سکر 1955ع
ادا،
تنهجو خط پهو. تو لکيو آهي ته تون منهنجي نه، منهنجي شعر جي
شخصي زندگي ڄاڻڻ ٿو چاهين. تو پڇيو آهي ته مان
گونا گون مصروفيتن هوندي شعر ڪهڙيءَ وقت ٿو لکان،
۽ هر شعر لکڻ وقت منهنجن جذبن ۽ احساسن جي ڪهڙي
حالت آهي؟ عشقيه ڪلام لکڻ وقت منهنجي تصور ۾ ڪي
خاص شخصيتون هونديون آهن ڇا؟ مان شعر موقعي تي في
البديهه چوندو آهيان، يا پوءِ گذشته حالات جي تصور
کان متاثر ٿي چوندو آهيان؟ ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي
ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر وڌو آهي؟ منهنجي
شاعريءَ ۾، هر صنف سخن سان بيوفائي ڇو آهي؟ ۽ آخري
سوال _ جو سڀ کان ڏکيو آهي _ ته مان شعر چوندو ڇو
آهيان؟
مان ڀانيان ٿو ته پوئين سوال جو جواب اول ڏيان ته بهتر ٿيندو.
مان شعر ڇو چوندو آهيان ۽ مان زنده ڇو آهيان: انهن
ٻنهي سوالن ۾ ڪوئي خاص فرق نه آهي. ٻيئي لازم ۽
ملزوم آهن. مان زنده آهيان تنهنڪري شعر چوندو
آهيان ۽ مان شعر چوندو آهيان تنهنڪري زنده آهيان.
هر انسان کي پنهنجي معاش مهيا ڪرڻ واسطي محنت
لازمي آهي: شعر و ادب جي تخليق تي به محنت ڪئي ٿي
وڃي، پر شعر ادب کي هن ماحول ۾ ذريعه معاش بنائڻ
ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان ڪري مون قانون کي ذريعه
معاش بنايو آهي. قانون جو مطالعو پنهنجي جاءِ تي
دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، پر منهنجو فطري لڳاءُ
شاعريءَ سان آهي. مان محسوس ڪندو آهيان ته قدرت
مون کي انساني جامي ۾ آندو ئي ان واسطي آهي ته مان
پنهنجا پراوا انساني ڏکڙا ڳايان، ڳوڙهن کي ڳالهڙين
۾ ڦيرايان، ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ مان رنگ برنگي گل
ڇنان، گلدستا ٺاهيان، گلدان سجايان! گيت ئي منهنجي
جيت آهن: انهن کان سواءِ منهنجي زندگي هار آهي _
انهن کان سواءِ منهنجي زندگي بي معنيٰ آهي _ انهن
کان سواءِ مان انهيءَ سوال کان ڪڏهين به پيڇو نه
ڇڏائي سگهندس ته مان زنده ڇو آهيان؟
باقي سوالن جو جواب آسان آهي. مون ڪڏهين به پنو پينسل کڻي، شعر
لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. شايد هاڻي ان واسطي فرصت
به نه آهي. مان شعر ڪڏهن ڪڏهن چوندو آهيان. بعضي
بعضي ته ٻه _ ٻه، ٽي _ ٽي سال هڪ سٽ به نه چوندو
آهيان، ۽ پوءِ جڏهن طبيعت مائل ٿيندي آهي، ته
منهنجي روح ۾ ڪوئي درياءُ اٿلي ايندو آهي ۽ گهمندي
ڦرندي منهنجي ذهن ۾ سوين سٽون جڙ ي وينديون آهن.
لفظ ستارن وانگر منهنجيءَ دل جي اکين اڳيان ايندا
آهن، ۽ مان اهي ستارا چونڊي، ڪهڪشائون ٺاهيندو
آهيان. ان وقت مان بلڪل وائڙو لڳندو آهيان؛ ڪيئي
واقف رستي تي ملندا آهن، پر مان انهن کي بلڪل
سڃاڻڻ کان سواءِ سندن ڀرسان لنگهي ويندو آهيان.
گويا جسماني اکيون کليل هونديون آهن، پر ڏسنديون
ڪجهه به نه آهن؛ باقي منهنجون روحاني اکيون ڀؤنر
وانگر ٻوليءَ جي گلزاريءَ ۾ ڦرنديون وتنديون آهن،
۽ مان مکڙيون ۽ ماڪ ميڙيندو وتندو آهيان. منهنجا
ادا، ان طرح رستي ويندي مون ڪيئي بيت، گيت، غزل ۽
نظم جوڙيا آهن، جي مهينن جا مهينا منهنجي حافظي جي
خزاني ۾ موتين وانگر جرڪندا رهندا آهن، ۽ فرصت وقت
انهن کي لکي ڇڏيندو آهيان. جنهن وقت شعر ڏانهن
طبيعت مائل هوندي آهي، ته مان محسوس ڪندو آهيان ته
منهنجي روح ۾ چانڊوڪي وسي رهي آهي؛ مان خاڪ ۽ خون
مان بڻيل انسان نه آهيان؛ مون ۾ فطري ڪمزوريون ۽
ڪچايون نه آهن؛ مون کي ذريعه معاش لاءِ ڪائي محنت
ڪرڻي نه آهي: مان فقط محسوس ڪندو آهيان ته مان
لفظن جو صراف آهيان؛ مان انهن کي صاف ڪري، ڇلي،
گهڙي، ادبي زيور بڻائي رهيو آهيان. ان وقت منهنجي
جندڙي _ جنهن کي هونئن ته سازگار ماحول بلڪل نستو
۽ اٻاڻڪو بنائي ڇڏيندو آهي _ اٿاهه خوشيءَ سان
موجون ماريندي آهي، ۽ مان پاڻ کي نهايت خوش نصيب
انسان سمجهندو آهيان. اهو جنون، اهو شاعريءَ ڏانهن
لنءُ لنءُ جو لاڙو مهينو ٻه هلندو آهي، ۽ پوءِ
چانڊوڪيءَ ۾ چڙهيل وير وانگر هٽندو ويندو آهي، ته
مان دنيائي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويندو آهيان _
ايتري قدر جو شايد ڪوئي سمجهي سگهندو هجي ته هيءُ
قانوني مهاڄار ۾ ڦاٿل انسان ڪو شاعر به آهي! سو
ادڙا، منهنجي روح جو پکيئڙو تمام ٿورو وقت انهن
ازلي آکيرن ۾ گهاريندو آهي _ سندس باقي سارو وقت
پڃري ۾ پلندي گذرندو آهي. شايد هيٺيان ٻه بيت
منهنجي انهيءَ قلبي واردات جو اظهار آهن:
”پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس،
پکيئڙا پروس، ڦٿڪڻ لڳا ڦند ۾.“
”پڃري ۾ پيهي، آئي بوءِ بسنت جي،
پکي پرڏيهي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.“
عشقيه ڪلام لکڻ وقت، منهنجي ذهن ۾ ڪي خاص شخصيتون هونديون آهن
ڇا؟ اهو سوال منهنجي شخصي زندگيءَ سان تعلق ٿو
رکي: پر مان، بنان تفصيل ۾ وڃڻ جي تنهنجي حيرت
مٽائي ٿو سگهان. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي ته
”محبت گناهه نه آهي.“ محبت، جسماني خواهه روحاني،
شرعي خواهه غير شرعي، منهنجي نظر ۾ عبادت جو درجو
رکي ٿي. هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا انسان آيا
آهن، ۽ عشقيه ڪلام چوڻ وقت منهنجي روح تي به ڪنهن
نه ڪنهن پرينءَ جا پاڇا ضرور پوندا آهن. سنڌ جي
جاگيرداري زمينداري دور جو ماحول، مشرق جو وهم ۾
ويڙهيل جنسي اخلاق جو تصور، مجبور ٿو ڪري ته
زندگيءَ ۾ انهيءَ واردات تي پردو پيل رهي، جا
منهنجي عشقيه شاعريءَ جي محرڪ آهي. منهنجي ”محبت“
سان وفا آهي: ”وفا“ سان محبت نه آهي. ان جو تفصيل
شايد تنهنجي حساس طبيعت کي ڪجهه ڀاري لڳي، ان ڪري
ان متعلق ڪجهه زياده نه ٿو لکان.
مان موقعي ته شعر بلڪل ورلي چوندو آهيان. منهنجو ان نظريي سان
اتفاق آهي ته ”شعر اطمينان ڀريل خاموشي ءَ ۾ ياد
آيل جذبات جو اظهار آهي.“ پر مان راتين جو رولاڪ
آهيان. چانڊوڪين ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي، ڪڏهن ڪڏهن
منهنجو روح چڪورن سان چلولايون ڪندو آهي، ۽ ڪجهه
شعر جي منظرن متعلق جڙي ويندا آهن.
ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر وڌو آهي، ان جو
جواب ڪافي لمبو آهي ۽ ٻئي خط ۾ ڏيندو سانءِ. باقي
اهو سوال ته ”تون ڪنهن به صنف سخن سان وفا ڇو نه
ڪئي آهي _ “ ٻيءَ طرح ساڳئي قسم جو سوال آهي ته
”منهنجي فطرت جيئن آهي تيئن ڇو آهي!“ ان جو جواب
ته ڪوئي ماهر نفسيات جو ماهر ئي ڏئي سگهندو. باقي
اهو صحيح آهي ته مان ڪيئي نظم ساندهه لکندو آهيان،
ته انهن مان دل کٽي ٿي پوندي آهي، ۽ ڪيترا سال
انهن جو پيڇو ڇڏي ڏيندو آهيان، ۽ پوءِ غزل لکندو
آهيان، ۽ نيٺ گيتن مان به ڪڪ ٿي پوندو آهيان، ۽
ڪيتريءَ مدت تائين شاعريءَ کان ئي روح پلجي ويندو
آهي. اڄڪلهه بيت لکي رهيو آهيان. ”بيت“ ۾ اسان جي
ڏات جي يگانگت آهي. ان ۾ اها تخليقي انفراديت آهي
جا گيت، غزل ۽ نظم ۾ نه آهي. بيت پنهنجن مختلف
نمونن ۾ سنڌي شاعر جي جذبات، خيالات ۽ احساسات جو
بهترين آئينه دار آهي ۽ سندس موجوده شڪل به سرزمين
سنڌ جي ئي تخليق آهي.
هاڻي راتڙي ڀني آهي. آسمان ۾ قطب تارو گهوري رهيو آهي: گويا کيس
تعجب آهي ته هي سودائي ابن _ آدم ڇا ڪري رهيو آهي.
ساري ڪائنات ڪنهن راڳ سان گونجي رهي آهي، جنهن کي
ستارن جو ساهه سانت ۾ سڻي رهيو آهي. مان به انهيءَ
راڳ جي لهرين ۾ لڙهي رهيو آهيان. اوجاڳو اکڙين کي
چميون ڏيئي موڪلائي رهيو آهي. ننڊڙي پنهنجي
گودڙيءَ ۾ جذبن ۽ احساسن کي ويڙهي ٿي وڃي. چڱو
خداحافظ!
_ تنهنجو پنهنجو
سکر _ _ 1955ع
ادا،
اڄ ”سنڌو“ رسالو نظر آيو. ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم ”او
منهنجا وطن“ پڙهيم. ڇا ٻڌايانءِ ته نظم پڙهي ڪهڙي
حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ
سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو، ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اڏامندو
ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون؛ ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا
هئا، ڪن جا تختا اڏامي ويا هئا، ڪي ڇتين ڇولين
ڳرڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفان سان ٽڪر کائي رهيو
هيون، ڪن جا همسفر هڪٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌا
ڌنڌ حملن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا، ۽ ڪي دلشڪسته
مسافر، ڪائي چاڙهو نه ڏسي، خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا
هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن
جهل نه ڏني. الا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي
هئا، جن جو مان ساحل تان بيهي نظارو ڏسندو آهيان.
انهن مان هڪ هو سنڌڙيءَ جو لاکيڻو شاعر کيئلداس
”فاني“، جو ’فاني‘ فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري
سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ باقي
آهي، هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا
آئيندا نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا
رهندا. ادڙا، کيئلداس ”فاني“ منهنجو استاد هو؛ نه
فقط هن مون ۾ ڏهين يارهين ورهئين جي عمر ۾ شاعريءَ
لاءِ شوق پيدا ڪيو، پر هن ئي مون کي سنڌي شاعريءَ
جو روح ڏيکاريو. ”فاني“ لفظن جو سنگتراش آهي: انهن
کي گهڙي، ڇلي، مهٽي سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم
ڪندو رهيو آهي. ”فاني“ جون ڪي ڪي سٽون جادوءَ جو
اثر رکن ٿيون. سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن، جن ۾ هو
اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو. ”او
منهنجا وطن“ ۾ لکي ٿو:
”چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺو، بک اڃ ۾ مرڻ.“
ڪيتريون نه پرگداز آهن هي سٽون! انهن ۾ اسان جي سنڌي هندن جو
وطن لاءِ نهوڙيل نينهن لڇي رهيو آهي. اهي سٽون فقط
هڪ استاد ئي لکي سگهندو، جنهن ساري عمر شعر جي
ديويءَ جي ڀيٽ چاڙهي هجي. مٿئين نظم ۾ لکي ٿو:
”سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن،
ڪجهه ڪين ڪيو، ٻوڏن ۽ ٻٽن“
”فاني“ ساري عمر شڪارپور ۾ رهيو هو. اتي پهرين ماستر هو، پوءِ
ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو ۽ حالات جي ناسازگاريءَ سبب
هندستان هليو ويو. مٿين سٽن ۾ هن شڪارپور جي روح
کي سمايو آهي _ مون کي اڃاتائين اهي سرديءَ جي
سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن، ٻوڏن ۽ ٻٽن جا زمانا ياد اچي
رهيا آهن، جي مون هن سان شڪارپور ۾ گذاريا آهن.
ادڙا، تون مٿين سٽن مان محسوس نه ٿو ڪرين ته
”فانيءَ“ لفظ گهڙيا ۽ جڙيا آهن! هن جي فن جي عظمت
کان انڪار ڪرڻ وڏي بيقدري ۽ ناشناسي ٿيندي. مٿئين
مسدس جو پويون بند ته ساهه ۾ بڙڇيون ٿو هڻي:
”ڀڄي جن آڀڄايو، مون کي وطن،
ڇڏي جن آ ڇڏايو، مون کي وطن،
لڏي جن آ لڏايو، مون کي وطن،
جن روهه رلايو، مون کي وطن،
”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي،
سالن ۾ ٿيا ساعت نه سکي!“
اي ڪاش! ڪوئي منهنجو نياپو هن تائين پهچائي! استاد مان هتي
تنهنجي دل جي ڌڙڪن ٻڌي رهيو آهيان. مان هتان
تنهنجا ڳوڙها ڏسي رهيو آهيان: نه فقط هرڻ واريءَ
لاءِ ٿو تڙپي، پر واري به هرڻ لاءِ ٿي تڙپي _ اها
باهمي تڙپ هڪ ڏاريندڙ سوال آهي، جو تاريخ جي ڪنن ۾
وڄندو رهندو، ۽ تاريخ لاجواب ٿي، تا قيامت شرم ۾
ڪنڌ جهڪائي رهندي!
_ تنهنجو پنهنجو
سکر _ _ 1955ع
ادا،
نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، جو تون وعدي مطابق انهيءَ رات نه
آئين. اسان، مئلن سان به نباهي آياسين، تو جيئرن
سان به نه نباهيو! اچين ته ها _ پوءِ اسان کي اسان
جي حال تي ڇڏي، هليو وڃين ها! وري ٿو لکين ته اسان
جي اها رات ڪيئن گذري؟ ادا، اڃا تائين اها ڪ - جي
ڪاري رات نٿي وسري. مان ۽ ح _ سڙڪ تان چپ وڃي رهيا
هئاسين. اسان ٻنهي جا روح نديءَ جي ٻن لهرين وانگر
هئا، جن ۾ چنڊ جو پاڇو جهلڪي رهيو هو. ٻنهي جي
زندگي ڪنهن نامعلوم ساحل ڏانهن روان دوان هئي؛
ٻيئي هڪ ٻئي جي قريب هئاسين، ليڪن هڪٻئي کان
بيخبر؛ ٻنهي چانڊوڪيءَ کي چاهيو هو _ مون چپن سان،
هن اکين سان: ۽ اڄ ٻيئي گڏجي وياسين ٿي ته ڏسون ته
چانڊوڪي اونداهيءَ جي گود ۾ ڪيئن ستي پيئي آهي _
زندگي موت جي آغوش ۾ ڪيئن خاموش ۽ پراسرار آهي!
چئني طرفن کان مڪانن جون قطارون هيون، ۽ انهن جي وچ ۾ شاهي رستو
کپر نانگ وانگر ليٽيو پيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جن
قدمن جي آواز تي اڇانگ ڏيئي، منهنجي ڏاهه کي ڏنگي
رهيو هو. اهو ساڳيو رستو آهي جنهن تان مان هن جي
گهر ڏانهن ويندو هوس، جڏهن هوءَ زندهه هئي: اڄ
انهيءَ رستي تان مان مزار تي وڃي رهيو هوس. اهو
ساڳيو رستو آهي، جو زندگيءَ جي ٽهڪڙن تائين ٽلندو
هلندو هو: اڄ اهو موت جي اوڇنگارن تائين ٿاٻڙندو
ٿڙندو ٿي ويو. مون چاهيو ته ح _ کان پڇان ته سندس
آخرين ڏينهڙا ڪيئن ٿي گذريا، پر سوال اڀري سانت ۾
ٻڏي ويو. مون چاهيو ته ح _ کي ٻڌايان ته منهنجي
ڪتاب ”پنهل کان پوءِ“ ۾ اها برساتي نئن جي تيزي
ڪيئن آئي _ ان ۾ سمنڊ جي گهرائي نه سهين، پر ان جي
بيپناهه روانيءَ جي سبب ڇا هو؟ مون چاهيو ته کيس
ٻڌايان ته هوءَ منهنجي ڪهاڻيءَ ”کلڻيءَ “ جو روح
هئي؛ هن ئي ”پنهل کان پوءِ“ جا جوابي خط لکيا هئا،
۽ هوءَ ئي منهنجي افساني ”هي شاعر“ ۾ زندگيءَ تلخي
۽ شڪسته دلي کڻي آئي هئي. دراصل هوءَ افسانن جو
اکٽ ذخيرو هئي. جڏهن هوءَ ڳالهائيندي هئي ته
ڳالهڙيون مکڙين جي ميڙ وانگر پکڙجي وينديون هيون؛
سندس چپن ۽ ڳلن مان موتيا ۽ مگرا وسندا هئا؛ سندس
زندگيءَ جا حسين، هلڪڙا تجربا ٽهڪن ۾ ويڙهبا ويندا
هئا، ۽ هوءَ انساني ڪردار تي نهايت پياري طنز
ڪندي نظر ايندي هئي، ۽ مان سندس سچا پچا، جيئرا
جاڳندا انسان، ڪهاڻين ۾ قيد ڪري، انهن جي روحن کي
ادبي زندگي عطا ڪندو هوس. مون چاهيو ته ح _ کي
گهڻو ڪجهه ٻڌايان. زندگيءَ جون نهايت پياريون
پلڪون، جي مسرت جي پرڙن تي اڏاڻيون هيون ۽ جن محبت
جي بهشت ۾ آکيرو اڏيو هو، جي هميشه منهنجي روح ۾
چهڪنديون رهيون هيون، جن جي لات منهنجيءَ ڏات جو
سرچشمو آهي _ اهي پلڪون جيڪر لفظن جي ڄار ۾
ڦاسائي، ح _ کي ڏيان، _ ح، جنهن جو وجود هڪ قفس
آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن جا تجربا پر ڦڙڪائيندا
نظر ايندا آهن. ليڪن جذبات جي بيحد تيز روي منهنجي
روح کي لوڙهيندي ٿي ويئي، ۽ مان ڪوشش جي باوجود به
ساحل تائين نٿي پهتس. لفظ منهنجي زبان تائين نه
آيا ۽ مان خاموش هلندو رهيس.
آسمان تي هلڪو جهڙ هو، ۽ ساري نيري وسعت هڪ پراسرار پردي وانگر
ٿي لڳي. جنهن مان سفيد ڪڪريون محبوبڙين جي منهڙن
وانگر ليئا پائي رهيون هيون. مڪانن جي ڪنهن ڪنهن
ڪمري ۾ بتي ٻري رهي هئي، جنهن جو اجالو درين جي
شيشن مان نظر ٿي آيو. هر ڪمري ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ستل
هيون، انسان جا غم غصا، پيار پچتاءُ، مٺ ميلاپ،
ويڻ وڇوڙا ننڊ جي جهوليءَ ۾ آرامي هئا. ازل کان
ابد تائين هڪ اٿاهه اونهو سمنڊ ڇوليون ماري رهيو
هو، جنهن ۾ ڪروڙين ڪشتيون لڏي لمي رهيون هيون.
منهنجو روح به پنهنجي ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ تان، حيرت ۽
افسوس مان، ڇتين ڇولين کي ڏسي رهيو هو، _ الا
منهنجو مٺڙو حسين همسفر ڪيڏانهن ويو! الا، هن عميق
جي اونهيءَ اوندهه ۾ مان هن کي ڪٿي ڳوليان! معلوم
نه آهي ته هو ستارن جي سونهن ڏسي سگهندو هوندو يا
نه! هيءَ خنڪي ڀري هير سندس ڳلن کي ڇهندي هوندي يا
نه! اي موت،تون زندگيءَ کي ڪيترو نه بي معنيٰ ٿو
بڻائي ڇڏين! تنهنجا برف جهڙا هٿ ڪهڙا نه ڀوائتا
آهن! توکي انسانن سڪون جو سرچشمو ڪيئن ڪوٺيو آهي!
تنهنجو تصور ئي لڱ لڱ ڪانڊاري ٿو ڇڏي. زندگي ڪيتري
نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي _ امنگن جو جهولو
آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي! هي چنڊ، هي ستارا؛ هي
بادل هي برساتون، هي گل، هي غاليچا؛ هي مٺڙا
ماڻهو، هي وسندڙ وستيون _ هي سڀ زندگيءَ جون
نعمتون آهن! اي موت تون هڪ تکي تير انداز وانگر
ڪمان ڪشيو بيٺو آهين: جنهن سيني ۾ مسرت جو واسو
آهي ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين. اي ڪاش!
تنهنجي ڪمان ڪشجي، ڀڄي پوي، ان جي زهه ٽٽي پوي!
منزل قريب اچي ويئي. پريان قبرستان جو دروازو هو. ح _ جا قدم
ڍرا ٿي ويا، دل اڇلون ڏنيون. اکين لڙڪن کي پڪاريو
ته اچو اها خاڪ پاڪ اچي ويئي آهي، جنهن ۾ جذب ٿيڻ
ابدي نجات آهي! آهستي آهستي وڌندا رهياسين. ناريل
جي درختن جا پراسرار پاڇا قبرن سان لائون لهي رهيا
هئا. چنڊ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪرن مان جهاتي پائي، کلي رهيو
هو ته ”اي نادانو!“ چانڊوڪي ته منهنجي چيز هئي؛
اها ته آسمانن تي اڏامي آئي، توهان ان کي زمين جي
ڇاتيءَ ۾ ڇپيل ٿا سمجهو! چڱو ڳوليو، ڏسو، متان ملي
وڃيو. درختن مان هوا جو سرڙاٽ روحن جي بيچينيءَ
وانگر ٿي لڳو. اسان قدم قدم ۾ چپ چاپ وڌندا
رهياسين.
ح _ اوچتو روڪجي ويو، ڪائنات جون نبضون بيهجي ويون. هو ڪجهه
نازبوءَ ۽ رابيل جا گل ڏسي رهيو هو، جي قبر جي
آسپاس لڏي لمي رهيا هئا. منهنجيءَ دل کي ڌوڏو آيو،
گويا ڪوئي جوالا ڦاٽو هو ۽ ڪائنات جو ذرڙو ڪنبي
رهيو هو. هيءَ هئي سندس قبر! هوءَ جا خوبين جي کاڻ
هئي، سا هتي ٻه گز مٽيءَ ۾ سمايل هئي. هن جو
بيپناهه حسن، رابيل ۽ نازبوءَ جي گلن ۾ لڏي رهيو
هو. مون چپ چاپ رازدارانه سر گوشيءَ سان چيو، مان
آيو آهيان، تنهنجو شاعر، منهنجا حسين ترين شعر!
اٿي، جاڳ. تنهنجي روح جي مٺڙي موسيقي منهنجي
شاعريءَ جي جان هئي. اٿي، منهنجي ساهه جي ستار
تڙڦي رهي آهي: ان جي تارن کي ڇيڙ، ان ۾ هزارها سر
تنهنجين آڱرين لاءِ مضطرب آهن! مون چتائي ڏٺو،
ڪوئي ڪونه هو. ڪوئي جواب نه آيو. ناريل جي ڇڙين
مان لنگهي، چانڊوڪيءَ جا پاڇا قبر تي لڏي لمي رهيا
هئا _ آسمان جي چانڊوڪي زمين جي چانڊوڪيءَ کي ڳولي
رهي هئي!
_ تنهنجو پنهنجو
|