سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گلقند

باب: -

صفحو :4

.

(446) اٺوءَ جي آڪهه ئي هڪڙي.

(447) جهڙي ٻني تهڙو ٻج تنهن جي سلي ڀر به ڊڄ.

(448) جهڙي تاڃي تهڙي پيٽي، جهڙي ماءُ تهڙي ٻيٽي.

(449) جهڙي مائي، تهڙي ڄائي] =ڌيءَ[.

(450) جهڙي چالي تهڙي پني، هن لاهي هن کي ڏني.

(451) کوريءَ کي گهمرو.

C.f.(1) Such a father, such a son.

(2) A chip of the old block

(452) جهڙو اَن تهڙو من.

جهڙو کاڌو کائبو، تهڙو من تي اثر ٿيندو.

(453) جهڙو ٻُوٿ تهڙي چماٽ.

ڪو گٿل يا اڍنگو ڳالهائيندو ۽ اڳلو اهڙو کتو جواب ڏيندس جو وڄائي ڇڏيندس، ته ائين چئبو.

ڀيٽيو- (454)جهڙو منهن تهڙو موچڙو.

(455) جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پرين.

جڏهن ڪو پريتوان ڪجهه رقم يا شيئين گهري، تڏهن جيڪا ٿوري گهڻي هجي، سا هن کي ڏيئي، ائين چون، مطلب ته جيڪي اٿم سو اوهان پيارن جي اڳيان حاضر آهي.

ڀيٽيو- (456)حال پريان نال.

(457) جهڙو وڻ تهڙو ڦر.

وڻ سٺو يا خراب، ته ميوو به اهڙو ئي ٿيندو.445.

ڀيٽيو- (458) جنهن جو بڻ بڇڙو تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي.

C.f. Such is the tree, such is the fruit.

(459)جهڙي ڀت، تهڙو چٽ.

چٽ يعني نقش، جهڙي دل هوندي، تهڙا سنسڪار يا لڇڻ پرائبا.

(460) جهڙي پوک پوکبي تهڙي لڻبي.

چڱن ڪمن مان چڱو ۽ بڇڙن مان بڇڙو نتيجو نڪرندو.

ڀيٽيو- (461) جؤ پوکي ڪڻڪ ڪو نه ڪو لڻندو.

(462) ڪرند پسند، ڏيند لهند.

]جهڙا ڪم ڪبا تهڙو نتيجو ڏسبو، جيڪي ڏبو سو لهبو[.

(463) جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.

C.f. As you sow, so you must reap.

(464) جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون.

مطلب ته ڳالهه مڙيائي ساڳي، تائين تڪ تيترو.

ڀيٽيو- (456) جهڙا اڍائي، تهڙا ساڍا ٻه.

C.f. Six of one and a half dozen of the other.

(466) جيترا وياءَ تيترا هيانءَ.

مائٽ کي جيترا ٻار اوتريون دليون آهن. سڀني تي هڪجهڙو پيار.

(467) جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا.

عهدو جيترو وڏو،تيتري جوابداري يا تڪليف وڌيڪ.

C.f. High winds blow on high hills.

ڀيٽيو- (469) ايندو سڀڪو ڏسي ويندو ڪوئي نه ڏسي.

C.f. A great ship have deep water.

(470) جيڏو پٽ تيڏي بکيا.

پٽ يعني ڪشتو، جنهن ۾ فقير بکيا وٺن. مطلب ته ڌڻي سڀ ڪنهن کي سندس قدر سارو رزق ٿو رسائي؛ جهڙو هاٿيء کي مڻ ۽ ڪيليءَ کي ڪڻ.

(471) جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.

پنهنجي ٿوري فائدي لاءِ ٻئي جو گهڻو نقصان نه ڪجي.

C.f. He sets my house on fire only to roast his eggs.

(472) جيسين ڍائو ساهه کڻي، تيسين بکئي جو ساهه وڃي.

يا ”جيسين ڍائو مٿو کنهي، تيسين بکئي جو مٿو وڃي“. مٿو وڃي يعني مري. مثلاً جيستائين ڪو وڏو ماڻهو ڪنهن غريب کي نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ سنڀري تيستائين غريب بک ۾ مري.

(473) جيسين للو کڻي لٺ تيسين ڪرهه اُجهاڻي.

]جيستائين ڪو لٺ کڻي سنڀري تيستائين معاملو پورو ٿي وڃي [

One man’s breath is another man’s death.

(474) جيڪا ڌاريان ٻڪري تنهن لمندا ڪن.

جيڪا ٻڪري پاليان تنهنجا ڪن پيا لڏن يا لپ لپ ڪن. جيڪر نوڪر بيهاريون تنهن ۾ هڪڙو نه ٻيو عيب.

(475) جيسين ساس تيسين آس.

بيمار ۾ جيستائين ساهه آهي، تيستائين سندس ڇٽڻ جو آسرو آهي. ٻي معني ته ماڻهو جيستائين جيئرو آهي، تيستائين آسون اُميدون ڪين ڇڏيندو.

C.f While there is life there is hope.

(476) جيڪي ڪري گيهه، سو نه ڪري ماءُ پيءُ.

مطلب ته گيهه وڏي طاقت واري شيئين آهي. اهڙي طاقت مائٽ ڏيئي ڪين سگهندا.

ڀيٽيو- (477) اَن وڌائي اوجهري، گيهه وڌائي کوپري.

(478) جيڪي کوهه ۾ هوندو سو آنهن ۾ پوندو.

کوهه ۾ پاڻي مٺو هوندو، توڙي کارو. ته اهو آنهن (حوض trough) ۾ پوندو. مطلب ته جنهن ۾ جيڪو لڇڻ هوندو، سو اهو ظاهر ڪندو.

ڀيٽيو- (479) جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.

Nothing comes out of the sack, but what was in it.

(480) جيڪي هوندو ڀاڳ ۾ سو وهي پوندو پاڳ ۾.

مطلب ته نصيب ۾ جئن لکيل هوندو تئن ٿيندو.

(481) جيءُ خوش ته جهان خوش.

پنهنجو جيءُ خوش آهي ته پنهنجي ليکي ته سارو جهان خوش آهي؛ نه ته ڪجهه به مٺو نه لڳندو. ”هن بيمار کي توهان جون اهي ڳالهيون ڪٿان وڻنديون. جيءُ...خوش“.

ڀيٽيو- (482) آپ سکي ته جڳ سکي.

C.f Sickness tells us what we are.

(483) جيئڻ ڀلو آهي اُن جو جو جيئي ٿو ٻين لاءِ،

    مرڻ ڀلو آهي اُن جو جو جيئي ٿو پاڻ لاءِ،

مطلب ته سڦلي حياتي اها جا ٻين جي ڀلي ڪرڻ ۾ گذارجي.

ڀيٽيو- (484) پيٽ ڪتا به پيا پاڙين.

He is unworthey to live, who lives only for himself.

(485) ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو.

گٿل ڳالهائڻ مان وڏي خرابي، تنهنڪري انهيءَ کان پير ترڪي (ٿاٻو کائجي ۽ ٿورو ايذاءُ اچي) ته اهو وڌيڪ.

C.f. Better the foot slip than tongue.

(486) ڄڱر ۽ ڄار اگهه مڙيوئي هڪڙو.

ڄڱر، جنهن ۾ ڄاڱوري ٻير ٿين، تنهنجي ڪاٺي مضبوط ۽ مهانگي. ڄار، جنهن ۾ پيرون ٿين، تنهنجي ڪاٺي ڪچي ۽ سستي. جڏهن اُچي ۽ سادي. لائق ۽ نالائق جي وچ ۾ ڪو فرق نه رکي، ته ائين چون.

ڀيٽيو-(487) ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.

      (488) وڍون مڙيئي ڪار ٻوٿيون!

C.f All cats are alike grey in the night.

(489) ڄمندي ڄام ڪونه ٿيندو آهي.

ڄمڻ سان ئي حاڪم (اُستاد يا ڪاريگر) ڪونه ٿيندو آهي. مطلب ته هرڪو ٿورو ٿورو سکي ٿو، پوئين قابل ٿئي ٿو.

ڀيٽيو- (490) ماءُ پيٽان ڪو سکي ڪونه ايندو آهي.

C.f No man is his craft’s master the first day.

(491) جهجهي هوند جهجهو فڪر.

جن وٽ ڌن گهڻو، تنهن کي فڪر به گهڻو ته متان ڪو ڦرين.

ڀيٽيو- (492) جتي گنج تتي رنج. گهڻو مال، گهڻو وبال.

C.f. Much coin, much care.

(493) جهنگ پنهنجا رنگ.

جهنگه جو رنگ (نظارو) پنهنجو آهي(شهرن جو پنهنجو). ٻهراڙين جي نظارن ۽ فرحتن جي ساک ڪندي ائين چون.

God made the country, and man made the town.


 

(494)جهيڙو کهه پيو جهيڙو، جهيڙو ته گلي جو هار جهيڙو.

جهيڙو کڏ ۾ پوي (نه ڪجي)، پر جيڪڏهن معاملو يا بحث مباحثو ڪرڻو پوي، ته گلي جو هار (پياري شيء) ڪري سمجهجيس يعني اهڙي مڙسي يا قابليت ڏيکارجي، جو اڳلو سمجهي، ته ڪنهن مڙس سان ڪم پيو هوم.15

C.f Beware of entrance to a quarrel, but being in.bear it that the opposer may beware of thee.

(495) چاڪريء چور نيوالي حاضر.

جيڪو چاڪري يا خدمت (ڪم ڪرڻ) مهل چورن وانگر ڀڄي يا ڪم کان نٽائي؛ پرنيوالي يا گرهه (کائڻ) مهل حاضر ٿئي، تنهن لائين ائين چون.

ڀيٽيو- (496) کائڻ مهل کرو، ڪم مهل ٻرو(=تپ)

      (497) کائڻ وير مڙس، هاج وير ڇوڪر.

C.f (1)  To quake at doing and sweat at eating.

     (2) Be not fast to feast and loate to labour.

(498) چاڪريء ۾ آڪڙي ڇاجي؟

نوڪري ڪرڻي هجي ته پوئين آڪڙ نه ڏيکارجي.

(499) چانڊيا چور شابراڻي شاهد.

چانڊيا ۽ شابراڻي، ذاتين جا نالا. ڪو ماڻهو چوري يا ٻيو ڪو کوٽو ڪم ڪري ۽ سندس ڪو سنگتي چوي ته هي ويچارو برابر بيڏوهي، ته ائين چون، هن مراد سان ته ٻئي ملتي آهيو، تنهنڪري تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪونهي.

ڀيٽيو- (500) چورن جا ڀائر ڳنڍ ي ڇوڙ.

C.f Ask my companion if i am a thief.

(501) چري کي چوڙو ڪڏهن ٽنگ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾.

بيعقل ڪڏهن ڪهڙن ته ڪڏهن ڪهڙن پورن ۾، (تنهن ڪري هن جو خيال نه ڪجي يا ساڻس مٿو نه هڻجي).

ڀيٽيو-(502) چرين جا پور مٿي جا سور.

(503) چرين ڪهڙا چت مئَن ڪهڙا مامرا (= معاملا)

(504) چريا، ”ڪئَن“؟ چي ويران وير وڌ.

(505) چريا ڏيئي چار واڇان وٺجي هڪڙي.

(506) چريا چرين گڏيا عيد مبارڪ!

C.f Mad folks are not to be argued with.

(507) چريو ته به گهر ڏي وريو.

ڪو بيوقوف هوندو ته به پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڳڻيندو.

(508) چري آهي، چڪي آهي، پنهنجي پهه تي پڪي آهي.

(509) سڀڪو پنهنجي ڏر تي ڏاهو آهي.

(510) ڪو چريو ته به ڀتر اُڇلي گهر ڏي.

C.f Even fools sometimes speak to the Purpose..

(511) چڱائي کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا.

اکري معني چڱائي لائين پادر ڳڻجي ٿا لڳن. ڪنهن سان چڱائي ڪجي ۽ هو اُٽلندو شوخ پئي ته ائين چون 282.

Kindness is lost uopon ungreatful man.

(512) چڱن جي چڱائي پوئين به پيئي ڳائبي.

چڱا مڙس مري ويندا ته به ماڻهو سندين ساک پيا ڪندا.

Good men mest die, but death cannot kill their names.

(513) چڱو ڀلو کائي اَن، نا چڱو کائي ڌن.

بيماري تي خرچ ٿين ٿا، تنهنڪري بيمار ڄڻ ته ڌن ٿو کائي.

C.f. diseases are the tax on pleasure.

(514) چلهه تي سو دل تي.

جو کائڻي پيئڻي گڏ ] سدائين ساڻ[ هوندو سو ياد پوندو.

(515) چلهه کان دوُر، سو دل کان دوُر.

(516) سيئي سڳا سيڻ جني پکا اوڏڙا ] = گهر ويجها [

(517) ڀت پيئي وٿ پيئي.

(518) ڪنڌيون پار قنڌارون پار يعني درياه جي ڪنڌيءَ جي پرينءَ ڀر.

] پاڻ کان پري [ سو قنڌار کان به پري.

C.f. out of sight, out of mind.

(519) چنڊ کي ڏهي، پوئين سڄي پاڳ.

نئون چنڊ ڏسي، پڳ مان ڏهي ] ڌاڳو يا تند [ ڇني، اُن ڏي، اُڇلبي ته اُنجو ثواب وڏو؛ پوئين سڄي پڳ اُڇلبي ته به اهو ثواب نه ملندو. مطلب ته وقت سر ٿوري مدد يا صلاح پوئين جي گهڻي کان بهتر آهي.

Better one owrld in time than two afterwards.

(520) چور کي پنهنجو ڪيتو پيو کائي.

کوٽن ڪم ڪندڙ کي وويڪ يا ضمير پاڻ مرادو پيو وڍ وجهندو.

C.f. a guilty conscience needs no accuser.

(521) چونڊيئي چور وڃي بيٺا ککڙين.

ڪن چورن ڪٿي چوري ڪندي ٻيا مال ڇڏي، ڳولي ڳولي هڪ ننڍڙي هڙ موتين جي هڙ سمجهي کنئَين؛ پر پوءِ وڃي ڏٺائون ته اُن ۾ ککڙا پيل هئا! ڪو مائٽيءَ وغيره جي  چڱي چونڊ نه ڪري ته ائين چون.

C.f. you fish fair and catch a frog.

(522) چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو ڦير آهي.

چوڻ سٿرو آهي، پر ائين ڪرڻ ڏکيو آهي.

(523) چوڻيءَ هرڪو چئي، کرو ڪو رهڻيءَ رهي.

C.f. saying and doing are two things.

(524) ڇوڪراڻي پوتي ڪنهن نه ڌوتي.

ڇوڪرن يا ٻارن کي ڀرم شرم يا مان شان جي سڌ نه پوندي تنهنڪري بيعقلي جي هلت ڪندا ۽ انهي ٻاراڻي ڳالهه ۾ ڪنهن به سياڻي کي پوڻ نه گهرجي.

(525) ٻار نيٺ به ٻار، يا ”ٻار ٻار ٿي ڇٽندا“.

(526)ٻار ٻاراڻي ڪئي، تون ڏس پاڻ ڏي.

C.f boys will be boys.

(527) حجتي لعنتي يا گهڻي حجت گهڻي لعنت.

ڪنهن تي گهڻي حجت هلائبي ته قرب ويندو ۽ اڳلي ۾ ڌڪار جاڳندو.

C.f too much familiarity breeds contempt.

(528) حلوي حلوي چوندي وات ۾ مٺو نه ٿيندو.

هڏ نه هلائبو ۽ رڳو زبان سان سڌ ڪبي، ته مطلب نه ٿيندو.

(529) ان پاڻي جي نانءَ سان بک اُڃ ڪين لهي.

(530) ننگر پهچي ڪونڪو بنا پنڌ ڪئي.

C.f the belly is not filled with fair words.

(531) حمائتڻ گڏهه عراقڻ کي اِٽيون هڻي.

گڏهه کي ڪا حمائتڻ يا مدد ڪندڙ هوندي، ته عراق شهر جي اصيل گهوڙيء کي لتون هڻندي. نالائق کي ڪا پشت هوندي ته ڪنهن اشراف سان جهڳڙندي دير نه ڪندو.

(532)حيلي رزق بهاني موت.

روزگار جو رستو ڪنهن حيلي يا اُپاءَ سان کلندو ۽ موت لائين به هڪ نه ٻيو بهانو ] بيماري سيماريءَ [ جو ٿي ايندو.

C.f death always finds an excusr.

(533) خرچ کاءُ، ڏئي شاه.

خيرات بلي خرچ ۽ تون به کاءُ، ته ڌڻي سڀڪي ڏيندئين.

”چک ڊال مال ڌن ڪو، ڪوَڙي نه رک ڪفن ڪو،

جس ني ديئا هئي تن ڪو، ديگا وهي ڪفن ڪو“

C.f give and spend, and god will send.

(534) خرخسو نه خالي، آڌيو نه ته پائلي.

خرخسو ]خرخشہ[  يعني هل بکيڙو يا گوڙ خالي ]سکڻو يا اجايو[ نه چئبو؛ آڌيو نه، ته پائلي ملي. ڪنهن ڳالهه لاءِ ڌنئَجي ۽ ڪجهه ملي ته ائين چئبو.

(535) دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏي.

واجبي خرچ ڪندي ڪو  کٽو، ته مٿس ميار ڪانهي.

(536) ڏندڻ ڪندي ڏند گسن ته گسڻ ڏي.

(537)ڦڻي ڏيندي وار کسن ته کسڻ ڏي.

(538) سچ چوندي يار رسن ته رسڻ ڏي.

(539) دائي کان پيٽ ڳجهو ڪونهي.

جو ڪنهنجي حال مان پوري طرح واقف هوندو، ته ائين چوندو.

(540) درياه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.

درياه جي ڪنڌي تي ڪو ڇوڪرو راند ڪندو، ته هڪ نه ٻئي ڏينهن ٻڏندو. مطلب ته کوٽن ڪمن جو نتيجو نيٺ ڏسبو.

(541) نالو جيئو هٿ وجهي نانگن جي ٻر ۾ سو به نه جيئو.

Those who play with edged tools must expect to cut themselves

(542) دک بنا سک ڪونهي.

پنهنجي ديهه کي دکه ] تڪليف [ ڏبي، تڏهن سک ماڻبو.

(543) رنج بنا گنج نه ٿئي.] گنج= خزانو، جهجهو مال [

 C.f no gains without pains.

(544) دک ۾ سڀڪو هر ڀڄي.

دک جي مهل سڀڪو هري جو ڀڄن] ڌڻي جي عبادت [ ڪري ٿو.

The chamber of sickness is the chaple of devotion.

(545) دل کوٽي ته عذر گهڻا.

جنهنجي دل کوٽي هوندي(ڪم ڪرڻ تي نيت نه هوندس) تنهن وٽ بهانن جي کوٽ نه هوندي. هڪ نه ٻيو بهانو ڏيندو.

(546) دل سوڙهي نه هجي، ته جاءِ سوڙهي نه چئجي.

C.f Where there is a will, there is a way.

(547) دولت نهن کان ماس وڇوڙي.

نهن کان ماس وڇوڙي معني سڳا مائٽ ڌار ڪرڻ. مطلب ته ناڻي ي ڪري پيءُ پٽ کان ۽ ڀاءُ ڀاءُ کان وڇڙي ٿو.

C.f Money is the sinew of love,as well as of war.

ڀيٽيو (548) مايا ڇلڻي آهي. ڇلڻي =ڀنڀلائيندڙ

(549) دير پيا درست ٿيا.

جنهن ڪم ۾ دير پوندي، سو پاڻيهي ڌڻي راس ڪندو.

C.f. He winneth that waiteth.

(550) ڌرت پريڻي ڌرم نه ڇوڙيئي.

ڌوني ۾ پئجي وڃجي ] مري وڃجي [ ته به پنهنجو ڌرم ڪرم، فرض يا نيڪي نه ڇڏجي. ” ٿوري جيئڻ واسطي ڇو ڪوڙ ڳالهايان؟ ڌرت...ڇوڙيئي“.

C.f Do what you ought, come what may.

(551) ڌن هجي ڌوڙ ۾ ته چمڪا ڏئي نور ۾.

ڪنهن پنهنجو ڌن ڌوڙ ] کڏ [ ۾ پوريو هوندو، ته به سندس لڇڻ مان سندس شاهوڪاري پڌري ٿيندي.106.

(552) ڌنئرو هو ته ڌڻين ڪين ڇڏيو.

فائدي يا گڻ واري شيءِ هجي ته مالڪ جيڪر ڪين ڇڏين.

(553) ڌڻ ته ڌڻي.

مطلب ته گهر ته گهر ڌياڻي، ٻار ته مائٽ، ڪارخانو ته سيٺ، جو سنڀال لهي؛ نت جهڳوئي جهڻ.

ڀيٽيو- (554) ڌڻي ري ڌڻ سچو، ڌڻ ري سڃو ڌڻار.

C.f What is an army without a general?

(555) ڏاڍو سو گابو.

جيڪو ڏاڍو سو مڙس هوندو، سو زور ٿيندو( ٻين کي ماري)،

(556) ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن ڦيرائي تيڏانهن سنيئن.

(557) سٻر سان سينئن ڪبي ڪئن، چوندو جئن ٿيندو ٿئن.

]ڏاڍي سان حد جو ورهاڱو ڪبو ته سندس مرضيءَ موجب فيصلو ٿيندو [ سٻر= ڏاڍو. سينئن =حد.

C.f. Might overcome right.

(558) ڏاهو ڪانءُ ٻه جنگهو ڦاسي.

ڪانءُ گهڻوئي سياڻو، پر ماري ڦاهي اهڙي ڊول سان منڊين، جو ڪانءَ جون ٻئي ٽنگون اُن ۾ ڦاسن. اجائي سياڻپ ڪري ڪو ڪنهن ڳالهه ۾ چؤکنڀو ڦاسي ته ائين چون.

C.f. He who is too wise, become a fool.

(559) ڏٻري ڍور کي مڇر گهڻا.

ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ نه ٻي بيماري نه ڇڏي ته ائين چون.

C.f A lean dog gets many fleas.

(560) ڏٻري جو ڌڻي سويرو پلاڻي.

ڏٻري وهٽ جو مالڪ سويلئي پنهنجو وهٽ پلاڻي پنڌ پوندو، ته وقت سر وڃي گهر پهنچندو. ڪو ضعيف يا منڊو ٻين کان اڳڀرو نڪرندو تڏهن مس ٻين سنئون پهچندو.

C.f. A lame traveller should get out betimes.

(561) ڏٺو سڀ وسار اَڻ ڏٺي کي ياد ڪر.

ڏٺو يعني هيءَ دنيا، جا اکين سان ڏسجي ٿي. اڻ ڏٺو يعني ڌڻي جو هنن اکين سان ڪنهن جي ڏسڻ جو نه آهي.جڏهن ڪو گذريل وقت جي دکن سکن جون ڳالهيون ڪري، ته ائين چون، ته اهي ڳالهيون وساري ڌڻي کي ياد ڪر.

ڀيٽيو- (562) رام سمر جڳ لڙني دي.

(563) ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.

سوليءَ کي ڪجهه نه ڏجي، ته دل به نه ڏکوئجيس. گارين سان.

(564) ڏچر گهوڙو، سچر زال، ٻئي کڏ پيا.

گهوڙو جو برابر نه چري(کائي) ۽ زال جا سدائين پيئي چر چر ڪري(کائي) اهي ٻئي کڏ پيا.زال ذات کي چٽو چڱو نه.

(565) ڏڌو کير ٿڻن ۾ نه پوي.

گانءِ، مينهن وغيره جو کير ڏهبو ته موٽي ان جي ٿڻن ۾ ڪين پوندو. جو ڪم هٿان ويو، سو وري هٿ نه ايندو.

ڀيٽيو- (566) کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.

C.f What is done cannot be undone.

(567) ڏنو ٻنو آهي.

ڏنو يعني خيرات ٻنو يا جهلو(مصيبتن لائين) آهي يعني خيرات ڪرڻ ڪري مصيبتون ٽريو وڃن.

(568) ايڪ ديوي دس پاوي.

(569) ڏه دنيا، ستر آخرت.

(570) ڏنو ٿئي نه ڪنو؛ پوک ڪڻو، ته ٿئي گهڻو.

(571) ڏي ته ڏيئي، سلو سائو ٿئيئي.

C.f (1) Alms are golden key that opens the gate of heaven. (2) the hand that gives gathers.

(572) ڏنو ڏاڻ مئَو پٺاڻ، ورائي وٺي بي ايمان.

ڪنهن کي ڪجهه بخشش ڏيئي موٽائي وٺڻ بي ايمان جو ڪم.

C.f Give a thing and take again, and you shall ride an hell’s wain.

    (573 ) ڏني جو پٽ ڇٽو، يا ڏنو پٽ ڇٽي جو.

ڏنو ۽ ڇٽو نالا؛ مطلب جنهن قرض ڏنو سو آزاد چئبو.

C.f. Out of debt, out of danger.

(574) ڏوڏي کي به پتو آهي.

ڏوڏي جو پتو  [رنگ جو سائو] کائبو ته ڇاتي پيئي سڙندي.انسان کي پتو يعني دل آهي تنهنڪري وقت تي ساڙ لڳندس.

E.f. even a fly hath its spleen.

(575) ڏئي مٿيون، پر ڪنهن جي هٿون.

سڀني کي ڏيڻ وارو ] ڌڻي [ پر ڪنهنجي معرفت ڏئي ٿو.

(576) ڏيسا چال ڪلا ڌرم.

ديس يا ملڪ جي چال (ريت رسم) پنهنجي ڪل (ڪٽنب) جو ڌرم يا فرض سمجهجي يعني ان موجب هلجي.

ڀيٽيو- (577) ڏڌ ولوڙجي مانڌاڻيءَ مکڻ وهي لاٽ،

چريا سي چئجن جي ڇڏين اباڻي واٽ.

Conform to common custom, and not to common folly.

(578) ڏينهن جو ڪوُڙو ٿجي، رقم جوڪوُڙو نه ٿجي.

ٺهرايل مدي کان پوءِ رقم پهچائڻ ڪري ڏينهن جو ڪوڙ ٿيو، پر ماڳهين رقم الي وڃجي، تنهن کان اها دير چڱي.

C.f Confess debt, and beg days.

(579) ڏيڻ ڏکيو آهي.

پنهنجو پئسو  ٻئي کي ڪڍي ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي.

(580) ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ ۽ ڏيهي ڇڏڻ (مرڻ) ٽيئي اهنجا-

I love you well, but touch not my pocket.

(581) ڊڄ تنهنجي ڊائين، جنهن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.

ڦرندي گهرندي وارو يعني جنهن جي زبان هڪڙي نه آهي، تنهن کان ڊڄڻ گهرجي.

(582) ڊڄ انهيءَ کان جو منهن تي ڪوڙ ڳالهائي.

(583) ڊڄ انهيءَ کان جو کڏ تي بيهي گاريون ڏئي.

C.f. Beware of breed; i. e an ill-breed.

(584) ڊني واڻئي موُر نه لاڀ.

خريداري توڙي وڪري مهل جو واپاري پيو ڊڄندو ته متان اگهه لهن چڙهن سو فائدو ته نه ڪڍندو، پر مور به وڃائيندو. مراد ته دل جي همٿ ڌار جي.

C.f. Nothing venture, nothing have.

(585) ڍنڍوڙا شهر ۾، لڙڪا بغل ۾.

ٻار ڪڇ ۾ ۽ شهر ۾ پڙهو گهمايو اٿس. ڪا شيءَ اکين اڳيان هوندي به ڪو اها پيو ڳولي ته ائين چون.

The butcher  looked for his knife, when he had it in his mouth.

(586) رات ٿوري ساٺ گهڻا.

رات باقي ٿوري وڃي بچي آهي ۽ وهانءَ جا ساٺ سوڻ وڌائي ڇڏيا اٿن. ڪو گهوٽ پنهنجي ڪنئار ڏسڻ لاءِ آتو هو، تنهن ائين چيو. هاڻ مطلب ته ٿوري وقت اندر گهڻا ڪم ڪرڻا پيا آهن.

C.f. The day is short and the work is much.

(587) رات جوُن  ڳالهيون نه پڙن.

رات جو ڪيل ڳالهيون بيهڪ نٿيون کائين.

ڀيٽيو- (588) رات گئي، بات گئي.

Words spoken in an evening, the wind earrieth away.

(589) راجا اکيين ڪ ڪنين؟

راجا نياءُ ڪندو اکين ڏٺي ڳالهه پٽاندر يا ڪنهن سان ٻڌل ڳالهه پٽاندر؟ مراد ته ٻڌل ڳالهه تي اعتبار نه ڪجي.

One eye-witness is better than ten hearsays.

(590) رت ڪٽورو ڏجي، تڏهن ڀت ڪٽو رو ملي.

جهجهي محنت ڪري بدن جو رت ست ڏجي ٿو، تڏهن ٿورو گهڻو روزگار حاصل ٿئي ٿو.

ڀيٽيو- (591) پگهر بنا پئسو نه ملي.

C.f. No sweet, without sweat.

(592) رت ونگو به وري.

 ڏنگو رت به  سنئون ٿيندو يعني مائٽ (ڀائر وغيره) پاڻ ۾ ٺهيل نه هوندا، ته به وقت تي هڪٻئي ڏي رڳ ڇڪيندين.

(593) پنهنجا وري به پنهنجا.

(594) جگر نيٺ به جگر.

(595) توڙي ڏجي پاڻ، ته به پر پنهنجو نه ٿئي پر = ڌاريو

(596) هڏ بنا سڏ ڪو نه ڏئي. ( پنهنجو ڪم ايندو).

C.f. The blood is thicker than water.

(597) رڌي پڪي به يا نصيب.

رڌل پڪل طعام (ٺهيو ٺڪيو ڪم) به نصيب ٿئي يا نه.

(598) داڻي داڻي تي مهر. (مهر =قسمت جو ٺپو).

Between the hand and the lip, the morsel may slip.

(599) رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا.

بيعقل سان ورهيه مٿو هڻبو ته به ڪين سمجهندو. 204

”پئنچن هيترو پڪاريو ته به زالن ڏيتي ليتي نه ڇڏي. رڍن ...“

(600) سوين سنت چون ته به ٻوڙا ٻڌن ڪينڪي.

C.f. There is no profit in teaching a pig to play the flute.

(601) رڪ جا چڻا آنڊا چيرين.

رڪ جا چڻا يعني ڏاڍي جو مال کائبو ته نه ڦٻندو.

C.f. He that eats the king’s goose shall be choked with the feathers.

(602) روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.

بکن پٺيان ڍءُ، ۽ ڍءَ پٺيان بک. مطلب ته –

(603) دکن پٺيان سک، سکن پٺيان دک.

(604) لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون.

C.f. Sadness and gladness succeed each other.

(605) زالان ڌاوڻ، مردان کاوڻ.

زالن کي جلد وهنجي اُٿڻ گهرجي (ستر جو تاڪيد)، ۽ مردن کي جلد ماني کائي اُٿڻ گهرجي (ڦڙتائيءَ جو تاڪيد).

C.f. Quick at meat, quick at work.

(606) زالون زالن جو کاڄ.

زالن جي صحبت زالن جو قوت آهي يعني اهي پاڻ ۾ ٺهن.

C.f. Geese with geese, and women with women.

(607) سڀاڳن کي ڪار، نڀاڳن کي وڃڻي.

سڀاڳا سي جي ڪم ۾ رڌل؛ ۽ نڀاڳا وڃڻا هڻن( فرحتون وٺن).

(608) بيڪار کان بيگار ڀلي.

(609) بيڪار مباش ڪڇ ڪيئا ڪر،

ڪپڙي ئي اڊيرڪي سيئا ڪر.

e.f. Better work for nothing than be lazy.

(610) سڀ ڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي.

سڀ ڪنهن ٻڪريءَ کي ڪاسائي سندس پير کان وٺي ٽنگي ٿو. مراد ته سڀ ڪو پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندو.

(611) جو هٿ ڪري، سو هٿ پائي (= نتيجو ڏسي).

Every herring must hang by its own head.

(612) سڀ ڪنهن کي پنهنجا سوُر.

سڀ ڪو پنهنجي هڪ نه ٻئي ڏک جي ڳالهه ڳڻي ٿو.

ڀيٽيو- (613) پرائي پٿر پٽي سڀ ڪا پنهنجا.

C.f. Every heart hath its own ache.

(614) سڀ ڪو ثاني شريڪ.

سڀيئي پاڻ ۾ هڪ جهڙا ڀائر آهيون. ڪو به گهٽ ڪونهي.

(615) ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي چاهين ملڻ محبوب جو.

However wretched a fellow mortal may be, he is still a member of our common species. (Seneca).

(616) سڀ ڪو پاڻ کي ميان مٺوُ سڏائيندو وتي.

سڀ ڪو پنهنجي ساک پاڻ ڪري ٿو، يا پاڻ کي وڏو سڏائي ٿو.

C.f Every sprat now a days calls itself a herring.

(617) سڀ ڳالهه ۾ حڪمت.

ڪا ڳالهه ظاهري خراب، ته به اُن ۾ ڪا سياڻپ يا معني رکيل هوندي. مطلب ته ڌڻي سڀ اسان جي ڀلي لائين ڪري ٿو، تنهن ڪري هئن به چئون ته -

(618) جا جوڙيائين سا واهه واهه!

ڀيٽيو- (619) پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي.

(620) جا تڌ ڀاوين، سائي ڀلي ڪار!

C.f. (1) There is reason in the roasting of eggs.

(2) There is a special providence in the fall of a sparrow.

(621) ستي ٻلي ڪئا ڪين ماري.

مراد ته غفلت ڪبي ته مطلب نه ٿيندا.

C.f. Sleeping dogs catch no hares.

(622) ستي شينهن کي آڱر نه ڏجي.

بڇڙو ماڻهو سانت ۾ هجي ته نه ڇيڙجيس( نه ته خرابي ڪندو)

C.f. Wake not a sleeping lion.

(623) ستين لنگهڻي ڪتو به حلال.

ست ويلا لنگهڻ يا بک ڪڍبي ته پوئين حرام شيئين به حلال ڪري ليکبي. بک مرندي نيچ پورهيو به ڪيو.

ڀيٽيو- (624) اَڻ سرنديءَ پهاڄ پيڪي.

(625) لاچار کي سڀ ڪي روا.

C.f. Necessity knows no law.

(626) سپتيو ماڻهو پرائي مال ۾ ڀائيوار.

 سپتيو يا سچار اُڌاري سڌاري لائين ڪنهن وٽ ويندو ته بنا دير ائين وٺي ايندو جو ڄڻ ته اڳلي جي ملڪيت ۾ ڀائيوار هو.

C.f. He who is a good paymaster is lord of another man’s purse.

(627) سج ٻه پاڇا.

سج جو پاڇو ڪڏهن چڙهيل ڪڏهن لڙيل. ڪڏهن شاهوڪاري ته ڪڏهن غريبي. ”دنيا دورنگي“

(628) ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.

(629) ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ

(مهاڻو مٽ تي چڙهي پلا ماري ڪڏهن پاڻ مٽ مٿي تي کڻي)

C.f. Change of fortune is the lot of life.

(630) سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.

بعضي اشرافن جو اولاد نالائق ۽ نالائقن جو اشراف ٿئي ٿو.

C.f. A good cow may have an ill calf.

A black hen can lay white eggs.

(631) سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.

ڪو خير خواهه سڄي ٻانهن يعني سموري مدد پئسي وغيره جي ڏئي مثلاً گهرج مهل ٽجوري کولي حاضر ڪري ته سڀ پئسا نه کڻجن، پر گهرج سارو، مطلب ته ڪنهن جي مهربانيءَ جو اَڻ ٺهندو فائدو نه وٺجي. 17

Do not cut board thongs out of other people’s leather.

(632) سڄڻ هئن سنوان، مر ڏيهه ڏنگايون ڪن.

ڌڻيءَ جي پاران شل سولي هجي، پوئين لوڪ ڀلي حرڪتون ڪري ]ته ڇا ڪري سگهندو[

(633) سڄڻ هجن ساڻ، ته جهنگ اندر سوني کاڻ.

(634) ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي.

(635) ڌڻي همراهه ته ڪنهنجو نه ڊاءُ. ] = ڊپ[

(636) راکي رام ته ماري ڪير؟

C.f. (1) If God be with us, who will be against us?

(2) Why should I fear when God is near?

 (637)سچ ته بيٺو نچ.

سچ چوندڙ نچندو بيٺو يعني ڪين ڊڄندو.

ڀيٽيو (638) چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ رئي.

C.f. Truth seeks no corners.

(639) سچ جي ٻيڙي لڏي، پر ڪڏهن نه ٻڏي.

سچار ڪنهن وقت لوڏن ]تڪليفن[ ۾ اچي، پر ڪڏهن به خانو خراب نه ٿيندس ]انت ڪلياڻ يا نيٺ سوڀ سندس[

ڀيٽيو- (640) سچي جو ٻيڙو ستڙ. ] = چڱي تڙتي، سلامت[.

Truth may linguish but can never perish.

(641) سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ.

 هن زماني ۾ سچ تان ماڻهن کي مرچ ٿا لڳن ]نٿو وڻين[ ۽ ڪوڙ ڳڙ جهڙو مٺو ٿو لڳين.

C.f. Truths like roses have thorns about them.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org