سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

شيخ اياز

صفحو : 5

 

گاف هوٽل، ڀوربن

21 _ آگسٽ

 

 

ادا،

ڀوربن نهايت سانتيڪي جاءِ آهي. هتان جي گلن ۽ درختن سان منهنجي دوستي ٿي ويئي آهي ۽ انهن کي ڇڏيندي وڇوڙي جو احساس ٿو ٿئي. هوٽل ۾ مون ۽ بنگالي پروفيسر کان سواءِ ٻيا سڀ آمريڪي ۽ انگريز آهن. ڪالهه ساري شام پروفيسر سان گذري. ڪافي دلچسپ انسان آهي. هن جو رنگ روپ ته مون توکي اڳئي لکيو آهي، پر هينئر مونکي پنهنجي بي معنيٰ بڇان تي شرمندگيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي. هن جو جسم  ته رات وانگر ڪارو آهي، پر هن جو روح مان چانڊوڪي وسي رهي آهي. هن جي عمر ٻاونجاهه ورهيه آهي ۽ اڃا تائين ڪنوارو آهي _ شايد پنهنجيءَ صورت جي احساس هن کي تنهائيءَ جي زندگيءَ تي مجبور ڪيو آهي _ شايد عورتون فقط رنگ روپ تي مرنديون آهن. هو بيحد تنها آهي _ هڪ خاموش، ويران کنڊر وانگر تنها؛ پر ان کنڊر ۾ گذشته زندگيءَ جا هزارها نقش ونگار آهن. هن انگريزي حڪومت خلاف اشتعالي تحريڪ ۾ ڪافي حصو ورتو، ۽ جوانيءَ جا مسلسل ڇهه سال جيل ۾ رهيو هو. هن مون کي جيل جي زندگيءَ جا عجيب تجربا ٻڌايا. هن چيو ته ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچي به قيديءَ کي اميد رهندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس زندگي بچي ويندي؛ زندگي اميد جي محبوبه آهي ۽ اميد هن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي. هن جيل ۾ رهي يوگ، ويدانت، هندي ادب ۽ آرٽ جو گهرو مطالعو ڪيو هو. سزا ڪاٽڻ بعد هن ڪيئي ڀيرا آجنتا جي غارن ۾ چڪر ڏنا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آگري ويندو هو ۽ ساريون راتيون تاج محل جو عڪس جمنا ۾ ڏسندو رهندو هو. جڏهن تاج محل ۽ چنڊ ٻيئي جمنا جي لهرين ۾ لڙهندا آهن، ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته چنڊ جنهن جاءِ کي آسمان ۾ ڳولي ٿڪو هو، سا کيس زمين تي ملي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته هن جڏهن پهريون ڀيرو اجنتا جا غار ۽ تاج محل ڏٺو هو، ته هن کي هڪ مبهم احساس ٿيو هو ته هن اهي سالها سال اڳ ڏٺا آهن، ڪٿي ڪنهن ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل زماني ۾ _ شايد هو خود ان وقت مصور هو ۽ صبح کان شام تائين اجنتا جي ديوارن تي تصويرون ڪڍندو رهيو هو _ شايد هو ڪنهن وقت سنگتراش ۽ معمار هو ۽ هن تاج محل جا پٿر گهڙي لڳايا هئا. هن ٻڌايو ته هن بنگالي زبان م شهنشاهه اڪبر جي زندگيءَ ۽ حڪومت جي پس منظر ۾ ناول لکيو آهي، پر ڪنهن سبب ڪري اهو شايع نه ڪرائي سگهيو آهي. اهو چئي، هن ٿڌو ساهه ڀريو _ ٿڌو ساهه، جو صاف چئي رهيو هو ته هو ايترو تنها ڇو آهي، ايترو ويڳاڻو ڇو آهي. مون چاهيو ٿي ته هن کي ٻڌايان ته مان به ساڳيءَ طرح  پنهنجي زندگيءَ جي ڪافي هنگامه آراين جي باوجود ساڳي تنهائي محسوس ڪندو آهيان؛ مان به محسوس ڪندو آهيان ته منهنجو روح اجنتا جي غارن ۾ ڀٽڪيو آهي، منهنجن هٿن تاج محل جا پٿر ڪٽيا آهن. شام جو اسين پهاڙي رستن تي گهمندا رهيا سين. پروفيسر سان هن جو السيشن ڪتو ساڻ هو، جنهن کي هو بيحد پيار سان ڏسي رهيو هو. هن ڪتي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري چيو، ”اڄڪلهه انسان کان هي ڪتو هزار بار بهتر آهي.“ ان تي مون هن کي چيو، ”پروفيسر صاحب اوهان خود ٿي فرمايو ته زندگي اميد جي محبوبه آهي ۽ اميد هن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي!“ هو خاموش ٿي ويو ۽ وري ڪجهه نه ڳالهايائين. مان لطيف سائينءَ جو بيت جهونگارڻ لڳس:

”الا اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي،

پسان آءٌ پر ڪنهين، سندي جتن جوءِ،

گولي ٿيان گل بوءِ جي سڃاڻينم ساٿ ڌڻي!

الا پروفيسر کي ڪهڙي خبر ته اها سٽ، ”گولي ٿيان گل بوءِ، جي سڃاڻيم ساٿ ڌڻي“، منهنجي روح تي ڪيتري تنهائي وسائي رهي آهي!

انسان جڏهن خاموش ۽ تنها آهي، تڏهن نه خاموش آهي نه تنها. هن جي ذهن ۾ ڪيئي ڳالهيون هلن ٿيون؛ ڪيئي دور  دور جا ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل انسان اوچتو اس وانگر ظاهر ٿين ٿا. معلوم نه آهي ته پروفيسر ڪٿي وڃي پهتو هو! مون کي مشرقي بنگال جو هڪ عجيب واقعو ياد اچي رهيو هو. مان ۽ منهنجو دوست چاٽگام جي  ”مشڪا“ هوٽل ۾ لٿل هئاسين. سامهون ڪمري جي دريءَ مان هزارها ڪيلي، ناريل، سوپاريءَ ۽ بانس جا وڻ نظر اچي رهياهئا. مون هوٽل جي بيري کان پڇيو ته ”هتي ڏسڻ جهڙيون جايون ڪهڙيون آهن؟“ جنهن تي هن ٻن چئڻ جاين جا نالا کنيا، جن ۾ ”بازو بستان“ به هو. مون ”بستان“ لفظ مان سمجهيو ته ڪو قابل ديد باغ هوندو. ٿوريءَ دير ۾ مان ۽ منهنجو دوست ٽئڪسيءَ تي اتي پهتاسين. بازو بستان چٽگام شهر کان سورهن ميل پري هو. ٽئڪسي جتي رڪي، اتي پنج ڇهه ننڍڙا دڪان هئا، جن ۾ مختلف قسمن جي ڪيلن جا ڇڳا لٽڪي رهيا هئا ۽ ٽامي جي ٿالهن ۾ ٻه _ چار ڏينهن اڳ ڪٽيل ڳائو گوشت رکيو هو، جنهن جي گهنجيل زرد چرٻي اسان جي من کي گائون مائون ڪرڻ لڳي. ڪيترائي بنگالي مسلمان اتان ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪر خريد ڪري اڳتي ٿي ويا. اسين انهن جي پٺيان وياسين. ٿوري پنڌ تي هڪ وڏو تلاءُ نظر آيو، جنهن ۾ ميرانجهڙو پاڻي ۽ تمام وڏيون ڪراڙيون ڪميون نظر آيو، جن ڏانهن بنگالي، ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪر ڦٽا ڪري رهيا. اسان ٻن چئن کان اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ان باري ۾ پڇا ڪئي، پر هو اهي ٻيئي ٻوليون نٿي سمجهي سگهيا. هڪڙي سامهون اشارو ڪيو، جتي هڪ جديد قسم جو درگاهه ٺهيل هو. اسين اوڏانهن وياسين ۽ درگاهه جي مجاور کان، جو اردو چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ڳالهائي سگهيو ٿي، پڇا ڪئيسين. هن چيو ته اتي حضرت بايزيد بسطاميءَ جي مزار هئي، جنهن کي کارڙ بنگاليءَ ۾ ”بازو بستان“ چيو ويندو آهي. ”جڏهن يايزيد بسطامي هتي آيو هو، تڏهن اتي ديو رهندا هئا. حضرت اتي چلو پچايو هو ۽ اسلام جي ڪرامت سان ديون کي ڪميون ڪري ڇڏيو هئائين. صدين کان اهي ديو اڃا ڪميون آهن، جي انهيءَ تلاءَ ۾ تڙڳن ٿيون.“ مون وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو، ”هائو، مجاور بابا! هي الله لوڪ واقعي ديون کي ڪميون  بنائي ٿا وجهن، ۽ اهي ڪيئي صديون ڪميون ٿي رهن ٿا.“ مجاور جي ڪارين واڇن تي مرڪ ائين آئي، جيئن اوچتو باهه تان لٿل تئو کلڻ لڳي.

جڏهن هوٽل وٽ پهتاسين ته پروفيسر ڪتي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري، ان سان ڳالهائڻ لڳو: ”چڱو جو اوهان جي قوم مذهبي تفرقي جي قائل نه آهي، نه ته هڪٻئي کي چڪ پائي مرو ها.“ مون مرڪي پروفيسر ڏانهن ڏٺو. هو اڃا ديو هو، ۽ هن کي ڪابه ڪرامت ڪمي بڻائي نه سگهي هئي.... هاڻي ننڊ ٿي اچي.

_ تنهنجو پنهنجو


 

 

 

گاف هوٽل، ڀوربن

23 _ آگسٽ

 

ادا،

ڪالهه ساري رات وڏ ڦڙو وسندو رهيو. سارو ڀوربن ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن وڄ ٻه _ منهينءَ وانگر ڪڪرن کي ڏنگي رهي هئي. کنوڻ جي اجالي ۾ ڪڪرن جا ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙ ائين ٿي لڳا، ڄڻ ديو دونهون دکائي ويٺا هئا. ڀوربن ۾ بجلي  ڪانه آهي. مون هوٽل جي مالڪياڻيءَ  کان ٽي شمعدان ۽ هڪ هٿ بتي ورتي ۽ شمع جي روشنائيءَ تي ٽالسٽاءِ جو ناول ”ائنا ڪريننا“ پڙهندو رهيس. اهو ڪتاب مون اڳي به پڙهيو هو، پر ان وقت ذهن جي ارتقا ايتري نه هئي، جو ٽالسٽاءِ جي ڪردار نگاريءَ جو پورو لطف وٺي سگهان. اهڙيءَ طرح مون مغرب جو ٻيو به ڪلاسيڪي ادب بار بار پڙهيو آهي ۽ هر بار ان مان نئون لطف آيو آهي. مون مغرب جا جديد ۽ قديم دور جا گهڻو ڪري سڀئي ناول پڙهيا آهن، ۽ منهنجي خيال ۾ ٽالسٽاءِ جي مقابلي جو ادب اڃا تائين دنيا پيدا نه ڪيو آهي. انسان جي ڪمزوريءَ ۽ ڪچائيءَ جي ايتري شناس ۽ ان جي باوجود انسان ذات سان ايتري محبت، ماحول جي اهڙي دلڪش عڪاسي ۽ تاريخ جي ارتقا جو اهڙو صحيح اندازو، انسان جي ابدي مسئلن، جهڙوڪ زندگي ۽ موت جواني ۽ پيري، گناهه ۽ ثواب وغيره جو اهڙو گهرو مطالعو ۽ شگفته نظريو دنيا جي ٻئي ڪنهن اديب ۾ نه آهي. خصوصاً سنڌي اديب لاءِ ته ٽالسٽاءِ جو مطالعو بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اسين به انهيءَ زمينداري ۽ جاگيرداري نظام مان نڪري رهيا آهيون، جو ٽالسٽاءِ جي دور ۾ هو. ادا، مون کي سنڌيءَ جي نوجوان اديبن لاءِ اها شڪايت آهي ته هو مطالعو بلڪل نٿا ڪن. اهو دور ختم ٿي ويو، جڏهن ”ناسخ“ ۽ ”انشا“ جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر انهن جي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ اردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون، تمثيلون ۽ تشبيهون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي هئي. منهنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي. مونکي اهو ڏسي تعجب ٿو اچي ته انهيءَ دؤر جي ختم ٿيڻ بعد اسان جا اديب انهن جديد اردو شاعرن جي محاورن ۽ خيالن جي تقليد ڪري رهيا آهن، جي شاعراردو زبان جي تاريخ ۾ ”ناسخ“ ۽ ”انشا“ جي پايي تي به نه پهچي سگهندا. مون اردوءَ ۾ هزارين شعر لکيا آهن. اگرچ ان ۾ منهنجو زياده تر مقصد اهو آهي ته سنڌ جي عظيم ادبي شخصيتن جا منظوم ترجما ڪري، انهن کي پاڪستان ۽ هندستان جي ادب سان روشناس ڪرايان، ۽ توکي خبر آهي ته انهن ترجمن اردو ادب ۾ ڪيتري مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پر مان يقين سان چوان ٿو ته اردو زبان هڪ تخريبي دور جي زبان آهي ۽ ان ۾ اها وسعت ۽ صلاحيت نه آهي، جا سنڌي زبان ۾ آهي. اردوءَ جا زياده تر اديب بلڪل سطحي انشا پرداز آهن، جن جو علمي استعداد بلڪل محدود آهي. انهن ۾ نه خيالات جي انفراديت آهي ۽ نه زبان جو حسن. خصوصاً اردو جا افسانه نويس فقط لفاظيءَ نقاليءَ کان سواءِ ڪجهه نه ڄاڻن، ۽ سندن دنيا جي ادب جو مطالعو بيحد محدود ۽ انساني فطرت جي ڄاڻ بنهه گهٽ آهي. اردو ادب جي تقليد سنڌي اديبن جي ذهني ارتقا لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندي. جيستائين اسان جا اديب خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو مطالعو نه ڪندا تيستائين هنن کي چڱي ۽ بري ادب جي صحيح پرک نه پوندي. منهنجو مطلب اهو نه آهي ته اردو ادب جي تقليد ڇڏي، مغربي ادب جي تقليد ڪئي وڃي. مان هر تقليد جي خلاف آهيان. هر چڱي ادب ۾ اديب ۽ ان جي قوم ۽ زبان جي انفراديت ۽ اصليت آهي. جيستائين ڪنهن سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ ”شاهه“ ، ”سچل“ ۽ ”ساميءَ“ جو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ هو پنهجي تاريخ روايات ۽ ماحول جو چڱيءَ طرح واقف نه آهي، تيستائين هو سنڌي زبان ۾ چڱو ادب پيدا نه ٿو ڪري سگهي. منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته دنيا جي ادب جو مطالعو  اسان جي زندگيءَ ۽ ادب جي نظريي ۾ ڪافي وسعت پيدا ڪندو. دنيا جي ادب ۾ هندستان، ۽ خصوصاً مشرقي ۽ مغربي بنگال جو ادب توجهه جي قابل آهي.

ادا، مان ته ڄڻ پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان، نه ته تنهنجي ادبي ذوق لاءِ اهڙي تقرير جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجي وسيع مطالعي کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو. مان به عجيب آهيان، قلم جي وهڪ ۾ لڙهندو ٿو وڃان!

ادا، رات ٻارهين بجي تائين ڪتاب پڙهندي اک لڳي ويئي. خبر نه آهي، خواب هو يا حقيقت، پر مون کي ته حقيقت ٿي لڳي. مون ڏٺو ته هڪ حسين ترين عورت منهنجي سيرانديءَ کان ويٺي آهي. هن کي ڀرت سان ڀريل چولو پيو هو ۽ کيس ڳچيءَ ۾ خوبصورت دهري پيئي هئي. هن جي ٻانهن ۾ عاج جي ٻانهين هئي ۽ اکين ۾ گهرو ڪارو ڪجل. هن پنهجيون ڊگهيون چوٽيون نفاست سان منهنجي منهن تي هڻي، پڇيو ته ”جاڳين ٿو؟“

مون ڇرڪي چيو، ”تون ڪير آهين؟“

”تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“ هن مرڪندي چيو، ”تنهنجو منهنجو ازل جو سڱ آهي. تون ننڍو هئين ته مان تنهنجي روح ۾ ڪتڪتايون ڪندي هيس. تون جوان ٿئين ته مون پنهنجو حسن ۽ جواني تنهنجي نذر ڪئي. تو ڪيئي چانڊوڪيون ۽ اونداهيون مون سان گذاريون  آهن. تون ته چوندو هئين ته تنهنجيءَ آغوش کان وڌيڪ عيش دنيا جي ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي! تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“

مون اکيون ڇنڀي، هن کي غور سان ڏسي چيو، ”اڙي، تون ته شاعري آهين! چري، تون گذريل ٻه سال ڪٿي هئينءَ؟ مون توکي نگري نگريءَ ۾ ڳوليو آهي. چاٽگام جي رنگا رنگ گلن ۾. زيارت جي پهاڙي چشمن ۾! تون ڪٿي هئينءَ؟ توکي  اهو خيال به نه آيو ته مان توکان سواءِ بلڪل تنهائي محسوس ڪندو آهيان.“

هن کلي چيو، ”هل ڪوڙا! فريبي! تون فقط مون سان محبت ٿوروئي ڪندو آهين. مان ته تو سان سچي آهيان. مان چوريءَ تو وٽ ايندي آهيان ۽ وٿيءَ مان ليئو پائي ڏسندي آهيان ته ڪڏهن تون ننڊ سان پيار ڪندو نظر ايندو آهين، ڪڏهن دولت سان. مون کي حسد ٿيندو آهي ۽ غصو ايندو آهي، سو مان چپ چاپ موٽي ويندي آهيان.“

”چري، مان انهن سان پيار ٿوروئي ڪندو آهيان. تون نه هوندي آهين ته پوءِ انهن سان دل وندرائيندو آهيان. تون صبح شام مون وٽ رهين ته مون کي  ٻيو ڇا گهرجي!“

”چوين ته صبح شام تو وٽ رهي پوان، پر پوءِ جلد ئي خفي ٿي پوندين. چريا، وڇوڙو سڪ وڌائيندو آهي!“

هن پوءِ مون کي هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ميز تائين وٺي آئي. ياد نه آهي ته هن تيلي ٻاري شمع جلائي، يا مون. روشني ٿي ته هوءَ پٺتي هٽندي ويئي. ان وقت رات جا ٻه لڳا هئا. مون محسوس ڪيو ته هوءَ اتي ڪٿي ڪمري ۾ آهي، پر نظر نٿي اچي. پوءِ مان صبح تائين لکندو رهيس، ۽ ائين ٿي لڳو ته لکڻ وقت هن جو مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل هو ۽ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبو ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع جلندي رهي..... ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال کنڀرا ٽيون هڻي رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي رهيا هئا.

_ تنهنجو پنهنجو

 

 

 

سوات هوٽل

سيدو شريف، واديءَ سوات

7 _ آگسٽ، 1961ع

 

ادا،

ڪالهه سيدو شريف پهتاسين. سوات هوٽل جي ڪمري ۾ سامان رکي، ڪپڙا بدلائي، ٻاهر نڪتاسين ته شام ٿي ويئي هئي. ميران کي ڪاسني ساڙهي پيئي هئي. مون هوٽل جي لان مان هڪ ڪرمچي گل ڇني هن جي چوٽيءَ ۾ اٽڪايو ۽ هن کي چيو، ”هل ته بازار مان ڪجهه خريداري ڪيون.“ مون کي ياد آيو ته ٽيون ڏينهن پنڊيءَ کان پشاور ايندي، جڏهن گاڏي اٽڪ جي پل تان لنگهي، ته ميران پنهنجن وارن مان گل ڪڍي، سنڌوءَ ۾ وڌا  ۽ ريل جي دريءَ مان ڪيتريءَ دير تائين اٽڪ جي پهاڙن ڏانهن ڏسندي رهي، جتان سنڌو وهي رهي هئي. جڏهن سنڌو نظر کان هٽِي ويئي، تڏهن مون ڏانهن منهن ڪري چيائين؛ ”هتي سنڌو ڪهڙي نه تنگ آهي ۽ ڪهڙي نه خاموش!“

هوٽل مان نڪتاسين ته سامهون پهاڙ نظر آيا، جن جي چوٽيءَ تي شفق ڪنهن اشتعال پسند جي تخيل وانگر ٻري رهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رستي تي ويندڙ موٽر _ رڪشا يا ڪار سانت جي ڇاتيءَ مان ڇريءَ وانگر ٿي نڪري ويئي. سڙڪ صاف سٿري هئي، جنهن جي ٻنهي پاسي دلاويز درخت هئا. مان سوچي رهيو هوس ته هن ڪائنات ۾ ڪوئي ازلي شعور نه آهي؛ هر واقعي، هر مظهر جو وجود اتفاقي آهي. هيءَ شاداب وادي ۽ منهنجيءَ سرزمين جا بيابان، ٻيئي فقط جاگرافيءَ جو اتفاق آهن. جيڪڏهن ڪوئي شعور، حسن ترتيب يا ارتقا جي تمنا آهي ته فقط انسان کي آهي؛ فطرت نابين حسينه آهي، پر انسان ۾ اهو شعور، اهو حسن ترتيب، اها ارتقا جي تمنا ڪٿان آئي؟ ڇا انسان انهيءَ نابين فطرت جو حصو نه آهي؟ ڇا هو ذي شعور فقط حسنِ اتفاق سبب آهي؟ ڇا منهنجو هيءُ جنون هيءَ شاعري، هي حسن فطرت ۾ محويت، سڀ اتفاقي آهي؟

”ڇا ٿو سوچين؟“ ميران پڇيو.

”سوچيان ٿو ته ڪائنات جا اسرار تنهنجن زلفن کان زياده منجهيل آهن.“

”۽ منهنجين اکين کان زياده حسين به آهن؟“

”نه“

”ڀلي منجهيل رهن، پوءِ ڇا!“

پوءِ ڇا! پوءِ ڇا! هن ڪائنات جا اسرار ڪوئي به نه سمجهي سگهيو آهي، شايد ڪوئي به چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهندو.ل پر پوءِ ڇا! آفتاب جو پويون شعاع حسين آهي، شفق آلود ڪوهسار حسين آهن، ميران جون ڪاريون ڪجليون اکڙيون حسين آهن؛ ڇا انهيءَ لمحاتي حسن سان محبت ڪافي آهي! انهيءَ جي ابدي اسرار جي تلاش ڇا لاءِ!

اٽڪل فرلانگ پنڌ تي ٿاڻو هو، جتي ڳاڙهيءَ ٽوپيءَ سان ڪوئي پوليس عملدار بيٺو هو ۽ اسان کي گهوري رهيو هو. هتي اها گهور هر ڪنهن اک ۾ آهي. هتي مون اکين جون عجيب ڪيفيتون ڏٺيون آهن؛ سکڻيون سکڻيون اکيون، پينوءَ جي پاند وانگر پالهيون اکيون، رهزن جي رهٽ وانگر ڇرڪائيندڙ اکيون، بکئي واگهه جون اکيون، ڇتي بگهڙ جون اکيون؛ اکيون، جي رومڙ ڪري عورت جي ڇاتيءَ تي ٿي پهتيون ۽ ان کي ڌونڌاڙي، ڇيڇاڙي پنهنجيءَ ڏر ۾ ٿي موٽيون ۽ پنهنجي هيانو ۾ چچريل، ڇنل ماس ڦهلائي ٿي ڇڏيائون. مون کي زيارت جي هڪ شام ياد آئي. مون سان چار پنج دوست ساڻ هئا، ۽ سڀيئي ساڳئي ڏينهن ڪوئيٽيا کان زيارت جيپ ۾ آيا هئاسين. سئنڊيمن تنگيءَ ۽ زيارت- لورالائي روڊ تي پهاڙي چشما ڏسي موٽياسين مس، ته شام ٿي ويئي ۽ بدن ۾ ڪجهه  ميٺاندو ٿيڻ لڳو. ان وقت سڀني طئي ڪيو ته برانڊي پيئجي.

بازار ۾ صرف هڪڙو ئي گتو هو. سو به ديسي شراب جو، جنهن تي خالص اسپرٽ جون بوتلون رکيون هيون، جن تي ”ڪورا شراب“ لکيل هو. ”ڪورا شراب“ پيئڻ لاءِ ته ڪنهن راوڙي جي اڻڀي آنڊي جي ضرورت هئي ۽ اسين سڀ سنڌي هئاسين، ڳائي مکڻ تي پليل منهن ڀيلو ڪري دڪان تان لٿاسين ۽ رستن تي چڪر ڏيڻ لڳاسين. ساري ڏينهن ۾ اسان کي ڪائي عورت نظر نه آئي هئي. اوچتو اسان مان ڪنهن چيو ،

”ٻه ڄنگهي!“

”آڙي“

”ڊيل“

”ڪونج“

”ڪورا شراب جون ٻه بوتلون.“

”ڪورا ڄٽ!ٰ تنهنجن لفظن ۾ ڪوئي ترنم نه آهي.“

”ترنم هجي نه هجي، ٿڌ ته لهندي.“

مون مرڪي ان طرف ڏٺو، جيڏانهن هو سڀ ڏسي رهيا هئا. پريان ديسي شراب جي دڪان تي هڪ بيپرده عورت بيٺي هئي. ويجهو وياسين ته مايوسيءَ جي انتها نه رهي. اها عورت اتان جي ڀنگياڻي هئي ۽ هٿ ۾ ٻوهارو جهلي بيٺي هئي. منهنجي دوست يڪدم ڪورا شراب جون بوتلون ورتيون ۽ اسان کي چيو، ”واقعي ٿڌ ته لهندي.“

ٿاڻي لڳ هڪ نهايت سوڙهي، گندي گهٽي هئي، جنهن ۾ ڪُڙهه جهڙا ويهه پنجويهه دڪان هئا، جن کي بازار ٿي چيو ويو. گهٽيءَ جي هڪ پاسي اٽڪل پندرهن فوٽ ويڪري گهري نالي هئي، جنهن ۾ گندو پاڻي ٿي وهيو. اوچتو اسان کي ٻه ٽي ٻار ويڙهي ويا ۽ آڱر سان اشارو ڪري چوڻ لڳا، ”ماستا! ماستا!“ اسان هنن جي اشاري طرف ڏٺو ته ڪجهه ننڍيون ۽ وڏيون ڏهيءَ جون پياليون نظر آيون، جن تي ڪيئي مکيون ويٺيون هيون، جي ڪنهن بختون ڇوڪري جي اڇي منهن تي وڏيءَ ماتا جي داڻن وانگر ٿي لڳيون. ڏهيءَ کي سواتي پشتو ۾ ”ماستا“ ٿي چيائون.  مون سڀني کي ٻه ٻه آنا ڏنا، جي يڪدم  دڪاندار کي ڏيئي، هنن ڏهيءَ جون پياليون خريد ڪيون ۽ انهن کي ڪتڙن وانگر لڪڻ لڳا. ڏهيءَ جا ريڳاڙا هنن جي واڇن وٽان وهي، ڪوڙهه جي چٽن وانگر ٿي لڳا. ٿورو پريان ناليءَ جي ڪپ تي ڳاڙهي پٿر جي عظيم الشان مسجد هئي، جنهن مان ٻانگ اچي رهي هئي _”اچو صلوات لاءِ، اچو فلاح لاءِ!“ اسان مسجد جي در تائين وڃي موٽياسين. رستي تي هڪ سواتي اڱرن تي مڪئيءَ جا سنگ پچائي رهيو هو ۽ هو ڪو ڏئي رهيو هو، ”يو يو آني، يويو آني!“ (هڪ آني ۾ هڪ، هڪ آني ۾ هڪ). گويا وحدت الوجود جو قائل هو.

سج پهاڙن پٺيان لهي ويو هو؛ گهاٽا ناسي ۽ ڀورا ناسي پهاڙ ڌيري ڌيري اوندهه جي آغوش ۾ اچي رهيا هئا. هوٽل ۾ پهتاسين ته ديسي چلغوزي جي وڻ مان هوبهو چنگ جو آواز اچي رهيو هو، جو هڪ جيت ڪري رهيو هو، جنهن کي مقامي  زبان ۾ ”پکروٽ“ چوندا آهن. اسان اچي هوٽل جي بار ۾ ويٺاسين. ريڊيو تي دهلوي قوال، غالب جو غزل ڳائي رهيا هئا:

”مي سي غرص نشاط هي کس روسياه کو

اِڪ کونه بيخودي مجهي دن رات چاهي!“

”پيئندين ته وري صبح جو مٿي ۾ سور پوندءِ. “ ميران ناصحانه انداز ۾ چيو.

”ميران، قوالي ته ٻڌ.“ بيرا! هڪ جن ۽ ور موٿ.“

بيرو ساغر ۾ جن ۽ ورموٿ کڻي آيو. مون ٽيون ساغر پيتو هو، ته هڪ اجنبي جوڙو اچي بارمئن سان ڳالهائڻ لڳو. ۽ ٻن وسڪين جو آرڊر ڏيئي، اچي منهنجي ڀرسان سوفا تي ويٺا. رسمي تعارف بعد معلوم ٿيو ته مرد آمريڪي صحافي هو ۽ عورت فرانسسي افسانه نويس. ڳالهيون ڪندي، هنن مون کان پاڪستان جي هر صوبي جي ادب ۽ صحافت متعلق معلومات حاصل ڪئي. ٿوريءَ خاموشيءَ بعد صحافيءَ مون کان پڇيو:

”هيمنگ وي جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“

”انگريزي نثر ۾ عجيب جدت پيدا ڪئي اٿائين.“

”بس! هو ته دنيا جو منفرد اديب آهي، زنده جاويد آهي.“

”هوندو. مون کي انهيءَ هر اديب ۽ انسان کان نفرت آهي، جو زندگيءَ جي پراسرار حقيقت کي خونريزيءَ ۾ ڳولي ٿو.“

هو خاموش ٿي ويو. ان وقت مون کي جرمن ڊاڪٽر آلبرٽ شوائيٽزر جي ڪائي تصنيف ياد اچي رهي هئي. هو ڊاڪٽر به آهي ۽ فلسفي اديب به. ۽ ڪافي عمر آفريڪا جي جهنگن ۾ ڪارن لوڪن جو علاج ڪندي گذاري اٿائين. تازو هن کي امن لاءِ نوبل پرائيز ملي آهي. هن هڪ تصنيف ۾ لکيو آهي، ”مون کي جهنگل ۾ هڪ هِپو جانورن جو ڌڻ نظر آيو: هو پنهنجيءَ ڌُن ۾ وڃي رهيا هئا. اوچتو، زندگيءَ جو اهو زرين اصول، جنهن جيءَ جستجوءَ ۾ مون ساري عمر دماغ سوزي ڪئي هئي، منهنجي ڌيان ۾ اچي ويو، ۽ اهو آهي

”زندگيءَ لاءِ احترام.“

مون پنجون ساغر پيتو هو. ريڊيو تي ستار مان ٻهه _ ٻهه، ڪري ٻاڻ ٿي نڪتا، جي منهنجي کيپ ۾ ٿي کپي ويا، ۽ خيالات جو ڪکائون لوڙهو ڄڀن ۾ ڄرڪي رهيو هو. ميران فرانسسي افسانه نويس سان ڳالهائي  رهي هئي ۽ مون کي ڪائي ياد اچي رهي هئي.هڪ ڀيري رات جي وقت يوگوسلوويا جي ڪنهن وقت نائب صدر، ملو ون جلاس (Milovan Djilas )، جو ڪتاب ”انصاف کان سواءِ سرزمين (Land without justice)“ پڙهي رهيو هوس. ڪتاب بيحد دلچسپ هو. اشتراڪيت کان باغي اشتراڪيءَ جا تاثرات منهنجو مرغوب مطالعو آهن. ان ڪري مون کي آرٿر ڪوئسلر ۽ جارج آرويل جون تصنيفون به وڻنديون آهن. مان هڪ دفعي ڀاڳناڙيءَ کان بيل _ پٽ ڪار ۾ اچي رهيو هوس: اهو لڙي ٽه _ پهريءَ جو وقت هو. سامهون پٽ تي سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو،  ۽ پاڻيءَ ۾ درخت ۽ جايون نهايت پرڪشش ٿي لڳا. جيئن ڪار اڳتي ٿي ويئي، تيئن اهو سمنڊ پٺتي ٿي هٽندو ويو ۽ نيٺ جڏهن سج افق تي پهتو ته غائب ٿي ويو. هر سياسي نصب العين  شايد رڃ ۽ اڃ جو پيڇو آهي. ان ڪري مون کي مٿيان مصنف پڙهي، مٿيون بيل _ پٽ جو منظر ياد ايندو آهي.

ادا، مان اشتراڪي نه آهيان، جيتوڻيڪ اڃا تائين مون کي اشتراڪيت جو تسلي بخش نعم البدل ڪنهن به فلسفي ۾ نه مليو آهي. مون کي هر ظلم وتشدد کان نفرت آهي. منهنجيءَ نظر ۾ جو به زندگيءَ جو فلسفو يا نظام، انسان ۽ خصوصاً اديب  ۽ فنڪار کان فڪر ۽ عمل جي آزادي کسي، اهو نفرت خيز آهي. مون ڪنهن به انسان جي حرف کي حرف آخر تسليم نه ڪيو آهي. پوءِ اهو ڪارل مارڪس جو هجي يا ٻئي ڪنهن پيغمبر جو. هر انسان جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي لاءِ بي انتها آزاديءَ سان، پنهنجو فلسفهء حيات ڳولي، پنهنجا دائمي قدر حاصل ڪري، انهن تي عمل ڪري ۽ انهن جو اظهار ڪري. مون تعجب سان سوچيو ته سنڌ جا زياده اديب مون کي اشتراڪي سمجهندا آهن، جيتوڻيڪ مان اشتراڪي نه آهيان. ان ۾ شڪ نه آهي ته مون کي هڪ صحافيءَ جي سامراج پرستيءَ کان نفرت آهي، مون کي هن جي سياهه فام کان نفرت لاءِ نفرت آهي، ۽ نفرت آهي هن جي مصلحت آميز سمجهوتي کان جو بين الاقوامي سياست  ۾ هر جبر و تشدد سان هو ڪندو رهي ٿو. مان واقعي هن جي گروهه مان نه آهيان، پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته مان ٻئي گروهه مان آهيان. منهنجو جدلياتي ماديت  (dialectical materialism)  ۾ اعتبار نه آهي ۽ مان اديب ۽ فنڪار جي مڪمل آزادي جو دلداده آهيان ۽ فن ۽ ادب تي ڪا به پابندي برداشت نه ڪري سگهندو آهيان. مان چاهيان ٿو ته هر اديب ۽ فنڪار کي ايتري آزادي ڏني وڃي، جو هو پنهنجي برسر اقتدار طبقي، قوم ۽ وطن سان اختلاف راءِ جو اظهار ڪري سگهي؛ انهن جي فلسفهء حيات  ۽ سياسي نصب العين خلاف آواز اٿاري سگهي؛ ۽ جيڪي به هو سچ سمجهي، ان کي سچائيءَ سان پيش ڪري سگهي. پر اها آزادي هر مطلق العنان حڪومت ۾ (۽ هر اشتراڪي حڪومت مطلق العنان آهي)  ناممڪن آهي. شايد سنڌي اديب انسانيت (Humanism)، يڪسانيت (Equalitarianism) بين الاقواميت (Internationalism)، ماديت (Materialism)، غرض ته هر غير مانوس فلسفهء حيات کي اشتراڪيت ٿا سمجهن. در اصل اها اشتراڪيت جي خوش نصيبي آهي ته هتي زندگيءَ جو هر بهترين نظريو، اشتراڪيت سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، توڙي اهو اشتراڪيت جي منافقي ئي ڇو نه هجي. هتي جنهن جو به اسلام جي فرسوده اصولن ۾ اعتبار نه آهي، اهو اشتراڪي آهي؛ جو به آزاد مشرب انسان آهي، جنهن پنهنجي روح تان روايات جون ڪڙيون ڇني ڇڏيون آهن، جو ڪنهن غير متوقع نموني سوچي ٿو ۽ جو ڪو به زندگيءَ جو غير مانوس نظريو پيش ڪري ٿو، سو اشتراڪي آهي؛ جو به دهريو آهي سو اشتراڪي آهي. ان حساب سان هي صحافي، پنهنجي وطن جي اقتصادي ملوڪيت (Economic Imperialisim)  جو قائل  هوندي به، هڪ  قسم جو دهريو آهي، ڇو ته هن جو انهيءَ خدا ۾  اعتبار نه آهي، جنهن هڪ جاءِ تي ويهي، ڪنهن پور ۾ اچي، هن ساريءَ ڪائنات کي هڪ گهڙيءَ ۾ خلقيو هو.

ها، سو مون کي اها رات ياد ٿي آئي، جڏهن مان ”انصاف کان سواءِ سرزمين“ پڙهي رهيو هوس ۽ اوچتو بجلي وسامي ويئي هئي. مون تيلي ٻاري، فيوز واير ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو زور سان ڦوڪ آئي. مون ڇرڪ ڀريو ۽ منهنجي هٿ مان تيلي ڪري پيئي. مون ٻي تيلي ٻاري اوڏانهن ڏٺو، جتان ڦوڪ آئي هئي. ڀرسان نلڪي تي هڪ نانگ ويڙهيل هو، جو ڦڻ ڪڍي، مون ڏانهن  الري رهيو هو. نانگ تي اڇا ڳاڙها چٽ هئا. ۽ نهايت خوبصورت ٿي لڳو. جيستائين تيلي ٻرندي رهي، تيستائين مون ان جي ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾، نانگ کي پيچ و خم کائيندي ڏسي، ان پارسي شاعر کي داد ڏنو، جنهن پهريون ڀيرو زلف محبوب کي نانگ سان تشبيهه ڏني هئي. مون سوچيو ته هن حالت ۾ فيوز واير وجهڻ ناممڪن آهي، ان ڪري مون لالٽين جلائي. مون سوچيو ته هو بتيءَ جي اولڙي تي ڀڄي ويندو، پر هو اڃا ڦوڪون ڏيئي رهيو هو. مون دل ۾ چيو ته وڃي سمهي پوان؛ جيو _ هتيا، سا به هن من _ موهڻي ساسيءَ جي، چڱي نه آهي. پر اوچتو مون کي خيال آيو ته هي ڪٿي لڪي نه ويهي ۽ ڏينهن جو منهنجي ڪنهن معصوم ٻار کي ڏنگي نه وجهي. پوءِ  مون ڪمري مان دونالي بندوق ڪڍي، هن تي ٻه فير ڪيا ۽ هو مري ڌرتيءَ تي ڪري پيو. مان سياسي تشدد به فقط اهڙيءَ حالت ۾ جائز سمجهندو آهيان.

”پر هيمنگ وي جي ته اشتراڪي روس به ساراه ڪئي آهي“، صحافيءَ چيو. هن جو آواز منهنجي ڌيان جي لهرين ۾ لنگر وانگر لهي ويو ۽ مون جواب ڏنو، ”روس هن جي ساراهه پنهنجي مطلب لاءِ ڪئي آهي، ڇو ته هو بين الاقوامي فوج سان گڏجي اسپين ۾ آمرانه حڪومت خلاف لڙيو هو، جيئن اوهان پيسٽرنڪ جي ساراهه پنهنجي مطلب لاءِ ڪيو ٿا، ڇو ته هن اشتراڪي فلسفي جي هر بنيادي اصول کي ڇيڇاڙيو آهي. اڄڪلهه ادب اهو پينوءَ جو ڪشڪول آهي، جو سياست جي سخا کان سواءِ، خالي رهجي ٿو وڃي.“

ٿوريءَ دير کان پوءِ اسان هنن کان موڪلائي، بار مان ٻاهر آياسين. مان سوچي رهيو هوس ته جي پاڪستان نه ٿئي ها ته علامه اقبال جي شاعريءَ جي ڪيتري اهميت هجي ها! ميران مون کي ڪجهه نشي ۾ ڏسي، مرڪي چيو، ”اناالحق!“ ”اناالحق!“ مون جواب ڏنو ۽ پنهنجي ڪنڌ تي هٿ ڦيري چيو، ”اڙي تون اڃا تائين اتي آهين! تون ته سوريءَ لاءِ ٺهيو هئين!“ مون پنهنجي ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃا ڪيستائين دور رهندا!  مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، ”نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ! نه ڄاڻان توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽي ڪندا!“

ادا، ڇا انسان جي ڪپيل زبان ڪنهن چڪيءَ ۾ پوکي نه ٿي سگهجي؟ مان ته ڀانيان ٿو ته جڏهن بسنت جي پهرين هير لڳندي ته اها ضرور ڦلندي ڦولندي، ۽ ان مان گلاب جي گلن جهڙو سچ نڪري، هٻڪار ڏيندو.

_ تنهنجو پنهنجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org