سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

شيخ اياز

صفحو : 12

*

ڪنهن چيو ته فلاڻي صاحب تنهنجي ادبي تخليقات تي تنقيد ڪئي آهي. مون پهاڙن تان هيٺ ڏٺو. هڪ وڇون، پهاڙ جي پيرن وٽ هڪ پٿر کي ڏنگ هڻي رهيو هو. پهاڙ خاموش هو، اٽل هو.

*

مون رات خواب ۾ ڏٺو ته ’سامي‘ شڪار پور ۾ هاٿي در اندران ڪنهن جاءِ ۾ ويٺو هو، ۽ پني ٽڪر تي سلوڪ لکي مٽ ۾ وجهندو ٿي ويو.

مون هن ڏانهن تعجب سان ڏسي چيو، ”سامي تون اڃا تائين اهي سلوڪ مٽ ۾ پيو ڇپائين!“

ساميءَ مرڪي چيو، ”اڳي ته مان ئي فقط اهو سنڌڙيءَ جو شاعر هوس، جو پنهنجو ڪلام مٽ ۾ پوري ڇڏيندو هوس؛ پر هاڻي مون کي يقين آهي ته تون به ائين ئي ڪندين.“

مون مڪ هڻي ساميءَ جو مٽ ڀڃي وڌو ۽ هن جا سڀ پنن جا ٽڪر کڻي چيم، ”سامي، نه فقط مان پنهنجو ڪلام علي الاعلان پڙهندس، پر تنهنجو به ! تون ۽ مان هن سر زمين جو ماضي ۽ مستقبل آهيون: اسان کي ڪو به مٽائي نٿو سگهي!“ آڌيءَ رات جو ننڊ مان جاڳ ٿي. مون اکيون پٽي مٿي ڏٺو. آڪاش جي مندر ۾ ڏيئا جلي رهيا هئا. ويساک جو منو چنڊ، ڪنهن پوڄاريءَ جي سيتل آتما جيئن ٿي لڳو. مون چيو، ”اٿي، آرتيءَ جو وقت آهي، ويل وهامي نه وڃي!“ پوءِ اٿي مان ڪوٺيءَ جي ڀت وٽ آيس. سامهون اونداهو ساڌ ٻيلو، جنون ۾، سچل سرمست جي وارن وانگر ٿي لڳو. چنڊ جا ڪجهه ڪرڻا پاڻيءَ تي ٽانڊن وانگر چمڪي رهيا هئا.اوچتو ساڌ ٻيلي مان مور رڙ ڪئي، جا بڙڇيءَ جي وار وانگر آسمان چيري ويئي. مون حيرت ۾ سوچيو ته هيءُ ساڌ ٻيلو ڪيترو نه تنها ۽ ويران آهي! معلوم نه آهي ته هيءُ مور ان کي ڇڏي ڇو نه ٿو وڃي! رات جي هن اٿاهه خاموشيءَ  ۾ رڙيون ڇو ٿو ڪندو رهي؟

مونکي منهنجي هڪ هندو استاد، هڪڙي ڏند ڪٿا ٻڌائي هئي، جا ياد اچي رهي هيم _ ”جڏهن ڪلجڳ شروع ٿيو هو ته سنڌو ديش تي ڪجهه پاپي ڪاهي آيا هئا. هو نردئي هئا ۽ اسان جا ديش واسي دياوان. هنن جي سوڀ ٿي ته هنن چوڌاري ڦرلٽ، اهنج انياءُ مچائي ڏنو. اسان جا ديش وسي سڀ خاموشيءَ سان ڏسندا رهيا. سنڌو درياءُ تڏهن اروڙ جي ڀرسان وهندو هو. درياءَ جي ڪپ تي هڪ رشي تپسيا ڪندو هو ۽ سڄو وقت ڌيان گيان ۾ گذاريندو هو. ڀرسان هڪ ماڙي هئي، جنهن ۾ ”سنڌيا“ نالي هڪ پتورتا استري رهندي هئي. جڏهن پاپي هن جي ست تي هلان ڪري آيا ته رشي ترشول کڻي ڊوڙيو ۽ ڪجهه پاپين جي ڇاتين کي ڇلي وڌائين. هڪڙي پاپيءَ وجهه وٺي رشيءَ کي ترار سان ٻه اڌ ڪري وڌو. ان کان پوءِ ان رشِيءَ مور جو جنم ورتو ۽ اڃا تائين مور جي جوڻ ۾ آهي. جڏهن رات ٿيندي آهي ته هو رڙيون ڪندو آهي ته ’ستجڳ وري ڪڏهن ايندو؟ پاپي ڪڏهن ناس ٿيندا!‘ مون ان وقت انهيءَ ڏند ڪٿا تي اعتبار نه ڪيو هو؛ پر هاڻي گويا سچي لڳي رهي هئي. فقط بار بار اهو خيال اچي رهيو هو ته هيءُ مور اڏامي ڇو نٿو وڃي؟ هيءُ جڳ پاپ جي نگري آهي؛ هن ۾ پاپ کٽندو ته نه، وڌندو نظر اچي رهيو آهي؛ پوءِ به هي مور رڙندو ٿو رهي!... ڇو؟ مان اڌ رات جو ڇو ٿو اٿان؟ مان گيت ڇو ٿو لکان؟ هن پاپ جي نگريءَ ۾ گيتن کي ڪهڙي معنيٰ آهي، ڪهڙي اهميت آهي! اوه مون کي ڏکڻ جي واءُ ۾ ننڊڙي ٿي اچي. منهنجا آواره خيال ڪٿي وڃيو نڪرن! مور جي رڙين سان منهنجن گيتن جو ڪهڙو واسطو؟

اي چنڊ! تون هن ڪائنات جو خاموش تماشبين آهين. اي چنڊ ڪڏهن ڪڏهن تون انسان جي روح ۾ ليئو پائيندو آهين؛ اتي واسو ڪندو آهين. تنهنجو جسم ته  آسمان ۾ هوندو آهي، پر تنهنجو روح ڪنهن ماڻهوءَ جي من ۾ هوندو آهي. اي چنڊ تون منهنجو ڀيدي آهين. تون ۽ مان، ٻيئي واٽهڙو آهيون _ ڪنهن دور ديس جا، اڻٿڪ ازلي راهي: تنهنجو منهنجو پنڌ پڄندو به يا نه؟ اي چنڊ، تو هن نگريءَ ۾ مون جهڙو ٻيو به ڪو سودائي شاعر ڏٺو هو؟ مون ٻڌو آهي ته بيڪس روهڙيءَ ۾ سنڌو گهاٽ وٽ آڌيءَ رات جو ڪنئيي سان اچي بيهندو هو، ۽ ڪنئيو، ڪن تي هٿ رکي هن جي ڪافي ڏاڍيان ڳائيندو هو:

”ساجن سائين سير ڪرڻ لئه آيو ٿي انسان،

ڪاٿي ڪافر، گبر، يهودي، ڪاٿي مسلمان،

ساجن سائين.......“

اها ڪافي ٻڌي ساڌ ٻيلي جو مور زور سان رڙيون ڪندو هو. ”ائين نه آهي ”بيڪس“ سائين ائين نه آهي! سڀ انسان ساجن جو سروپ نه آهن. هيءُ سارو جيون پاپ ۽ پڃ جي يڌ آهي؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ يڌ ۾ پڃ اڪيلو آهي، بلڪل اڪيلو!“

وڏا چوندا هئا ته مور جو آواز ٻڌي، بيڪس سانت ۾ اچي ويندو هو، ۽ ڌرتيءَ تان پٿر کڻي، پاڻيءَ ۾ چنڊ جي پاڇي کي هڻندو هو. چنڊ لهرين ۾ ڀڄي ڀورا ٿي پوندو هو، پر ٿوري وقت کان پوءِ چنڊ جو پاڇو هڪ جاءِ تي اچي ويندو هو. اي سچ! تون چنڊ جو پاڻيءَ ۾ پاڇو آهين، توکي ڪابه ضرب  ڀڃي ڀورا ڪري نٿي سگهي!

اڃ رات جي پوئين پهر ۾ جاڳ ٿي. پريان درياءَ تي ٻيڙيءَ جا سڙهه ڏانڊيءَ تي ويٺل پوپٽ جي پرن وانگر لڳي رهيا هئا. آسمان ۾ ننڍڙيون اڇيون ڪڪريون ائين ڦهليل هيون، جيئن ڪنهن سهڻيءَ مهاڻيءَ جي تڏيءَ تي پلي جا ڇلر. مون اکيون مهٽي، نيراڻ ۾ نهاريو. نظر نمرود جي تير وانگر اڏامندي ويئي.

هن رنگا رنگ ڪائنات جو ڪوئي انت نه آهي: اها نه شروع ٿي آهي، نه ختم ٿيندي. نه ان جي مڪان ۾ ابتدا ۽ انتها آهي نه زمان ۾: اها اتي ۽ ائين آهي، اتي ۽ ائين رهندي: نه ان جي حسن ۾ ڪمي ايندي، نه حيرت افزائيءَ ۾. ڪير ٿو چوي ته هيءُ جهان فاني آهي؟ هيءُ جهان باقي آهي، ازلي آهي، ابدي آهي!

اي شاعر! انهيءَ همه حيرت، همه حسن ۾ محو رهه ته تنهنجي شاعريءَ کي ابديت ملي وڃي.

 ٻنڀي ۾ ٻاٽ ڪنهن تيلي جلائي ڏياٽيءَ تائين آندي. سوجهري ۾ ڇڳل تڏي تي رليءَ مٿان ڪوئي بيمار ڪنجهي رهيو هو.

”ابا آيو آهين،“ هن ڪنجهندي ڪرڪندي چيو. نوجوان ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ ڏياٽيءَ ڏانهن ڏٺائين، جنهن ۾ فقط وٽ جي پڇڙي ٻڏي رهي هئي.

”ابا، وئد ڇا چيو. ڪوئي چاڙهو ٿيندو؟“ بيمار کنگهندي پڇيو. نوجوان وري به جواب نه ڏنو. هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ڏياٽيءَ ۾ پوندا رهيا. ڏياٽيءَ ڳوڙهن سان ڀرجي ويئي۽ ان ۾ ساري وٽ ٻڏي ويئي.

”ابا، هتي اوندهه آهي، اها ڏياٽي ته جاري مان لاهي هيٺ رک،“ بيمار تپ ۾ تڙپندي چيو.

نوجوان ڏياٽي لاهي بيمار جي ڀرسان رکي. ته بيمار ان ڏانهن ڏسي چيو، ”ابا، هيءَ ته ڪافي ڀريل آهي. جهونجهڪڙي تائين جلندي رهندي.“

نوجوان وري به چپ.

”ابا، هيءَ وٽ ائين ڇوٿي ڀڙڪا ڏئي؟ ابا هن ڏياٽي _ ۾ وٽ ته ٺاهه، اوندهه  ٿيندي ٿي وڃي ........ ٿڌي.... ٿڌي اوندهه...... ابا.....“

*

شبنم آسمان تان ڊوڙندي آئي ۽ اچي نرگس کي چميائين، ۽ هن کان پڇيائين، ”تون مون کي ڏسي سگهين ٿي؟“

نرگس واڻيو، ”مان توکي ڏسي ته نٿي سگهان، پر ايترو يقين سان چئي سگهنديس ته تنهنجي محبت پاڪيزه آهي، پايدار نه آهي.“

*

ماڪ گلن کي چيو ته ”مان تنهنجي لاءِ آسمان تان ڊوڙندي آئي آهيان.“

پوءِ ٻيئي هم آغوش ٿي ويا. اها آهي محبت جي ابتدا.

*

آڏي اک چور جي اڌ پٽيل ڳڙ کي آهي، جنهن مان هر ليئي ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڊپ ڊاءُ هوندو آهي.

*

چنڊ کي چڪور جي اکين ۾ ڏسندين، ته توکي چنڊ جي چهري جا داغ نظر نه ايندا.

*

ڪنهن ڪنهن فنڪار ۽ ان جي پوئلڳ  ۾ بارش ۽ سپ واري محبت ٿئي ٿي.

*

شاعر فرشتو نه آهي. پر فرشتو به ته شاعر نه آهي.

*

زندگيءَ جا پرڪشش واقعا انگور جي داڻن وانگر آهن، جي شاعر جي روح ۾ رچي، شراب ٿي نڪرن ٿا، ۽ هو انهيءَ کي رنگا رنگ ڪوزن ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري ٿو.

*

اهو شاعر جو نفساني خواهشن ۾ فرار ڳولي، ان چڪور جي مثال آهي، جو چنڊ کان مايوس ٿي، ٽانڊي تي جهڙپ ڏئي.

*

جيڪڏهن عورت ۽ شراب مان هڪ کي چونڊڻو پوي، ته مان جيڪر شراب کي چونڊيان. ۽ جيڪڏهن شراب ۽ ڪتاب مان هڪ چونڊڻو پوي، ته مان جيڪر ڪتاب کي چونڊيان.

*

منهنجو تصور اهو آهي، جنهن ۾ جابجا ٽٽل جام ۽ صراحيون پکڙيل آهن. جڏهن جڏهن مون کي شراب جو ذائقو پسند نه آيو ، مون جام جو سر ڦوڙي ڇڏيو ۽ صراحيءَ جي گردن ٽوڙي ڇڏي. مون تي اهو گناهه معاف آهي، ڇو ته منهنجي دم سان رندي ۽ مستي زنده آهي.

*

جي چڪور چنڊ کي پڳو ته چنڊ چنڊ نه رهندو، ۽ چڪور چڪور نه رهندو.

*

پاڻيِءَ ۾ چنڊ جو عڪس ڏسي، مڇيءَ سوچيوته مان چڪور کان زياده خوش نصيب آهيان.

*

ڪير زياده حسين آهي، شهڪار يا ان جو فنڪار؟

*

مان اهو سوچي اڃا تائين منجهي پوندو آهيان ته شعر حسن جو انڪشاف آهي يا ان جي تخليق!

*

جنهن جي روح ۾ راڳ نه آهي، ان جي راڳ ۾ روح نه آهي.

*

چٻ، ڪوئل کي نفرت سان ڏسي، چيو، ”تون پنهنجو رنگ ته ڏس ڪوڪين ڇا تي ٿي؟“

*

فنڪار جي شڪست فن جي فتح آهي.

*

شاعر فلسفيءَ کي چيوته ”جي تون فلسفي نه هجين ها، ته خدا کي مڃين ها.“

فلسفيءَ شاعر کي چيو ته ”جي تون شاعر نه هجين ها ته خدا کي نه مڃين ها.“

*

جو اڻ _ ڳاتي کي ڏسي ۽ اڻ _ ڏٺي کي ڳائي، اهو ئي بهترين شاعر آهي.

*

مون ڪنهن ٽٽل قبرستان مان انساني کوپري ڪڍي، ان کي کرڙي صاف ڪيو، ۽ ان ۾ شراب ڀري، ان کي چنڊ جي سامهون آندو. جڏهن چنڊ جو عڪس شراب ۾ جهلڪڻ لڳو، تڏهن مون آسمان ڏانهن منهن ڪري پڇيو، ”هي تخليق جو تصور ڇا ٿو سمجهين؟“

*

مان ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان.

*

ڪائنات ۾  اول ڪير هو _ جميل يا جمال؟

*

شاعر جو مذهب فقط شاعري آهي.

*

اي ڪاش! مان گمناميءَ ۾ جيئان ۽ گمناميءَ ۾ مران. بدنامي ۽، ان کان به وڌيڪ، نيڪنامي شاعر جي تخليقي انفراديت لاءِ مهلڪ آهي.

*

ڪيئي ڪتاب منهنجي مطالعي ۾ آيا، پر ائين جيئن ساوڻ جو مينهن درياءَ تي وسي، جيئن اونهاري جي اس بٺيءَ تي پوي.

*

هر شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب آهي، هر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت نه آهي.

*

اي راز ازل! تون هر وقت منهنجو پيڇو ڪندو ٿو رهين، پر جڏهن به مون منهن ورائي ڏٺو، تڏهن تو منهن تي نقاب وجهي ڇڏيو.

*

جيڪڏهن مون کي ڪوئي اهو سمجهائي ته پرهه جو پکيئڙا ڇو ٿا ڳائين، ته مان هن کي پيغمبر ڪري مڃان.

*

اشرف المخلوقات انسان نه پر پکي آهن، جن جو زياده تر وقت اڏامڻ ۽ ڳائڻ ۾ گذري ٿو.

*

تون بکيو هئين، مون توکي ماني ڏني؛ تون اڃيو هئين، مون توکي پاڻي ڏنو. جڏهن تو کائي ڍؤ ڪيو تڏهن تو منهنجي وات مان گرهه کسي ڦٽي ڪيو؛ جڏهن تو پاڻي پي پياس ٻجهائي، تڏهن تو منهنجي چپن تان پيالو کسي ڇيهون ڪري ڇڏيو.

*

جهونجهڪڙي جو ڪوهيڙو ڇانيل هو ۽ ماڪ وسي رهي هئي، گويا خدا ڪچيءَ ننڊ مان جاڳي اکين تي ڇنڊا ٿي هنيا.

*

هيءَ سرد خاموش شام! گويا ڪائنات جو اداس روح منهنجي پهلوءَ ۾ آهي.

*

مان هر رات سوچيندو آهيان ته ڏينهن ڪيڏانهن ويو! ۽ ائين محسوس ڪندو آهيان ته هر انسان جاڳ ۾ ننڊ کان به زياده غافل آهي.

*

مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي! ان ۾ اهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حسن ڪوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪترو ئي اختلاف آهي. پر مان پڇان ٿو ائين ڇو آهي ته دؤر قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حسين سمجهيو ويو آهي؟ اهڙو ڪوئي به دؤر ۽ اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي انسان چنڊ کي حسين نه سمجهيو هجي. ان ۾ اهو ڇا آهي، جنهن کي اسين حسن چئون ٿا؟ ۽ انسان ۾ اهو ڇا آهي جو ان جي حسن کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ انهن ٻن سوالن جو جواب مون لاءِ خوشنودي جو درجو رکي ٿو، ڇو ته ان کان پوءِ ئي مان سمجهي سگهندس ته مان شاعر ڇو آهيان.

*

هن دؤر ۾ انسان کي ايترو ته جاڳايو ويو آهي، جو هن کي بي خوابيءَ جي بيماري ٿي پيئي آهي.

*

رات جي پوئين پهر ۾ ڪائنات ڪنهن ازلي شاعر جي گيت سان گونجندي آهي.

*

جي مان توکي چوان ته مون خدا کي ڏٺو به آهي ۽ نه به ڏٺو آهي، ته تون مون کي چريو سمجهندين؛ پر مان به توکي سياڻو نه سمجهندس.

*

اونهاري جي نٽهڻ اس ۾ رلندي رلندي، ڪنهن بزرگ ڪوئي درخت ڏٺو، ۽ ان جي ڇانوَ هيٺان ويهي ٿڪ لاٿائين ۽ دعا گهري خدا جو شڪر بجا آندائين. جڏهن بزرگ دعا جا هٿ هيٺ ڪيا، تڏهن درخت ٽاريون آسمان ڏانهن ڊگهيريون ۽ چيو ته ”يا رب! جي تون هن بزرگ جو خدا آهين، ته منهنجو خدا هر گز نه آهين. مان صديون اس ۾ سڙيون آهيان، ته مون تي اڃا تائين ڪنهن ڪڪريءَ ڇانوَ نه ڪئي آهي.“

*

گلاب تي گهڻا ڀؤنر مڙندا، ته گلاب جي خوشبوءَ ته گهٽجي نه ويندي.

*

محبت اهو گلدان آهي، جنهن ۾ مرجهايل گل لاءِ ڪائي جاءِ نه آهي.

*

مون هن جهڙيون سهڻيون اکيون ڪٿي به نه ڏٺيون آهن؛ ڪوه ندا جي صدا جهڙيون اکيون، ’فنافي الوجود‘ جهڙيون اکيون، سرمد جي ڪلمي جهڙيون اکيون!

*

منهنجي روميءَ کي علامه اقبال جي روميءَ واري سانڊي جي کل نه آهي: هن ۾ برگسان جي ’خودي‘ ۽ نٽشي جو ’انسان ڪامل‘ نه آهي. منهنجو رومي ’وحدت الوجود‘ آهي، ”همه اوست“ آهي، شاهه لطيف جو ’رهبر ڪامل‘ آهي ’اسلامي افلاطونيت‘ آهي، سراپا محبت ۽ انسانيت آهي _ فاشزم جو علمبردار نه آهي.

*

غالب جو گناهه هن جي شراب نوشي نه پر قصيده نويسي هو.

*

سچل سرمست سنڌ جو پهريون باغي شاعر هو. ڪاش! هو پنهنجي تلوار  تصوف جي مياڻ مان ڪڍي سگهي ها!

*

مون ڪاليداس جو ’وڪرم اروسي‘ پڙهي محسوس ڪيو ته اهو ڪتاب مون لکيو آهي.

*

منهنجو تخيل هڪ ڪليسا آهي ۽ مان ان جو راهب آهيان. منهنجو شعر پيءُ بنان به آهي ۽ صليب تي به چڙهي چڪو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org