مهاڳ
1955ع جي شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي
حيثيت ۾، سنڌي اديب دوستن کي خط لکيم، جن ۾ کين
گذارش ڪيم ته وقت بوقت علمي ۽ ادبي نوع جا خط اسان
ڏانهن لکي موڪلين، جيئن اهي ”مهراڻ“ ۾ ، ان خاص
عنوان هيٺ شايع ڪري سگهجن، ۽ ”مهراڻ“ ۾ اهو هڪ
مستقل ۽ خصوصي عنوان قائم ٿي وڃي. منهنجي عزيز
دوست ”اياز“ کي چڱي من ۾ پيئي، ۽ هڪڙو نهايت پيارو
خط لکي موڪليائين، جو هن مجموعي جي صفحي 133 تي
ڏنل آهي. ان هڪڙي خط کي ڪافي نه سمجهي، کانئس اهڙن
ٻين خطن جي گهر ڪيم، ۽ اهو سلسلو ائين شروع ٿيو، ۽
اياز جا پهريان پنج خط ”مهراڻ“ 1955ع جي ”اونهاري“
واري پرچي ۾ ”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان هيٺ پيش
ڪيا ويا، جن مان پهرئين خط کان علاوه چار خط پڻ هن
مجموعي ۾ (صفحي 134، 136، 138، ۽ 142 تي) شامل ڪيا
ويا آهن. ان کان پوءِ، اياز جا ٽي خط ”ادب لطيف“
جي عنوان هيٺ ”مهراڻ“ 1955ع جي ”سرءُ“ واري پرچي ۾
پيش ڪيا ويا، جي پڻ هن مجموعي جي
صفحي 145، 149 ۽ 152 تي موجود آهن. اهڙيءَ ريت
سواءِ هڪ خط جي، جو هتي صفحي 123 تي آندل آهي، هن
ڪتاب جا باقي 21 خط پهريائين . ”مهراڻ“ ۾ ئي شايع
ٿيا: انهيءَ لحاظ کان، اياز جو هيءُ ڪتاب گويا
”مهراڻ“ جي ئي ”دين“ آهي.
اياز جي پهرين پنجن خطن شايع ٿيڻ تي، ڪن سنڌي ادبي حلقن ۾ عجيب
تاءُ پيدا ٿيو، جو تپي تپي، ڪافي دير کان پوءِ
ڪجهه قدر وڃي ماٺو ٿيو. ڪن خاص اخبارن ۾، ادبي
تنقيد جي نالي ۾، ادارين ۽ مضمونن جا لاڳيتا ۽
ڊگها سلسلا شايع ٿيا، جن ۾ ادب گهٽ ويڻ وڌيڪ ۽
تنقيد بدران تهمت بازي زيادهه هئي. ڪن صاحبن ”اسان
جي شاعر جا خط“ عنوان مان، لفظن جي آڙ وٺي، اها به
تهمت گهڙي ورتي ته ”مهراڻ“ وارا رڳو اياز کي ئي
”اسان جو شاعر“ سمجهن ٿا ۽ ٻئي ڪنهن کي شاعر تسليم
ئي نه ٿا ڪن. ”مهراڻ“ ۾ ٻين شاعرن جو شعر به پيش
ٿيندو رهيو، پيش ٿيندو ٿو رهي، ۽ ان ۾ ٻين شاعرن ۽
نثر نويسن جا ادبي خط به شايع ٿيندا رهيا، ۽ شايع
ٿيندا ٿا رهن. پر اها ڳالهه ويچار ۾ ڪانه آندي
ويئي، ۽ اهي قلم ۽ قرطاس جا صاحب اياز جي خلاف،
”مهراڻ“ جي خلاف، ۽ هر انهيءَ ڳالهه جي خلاف، جنهن
کي هنن نه سڃاتو ۽ نه سٺو، پنهنجي تحرير بازيءَ جا
جولان ڏيکاريندائي رهيا. سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي
صلاحيت، جيئن زندگيءَ جي ٻين ڳالهين ۾ تيئن ادبي
سرچاءَ لاءِ پڻ بنيادي ضرورت جو درجو رکي ٿي. خود
دار ۽ صاحب ڪمال شخصن ۾، خود پسنديءَ جي جيڪي سو
زياده هجڻ سبب، اڪثر هيءُ سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي
صلاحيت قدري گهٽ ٿئي ٿي. حساس دليون هڪ ڀيرو بگڙي
بيهن، ته انهن جي وري ريجهڻ ۽ سرچڻ لاءِ وقت
گهرجي. بهرهال ورهاڱي واري سال 1947ع کان پوءِ خاص
طرح سنڌ جي سنڌي ادبي دنيا ۾، جيڪا چو پاسي ماٺ
پئجي ويئي هئي، تنهن ۾ اياز جي شعر ۽ اياز جي نثر
جي طفيل هڪ ڀيرو وري هلچل پيدا ٿي، ۽ سنڌي ادب
جيڪو پنهنجي بي مثل ڪلاسيڪي شاعرن ۽ نثر نويسن جي
گود ۾ ننڊ مان اکيون کولي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي،
آرس ڀڃي، وري پرڀات جي مٺيءَ هير تي ٻيهر سمهي
رهيو هو، تنهن اياز جي ان آواز تي پاسو ورايو ۽
پنهنجي آئينده لافاني زندگيءَ ۾ هاڻي پير رکيو
آهي، اياز ان جي هن صبح صادق جو پهريون نديم ۽
پهريون پورهيت آهي.
اياز جڏهن پنهنجي هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي چيو، تڏهن سچ
پچ ته آئون منجهي پيس ته ڇا لکجي ۽ ڪيئن لکجي.
اياز ۽ سندس ادب تي گذريل ڏهن پندرهن سالن ۾ ايترو
ڪجهه لکيو ويو آهي، ۽ اڪثر مخالفت ۾ لکيو ويو آهي،
جو محض رسمي تعارف طور مٿس يا سندس ادب تي ڪجهه
سٽون لکي ڇڏڻ ڪا معنيٰ ڪانه ٿيون رکن. ۽ جيڪي ڪجهه
واقعي لکڻ گهرجي، تنهن جي لکڻ جي، سندس ئي ڪتاب جي
مهاڳ طور، منهنجي خيال ۾ گنجائش به ڪانهي _ خاص
طور هن حالت ۾، جڏهن مون کي اها خبر آهي ته اهو
ڪتاب، جيڪو سچ پچ پڙهڻ لائق آهي ۽ پڙهندڙ لاءِ ان
۾ اجهل ڪشش موجود آهي. تنهن جي مهاڳ کي پڙهڻ جي
تڪليف ڪو وٺي به ڪونه ٿو، ۽ ڪنهن کي وٺڻ به نه
گهرجي.
اياز جي هن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ سندس نوٽبڪ جا ڪجهه ورق آهن، جن
۾ سندس شاعرانه ٻولي به آهي ۽ سندس انوکا ۽ تازهه
دم فڪري نڪتا به موجود آهن. خطن جي ترتيب تاريخ
وار فقط ايتري قدر آهي، جو هڪ ئي قسم جي ذهني
ڪيفيت وارن خطن کي هڪ هنڌ تاريخن پٽاندر پيش ڪيو
ويو آهي. مثلاً، پهريان ٻه خط (ص 1 _ 25) سنڌ جي
لافاني عظمت کان متاثر ٿي ۽ سنڌي عوام سان دلي
وابستگيءَ جي جذبي هيٺ لکيا ويا آهن. انهن کان
پوءِ ڇهه خط (ص 26 _ 63) ٽيڪسلا، ڪوهه مريءَ ۽
ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر
ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾، اردو، پنجابي ۽ بنگالي اديب
متعلق ۽ ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀريءَ زندگيءَ جي
مشاهدي جيڪا سندس حساس روح کي اذيت رسائي آهي،
تنهن بابت لکيل آهن. ۽ اهڙيءَ ريت ص 64 کان ص104
تائين چار خط ص 105 کان 122 تائين هڪ خط مشرقي
بنگال جي سندربن مان لکيل، ض 133 کان ص 152 تائين
سڀ کان اول لکيل اٺ خط، سندس جدا جدا روماني ڪيفيت
جي عڪاسي ڪن ٿا. هڪڙي خط ۾ جيڪو ص 123 کان 132
تائين آيل آهي، اياز پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا ۽
مٺيون مٺيون ۽ ڪڙيون ڪڙيون چند يادگيريون بيان
ڪيون آهن. ڪتاب جي ص 155 کان ص 183 تائين اياز جي
نوٽبڪ مان جسته جسته ڪي اقتباس پيش ڪيل آهن.
سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجو نوع جو پهريون ڪتاب آهي. ادبي خط
ادب جي هڪ اهڙي پياري صنف آهي، جنهن جي نثر ۾ شعر،
شعر ۾ پنهنجائپ، ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گهراين جي
اپٽار ملي سگهي ٿي. بشرطيڪ لکندڙ دلي اخلاص، خالص
جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هجي. جڳ مشهور
فرانسيسي مصور پال گاگن (1848 _ 1903) جنهن جي
زندگي ايڏي ته شديد غربت ۾ گذري، جو هڪ هنڌ پنهنجي
وڇڙيل زال کي پنهنجي ۽ پنهنجي معصوم پٽ ”ڪلووس“
متعلق لکندي چوي ٿو، ”ڪلووس جي ڳڻتي نه ڪج. هن جي
عمر جا ٻار دک ڪونه سڃاڻن، بشرطيڪ کين ٿوري پيار
ڪرڻ وارو ڪو هجي. باقي کاڌي جي ڳالهه، سو اها ڪا
مشڪل ڳالهه ڪانهي: کائيندي، چڱو چڱو گرهه آءٌ هن
لاءِ ڇڏي ڏيندو آهيان.... آءٌ ڪاٺ جي تختي تي
پنهنجي سفر جي کٿي ۾ ويڙهيو ليٽيو پيو آهيان.
ڏينهن جا ڏک ۽ رات جو اوجاڳو ٻيئي هڪٻئي کي برابر
توريو بيٺا آهن..... منهنجي کيسي ۾ ويهه پئسا هئا،
۽ ٽن ڏينهن کان اسان اوڌر تي سڪل روٽي پئي کاڌي
آهي:“ _ جنهن جي مرڻ کان پوءِ سندس تخليق ڪيل هڪ
هڪ تصوير هزارن کان لکن رپين ۾ وڪاڻي؛ _ فرانس جو
هي عظيم مصور پال گاگن پنهنجي هڪ دوست ڏانهن ان
پنهنجي شديد غربت جي حالت ۾ پنهنجي تازي تخليق ڪيل
تصوير بابت لکندي، هڪڙي خط ۾ چوي ٿو: ”ماڻهوءَ جي
هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهوءَ جي تشريح آهي.“ اياز
جو هيءُ ڪتاب اياز جي ”هٿن جي حاصلات“ آهي. اياز
جي تشريح اياز جا هي خط آهن.
_ محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد
25 ڊسمبر 1963ع
خـــــــط
ڪئينس روڊ، سکر
22 جون 1961ع
ادا،
ڪالهه سارو ڏينهن اروڙ ۾ گذريو. اسان محمد بن قاسم جي تعمير
ٿيل مسجد وٽ بيهي هيٺ تليءَ جي ميدان ڏانهن ڏسي
رهيا هئاسين، جتي راڻي لاڏي عربن سان وڙهندي مئي
هئي، ته ان وقت مينهن ڦڙيون وسيون ۽ ڪاريون
گهٽائون آسمان ۾ زخمي هاٿين وانگر راڙا ڪنديون،
ڌوڪينديون آيون. منهنجو دوست هڪ پهاڙي ٻوٽو پٽي
آيو ۽ مون کي ڏيکاري چيائين ته ”هي سنگهي ڏس.“ مون
ان کي سنگهيو ته ان مان تکي تکي سهاڳ رات جهڙي
سڳنڌ اچي رهي هئي. هن مون کي ٻڌايو ته ان ٻوٽي کي
اروڙ جا رهواسي ”مدن _ مست“ چوندا آهن.
”ڄاڻين ٿو ته مدن ڪنهن جو نانءُ آهي؟“ مون پڇيو.
”نه.“
”مدن ڪام _ ديو کي چوندا آهن.“
”تڏهن ته ان ٻوٽي سان سنڌ جي نهايت دردناڪ ڪهاڻي وابسته آهي!“
”ڪهڙي ڪهاڻي؟“
”ان وقت سنڌو، اروڙ جي ڀرسان وهندي هئي. ڪپ تي قلعو هو، جنهن ۾
راجها ڏاهر جو رنگ محل هو. راجا ۽ راڻي هندوري ۾
ويٺا هئا ۽ راج جوتشيءَ کي پنهنجون پنهنجون جنم _
پتريون ۽ هٿ جون ريکائون ڏيکاري رهيا هئا. اوچتو
جوتشيءَ گهٻرائجي چيو، ”راڻي تون ستي نه
ٿيندينءَ!“
”اهو ته وڌيڪ چڱو، مون کي گهوٽ هٿن سان چکيا تي چاڙهي ايندو.“
”نه، ائين به نه ٿيندو. تنهنجو گهوٽ تو کان اڳي مرندو، پر پوءِ
به تون ستي نه ٿيندينءَ.“
”اهو ڪيئن؟“
”ورڌاتا جو ليک آهي، ان ۾ وڌيڪ اونهو ته ڪوئي وڃي نٿو سگهي، پر
گرهه ۽ ريکائون ائين ٿيون چون ته راجا توسان ڪجهه
وقت آهي ۽ پوءِ توکان هميشه لاءِ وڇڙي ويندو. ۽
تون جنم جنم جي چوراسي لک ڦيري ۾ هن کي ڳولي ڳولي
ٿڪجي پوندينءَ.“
”جوتشي بابا، ائين ڇو؟“ راڻيءَ چيو.
”اها ٻوجهه مون کي نه آهي ۽ نه ڪنهن انسان کي هوندي. مان ڀانيان
ٿو ته هن جي رت تي ڪنهن اهڙي پاپيءَ جو پاڇو پوندو
جو هو توکان پري پري ڀڄندو وتندو، ۽ تون ڄمڻ مرڻ
جي ڦيري ۾ هن کي پائي نه سگهندينءَ“.
”جوتشي اڃا هٿ ڏسي رهيو هو ته مها منتريءَ اچي خبر ڪئي ته ڪائي
اجنبي سئنا ديس تي ڪاهي آئي آهي، ۽ بهتر ائين
ٿيندو ته ڪجهه سئنا سان سنڌوءَ جي ٻيءَ ڀرتي، انهن
جو اڳ وٺي مقابلو ڪيو وڃي. گهڙي نه گذري ته رڻ
گجيو، راڙو ٿيو، ڀالا ۽ بڙڇيون ڌرتيءَ تي چلڪندا
وڌيا ۽ سنڌي سئنا ٻيڙن تي درياءُ پار ڪري، ٻيءَ ڀر
پهتي.“
”ان رات راڻيءَ لاڏيءَ سوچيو ته هيءَ آخري ملاقات هئي، وري اهڙي
رات نه ايندي هوءَ ڏاهر سان ڇپر _ کٽ تي سمهي،
نکٽ ڏسندي رهندي. هن کي اهي راتيون ياد آيون، جي
هن ڏاهر سان گذاريون هيون _ اهي راتيون جن جي گهڙي
گهڙي امر هئي، اهي راتيون جڏهن جن جي چوٽيءَ چمپا
جون ڪليون ڇڻي، پتيون ٿي، کهنبي جي چادر تي پکڙجي
وينديون هيون ۽ ڏاهر جون آڱريون هن جي وارن ۾
ڦرنديون، هن کي کاڏيءَ تائين اينديون هيون ۽ هن جا
چپ چمپا ڪليءَ وانگر کڄي ڏاهر جي چپن تائين ايندا
هئا، ۽ پوءِ آدجڳاد جي آگ، سرير جي سرڳ جي آگ، چنڊ
جي چکيا، ڄر، ڄڀيون، ۽ آخر اونهي اونهي اُماس! اها
آگ وري نه ٻرندي!“
”هن رات جو سپني ۾ ڏٺو ته مدن پنهنجو تير ڪمان کڻي، هن کان دور
دور ڀڄندو ٿي ويو.“
”ڀنڀرڪي جو هن کي خبر پيئي ته سنڌي سئنا هارايو آهي، ڏاهر ماريو
ويو آهي، ۽ عرب درياءُ ٽپي، تليءَ جي ميدان ۾
مورچا هڻي ويٺا آهن. لاڏي زرهه پاڻي، باقي سئنا
سوڌي ميدان ۾ آئي. سنڌي شينهڻ، وار مٿان وار ڪيو،
ڳچين ڳچ اڏاڻا، ڌڙ ڌڌڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳا. هن جو هاٿي
ڌوڪيندو، دشمن جون صفون چيريندو وڃي رهيو هو، ته
اوچتو هن جي نظر هڪ سپاهيءَ تي پئي ۽ هن جي اکين
اڳيان رات وارو سپنو ڦرڻ لڳو. مدن! لاڏيءَ رڙڪئي،
”مدن“ ترس! مدن، تنهنجي ٻاڻ بنا جيون بي معنيٰ
آهي. اوچتو هن جي پٺيءَ ۾ تير کپي ويو ۽ هوءَ
پالڪيءَ مان ڦيراٽي کائي ڪري پئي ۽ سنڌڙِيءَ جنگ
هارائي.
”چون ٿا ته جتي لاڏيءَ جي رت ڪري هئي، اتي پهريون ڀيرو مدن _
مست جا ٻوٽا اڀريا هئا ۽ ان وقت کان اروڙ ۾ رسم
آهي ته سنڌي ڪنواريون پرڻي رات، اهي ٻوٽا
سيرانديءَ کان رکي سمهنديون آهن.“
”عجيب ڪهاڻي آهي!“
بارش زور سان پوڻ لڳي. اسان مسجد وٽان تيزيءَ سان وک وڌائي ۽
ڪجهه پنڌ تي هڪ ڦٽل مندر ۾ ٿوريءَ دير لاءِ ترسيا
سين. منهنجي دوست سامهون ٻن پٿرن ڏانهن اشارو ڪري
چيو ته ”انهن متعلق روايت آهي ته اهي ٻه ڪافر هئا،
جن کي ڪنهن وليءَ بد دعا ڪري، پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو
هو.“ مون کلي هن کي چيو ته ”اها ڳالهه وسهڻ جهڙي
ته نظر نٿي اچي؛ جي ائين هجي ها ته جنهن وقت مان
هنن جي ڀرسان لنگهيس ان وقت هو ضرور زندهه ٿي پون
ها ۽ منهنجي آجيان ڪن ها.“
وڏڦڙو وسي رهيو هو. سانجهي، پنهنجي سانورڙيءَ سونهن سان ڇم ڇم
ڪندي ٿي آئي. منهنجو ڌيان ڪنهن کوهه جي پاتار ۾
پيهي ويو هو ۽ ان جي پاڻيءَ ۾ چنڊ ستارن جي پاڇي
کي حقيقي سمجهي ڳولي رهيو هو. تاريخ جي ارتقا
سمجهه کان ڪيتري نه پري آهي! ڪوئي ڪوئي امڪان کان
بعيد واقعو ان جي واڳ موڙي، ان کي ڪيترو نه منزل
کان هٽائي ٿو ڇڏي! تاريخ ۾ ڪنهن به شعوري قوت جي
تلاش اجائي آهي. واقعي ”غالب“ جو اهو شعر ته ”وقت
جو گهوڙو ڊوڙي رهيو آهي ۽ نه ان جي واڳ ۾ هٿ آهي ۽
نه رڪاب ۾ پير.“ تاريخي نقطه نظر کان ڪيترو نه
صحيح آهي! هن ننڍي کنڊ جي تاريخ، مارڪس جي جدلياتي
ماديت (
Dialectical Materialism)
کي ڪهڙو نه غلط ثابت ٿي ڪري: هتان جي تاريخ فقط
اتفاقي حادثن جو هجوم آهي، جنهن ۾ ڪوئي ارتقائي
شعور (Evolutionary
Consciousness
) نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن مون سان ڪو به ڪنهن
ڪائناتي ارتقا، مادي يا غير مادي تي بحث ڪري، ته
مان هن کي فقط هي جواب ڏيان ته ”مون کي خبر آهي ته
سنڌوءَ بنا ڪنهن سبب جي وهڪرو ڦيرائي، اروڙ کي ناس
ڪري ڇڏيو. “
مينهن جي بيهڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿي آيو. رعد زور سان رڙيون ٿي
ڪيون، ڄڻ ته ڪوئي زخمي شينهن گجي رهيو هو. پريان
بجلي ٽڙڪاٽ ڪندي ڪري، ۽ پهاڙين جا هانوَ ڦاڙي
پاتار ۾ پيهي وئي. اسان سوچيو ته رات جي انڌاري
کان اڳ ڪالڪا جي گفاتائين پهچي وڃون؛ ۽ پوءِ مينهن
۾ ڀڄندا، پٿرن تي ٿڙندا ٿاٻڙندا، اچي گفا وٽ
پهتاسين. گفا جي ٻاهران ڪوٺي هئي، جنهن ۾ ٻه
ڏياٽيون ايتري سڪون سان ٻري رهيون هيون، گويا انهن
جي جوت کي ڪائي پرواهه نه هئي ته ٻاهر تيز هوا،
طوفان، مينهن ۽ گجگوڙ آهي ۽ بجلي ٽڙڪاٽ ڪندي ڪري
رهي آهي. اتي هڪ ٻڍڙو سنت ويٺو هو، جنهن اٿي اسان
جي آجيان ڪئي. هن کي پانڊيچريءَ جي اربندو گهوش
جهڙي ڇڊي ڏاڙهي ۽ سنهي هاٺي هئي، ۽ هن جون اکيون
ٻن ڏياٽين وانگر ٻري رهيون هويون.
”بابل هن ويلا هتي ڪيئن آيا آهيو؟“ هن پڇيو.
”ڪالڪا ديويءَ کي ڏسڻ آيا آهيون، بابا.“ مون جواب ڏنو. هن
منهنجي مينهن ۾ ڀنل مغربي لباس کي حيرت سان ڏسي
پڇيو، ”بابل تون مسلمان آهين؟“
”نه بابا، مان انسان آهيان؛ مان مسلمان، هندو، عيسائي، يهودي،
آتش پرست، سڀڪجهه آهيان ۽ ساڳئي وقت ڪجهه به نه
آهيان. مان هن اروڙ جي صديون پراڻي مٽي آهيان، مان
مدن _ مست آهيان، مان ڪالڪا جي گفا آهيان، جنهن ۾
هڪ نه پر هزارين ديويون آهن، جن کي مون گهڙي، ڇلي،
سنواري سينگاري، ساري عمر پوڄيو آهي. بابا، تون ان
کي ڇا ڪندين ته مان ڪير آهيان! شايد مان خود به ان
جي تلاش ۾ آهيان ته مان ڪير آهيان! بهرحال، مان تو
وٽ مهمان آهيان. شايد تون اها ڳالهه محسوس ڪري
سگهين ته مان مهمان آهيان، ڇو ته اها ڳالهه منهنجي
ڪنهن به هم وطن محسوس نه ڪئي آهي؛ شايد تون منهنجي
آجيان ڪرين، هڪ ويراڳي راڳيءَ جي، جنهن جي ساري
عمر سونهن جي سوداءَ ۾ گذري آهي، جنهن جي گهڙيءَ
گهڙيءَ ۾ پيار جي پيڙا آهي، جنهن سارو وقت انسان ۽
ان جي امن جا گيت ڳايا آهن.“
ٻڍڙي سنت منهنجي مستڪ تي هٿ رکي چيو، ”بابل، تون ته مينهن ۾ ڀڄي
ويو آهين؛ هان، هن انگوڇي سان منهن مٿو اگهه.“
اسان ٻنهي وار سڪايا ته هن چيو، ”بابل پست جي ڏوڏين جو ڪاڙهو
پيئندؤ؟ مون وٽ چاءِ ته ڪانه آهي.“
”ها بابا، اهڙي ڪائي شيءِ ڏي جنهن سان ساري سُڌ ٻُڌ هلي وڃي.
ڄاڻ وڏي ڏائڻ آهي ۽ ڪيتري وقت کان منهنجي هيانوَ
کي کائيندي رهي آهي.“
اسان ڪاڙهو پيتو ته هن پڇيو، ”ديويءَ کي نمسڪار ڪندؤ.“
”ها بابا“، اسان جواب ڏنو.
پوءِ هن هڪ ڏياٽي پاڻ سان کنئي ۽ هڪ مون کي هٿ ۾ ڏيئي چيائين ته
”منهنجي پٺيان اچو.“
ٻڍڙو سنت اڳيان، اسين پٺيان. گفا ۾ ڪجهه اڳتي وياسين ته ڪجهه
چمڙا پر ڦڙڪائيندا اڏريا. ڪاريءَ ٻاٽ ۾ ڏياٽين جا
پاڇا پٿرائينءَ ڇت تي ائين پئجي رهيا هئا، ڄڻ اروڙ
جون امرآتمائون صدين کان پوءِ ننڊِ مان جاڳيون
هيون. ٻڍڙي ڏياٽي ڀت تائين آڻي اسان کي ديويءَ جي
مورتي ڏيکاري جا پٿر جي ڀت ۾ اڪريل هئي. ديوي
شينهن تي سوار هئي. ان وقت منهنجي دماغ تي ڪاڙهي
جو ڪافي اثر ٿيو هو. منهنجي اکين اڳيان اهوسارو
منظر ائين ٿي لڳو، گويا تاريخ جي بي معنيٰ چؤڏول
۾ منهنجو بي بنياد ” فلسفه“ حيات ڦري رهيو هو. مون
نشي ۾ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. ”هاها هيءَ ڪاري گفا،
چمڙا هي فقط ٻه ڏياٽيون، هي پٿر ۾ اڪريل شير، جنهن
۾ ڪائي گجگوڙ ڪوئي ڇلانگ نه آهي! هاهاها! سڀ بي
معنيٰ سڀ بي معنيٰ! هيءَ ديوي، جنهن کي فقط مان ۽
منهنجو دوست ۽ هي اروڙ جو نستو ساهه ڏسي رهيو آهي،
۽ هوءَ ٻاهر واچ، وڄ، وڏ _ ڦڙو! هاهاهاها....“
ٻڍڙو سنت گهٻرائجي ويو. هن سوچيو ته مان ڏوڏين جو عادي نه آهيان
۽ ان ڪري مون کي زياده نشو ٿيو آهي. هو پٺتي موٽيو
ته اوچتو ڪجهه چمڙا پر ڦڙ ڪائيندا اچي ڏياٽين سان
لڳا ۽ ٻئي ڏياٽيون وسامي ويون. منهنجا ٽهڪ بند ٿي
ويا. چوڌاري اٿاهه، بي انت، اونهي اوندهه هئي، موت
جهڙي هيبت خيز تاريڪي! زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون
چڱيءَ طرح محسوس ڪيو ته موت ڇا هوندو؛ تاريڪي، بي
حد وحساب تاريڪي، جنهن ۾ مان ۽ منهنجي ديوي، ٻيئي
جذب ٿي ويندا سين.
اسين هٿوراڻيون هڻندا، گفا جي منهن تائين پهتاسين. ٻاهر بارش
بيهجي وئي هئي ۽ نيري آسمان ۾ لکين ڏياٽيون جلي
رهيون هيون. ٻڍڙي سنت آسمان ڏانهن ڏسي ڪجهه سلوڪ
پڙهيا، ۽ پوءِ اسان کان پڇيو، ”بابل، نشو ڪجهه
وڌيڪ ته نه ٿيو آهي؟“
”بابا، مان ساري عمر نشي ۾ رهيو آهيان، مون لاءِ نشو ڪائي نئين
ڳالهه نه آهي.“
”ڪجهه ڪلام ٻڌندؤ؟“
”ها بابا، پر ڪنهن جو ڪلام ٻڌائيندين؟“
”جنهن جو چئو، روحل فقير جو، ڪبير داس جو، ميران ٻائي جو، جنهن
جو چئو!“
جيستائين ٻڍڙي چپڙيون ۽ يڪتارو کنيو، تيستائين مان ڪبيرداس جو
هڪ دوهو جهونگارڻ لڳس:
آئو ساجن موهنا، پلڪ موند توهي ليئون
نا مين ديکهون اور ڪو، نا توهي ديکهن ديئون
(ان جو لفظي ترجمو لطيف سائينءَ نهايت مٺڙيءَ ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي:
ونين ۾ ٿي ويهه ته آئون واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه ڏسان ڪي ٻيو.
ايتري ۾ ٻڍڙي مون کي ڪنجهون هلائڻ لاءِ ڏنيون ۽ چيو ، ”بابل،
تون ته هندي دوهو ڳائي رهيو آهين!“
”ها بابا، مون کي هندي دوهي سان بيحد محبت آهي. هندي دوهي جهڙي
من جي مٺڙي پيڙا ڪنهن به ٻئي شعر ۾ نه آهي.“
ٻڍڙي پوءِ چپڙيون ۽ يڪتارو هلائڻ شروع ڪيو، ۽ مون ۽ منهنجي دوست
ڪنجهون هلايون. ٻڍڙي جي گلي مان پهرين جهيڻو ”ها
آآ“ نڪتو ۽ پوءِ هن جي آواز جون ڇوليون وڌنديون
وييون، ۽ وڃي ڪَتيءَ جي ڪپر سان لڳيون.
هو ڳائي رهيو هو.
سانجهه پڙي دن بيتوي، چڪوي ديهان روءِ،
چل چڪوا او ديس ڪو، جهان رين نه هوءِ.
(شام ٿي، ڏينهن لهي ويو؛ اهو ڏسي چڪوريءَ روئي چڪور کي چيو ته
”انهيءَ ديس هل جتي رات نه ٿيندي هجي!“) ڪبير داس
جا دوها ڳائي، ٻڍڙو، رحيم خانخانان جو ڪلام ڳائڻ
لڳو:
رحمن ڌاگا پريم ڪا جن توڙو چٽڪاءِ جاءِ،
ٽوٽي سي جڙي نهين، بيچ گانٺ، پڙ جاءِ
(رحمن، پريم جو ڌاڳو چپٽين سان ڇنڻ جي ڪوشش نه ڪر،
اهو ڌاڳو جي ڇني ڳنڍبو به ته وچ ۾ ڳنڍ رهجي
ويندي).
ڪائنات يڪتاري، چپڙين ۽ ڪنجهين جي آواز ۾ مليا ميٽ ٿي وئي. ٻڍڙو
ڇير پائي، يڪتارو هٿ ۾ کڻي نچيو ۽ اسان ٻئي به نچڻ
لڳاسين. ٻڍڙي جي رڙ تي رڙ ٿي پئي، ”الک نرنجن“.
”الک نرنجن“ ساري سرشٽيءَ مان پڙاڏو ٿي آيو. نچي
نچي، تڏي تي ليٽي پياسين ۽ هر شيءِ ڪنهن هم _ اوست
۾ غائب ٿي ويئي.
_ تنهنجو پنهنجو
|