ کير ڀريس- اولاد چڱو ڀلو ٿيس.

(552) پيٽ ۾ ساهه پيس- دلجائين ٿيس.

(553) پير ڀرڻ- چڱي يامهرباني جي هلت ڪرڻ. ” وقت تي ڀاءُ ڀرائي سان پير ڀرڻ گهرجي“.

(554) پير تپي پيا اٿس- رهڻ نٿو چاهي، وڃڻ لاءِ آتو آهي.

(555) پير تي ڪهاڙو هنيائين- پنهنجي خرابي پاڻ ڪيائين.

(556) پير پير ۾ پئي آيو- تمام آهستي پئي آيو.

(557) پير مان لاهي پنهنجي منهن ۾ هڻڻ- پنهنجي بدنامي پاڻ ڪرڻ ” پنهنجي اولاد جي گلا ڪرڻ آهي پنهنجي“.

(558) پير ۾ پدم اٿس- وڏي ڀاڳ وارو آهي.

(559) پير هيٺان ٺڪري ڏنائين- ڳالهه کان ٿيڙيءِ يا ڦيرايائين.

(560) پيرين سيرين ٿيو- هلڻ چلڻ جهڙو يا چڱي حال وارو ٿيو.

(561) ڦاٽ ڦاٽو- منصوبو يا ڳجهي ڳالهه پڌري ٿي.

(562) ڦاٽوڙودهل- جو دل ۾ ڳالهه نه سانڍي.

(564( ُڦٽاڪا ڇوڙڻ- بنا مطلب يا اجائي ڳالهه ڪرڻ

” پرائي ڳالهه جي وچ ۾ پئي ڦٽاڪا ڇوڙيائين“.

(565) ڦٽن تي لوڻ وڌائينس- دل جو درد وڌايائينس.

(566) ڦڦڙي ڦرڪڻي پيس- ڏڪڻ لڳو( هيبت سببان).

(567) ڦرڪ ڦريو- ڳالهه ڦري ويئي، رٿ ٻئي طرح ٿي.

(568) ڦر کان اڳي ڄر ڇڏڻ” پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ“.

] مادي ويامي ته اول ڦر (ٻچو) ڄڻي ۽ پوئين اؤر نڪري[

(569) ڦڙتي کاڌائين- ڳالهه ڪري وري ڦري ويو.

(570) ڦرهو ٿي پيو آهي- ڊگهو ٿي سمهيو آهي.(ڦرهو= تختو)

(571) ڦڪا ڪانا چوُپڻ- پيشماني کان سواءِ ڪجهه به نه حاصل ٿيڻ.” جرمنيءَ جو لشڪر ڦڪا ڪانا چوپي موٽيو“.

(572) ڦڪڙ ڦاڙيائينس. منصوبو يا ڳجهي ڳالهه پڌري ڪيائين.

(573) ڦل پائڻ- نتيجو حاصل ڪرڻ.

(574) ڦلڙي رکڻ- عتاب يا ڏوه رکڻ.

(575) ڦلهير ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي- اجايا ڪشالا ٿو ڪري-

(576) ڦڻي ڦوڪارو- بت جو ٺاهه ٺوهه.

(577) (ڳالهه) ڦوٽي تي ڦاڙياءُ- اُتيجو اُتي پڌري ڪيائين.

(578) ڦوٽي ڦاڙ- ٿورڙي سوکڙي. ”آءٌ ڪڏهن هن جي ڦوٽي ڦار به نه سنڀران“

(579) ڦورو ڦولهڻ- عيب جاچڻ، ويڪون ڪڍڻ 370.

( سٽ جو ويڙهو کولي ڏسن ته سٽ سٺويا خراب).

(580) ڦلن مٺ- غريباڻي سوکڙي( جا پڄنديءَ ساروُ ڏجي).

(581) ڦيريءَ تي ويو آهي- مال کڻي وڪڻڻ ويو آهي.

(582) جامو يا چولو ڇڏيائين- ديهي ڇڏيائين، مري ويا.

(583) جاوا ڪيائين- ڍءُ ڪيائين، موجون ماڻيائين.

(584) جائين نه آهي- پڄڻ ڪونهي، برابري ڪري نه سگهبي.

(585) (ڪنهنجي) جتيءَ ۾ پير پائڻ- برابري ڪرڻ، مٽ پوڻ ” ساڌو هيرانند جي جتيءَ ۾ ڪير پير پائي سگهندو“؟

(586) جتي مکي بيٺو آهي- (نوڪريءَ وغيره لائين) پنڌ ڪري ٿو.

(587) جڃ ٿي بيٺو آهي- وڃي ٿو ڏيندويا خرچيندو.

(588) جزا لوڙيائين- سيکت مليس. ”ڪيتو لوڙيائين“.

(589) جڪ کاڌائين- ڪاوڙ دل ۾ سانڍايائين (ڪڇيائين ڪين).

(590) جک جگ ڪرڻ يا جک مارڻ- بڪڻ، اجايوڳالهائڻ.

”هو ڀلي پيو جک ماري، تون ماٺ ڪيو ويٺو هج“.

(591) جنڊ ڪاهڻ يا ڪڍڻ- ان پيهڻ، سخت پورهيو ڪرڻ.

(592) جنڊڙي جوئي اٿن- جهيڙو ڪيو اٿن، وڙهيا آهن.

(593) جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ- گهر ۾ يا نزديڪ رهڻ جو انجام ڪرڻ. ” سسئَي جي سڱ ڏيڻ کان اڳ پنهونءَ کان جنڊو پاڙو لکائي ورتائون“.

(594) جنڊو جنڊي سان ڏيئي ويٺا آهيون- پاڙيسري آهيون.

(595) جوانيءَ ۾ جوُن پييون اٿس- جوانيءَ ۾ ڪم نٿو پڄيس.

(596) جوت جاڳائين- ڏئو يا بتي ٻار.

(598) جوڳ پچايم- ڪشالا تڪليفون ڪيم.

(599) جوڙ پڄايائينس- مار ڏنائينس.

(600) جيئرو ڪوڙ ڳالهايائين- نسورو يا صفا ڪوڙ ڳالهايائين.

(601) ڄاريون مڙي ويس- بيهوش يا وائڙو ٿي ويو.

(602) ڄڀ ڪڍي ڪلهي تي وڌي اٿس- گهڻو ٿو ڳالهائي.

(603) ڄڙهه ڪڍيائين- بيخ يا پاڙ ڪڍيائين، گهڻو ٿڪايائين.

(604) ڄنگهون يا ٽنگون ساهڻ- هوا کائڻ، ٿورو گهمڻ.

”باغ ۾ ٻه گهڙيون ڄنگهون ساهي پوئين گهر آيس“.

(605) ڄنگهون هنيون اٿم- پنڌ ڪيو اٿم.

(606) ڄور ٿي لڳو- چنبڙي پيو، ( جئن ٻار ماءُ کي چنبڙي).

(607) جهاڙو ورتائون- بدن ياگهر جي تلاشي ورتائون.

(608) جهاڳ لنگهائي اٿس- وڏي بيماري ڪاٽي اٿس.

(609) جهڙي ڦڙي ٿي- برسات پيئي.

(610) جهول پوندو ٿو وڃي- وڌيڪ بيمار ٿيندو ٿو وڃي.

(611) چاٽي چکڻ- چوش يا هير پوڻ. ”ڏاٺ هرڻ“

هڪ لڱا اُڌارو ڏنو مانس ته، اها چاٽي چکي، هاڻ هر هر اوڌر پيو گهري“.

(612) چاٽي لڳي اٿس- مزو آيو اٿس هير پيئي اٿس.

 (613) چاچي به ڪوٺيائين چهنڊڙي به پاتائين، ڳالهه جي ڳالهه به ڪيائين ۽ طعني جو طعنو به هنيائين.

(614) چارئي پلؤ چڪ ۾ (اٿئون) سڀين پارين يا هر طرح گنهگار.

(615) چارئي واهوُن چڪيون- ڪا به واهه (واٽ) نه رهي. اشارو-مومل سان راڻو سوڍو هڪ واري رٺو ته وري نه پرتو تنهنڪري پهاڪو ته” چارئي واهون چڪن تڏهن سوڍا سيڻ ڪجن“ يعني جڏهن ڏاڍو لاچار پوي تڏهن ضدي يا زبردست ماڻهن ۾ سڱ ڏجي“.

(616) چان چان- سوال جواب، ڳڙ ٻڙ.” مون سان چان چوُن نه ڪندو“

(617) چاندي آهي- ”ڪپڙي جي واپارين جي هيل چاندي آهي“ يعني گهڻو فائدو اٿن.

(618) چانڊيا مگسي آهن- پاڻ ۾ ڪين ٺهندا آهن.( چانڊيا ۽ مگسي ذاتين جا مسلمان هڪ ٻئي جا دشمن).

(619) چت ورڻ - دل يا چاهه ٿيڻ.” ڪم تي چت نه ٿو وريس.“

(620) چٽيو واڱڻ- رڳو ڏسڻ جو سهڻو؛ پر منجهس افعال ڪوبه نه. ”ڏسڻ جو ٽوهه“. 224

(621) چٻي چٿي ڳالهائين- ويچار سان ڳالهائين، سمجهي ڳالهائين.

(622) چپ پوڻ- بنا سبب وڙهڻ.”مون سان چپ پيو“.

(623) چپ چورڻ (1) ٿورو ڳالهائڻ. ” اڃا چپ چوريائين ته اُڀري ورتائونس“ (2) ٿورو کائڻ سڄو ڏينهن چپ نه چوريو اٿم يعني ذرو نه کاڌو اٿم.

(624) چپن کي چنو هنيائين- ماٺ ڪري ويٺو، جواب نه ڏنائين.

(625) چپو چوُرو ڪيائين- ٿورو کائي پاڻ کي تازو ڪيائين.

(626) چر چر ڪرڻ- کائڻ. سڄو ڏينهن پيو چر چر ڪري.

(627) چرغو- ائٽ يا نار، اصطلاحي معني ڪارخانو يا ڪارخانو يا ڪاربار

(628) چڙها ٻڌڻ  - دلبو ڪرڻ، ٺڳڻ. چڙها ٻڌي مائٽي ڪرايائونس.

(629) چڙهو چڙهندي ٿيندييئين- ڏينهون ڏينهن وڌ هوندين.

(630) چڙهه ڪياسون- ڍءَ تي کاڌو سون.

(631) چڪ وڌو مانس- سوال ڪيو مانس(ڪنهن شيئين لائين)

(632) چکا چوکي ڪرڻ- ٿورو سواد وٺڻ يا کائڻ ” هن جي مٺائي مان ٻين به چکا چوکي ڪئي“

(633) چلڻ چڪا اٿس- چري نٿو سگهي.

(634) چلهه تي چڙهيو ويٺو آهي- گڏ گذاري ٿو.

(635) چماٽ لڳڻ- هرج پوڻ، نقصان ٿيڻ.” هيل ان جي واپارين کي ڏاڍي چماٽ لڳي آهي“.

(636) چمچوس (جو چم چوسي يا چوپي) ڪنجوس.

(637) چمڙا پوش ڪرڻ- پنهنجي شڪل ۽ پوشاڪ اهڙي طرح بدلائڻ جو ڪو سڃاڻي نه سگهي.

(638) چنگ چاڙهيائينس- بدنام ڪيائينس.

(639) چوٽي ڏيڻ- سمورو مال (ٻهاري) کڻي وڃڻ.

(640) چڪري کاڌائون- چٽاڀيٽي ڪيائون وڙهيا.

(641) چڪنا چور- پرزا پرزا ” جبل تان ڪريو ته چڪنا چور“.

(642) چوُٻولو- (1) تڪرار. Altercation. (2) چؤ پچؤ، پچار.

(643) چوٻو آهي- گهڻو ٿو کائي

 ڀيٽيو- کائڻ جو ملهه آهي.

] مٿرا جا چوٻا (چتر ويدي) برهمڻ کائڻ جا ملهه آهن.[

(644) (هڪٻئي سان) چوٿون چندرما اٿن- دشمني يا وير اٿن.

(645) چوٽ آيس- ڌڪ لڳس، ايذاءُ آيس.

(646) چوٽان چوٽ- چوٽيءَ تائين ڀريل.

 ڀيٽيو ڪنا ڪن.

(647) چوٽ چڙهڻ- مٿاهين منزل يا حد تي پهچڻ، گهڻو مهانگو ٿيڻ. ڪڻڪ هيل وڃي چوٽ چڙهي آهي.

(648) چوٽ ڏيڻ (1) ڌڪ هڻڻ، ايذاءُ يا نقصان پهچائڻ، شڪست ڏيڻ- ”رائين ڏياچ جي پٽ سنڌ ۾ اچي سومرن کي ڏاڍي چوٽ ڏني“.(2) نيلام ۾ واڪ ڏيڻ. ” هن آرسي جي ڪٻٽ لائين چوٽ ڏني“.

(649) چوٽ ڪرڻ- چوتي تائين ڀرڻ. ”ڪٽورو وغيره“.

(650) چوٽ کائڻ- پڄي نه سگهڻ، هارائڻ. ” انيراءَ گرنار تي ڪاهه ڪئي، پر چوٽ کائي موٽيو“.

(651) چوٽيءَ ڀر (ڪريو) مٿي ڌارو.  Headlong.

(652) چوٽيءَ چنڊو آهي- نڀاڳو آهي، ڪنهن جي ڪم نه اچي.

(653) چوُچڙي دکائين يا لاتائين- جهيڙو ڪريائين يا وڌيائين.

(654) چوُچڙي ڏنائينس- ڇيڙيائينس( جهيڙي لائين).

(655) چوُچڙي لڳيس- ڪاوڙ آيس، ڪاوڙجي پيو.

(656) چور- جو ڪجهه نه قبولي، يا عيوض نه ڏئي. مثلا ”ڳڻچور“ جو ڳڻ نه مڃي. ”ملهه چور“.

(657) چور دروازو- جائين جي پٺين پاسي وارويا ڳجهو دروازو.

(659) چوُر- چوُرو، پرزا پرزا. اصطلاحي معني چٽ.

ڀيٽيو(1) غرق ٿيل. (2) ٻڏل ” پڃرو جو پاپن جو سو چوٽيء تائين چوُر. ” نشي ۾ چور هئڻ= غرق يا ٻڏل هئڻ.

(660) چؤرا کؤرا- اُڻ تڻ، هرکر ڳڻتي.

(661) چوڙ ٿڌو اٿس- هندائڻ يا پهرڻ جو کوهو گهٽ اٿس. يعني ڪپڙو يا جتي وغيره جلد نٿو کسائي. ضد ” ڏنؤ ڏار آهي“ يعني جيڪو ڪپڙو پائي سو جلد ڦاڙي“.

(662) چوڪڙو- ٿڪ. چوڪڙو ڀڳائين يا لاٿائين- ٿڪجڻ کان پوئين آرام ڪيائين ڀيٽيو- ٿڪ ڀڳائين، ساهي کنيائين.

(663) (سون) چوکو آهي- سچو ، نجو يا تکو آهي.

(664) چوکو ٿيڻ- بيپرواهه يا بي ڊپو ٿيڻ. ” جئَن نٿو ڪڇجيس تئن وڃي ٿو چوکو ٿيندو“. باهه پئي چوکو ٿيو آهي=  تڪليفون سهي آزمائش مان پار لنگهڻ  ڪري بيپر واهه يا بي ڊپو ٿيو آهي.

(665) چلو ڇڏيائين- ديهي ڏيائين، مري ويو.

(666) چولو مٽائڻ- ٻي جوُڻ وٺڻ.Transmigrate

(667) چوُن نه ڪيائين – ٻڙڪ يا حرف به نه ڪڇيائين.

(668) چوُڻو نه اوُڻو- رزق جي تنگي ته ڏسندين! (دعا).چوڻو= رزق. اوُڻو= گهٽ.

(669) چؤ چؤ ڪرڻ- هر گهڙيءَ ڇينڀڻ يا ڇڙٻڻ. ”ٻار کي گهڻي چؤ چؤ ڪبي ته نٺر ٿي پوندو“.

(670) چؤ چؤ پيٽ پئجي ويئي اٿس – چوڻ چائڻ جو اثر ڪونهيس.

(671) چهڙ پاتائين- ڇتو يا ڪاوڙ مان ڳالهيائين.

(672) چئن چڱن کان پڇ- ڪن نيڪ مردن سان صلاح ڪر.

(673) چئن ۾ اُٿڻ وهڻ جهڙو- مان ڀريو يا لڇڻن وارو.

(674) چيتو جاءِ ڪر-هوش ڌار، سنڀال.

(675) چيٽ ٿو پوي- کهرو يا ڪاوڙ مان ڳالهائي.

(676) چيٺ- سنڀال. ”بيمار اڃا چيٺ پڇي“ يعني سندس دوا ستيءَ ۽ کاڌي پيتي جي اڃا گهڻو وقت سنڀال کپي.

(677) ڏاڍي چيٺ چيٺي اٿس- گهڻي بيماري  ڀوڳي اٿس.

(678) چيچٽ اُڀريس- دک مان دانهن ڪيائين. ”تاءُ اُڀريس“.

(679) ڇاتي اٿس يا ڇاتيَ وارو آهي- همت اٿس، پهلوان آهي.

(680) ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏس- دل ۾ ويچار ڪر ( ته توسان  جي اهڙي هلت ٿئي ته توکي ڪيتري قدر وڻي).

(681) ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪرڻ- ڇاڇر يعني پاڻيءَ جي ڇر يا ٿوري پاڻيءَ ۾ ڊوڙون پائڻ. ”شاهه لطيف گهڻو اونهو ويو آهي، باقي ٻين شاعرن جون اڪثر آهن ڇاڇر ۾ ڇيرون يا تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هنيان اٿن“.

(682) ڇاڪاٽو وجهڻ- بگيڙڻ ” جتي مائٽي چوري اُتي ٻيا وڃي ڇاڪاٽو وجهن“. ڇاڪاٽو= بگيڙو، رولو.

(683) ڇاڪ ڇٽي ويس- زور نڪري ويس، ڪمزور  ٿيو-

(684) ڇاڻي پيڻ چڱو آهي- اڳواٽ صفائي يا ٻول ڪري ڪو ڪم ڪرڻ چڱو آهي.

(685) ڇائي ڇٽا ڀيو پائي-اجايو رلي پيو.

(686) ڇايا- ڇانءَ- ٻاجهه. ”توهان تي ڌڻيءَ جي ڇانءَ آهي“.

(687) ڇايا پيس- (1) اونداهو يا ڪارو ٿيو. ”چنڊ کي هنئر ڇايا پيئي آهي (گرهڻ ڪري). (2) مون کي ڏٺائين ته ڇايا پئجي ويس= منهن جو رنگ ڦريس.

(688) (ڳالهه) ڇٻٽ ڪيائين- لڪايائين.

(689) ڇٻيءَ ٻج- گهڻين ذاتين جا ماڻهو. ”نيلام تي ڇٻيءَ ٻج اچي گڏ ٿيو، تنهن ڪري ميلاپ ڪو نه هون؛ هڪٻئي تي پئي چڙهت ڪيائون“.

(690) ڇترن جي ساهيري- ننڍي هوندي جي ساهيري.

(691) ڇتري اُڏائي ڇڏيائون- اگهه مهانگو ڪري ڇڏيائون.

(692) ڇتي ڪتي وانگي ٿو چڪ پائي ياڏاڙهي- تمام شوخيءَ سان ٿو ڳالهائي.

(693) ڇٽو لڳ اٿس- چريائي جو پوُر آيو اٿس.

(694) ڇٺ ڇماهيءَ- ڪنهن قضاني، اتفاق سان.

(695) ڇپ يا ڇهه ماري وهڻ- لڪي،ترسي وهڻ.

 (696) ڇڙ ڇڙ گابڙا آهن- پاڻ ۾ ٻڌي نه اٿن.

(697) ڇڙڪ جواب ڏنائينس- ٺهه پهه ناڪار ڪيائينس-

(698) ڇڙيو پڇڙيو ڳالهائڻ- بنا حجاب ڳالهائڻ، جيڪي اچي سوچوڻ. ” سهري جي اڳيان ڇڙيو پڇڙيو پيئي ڳالهائي“.

(699) ڇڪ پنءُ تي آهي. (1) مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي. (2) ڳالهه فيصل ٿيڻ تي آهي.

(700) ڇڪيوُن پائي وٺڻ- وريءَ وٺڻ (پئسو وغيره).

(701) ڇلپٽ- مڻيو  منڊي، زيور، جواهرات، قيمتي مال.

(702) ڇنڇري لاٿائينس- ڌمال ڪڍيائينس، ڇينڀيائينس.

(703) ڇنڊا پوڻ- ٿورو گهڻو الزام اچڻ يا ڏوهه پوڻ.

”ماجسٽريٽ تي ڇنڊا پيا جو قدمو چڱيءَ طرح نه هلايائين“.

(704) ڇنڊ ڪڍيائينس- ڌمڪايائينس.

(705) ڇني ڦاڙي وهڻ- مائٽي يا رستو بنهه نه رکڻ. ”زال جي چوڻ تي مائٽن سان ڇني ڦاڙي وهڻ نه گهرجي“.

(706) ڇوڏا لاٿائينس- سيکت ڏيئي سڌو ڪيائينس.

(707) ڇوهه ڇنڊيائين- ڪاوڙ سببان جيڪي چوڻو هوس سو چيائين.

(708) ڇهه ڇڄڻ- (1) ڊڄي وڃڻ- ”ڳالهه  ٻڌڻ سان منهنجا ڇهه ڇڄي پيا“. (2) طاقت وڃڻ- پٽ جي مرڻ کان پوئين ويچاري جا ڇهه ڇڄي پيا.]ڇهه = سڪل پن ۽ ڏانڊيون جي وڻ مان ڇڄي پٽ تي ڪرن[.

(709) ڇيڙو ڇٽو- معاملي جو ڪم پورو ٿيو.

(710) ڇيڻا ٿو ڀوري- معاملو ٿو ڪرائي. ( دکيل ڇيڻو ڀوربو ته باهه ٻرندي- معاملو مچندو). ”ڇيڻا ڀور“ کي چون:-

اڍائي گهرن جو زيانخور، ٻه گهر ٻاروُ، لوُتيوُن لائيندڙ، لوُئا لائوُ، ناردي سڀاءُ وارو، کڏهرو، کڏن کوٽ.

(711) حاضري ڀرڻ- ڪنهن وٽ سلام ڪرڻ لائين وڃڻ.

(712) حد ڪيائين – جيڪي ڪرڻو هوس سو ڪري چڪو.

(713) حرف- (1) اکر ”حرف پٽي ڪڍڻ“= گاريون ڏيڻ.

(2) ڏوهه يا ميار- حرف رکڻ= ڏوهه يا ميار رکڻ.

(714) حرفي- ڏوهي. ”حرفي ڪرڻ=ڏوهي ٺهرائڻ، ميار رکڻ. ”نيات وارا جنهن جو ڏوهه ڏسن ٿا تنهن کي حرفي ڪن ٿا“. (سنڌي ستون ڪتاب).

(715) حق بخشي ويٺي- سڄي عمر ڪنئاري رهي.

(716) حياتي جو ماڻ ڀرجي آيس- عمر پوري ٿيس.

(717) خار آيس يا لڳس – بڇان يا ڪاوڙ آيس.

(718) (مڪان) خاڪ سياهه ڪيائون- ساڙي رک ڪيائون.

(719) خانو آباد هوندءَ – وڌندين ويجهندي! (دعا).

(720) خانو خراب ڪيائينس- گهڻو هرج پهچايائينس.

ڀيٽيو- ٻيڙي ٻوڙيائينس.

(721) ختمو ڏيڻ- غريبن ۽ ملن کي کارائي، قرآن شريف جي سوُر فاتح پڙهي، اُن جو ثواب مئل ماڻهوءَ جي روح کي بخشڻ (مسلماني رواج). خاتمو معني پڄاڻي يا پڇاڙي ۽ ختمو معني پڇاڙيءَ  جي دعا. ڏسو 444.

(722) خرچ ڪرڻ- ڪتب آڻڻ. ”حياتي چڱن ڪمن ۾ خرچ ڪيائين“

(723) خشڪيون يا خفقان پچائڻ- چريائي جا يا اجايا خيال ڪرڻ.

(724) خط لهڻيم ڇا؟ - قرض لهڻيم ڇا؟

(725) خلم ٻاريائين- وڏي حرڪت يا خرابي پيدا ڪيائين. 

(726) خواب خيال نه هئڻ- ٿوري قدر به خيال ۾ نه هئڻ.

”مون کي اها ڳالهه خواب خيال  به ڪا نه هئي“.

(727) خير گهر- سڀاڳي وائي وات مان ڪڍ.

]خير ٿو گهرجي- نه کپي. ڏسو ”باهه ڏيانس“[

(728) دادي نه اِستادي- ري ڏني ري ورتي، بي گناهه.

(729) داغ ڏنائين- (1) گيهه ساڙي وڌائين. (2) ڪلنڪ ڏنائين- ”رن پٽ کي لڳي ڀاڳه ڏئي جواري اٽي داڳه“. (داغ).

(730) دال روٽيءَ وارو- غريباڻي يا پوري پني وسعت وارو ”وڌيڪ شاهوڪار لائين چون ” مڇي- مانيءَ وارو يا ڌيڻيوارو“.

(731) دال ۾ ڪڇ ڪالا هي –ڳالهه ۾ ڪو رولو آهي. ] دال ۾ ڪجهه ڪاري شيءِ (مک جهڙي) هوندي ته رولو ٿيو[.

(732) دال نه ڳرندي- پڄي نه سگهبو.

(733) دانهينءَ واري دانهن ڪرڻ- بلڪل گهڻو پڪارڻ.

(734) داڻو پاڻي- ان جل، قسمت.

(735) دت دتائي بيٺو- ٺٺر ٿي يا هوڏ ڪري بهي رهيو-

(736) در ٻر دؤنس- زبردستي.

(737) دردن جا داستان کوليائين- ڏکن جون ڳالهيون ڪيائين.

(738) دروازو قائم آهي- دروازو بند آهي- (درگاهه جو).

(739) در بدر ڪيائين- حيران يا پريشان ڪيائين، رلايائين.

(740) در وني بر وني- اندر ٻهريو، جو اندر ۾ هڪڙي رکي ۽ ٻاهران ٻي ڪري Double-faced. 211 ۽ 882

(741) دڙيون ٽپڻ- خوشيءَ مان ٽپ ڇڏڻ، خوشيون ڪرڻ. ٻئي جو خانو خراب ٿئي ته حاسد دڙيون ٽپي“.

(742) دخل ۾ نه آڻڻ- ذرو به ويچار نه ڪرڻ، بنهه نه ليکڻ. ”اهڙيون ڳالهيون اسين دخل ۾ به ڪين آڻيون“.

(743) دعا دل سان ئي نٿي لڳي- ڳالهه اعتبار ۾ نٿي اچي.

(744) دڦ ڪرڻ- خلاص ڪرڻ، اجائي طرح خرچ ڪري وڃائڻ. ” پيءُ جي سموري ملڪيت دڦ ڪيائين“.

(745) دفع ڪرڻ- ٽارڻ ”ڌڻي درد دفع ڪندئين“.

(746) دڳ لائڻ- واٽ ڏيکارڻ. ”مونکي دڳ لائي ڇڏ“.

(747) دڳو ڄمائڻ- اختياري يا حڪومت جو بنياد وجهڻ. ”سمن ۽ سومرن کي وڙهندو ڏسي راجپوتن وڃي ٿر ۾ دڳو ڄمايو“.

(748) دل ڀڄي پيئي- چاهه نه ٿيو.

(749) دل تان لهي ويم- وسري ويم.

(750) دل تي تري آيم- ياد پيم.

(751) دل جهل- همت ڌار.

(752) دل دٻليءَ ۾ رک- دلجائين ڪر.

(753) دل سان لڳي ٿي- اعتبار ۾ يا ياد اچي ٿي.

(754) دل کٽي ٿي پيس- بيزار يا ڪڪ ٿي پيو.

(755) دل گڏيل نه آهي – ميلاپ ڪونهي.

(756) دل لاهي هٿ ۾ ڪئي اٿس- ڊڄي ويو آهي.

(757) دل ۾ دهل وڄڻ لڳس- اندر ۾ خوش ٿيڻ لڳو.

(758) دل ۾ ڪيائين- ڏک ٿيس.

(759) دل نه لوڙهه- بي همت نه ٿيءُ، آسرو نه لاهه.

(760) دل وٽان- دل جي پسنديءَ موجب، وڻندڙ.

(761) دل هڻڻ- ويچار ڪرڻ، پڪو ٺهراءُ نه ڪرڻ. ”دل پيو هڻان ته هنکي اهو ڪم چوان يا نه“.

(762) دلي بادلي- ظاهر ظهور، کليو کلايو.

(763) دم جهل- سانت ڪر، ترس.

(764) دم درميان اٿس- ساهه نڪرڻ تي اٿس.

(765) دم ڏنائين- ساهه ڇڏيائين، مري ويو.

(766) دڻيون پاڻيون ويون- بنهه چٽ يا خراب ٿيو.

(767) (راجا) ديگ تيغ جو مالڪ آهي- ڌنوان ۽ ٻلوان آهي.

(768) ڌاڌڪ ناڻي جو – تمام گهڻا پئسا.

(769) ڌاڪو وڌائين- ناماچار يا ناموس ٿيس.

(770) ڌانئين ڌونئين- وهنجي سهنجي، کڙي تڙي ٿي (ويم يا بيماريءَ مان اُٿڻ کان پوئين). ”شل ڌانئين ڌونئين جڳهه گهمندي“. (زنانو دعا ڪرڻ جو نمونو).

(771) ڌڄا پيا پون- معاملا پيا ٿين (ڏي وٺ وغيره تان).

(772) ڌڄ مڄ جهڙي ٻانهن- تمام سهڻي زال.

(773) ڌڌڙ ۾ پير هنيائين- سچي يا پوري ڳالهه نه ڪيائين.

(774) ڌرم ڌوتائين- جئن ڪرڻ ڌرم يا فرض هوس تئن نه ڪيائين. مثلاً پئسا وٺي الي وڃڻ ٿيو ڌرم ڌوئڻ.

(775) ڌرنو ماري ويٺو- ڪم نه ٿيڻ تائين ضد ڪري ويٺو.

(776) ڌرڻ ڏڪي ويس- گهڻو ڏڪي يا ڊڄي ويو. (اکري معني ته جنهن ڌرتيءَ تي بيٺو هو سا ڌرتي ڏڪي).

(777) ڌڪ (1) مصيبت جو ڌڪ، خرابي يا نقصان مثلاً اولاد مرڻ ياپئسي وڃڻ جو ڌڪ ” ڌڪ ۾ ڌڪ“= مصيبت ۾ مصيبت- (2) ڪپڙو ڌڪ نه جهليندو= گهڻو جٽاءُ نه ڪندو. ڌڪ = سٽ، زور.

(778) ڌڪامڻ- (1) ٻيڙي ڌڪائي = ٻڏي (2) ڪوٺي ڌڪاڻي=کٽي، ڏيوالو نڪتو.

(779) ڌڪڙ تي اَٽو- معاملو ٿيو. (اَٽو لڳي ته ڌڪڙ وڄي).

(780) ڌڪو کڻڻ- ڪنهن جي طرفان لٺ کڻي اٿڻ (وڙهڻ لائين). ”ڌڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ“.

(781) ڌڪو هڻڻ- (1) ڏنڊو هڻڻ (2) اٽڪل روُئين چوڻ.

(782) ڌمال- (1) ڌمال ڪڍيائينس = ڌمڪايائينس. (2) ڌمال لڳي يا وڳي = نغارو وڄيو (ٺهرايل وقت تي)

(ڪڪڙن ڌمالون هنيون = ٻانگون ڏنائون.

(783) منهن جي ڌمالهي ويس- منهن جو تيج گهٽيس.

(of the face)Expression ڌمال His countenance fell.

(784) ڌمچر مچايائون- گوڙ ڪيائون.

(785) ڌن لاتائين- ڌيان ۾ ويٺو، محو ٿي ويو.

(786) ڌنڌو وڍڻ- کنڌو لاهڻ، رقم چڪائڻ.

(787) ڌوڏ ٻڌي اٿس- هوڏ ڪئي اٿس.

(788) ڌوُڙ- ڪجهه نه ”ڌوڙ ڪمايائين=ڪجهه نه ڪمايائين“.

(789) ڌؤنر سرو- اَڇي مٿي وارو، پير مرد.

(790) ڌيڻيوارو- ڏڌ مکڻ وارو، سکيو سهنجو، شاهوڪار.

(791) ڏاٺ ڏيڻ- ڇتو يا کهرو ڳالهائڻ.

(792) ڏاٺ هري اٿس- سواد آيو اٿس، هريو آهي ”چاٽي لڳڻ“. ” مٺائيءَ تي ڏاٺ هري اٿس، ته روز روز پيو کائي“.

(793) ڏاڙهيءَ ڏس ڏيڻ- ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو ڏس ڏيڻ. ”پاڻ مون سان گڏجي ڪو نه هليو، رڳو ڏاڙهيءَ ڏس ڏنائين ته نسروانجيءَ (نوشيروانجي) جي ڇاپ وٽ رهي ٿو“

(794) ڏاڙهي مڇ ۾ مڇ ڏاڙهيءَ ۾ ڏٺائين- جئن تئن ڪري پوُرائو ڪيائين (پئسن جو).

(795) ڏاڪي تي اچي بيٺا آهيون- ڪم پوُري ڪرڻ تي آهيون.

(796) ڏاند ڏهي آيو- بخيل مان ڪم ڪڍي آيو.

(797) ڏانئين اچڻ- تجويز هئڻ. ڳالهه ڪرڻ ڏانئين نه آيس“.

(798) ڏائي ڏنبي ڪانهيس- حرفت يا ٺڳي ٺوُڳي نه ڄاڻي.

(799) ڏٻرو آچار- گهٽ ۾ گهٽ تخمينو. ”ڏٻرو آچار ڪبو ته به توکي ٽي هزار رپيا کوٽ بلي ضرور ڏيڻا پوندا“.

(800) ڏٻريءَ ڪين ڪيتو آهي- اڻويساهي ڪانهي، قرض يا ٿورو لاهي سگهبو. (اوڌر يا مهرباني گهرڻ مهل چون).

(801) ڏٺو ڪيائينس- ٻين جي اڳيان بدنام ڪيائينس.

(802) ڏٺي مک ڳيهڻ- غيرت جهڙو ڪم ڏسي وائسي ڪرڻ.

”ڪتي جوُٺو ڪئن کائبو؟ اهڙي ڏٺي مک ڪير ڳيهندو؟

(803) ڏس ڪاڻي ڪيائين- قرض کڻي ڀڄي ويو (ٻئي شهر). ”ڏس ڪاڻيءَ کان اکه ڪاڻي چڱي“ (پهاڪو)

(804) ڏگهري لٿي اٿس- مرم شرم ڪونهيس (ڏگهري=ڪاٺ جي پٽي يا ميخ جاڪرسيءَ وغيره کي هڻجي).

(805) ڏند پيو پيهين- شوخي يا ڪاوڙ ٿو ڏيکاري.

(806) ڏند چپن سان لڳس- وسميءَ  ۾ پيو، حيرت لڳيس.

(807) ڏند ڏيڻ- تڪرار ڪرڻ. ” پنهنجائيءَ ۾ ڏند نه ڏبو“.

(808) ڏندن واري مٺ- حيرت. هن کي اهائي ڏندن واري مٺ ته اهڙو عجيب ڪم ڪئن ٿيو“؟

(809) ڏند هيٺ ڪڪرو اچڻ- غيرت اچڻ. ”ههڙي لائق انسان جي گلا ڪندي ڏند هيٺ ڪڪرو نه آيس“.

(810) ڏندين آڱريون ڪرڻ- حيرت ۾ پوڻ. اصطلاح 806

(811) ڏندين ڏاند آهي- آپي سمرٿ يا پاڻيهي پڄن جوڳو آهي

(812) ڏنءَ ڇڏڻ ٽهڻ، ڇرڪڻ. (ڪنهن ڪم ڪرڻ کان).

(813) ڏنءُ ڏائڻ- ڪو ڪم شروع ڪرڻ.

(814) ڏؤنڪي ڄ اڃي- جو رڳو بهي ڏسي (ڪم نه ڪري).

(815) ڏوئي ڍڪڻ گيهه!- سڀ سڻائي، جهجهو فائدو.

(816) ڏهي ٽوڙڻ- واسطو ڇنڻ ”ٽڳا ٽوڙڻ“.

(717) ڏهين سوڌو اُڻڻ- توڙ يا حد ڪرڻ. ” اَنت سوڌڻ“.

(818) ڏيڏري- ڪو خسيس ماڻهو ڪنهن عمدي ڪم مان ويڪون ڪڍي، ته ٽوڪ طرح چون ”مار! ڏيڏريءَ کي به زڪام ٿيو آهي“ يعني ههڙو خسيس ماڻهو به ڳوَرو ٿو ڳالهائي. (ويڪون ڪڍي ٿو).

(819) ڏيڍ چانور ٿو ڏوُر رجهيس- پاڻ کي وڏو ٿو سمجهي.

(820) ڏينهن پڪا ڏاڙهون ٿو گهري- ”تريءَ تي بهشت“.

(821) ڏينهن جو ڏئو ٻاريو اٿس- ڏيوالو ڪڍيو اٿس.

(822) ڏيوي ڏارين ٽارين اٿس- ماتا ٿوري نڪتي اٿس.

(823) ڏيويڻ لڳڻ- وڻڻ. ”اهڙيون ڳالهيون هن کي ڏيوين ڪين لڳن“. ]هندن ۾ سڀڪنهن جا ڏيو پنهنجا[

(824) ڏيئي وٺي رهيو آهي- زور ڪونهيس.

(825) ڊانوا ڊول ٿيڻ- بگڙڻ، ڦٽڻ،چٽ ٿيڻ.

(826) ڊڀ ڄمڻ- گهڻو سيڙاپو ڏيڻ. ” بهي بهي ڊڀ ڄمي ويم“.

(827) ڊڀڙي جو ڪمي- جو بيگڙ ۾ وهي، نڌڻڪو.

(828) ڊگهي واڳ اٿس- ڇوٽ اختياري اٿس.

(829) ڊگهو منڌرو چوڻ- چڱو يا بڇڙو ڪوٺڻ، گلا ڪرڻ. ”ڊگهو منڌرو نٿا چئونس، متان دل ۾ ڪري“.

(830) ڊنو پهه يا ڊنو ڊپ ڪرڻ- ڪنهن تڪليف جي خيال کان اڳواٽ اُپاءُ ڪرڻ. ”ڊنو ڊپ ڪري گهڻا پئسا کڻي ويس متان کٽي پون“.

831) ڊينب ڪڍيائينس- ڌمڪايائينس. ڏسو ”ڌمال“.

(832) ڍاڪوئي پڪو!- آبادي ٿي! ڪم يا فائدي جي اُميد نه رهي (ٽوڪ طرح چون). ]ڍاڪو=نار جو قسم[.

(833) ڍڍر ڍر ڍرا ٿيس- ڦلهڙو يا بي همت ٿيو.

(834) ڍر ڏيڻ- ڇڪتاڻ نه ڪرڻ، ڏور ڏيڻ. (1) رقم نه پهچائي اٿس ته مون به کڻي ڍر ڏني اٿس.

(2) لغر کي ڍر ڏي يعني ڏور ڏي (ڇڪ نه)

(835) ڍر وجهڻ- دير ڪرڻ ” تو ڪم ۾ ڏاڍي ڍر وڌي“.

(836) ڍڪ ڀرڻ- (1) پيڻ (ڏک، سور سهڻ)، نه ڪڇڻ. ”نقصان پيس ته کڻي ڍڪ ڀويائين يعني سوُر پي ويو“. دانهن نه ڪيائين. (2) ساراهه ڪرڻ. اڪبر بادشاهه جي انصاف جا  اڄ تائين ماڻهو ڍڪ پيا ڀرين.

(837) ڍڪر کائڻ-ڳڻتيون يا ويچار ڪرڻ. ” سؤدو ڪري هاڻ پيو ڍڪر کائي“. (ڍڪر = پنڪيون، جهوٽا).

(838) ڍڪر لڳي ويس يا وٺي ويس. (1) بيهوش ٿي ويو. ”ڄاڙيون مڙي ويس“. (2) وائڙو ٿي ويو. ”تال موُل گم ٿيس“. (ڍڪر=غشي. ڍڪرجڻ= بيهوش ٿيڻ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org