سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

شيخ اياز

صفحو : 10

سکر _ _ 1955ع

 

ادا،

..... تارخ تي، خيرپور ميرس ۾، ڪل پاڪستان اردو  سنڌي مشاعرو ٿيو. صدارت جو شرف مون کي بخشيو ويو. توکي معلوم آهي ته مان هجوم کان گهٻرائيندو آهيان. جيترائي انسان زياده هوندا آهن، اوتروئي مونکي اڪيلائيءَ جو احساس ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ مون کي معلوم هو ته اهڙي مجمعي ۾ مختلف ذهنيت، مذاق ۽ علمي استعداد جا ماڻهو شامل ٿيندا آهن؛ جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي ته منهنجي زندگيءَ ۽ ادب جي نظريي سان اتفاق رکندڙ اديب ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا؛ ۽ جيتوڻيڪ مان مخصوص مجلسون چاهيندو آهيان، جتي همعصر اديبن ۽ شاعرن سان زياده سچائيءَ ۽ گهرائيءَ سان ڏات جي ڏي وٺ ٿي سگهندي آهي، _ ان هوندي به مون دعوت قبول ڪئي؛ ڇاڪاڻ جو اهو گڏيل سڏيل مشاعرو هو، جنهن ۾ اسان کي موقعو هو ته سنڌي سامعين کي ڏيکاري سگهون ته سنڌي ادب ۽ ثقافت ڪنهن به صوبي جي ادب ۽ ثقافت کان پٺتي نه آهي؛ سنڌي شاعريءَ ۾ به دلڪش ۽ گهري انفراديت آهي.

شام جو اٺين بجي مان، ’راز‘ ۽ ’آفاق‘ ڪار ۾ نڪتاسين.  راز سارنگ جو مصنف آهي، ۽ آفاق صديقي اردوءَ جو باذوق شاعر ۽ منهنجي اردو ڪلام جي مجموعي ”بويء گل نالهء دل“ جو مرتب. سکر براج ٽپي ڪار شاهي رستي تان آهستي آهستي شاعراڻيءَ رفتار سان هلڻ لڳي. رات تارن ڀري هئي. رستي جي ٻنهي طرفن کان ميلن ۾ کجوريون هيون، جي پريشان روحن وانگر آسمان جي اطمينان بخش ٿڌيءَ نيراڻ ڏانهن تڪي رهيون هيون. مٿان دور دور ابابيل اڏامندا نظر آيا. گويا ستارن جو ٽمڪڻ آسمانن جي شاعري هئي؛ ابابيلن  جو اڏرڻ، کليل فضائن جي شاعري هئي. هر حسين چيز ترنم واري آهي: ترنم ۾ حسن آهي، حسن ۾ ترنم آهي.

اٽڪل پوڻين نائين بجي خيرپور پهتاسين. مختلف صوبن مان شاعر اڳيئي پهچي چڪا هئا ۽ رات جي ماني کائي رهيا هئا؛ ڪن سان شخصي واقفيت هئي ۽ ڪن سان فقط ادبي. حمايت علي ”شاعر“، ”صهبا“ لکنوي ۽ ابراهيم جليس (جو مقاله نگار جي حيثيت ۾ آيو هو ۽ صبح جو مقالو پڙهيو هئائين) وغيره ڪراچيءَ مان آيا هئا. ”ظهير“ ڪاشميري ۽ ”قتيل“ شفائي لاهور مان آيا هئا. انهن ٻنهي صاحبن سان منهنجي اڳ جي واقفيت ڪانه هئي. منهنجو نوجوان دوست بشير مورياڻي اڳيئي اتي هو. جيڪب آباد مان عبدالڪريم ”گدائي“ آيو هو. ٻيو ڪوئي به سنڌي شاعرٻاهران نه آيو هو. اهو ڏسي مون کي ڪجهه نا اميدي ٿي.

اٽڪل ڏهين بجي ڪاروائي شروع ٿي. مون صدارتي تقرير ڪئي _ ”ناز“ مرحوم جي سرزمين جي  ساراهه ۾ ٻه چار لفظ چيا، ڪجهه اردو ادب ۽ سنڌي ادب جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهايو ۽ پوءِ مشاعرو شروع ٿيو.

مترنم آواز مئڪروفون تان فضائن ۾ ڦهلجڻ لڳو. ماڻهو محظوظ ٿيڻ لڳا. ”واه واه“، ”يا کهنا“ ۽ ”پهر پڙهيي“ ”بهت خوب“ جا آواز شاعرن لاءِ وسڪيءَ جون بوتلون کوليندا ويا. اردو مشاعرو اها جاءِ آهي، جتي تحسين ۽ تضحيڪ ۾ فرق ڳولڻ مشڪل آهي، جتي روح جي لات مان جڙيل سٽون ڪوڏين جي ملهه وڪامنديون آهن، اهي بهادر علي شاهه ”ظفر“ ۽ نواب واجد عليءَ جا زمانا ويا، جڏهن محفلن ۾ سنجيدگي وسندي هئي، شمع ڦرندي رهندي هئي ۽ ان جي جوت سان انساني ڏات ملي، ماحول کي ٻهڪائي ڇڏيندي هئي _ پر انهيءَ ”غالب“ ۽ ”ذوق“ جي زماني ۾ به تخليق جي توهين ئي ٿيندي هئي _ هينئر بيهودگيءَ سان ٿيندي آهي، تڏهين سنجيدگيءَ سان ٿيندي هئي، هينئر عوام ڪري ٿو، تڏهين خواص ڪندا هئا: شاعر ويچارو امر جو بندو شاهه يا نواب جو تنخواهه دار، فخر سان قصيدي جا بند پڙهندو هو ۽ شهنشاهه ضل الله ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي بحر قافيه ۾ پابند ساراهه تي خوش ٿي، ويچاري شاعر کي نوازيندو هو، ۽ شاعر ان ادبي ضمير فروشيءَ تي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هو. ادا، مان جڏهن ”غالب“ جهڙي عظيم شاعر جا قصيده ڏسندو آهيان، ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.

ڪڏهين ڪڏهين هوا بند ٿيڻ سبب مونجهه پئي ٿي. مون فضا جي هانو _ ٻوساٽ مان نڪرڻ لاءِ نيري آڪاش ڏانهن نهاريو. تارن جي کٽ تي گويا ڪوئي ابدي شاعر ليٽيل هو، جو نور مان نغما جوڙي رهيو هو. منهنجو جسم اتي مشاعري ۾ هو، ليڪن منهنجو روح ترنم جي لهرين وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو. مون سوچيو ته مشرق جو عوام فنڪار جي صحيح عزت ڪڏهن ڪندؤ؟ هاءِ، هي انسان ڪڏهن ڄاڻندا ته سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ؟ اهو وقت ڪڏهن ايندو، جڏهن بيت آيتن کان اڳرا ليکبا آهن؟ پنجن ڇهن سنڌي شاعرن سنڌي ڪلام پڙهيو، جنهن تي غير سنڌي عوام خنده زني ڪئي. انهن مان ڪن جو ڪلام واقعي کل جهڙو هو، پر سامعين ان جي معنويت تي نٿي کليا: هو فقط سنڌي زبان جي لهجي ۽ ڪن لفظن جي اچار تي ٿي کليا. شايد هو سمجهي رهيا هئا ته سنڌي نااهل آهن. مون کي اها کؤنس اگري لڳي. مان خوش ٿيان ها، جي هو سنڌي ڪلام جي بي معنائيءَ تي کلن ها، ڇو ته عبدالڪريم ”گدائيءَ“ جي بيتن کان سواءِ ٻيو به سنڌي ڪلام پڙهيو ويو، تنهن مان اردوءَ جي پاروٿي شاعريءَ جي بانس ٿي آئي: اهي ئي ساڳيون اردو ۽ فارسي غزل جون جهونيون پراڻيون ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا، جي خود اردو ۽ فارسي ادب ٿو کٽا ڪري ڦٽا ڪيا آهن؛ اهي ئي اوڳاڇيل پارسي لفظ جي موجوده سنڌي غزل جي جان آهن ۽ جن تي هر سنڌي مشاعري ۾ ”واه واه“ ٿيندي آهي! الا، هي شاهه لطيف جي سرزمين! ان جي ادبي تخليق جا سرچشما سڪن، اهو ناممڪن آهي! معلوم نه آهي ته اسان جا شاعر ڇو پنهنجو ورثو وساري ويٺا آهن!

رات جي ٻين بجي مشاعرو ختم ٿيو. گهر پهتس ته ننڊ نه آئي. شايد ڪوتا ننڊ جي پهاڄ آهي _ پوءِ ته لکندو رهيس ...... جيستائين مؤذن بانگ ڏني _ مخلوقات جاڳي، مان سمهي پيس!

_ تنهنجو پنهنجو

 

 

 

سکر1955ع

 

 

ادا،

هاڻي سر ”يمن ڪلياڻ“ جي پنجين داستان جي آخري وائي اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جاٽي لڳا آهن.

ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊا کرا آهن. وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ وقت جون لهرون اڀاري رهي آهي:

”سرتيون جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!“

اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساريءَ روحاني ڪشمڪش جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هينئون جهولي رهيو آهي. ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي ان ۾، ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! ’ننڊ نه هيريو نيڻ.....!‘ منهنجو تصور اڏاڻو: صديون سميٽجي ويون ۽ مون انهيءَ ازلي مست کي ڀٽ تي، ستارن جي ڇانوَ هيٺان ڏٺو. مون ڏٺو ته لطيف پنهنجي لات ۾ سراپا محو هو. هن جي اکين اڳيان لفظ ڪتين وانگر جهرمر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هو انهن مان ستارا ڇنندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري جهر جهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو، پسون پکي ستا پيا هئا، ليڪن ڀٽ _ ڌڻيءَ جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽ راز ان جي مڌڀري هڳاءَ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبور کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن مان سيسڙاٽ اڀري ويا. تند وڄڻ لڳي. رڳون رباب ٿينديون ويون. هن جي ساهه ۾ ابدي نغما سميٽبا سمائبا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو.

وسارج م ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ:

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

اصل اسارن جا، ستي ويڙا سيڻ:

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ:

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

راتڙيون جاڳن جي، سي آءُ ڪندڙي سيڻ:

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

آڌيءَ رات اٿي ڪري، جهل تون ننڊا نيڻ:

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

هر سٽ ۾ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن تاثر گهرو ٿيندو ٿو وڃي. انهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ ۾ زندگيءَ جي تخليق جي ثبات جو اهڙو حسين تضاد پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ کي چمي، اکين تي رکي، روح جي رحل ۾ ويڙهي رکجي! مٿيئنءَ وائيءَ جي گهرائي اهو ئي محسوس ٿو ڪري سگهي، جنهن جي اکڙين جي اوجاڳن سان ياراڻي هجي؛ جنهن ساريون ساريون راتيون ستارن جي سنگ ۾ گذاريون هجن، جنهن جا شعر سندس نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جو جاڳي جلي، لوچي ۽ لهي.

ادا هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن جي عظمت محسوس ڪئي آهي، ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت کي ڪيئي ڀيرا پڙهندو آهيان _ ڪائي ازلي مستي وير وانگر وڌندي ايندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين جي ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو روح پاتار ۾ پيهي، سپون سونجهڻ لاءِ مضطرب هوندو آهي: رسالي جو اردو نظم ۾ ترجمو منهنجي بهترين عبادت آهي. شال مان اهو ڪم توڙ تائين سرانجام ڏيئي سگهان!

_ تنهنجو پنهنجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org