نوٽ بڪ جا ورق
مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو: گورو چٽورنگ، ڪڪي ڇڊي ڏاڙهي، گهريون
چيرويون اکيون، لؤڻا وار، ويڪري ڇاتي، سنهي سڊول
هاٺي، ڄڻ هوبهو ابن مريم ٿي لڳو. جهيڻي آواز ۾
چيائين،
”ڪيس جا ڪاغذ آندا اٿم.“
”ڏي ته ڏسان.“
هو قتل جي مقدمي ۾ ملزم هو. هن تي الزام هو ته هن پنهنجيءَ زال
کي فقط سياهڪاريءَ جي شبهي سبب ماريو هو. هن چيو
ٿي، ۽ اهو هن جو ڪيس ۾ بچاءُ هو، ته هن جي زال
’ڪاري‘ هئي ۽ هن کي سياهڪاريءَ وقت ڪاري ڪري ماريو
هئائين. مون ڪاغذ اٿلائي واردات جو مشير نامو
ڪڍيو، جنهن ۾ ڪجهه هيٺينئن ريت لکيل هو:
”_ واردات، جهنگ ۾ لڳ ڳوٺ..... جي هئي. واردات جي چوڌاري ٻٻر،
کٻڙ، لوا ۽ ڪنڊيون هيون. ٻاهران بيهي جهنگ ۾ نظر
ڪئيسين ته ڪجهه نظر نه آيو. واردات تي رت جو دٻو
هو، جنهن جي ڀرسان سٻاجهيءَ (ملزم جي زال جو نالو)
جو لاش پيو هو. لاش سورهن ورهين جي نينگريءَ جو هو
جنهن جو سر ڌڙ کان ڌار پيو هو. نينگريءَ کي ٻه
چوٽيون هيون، جن جي وچ تي سينڌ نڪتل هئي. هن جي
ڪنن ۾ چانديءَ جون مرڪيون، ۽ ڳچيءَ ۾ سوني دهري
هئي، جا ڪهاڙيءَ جو ڌڪ لڳڻ سبب ڇڄي پيئي هئي. ڌڙ
جي مٿئين اڌ تي ٻروچڪو گهگهو پيل هو، جنهن تي ڪاوا
ڀريل هئا. ڪنهن سبب ڪري گهگهو ڳچيءَ وٽان ڪافي
ڦاٽل هو ۽ لاش جي ڇاتيءَ تي مينديءَ سان بڻايل گل
نظر اچي رهيا هئا. ڌڙ جي هيٺئين اڌ تي گر بيءَ جي
سٿڻ پيل هئي _ _ چيو وڃي ٿو ته اها فوتڻ جي خون
کان پوءِ جوابدار هن کي پهرائي هئي. ٻانهن ۾ عاج
جي ٻانهن، مرن وٽ چانديءَ جون گجريون سڄي هٿ جي
ڏسڻيءَ ۽ وچينءَ ۾ چانديءَ جا ويڙهه ۽ چيچ ۾
چانديءَ جي منڊي، ۽ پيرن جي آڱرين ۾ نورا پيل هئا.
لاش جي ڀرسان رت لڳل ڪهاڙي پيئي هئي، جنهن جي ڦر ۽
ڳن تي رت لڳل هو. ڌرتيءَ تي ٻن ماڻهن جا دڦ پيرا
هئا، جي سڃاڻپ ۾ نٿي آيا.....“
مشير نامو ختم ٿي ويو، پر منهنجون اکيون ان تي ڪنهن اڻ لکيل
تحرير کي پڙهي رهيون هيون.
..... اهو رت، ڪنهن انسان جو رت هو! اهو رت جو هاڻي مٽيءَ ۾ ملي
ويو آهي، جنهن جو ثبوت فقط ڳاڙهي ڌرتي، ڪهاڙي ۽
مشير نامي جون ٻه سٽون آهن، سو ڪنهن وقت هڪ گرم ۽
گذار جسم ۾، تمنا بڻجي، لڳ لاڳاپا لاهي، سيڻ ويڻ،
چڱي مٺي کان منهن موڙي، آڌيءَ رات اٿيو هو _ جنهن
وقت ڪتين ڪر ٿي موڙيا، جنهن وقت ڀٽائي سر ”راڻو“
لکندو هو _ ۽ لڪندي ڇپندي، سڪندي سيڏائيندي، ڏکڻ
جي واءَ ۾ ڪنڊين ۽ لون جي سرڙاٿ کي ازلي سڏ سمجهيو
هئائين. اهائي ته رت جي ڌارا آهي، جا چانڊوڪيءَ ۾
ڊوڙندي، ڳائيندي آهي _ ”سرتيون جي مون وسهو، ننڊ
نه هيريو نيڻ: جو ڀن ٻه _ ٽي ڏينهڙا!“ اها ڪيڏانهن
ويئي؟ ڇا، اها فقط واردات تي ڪجهه ڳاڙها نشان ۽
مشيرنامي جون چار سٽون ئي هئي!
”مشير نامو پڙهيئه؟“ ابن مريم جهڙي انسان پڇيو. ”هون.“ مون ڇرڪي
چيو، ۽ بيخاليءَ سان ڪاغذ اٿلائڻ لڳس. منهنجي ذهن
۾ ڪنهن زور سان پڪاريو: ”هن عورت کي اهو سنگسار
ڪري، جنهن نظريا زبان سان ۽ خيال ۾ به سياهڪاري نه
ڪئي آهي!“ مون رڙ ڪري جواب ڏنو: ”جنهن نه ڪئي آهي،
انهيءَ کي به ڪهڙو حق آهي؟ هيءُ رت شب _ خيز آهي،
پاڪيزه، هر گناهه و ثواب کان بالاتر! هيءُ رت
عبادت آهي؛ ان تي هٿ کڻڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي
_ نه انسان کي ’نه فرشتن کي!‘
”وڪيل صاحب!“ ابن مريم جهڙو انسان مون سان ڳالهائي رهيو هو ۽
آءٌ سوچي رهيو هوس ته وڪالت منهنجي وس جي ڳالهه نه
آهي.
*
اڄ منهنجي هڪ دوست هڪ پر لطف واقعو ٻڌايو.
هن چيو ته ”تو عبدالطيف ”ساربان“ جو نالو ته ٻڌو هوندو؛ مان
ننڍي هوندي هن جا نظم سنڌي رسالن ۾ پڙهندو هوس. هن
جي اسلامي تخيل مون کي بيحد متاثر ڪيو هو ۽ هن جي
هر سٽ پڙهي منهنجين رڳن ۾ خون جي گردش تيز ٿي
ويندي هئي ۽ جوش ايمانيءَ سبب منهنجو گلو ڀرجي
ايندو هو. مون هن کي ڏٺو ڪونه هو، پر اهو ٻڌو هوم
ته هو روهڙيءَ جي ڪنهن پاڙي ۾ رهندو آهي. هڪ ڏينهن
هن سان ملاقات جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ روهڙيءَ ويس.
رستي تي مون هن جي شڪل شباهت جو تصور ڪري سوچيو ته
هن جا خالد بن وليد ۽ طارق بن زياد جهڙا چؤڙا ڪلها
هوندا؛ هن کي فارابيءَ جهڙي وڻندڙ ڏاڙهي هوندي، ۽
علامه اقبال جهڙيون مڇون، قد ۽ بدن هوندو؛ هن جي
اکين ۾ مجاهدين اسلام جو نور هوندو؛ ۽ هن جي چپن
جي هر جنبش نعره تڪبير جي ياد ڏياريندي: هو لنبي
ڪڙتي ۽ سلوار ۾ واقعي اسلامي حريت ۽ غيرت جو
شاهڪار نظر ايندو. روهڙيءَ پهچي، مون هن جي گهر جي
پڇا ڪئي، ۽ ڏس تي اتي پهتس، ته آءٌ هن جي گهرکي
ڏسي بيحد متاثر ٿيس. گهر لڳو ته پراڻو ٿي، پر ان
جا محراب ۽ طاق مغليه فن تعمير جا يادگار ٿي لڳا؛
۽ گهر جي ٻاهران ڪيتريون ئي کجيون فاتحانِ عرب جون
نشانيون ڏيئي رهيون هيون. مون دل ئي دل ۾ خوش ٿي
چيو، ته واقعي شاعر اسلام جو غريبخانو هجي ته اهڙو
هجي!، مون در جو ڪڙو کڙڪايو، ته ٿوريءَ دير بعد هڪ
بيحد حسين ۽ وجيهه ڪرڙوڍ پريان نظر آيو، مون کي
تعجب آيو ، ڇو ته هو منهنجي تصور جو پورو مجسمو ٿي
لڳو _ چوڙا ڪلها، دلڪش ڏاڙهي، ڀريل بدن، ڊگهو قد،
رعبدار مڇون، منهن تي قلندرانه شان، ۽ اکين ۾
والهانه تجلو! هن ويجهو اچي نهايت خوش خلقيءَ سان
پڇيو ته ”ڪيئين آيا آهيو؟“
”مون ڪجهه مرعوب ٿي هٻڪندي چيو، ”ننڍي هوندي کان وٺي اوهان جي
ڪلام کان بيحد متاثر رهيو آهيان. منهنجي نظر ۾
اوهين ”فردوسيء اسلام“ آهيو! اوهان جو ڪلام حق ۽
صداقت جو آواز آهي، جنهن مرده مسلمانن ۾ نئين جان
پيدا ڪئي آهي! واه، ڇا جوش ۽ خروش آهي اوهان جي
ڪلام ۾! ڇا....“
”اوه، اوهين عبداللطيف ”ساربان“ سان ملڻ آيا آهيو؟ ها، انهيءَ
جو گهر منهنجي پاسي ۾ آهي. مان ته سونو خان حجم
آهيان.“
”مان سوني خان حجم کي حيرت سان تڪيندو رهيس، جيستائين هو گهر
اندر هليو ويو.“
مون پنهنجي دوست کي مرڪي چيو، ”تو انهيءَ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ
انگريز اديب، ”سمر سيٽ مام“ تان چورايو آهي.“
”چريو آهين ڇا؟ مان انگريزي ڪٿي ڄاڻان! افسانه نويس تي پلاٽ جو
نزول ٿيندو آهي: ممڪن آهي ته اهو ساڳيو پلاٽ سمر
سيٽ مام تي به ٿوريءَ ڦير گهير سان نازل ٿيو هجي.
آخر اها ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي، صدين کان مختلف
مذهبن جي مقدس افسانن ۾ ان جو ثبوت ملي ٿو.“
*
مون هن کي آغوش ۾ آڻي، هن جي اکين کي چميو ۽ چيو مانس: ”هيءَ
جهوني زماني جي ڳالهه آهي. بنارس جي ڪنهن مندر ۾
ديوداسي نچي رهي هئي. مانگهه جي رات اڌ کان زياده
گذري چڪي هئي. ٻاهر ولهه ٿي پيئي. مندر جون ڳڙکيون
بند هيون، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڳلکڙا کليل هئا، جن مان هر
مل ۽ اگربتين جو دونهون ٻاهر وڃي رهيو هو. ڏياٽين
۾ جوت جلي رهي هئي، ۽ ڇت مان موم بتين جا جهار
لڙڪي رهيا هئا. سامهون ڪنهن ديوتا جي وڏي مورتي
رکي هئي، جنهن جي چرنن ۾ گينڊي ۽ ڪيسوڦل جي شوخ
رنگن وارن گلن جون مالهائون پيئون هيون. ديوتا کي
پٺي ڏيئي، هڪ ڪن _ ڦاڙ پوڄاري بيٺو هو. هن ”سوم
رس“ پيتي هئي ۽ مڌ جي کيپ ۾ هن جو منهن ڦٿل
ڏاڙهونءَ وانگر ٽڙي پيو هو. هن جي ڪنن ۾ لڙڪندڙ
گينڊي جي سڱ جا والا هن جي مڌ _ ماتي منهن تي
سيبائتا ٿي لڳا. هن جي سامهون ڪاري پٿر جي ٿلهي تي
ديوداسي، ڳاڙهي بنارسي گهگهريءَ ۽ پڙيءَ ۾ نچي رهي
هئي ۽ هن جو سڄو سرير ڪنهن ڀيانڪ آنڌيءَ ۾ ويڙهجي
ويو هو. نرت ۾ ديوداسيءَ جي چيلهه ائين ٿي مڙي
ويئي، جئن ڌوڙ ئي ۾ ڊاک جي ول جهڪي وڃي. ان وقت هن
جي گهگهري انهيءَ ڪپڙي وانگر ٿي لڳي، جنهن سان
پيهر، جهار، جي ڀو کان ڊاک جا ڪچا ڇڳا ٻڌي ڇڏيندا
آهن. پوڄاريءَ سوم _ رس جي چوٿين وٽي ڳيت ڏيئي
پيتي ته هن جون اکيون ڪروڌ ۾ آيل ڪاريهر جي اکين
وانگر ٿي لڳيون. هو مست ٿي ديوداسيءَ ڏانهن ٿي
وڌيو، ته ڪنهن هن جي ٻنهي ڪلهن کي پٺيان زور سان
جهليو. پوڄاريءَ وائڙو ٿي پٺتي نهاريو ته ڏٺائين
ته مها _ ٻلي ديوتا هن کي ڪلهن کان جهلي بيٺو هو.
ديوتا جون اکيون ڪانڊن ٽانڊن وانگر ٻري رهيون
هيون، ڄڻ ته هن سوم _ رس جا ٻه ٽي مٽ پيتا هئا. ڀو
۾ پوڄاري ديوتا جي چرنن تي ڏنڊوت ڪري، منهن ڌرتيءَ
سان لاتو. ديوتا غصي ۾ پوڄاريءَ کي لت هڻي چيو:
ڏسين نٿو هيءَ ديوداسي پرڪرتيءَ جو سڀ کان جوٺو
سروپ آهي: هن سان پريم ڪرڻ تولاءِ پاپ آهي! پوڄاري
ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ ڀرسان پيل ڏڦي سان ديوتا تي وار
مٿان وار ڪيائين _ تان جو ديوتا ڌرتيءَ تي ڪري
ڦٿڪي ڦٿڪي خاموش ٿي ويو. ديوتا جو رت ڦوهاري وانگر
وهي رهيو هو. سامهون ديوداسي، جنهن جي چوٽي، ڪراين
۽ مرن ۾: ڪيتڪيءَ ۽ مگري جون لڙهيون پيئون هيون،
اڃا نچي رهي هئي ۽ تيزيءَ سان سان ڦيرايون پائي
رهي هئي.
ڇنن ڇنن، ڇن ڇم، ڇن ڇن، ڇن ڇم، ڇم ڇم....
ڇـــــــم ڇـم، ڇم ڇم، ڇم؛ ڇنن ڇنن، ڇن ڇم....
”پوڄاريءَ سوم _ رس سان ٻه وٽيون ڀريون، انهن ۾ ڪجهه ديوتا جو
رت ملايائين، ۽ پوءِ هڪ وٽي پاڻ پي ويو ۽ ٻي وٽي
ديوداسيءَ کي پياريائين... پوءِ ٻيئي مدهوش ٿي
ڪاري سنگمرمر جي ٿلهي تي ليٽي پيا. هڪٻئي پٺيان
ڏياٽيون ۽ موم بتيون وسامي ويون ۽ رات جي اوندهه
ديوتا جي رت کي ڍڪي ڇڏيو. اهو پوڄاري ڀارت ديس جو
’پهريون ناستڪ‘ هو.“ هن مون کي حيرت سان ڏسي پڇيو،
”تو اها عجيب غريب ڳالهه ڪٿي پڙهي آهي؟“
”ڪٿي به نه .“
”ڪنهن کان ٻڌي اٿيئي“
”ڪنهن کان به نه.“
”تڏهن اها تنهنجي من _ گهڙت ڳالهه آهي؟“
”نه.“
”تون به عجيب آهين! آخر توکي انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪيئن پيئي؟“
”اکين سان ڏٺي اٿم: اهو پوڄاري مان آهيان ۽ اها ديوداسي تون
آهين! مان جنم جنم ۾ هر ديوتا کي ڏڦي تي ڏڦو هڻي
ماريندو آيو آهيان _ تولاءِ فقط تولاءِ!...“
*
هو اهو ديوانو شاعر هو، جو هر پيشرؤ جو پيرو ڊاهي منزل ڏانهن
اڳتي وڌندو هو. مون هن کي هڪ دفعي ”غالب“ جو هٺيون
شعر ٻڌايو:
”لازم نهين ڪه خضر ڪي هم پيروي ڪرين،
مانا ڪه اڪ بزرگ همين همسفر ملي.“
(لازمي نه آهي ته اسين خضر جي پيروي ڪريون، جيتوڻيڪ اهو مڃون ٿا
ته هڪ بزرگ اسان سان همسفر هجي.)
هن فوراً شدت سان چيو، ”۽ غلط! غالب غلط آهي. هر عظيم شاعر
پنهنجو خضر پاڻ آهي. هن کي نه رهبر جي طلب آهي نه
همسفر جي.“
سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب متعلق گفتگو ڪندي، هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”سنڌ جو
ڪلاسيڪي شعر! آخر اهو آهي ڇا؟ڪجهه جهوني جڳ جون
ڏند ڪٿائون _ منصور جو سوريءَ تي چڙهڻ، ذڪريا جو
ڪرٽ سان چيرجڻ، يونس جو مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ! ڪجهه
روحاني ڏاڪڻيون _ شريعت، طريقت، حقيقت، معرفت:
ناسوت، جبروت، ملڪوت، لاهوت! لفظ فقط بي معنيٰ
لفظ! چرس، چنڊول، گانجي جون سلڦيون، ڀنگ جا ڪونڊا؛
ازلي پنڪيون، ابدي گهيرٽ! تنهنجي شاهه، سچل، دلپت،
سامي، بيدل ۽ بيڪس وٽ ٻيو ڇا آهي؟ انهن کي صدين جي
غبار ۾ ويڙهيل ڇڏي ڏي. انهن مان ڪوبه ڪنهن سنگ ميل
تائين نه پهتو هو. شعر ۽ ادب جي منزل دور آهي،
تمام دور!“
هن جذبات جي جوش تي مرڪي قابو پاتو، ۽ رازدارانه انداز ۾
چيائين، ”سچل کي شاهه لطيف چيو هو ته جيڪا ڪني مون
چاڙهي آهي، ان جو ڍڪڻ تون لاهيندين؛ ڪاش! مان اها
ڪني ڍڪڻ سوڌي ڀڃي سگهان!“
هن ۾ هڪ منفرد اديب جي انانيت ۽ خود اعتمادي هئي. هن جو روح
اها ڇولي هئي، جا ڪچ ڪوڏيءَ ۽ موتيءَ کي ساڳيءَ
طرح ٿڏي، چنڊ کي چمڻ لاءِ اڀرندي آهي. ظاهري طرح
هو واقعي ديوانو ٿي لڳو. پر هر عظيم شاعر اهو
ديوانو آهي، جو جنون جي بي انتها جوش ۾ پٿر
اڇلائي، عرش عظيم جا در دريون ۽ روشندان ڀڃي
وجهندو آهي.
مون هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ڪنهن حد تائين مان توسان متفق
آهيان. پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعر فقط تصوف جو مربو ته
نه آهي؛ ۽ تصوف جو بنيادي نظريو به ته آفاقي آهي.
انسان جي انسان سان محبت، انسان جي ڪنهن ازلي
حقيقت جي جستجو: جي اهي انسان مان ويا ته باقي هن
۾ ڇا رهيو؟ اهي شاعريءَ جا ابدي موضوع آهن. ائين
صحيح آهي ته تصوف جو نظريو نه فقط سنڌ ۾ پر
ڪيتريءَ حد تائين هر هنڌ، مضحڪه خيز آهي، پر ان جي
معنيٰ اها نه آهي ته شاهه جو ’مومل راڻو‘ ۽ ’سسئي‘
پنهون ان ڪري بي معنيٰ آهن، ڇاڪاڻ جو شاهه جي
شاعريءَ جو محرڪ تصوف جو ڪو نظريو هو. جيڪڏهن تون
عينيت جو غلاف هٽائي ڏسندين، ته توکي شاهه جا
ڪيترائي بيت مجاز جا مجسما نظر ايندا، جن ۾ خالص
حسن آفريني ۽ فطرت نگاري پيئي بکي. شاهه ۾ فطرت
سان ڪيتري نه محبت آهي! مون فرانس جي عظيم شاعر
”باڊليئر“ جي ڪلام جو مجموعو، ’گناهه جا گل‘ پڙهيو
آهي ۽ ان مان هيءُ شعر اڃا تائين منهنجي ذهن ۾
محفوظ آهي:
’تون سڀ کان زياده ڪنهن سان محبت ڪندو آهين؟‘
پر اسرار انسان مون کان پڇيو. ’پنهنجي پيءُ پنهنجي ماءُ، پنهنجي
ڀيڻ يا پنهنجي ڀاءُ سان؟‘
’مون کي نه پيءُ آهي، نه ماءُ، نه ڀيڻ نه ڀاءُ.‘
_ ’پنهنجن دوستن سان!‘
’تون اهو لفظ ڪم آڻي رهيو آهين، جنهن جي معنيٰ کان اڃا تائين
ناواقف آهيان.‘
_ ’پنهنجي وطن سان؟‘
’مون کي خبر نه آهي ته اهو دنيا جي ڪهڙي حصي ۾ آهي.‘
_ ’سونهن سان؟‘
’سونهن کي جيڪر دل سان چاهيان ها، ڇو ته اها ديوي آهي ۽ امر
آهي.‘
_ ’سون سان؟‘
’مون کي سون کان ايتري نفرت آهي، جيتري توکي خدا کان.‘
’اي اجنبي انسان! تڏهن تنهنجي ڪهڙيءَ شيءِ سان محبت آهي؟‘
’منهنجي بادلن سان محبت آهي! بادل، ويندا رهندا آهن _ ازلي حيرت
انگيز بادل!‘
هيءُ ”باڊليئر“ جو شعر منهنجي روح جي سيپاري جو هڪ ورق آهي. پر
انهيءَ جي مقابلي ۾ شاهه جو سر سارنگ رکي ڏس، اها
سٽ پڙهه:
’آگميو آهي لڳهه پس، لطيف چئي!‘
ڇا توکي ان سٽ ۾ اها ڪيفيت محسوس نٿي ٿئي جا ”باڊليئر“ جي نظم ۾
آهي؟ هر شعر ۽ اديب جي تخليقات ۾ هن جي ماحول جون
روايتون ۽ توهمات پوشيده آهن _ توڙي هو قديم شعرا
مان هجي يا جديد مان. هن جو روح اهو تلاءُ آهي،
جنهن جي ڇر هيٺان سر ۽ چڪڻي مٽي آهي: تون ان ڇر کي
چانڊوڪيءَ وانگر چمي ڏس، ان جي سرن ۽ چڪڻي مٽيءَ
کي ڇا ڪندين؟ تون ان ۾ هنج وانگر ٽٻي ڏي ته توکي
موتي ملن، فقط ڪنهن ڪانوَ جي ڪانگيري ۾ ويهي ڇو ٿو
چيخ پڪار ڪرين؟ بهتر آهي ته ڪلاسيڪي شعر جي انهيءَ
حصي کي نظرانداز ڪري ڇڏ جنهن ۾ آفاقيت نه آهي،
جنهن ۾ شاعر جي دور جا توهمات ۽ بي ڪيف تصورات
آهن. ممڪن آهي ته هڪ صديءَ کان پوءِ تنهنجي منهنجي
ڪلام لاءِ به ڪئنچيءَ جي ضرورت پوي.“
هو ٿورو کنگهي چوڻ لڳو، ”مان ته سمجهان ٿو ته تصوف ۽ مذهبي پس
منظر کان سواءِ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري هڪ کنڊي جي
کل مثال آهي.“
مان سوچي رهيو هوس ته ڪٿي هيءُ ديوانو شاعر سچ ته نٿو چوي!
اڄ هڪ سنڌي ادب جي پانڌيئڙي سان ملاقات ٿي، جنهن سان هيٺين
گفتگو ٿي: ”اوهين ترقي پسند آهيو ڇا؟“
”جيڪڏهن ترقي پسند ٿيڻ لاءِ مارڪس جي جدلياتي ماديت ۽ انسان جي
لازمي مادي ارتقا ۾ اعتبار، ۽ ادب کي فقط طبقاتي
ڪشمڪش جو آئينو ۽ ذريعو تسليم ڪرڻ ضروري آهي، ته
مان ترقي پسند نه آهيان.“
”پوءِ ته اوهين رجعت پسند چئبا.“
”منهنجيءَ نظر ۾ رجعت پسند اهو آهي، جو ڪنهن صدين جي جهونيءَ
تهذيب ۽ تمدن، معاشي ۽ اقتصادي نظام ۽ مذهبي قدرن
جو قائل هجي: جو زندگيءَ جي هر نئين مسئلي جي حل
جي تلاش ڪنهن اڏوهيءَ کاڌل ڪتاب يا قول ۾ ڪري: ۽
جو زندگيءَ ۽ ادب جي هر نئين رجحان جي ان ڪري
ترديد ڪري ڇاڪاڻ ته اهو رجحان هن جي موروثي خيالن
جي خلاف آهي. ته، مان رجعت پسند نه آهيان.“
”اهو ڪيئن: نه رجعت پسند، نه ترقي پسند! تڏهن اوهين ڇا آهيو؟“
”مان فقط ’مان‘ آهيان.“
”يعني؟“
”يعني مان منصور آهيان؛ مون کي هربي سمجهه ڦاهيءَ تي چاڙهيندو.“
”اهو ڪو ”اناالحق“ جو نئون نعرو آهي ڇا؟“
”_ اناالانس جو!“
”اوهان جي خيال ۾ نئون ادب ڇا آهي؟“
”زندگيءَ ۽ ادب جي هر صحتمند رجحان جو خير مقدم.“
”سنڌي ادب ۾ تنقيد جي ارتقا متعلق اوهان جو ڇا رايو آهي؟“
”سنڌي تنقيد انهيءَ جانور جو نالو آهي، جنهن کي جهرڪيءَ جو مٿو،
ڪاريهر جي ڄڀ، چمڙي جون اکيون ۽ اٺ جي اوجهري
آهي.“
”ڇا مطلب؟“
”ادبي تنقيد لاءِ نه فقط جديد ۽ قديم ادب جو وسيع مطالعو زبان ۽
ادب جي مزاج جي پرک ۽ فن تحرير تي قدرت ضروري آهي،
پر تنقيدنگار جي گوناگون، گهري ۽ متوازن شخصيت ئي
تنقيد کي صحيح تنقيد بنائي ٿي: مون کي اهي خوبيون
سنڌ جي ڪنهن به ناقد ۾ نظر نٿيون اچن.“
”نئين ادب ۾ فحش نگاري آهي ڇا؟“
”اهو ان تي منحصر آهي ته اوهين نئون ادب ۽ فحش نگاري ڇاکي ٿا
سمجهو. اوهان کي معلوم هوندو ته جيمس جوائس (James
Joyce)
جي ڪتاب ”يوليسز“ (Ulyseys)
تي فحش نگاريءَ جي الزام هيٺ مقدمه بازي هلي هئي،
۽ آخر آمريڪا جي عدالت فتوا ڏيئي، ان کي فن جو
عظيم شهپارو تسليم ڪيو. ساڳيءَ طرح ڊي. ايڇ.
لارينس (D.H. Lawrence)
جي ڪتاب ”ليڊي چئٽرلي جو عاشق“ (Lady
Chatterleys’ lover) تي به اهڙي قسم جي قانوني فتوا ملي چڪي آهي، جنهن تان پڻ تازو
اها بندش هٽائي ويئي آهي. خير هتي جنسيات جو مهذب
تصور ناممڪن آهي. هتي جيڪڏهن اهو لکيو وڃي ته
فلاڻو صوفي شاعر ڪنهن هندو ڇوڪري سان عشق ڪندو هو
ته سنڌي ناقد، مجاز کي حقيقت جي پل سمجهي، درياءُ
ٽپي ويندو، باقي جيڪڏهن ڪنهن حقيقت نگار اديب ڪنهن
به جنسي حقيقت جو اشاري ۾ ئي ذڪر ڪيو، ته آڏ تي
بيٺو گاريون ڏيندو. هن جون گاريون به اهو گارو
آهن، جنهن جي چڪڻ ۾ ٿاڦوڙا هڻي، ڦينگون اڏاري، هو
فقط پنهنجي روح کي پليد ڪندو رهي ٿو. مون کي جڏهن
به چيو ويو آهي ته اهڙيءَتنقيد جو جواب ڏيان ته
مون فقط اهو چيو آهي ته فقير رمندو رهندو، ڪتا
ڀونڪدا رهندا: ڪتن کي ڪهڙي خبر ته فقير جي گودڙيءَ
۾ ڇا هو؟ مان ڀانيان ٿو ته اهي عريان مجسما ۽
تصويرون جن کي ساي مهذب دنيا فن پارا تسليم ڪري
ٿي، اسان جي تنقيد نگارن کي فحش لڳندا، جن کي فنون
لطيفه جي وصف ۽ انهن جي تاريخي، اخلاقي، جنسياتي،
نفسياتي ۽ معاشرتي مناسبتن جي ڪافي معلومات نه
آهي. انهن کي ڪنهن ادب پاري جي مهذب ۽ فحش هجڻ جي
ڪهڙي خبر؟ پنهنجو قلم ته تلوار کان به تکو آهي، پر
اهو ڪنهن جيتامڙي جي رت ۾ ٻوڙي ڇا ڪبو؟“
”هن ڪائنات جي طلسم ۾ جسم جي رعنائي ڪيتري نه هوشربا آهي، سو
لطيف سائينءَ هيٺين سٽن ۾ نهايت پياري انداز سان
سمويو آهي. (جي اهي سٽون منهنجون هجن ها، ته ڪجهه
فهم نقاد انهن تي به فحش نگاريءَ جو الزام آڻين
ها.)
’ڪنواريون ۽ ڪنول، هل ته پسون ڪاڪ جا!‘
(مٿيئنءَ سٽ ۾ ڪنول جو تصور ائين آهي، جيئن ڪنهن مڱينديءَ جو
هيانءُ ٽڙي پوندو هجي.)
’هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل،
نڪا جهل نه پل، جي ويا سي وڍيا.‘
’مومل کي مجاز جا، اکين ۾ انبور!‘
(اها سٽ پڙهي ڪو نيم دماغ ناقد ائين نه چوي ته اکين ۾ انبور
ڪيئن ٿيندا؟ مومل جون اکيون ٿيون يا لوهار جو
دڪان!)
”لطيف سائينءَ انسان جي تن جي تؤنس سر سهڻي ۾ هڪ نهايت باڪمال
فنڪار وانگر چٽي آهي:
’کــامــان، پـچـــان، پــڄران، ۽ لوچان،
تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان.‘
۽ اها تن جي تؤنس انسان کي ڪيترو نه مجبور ٿي ڪري، ان جو اظهار
هيئن ٿو ڪري:
’ساهڙ مون جئن سرتيون، جي ڏسو سڀيئي،
ته سمهو ڪين سک ٿي، پاسو ور ڏيئي،
منهان اڳيئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.‘
”شاه جي شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال ملندا، جن ۾ جسم جي حسين ترين
شاعري آهي. آخر عورت کي به ته جسم آهي؛ اها به
’کٽن تي کهه‘ ۽ ’پلنگ پراڻا‘، ڏسي راڻي لاءِ روئي
ٿي سگهي. انهيءَ جنسي محبت کان، چون ٿا ته فرشتا
به رهي نه سگهيا هئا، جي اڃا تائين ”چاهه بابل“ ۾
ٽنگيا پيا آهن. زندگي ڀلي روز ”چاهه بابل“ ٺاهي
اسين اها محبت ادب ۾ چٽيندا رهندا سين، ڇو ته اسان
کي فرشتي جو روح آهي.“
”تعجب آهي ته مذهب ۽ سياست جيڪڏهن ادب ۽ فن جا موضوع ٿي سگهن
ٿا، ته جنسي نفسيات ڇو نه ٿي سگهي ٿي! شرط اهو آهي
ته نگاهه صالح ۽ نگارش ادبي هجي _ ۽ جي ائين نه
آهي، ته پوءِ مذهب خواه سياست، خواه جنسي نفسيات،
سڀئي الڳ الڳ سببن ڪري اعتراض جي قابل ٿي سهگن
ٿا.“
”ڇا نئين ادب ۾ دهريت آهي؟“
”ها آهي: پر ان ۾ ڪيئي تخليقات اهڙيون به آهن، جن ۾ ڪنهن ازلي
حسن ۽ حقيقت جي جستجو ملي ٿي. دراصل ڪيترائي اديب،
روايات جا زنجير ٽوڙي زندگيءَ جي زندان کي ڊاهي
رهيا آهن. انهن اڃا زندگيءَ ۽ ادب جا مثبت اقدار
طئي نه ڪيا آهن. ڪنهن ڪنهن دور ۾ ادب ۾ طوفان
ايندو آهي، جو جهونن سفينن جا بادبان اڏائي ڇڏيندو
آهي؛ انهن جو تختو تختي سان نه ملندو آهي ۽ پراڻن
ناخدائن کي سندن خدا به بچائي نه سگهندو آهي... ۽
پوءِ نوان مانجهي ساحل ڏانهن وڌندا وڌندا نظر
ايندا آهن. بار بار انهيءَ طوفان جي گواهي اسان کي
دنيا جي تواريخي ادب ۾ ملي ٿي. اسان جو ادب به اڄ
اهڙي دور مان گذري رهيو آهي.“
”اوهين ڪهڙن شاعرن کان متاثر ٿيا آهيو؟“
”اهيو ڏکيو سوال آهي. مون مشرق ۽ مغرب جا صدها شاعر پڙهيا آهن ۽
انهن مان ڪيترن منهنجي ذهن ۾ پنهنجو پنهنجو تاثر
ڇڏيو آهي. ڪن جون ته فقط ٻه _ چار سٽون مدت تائين
منهنجي ذهن ۾ ائين ٻرنديون رهيون آهن، جيئن ڪنهن
موسيقيءَ جو لازوال آلاپ مثلاً. معلوم نه آهي ته
هيءُ فارسي شعر ڪنهن جو آهي، پر اڄ مدت کان پوءِ
منهنجي ذهن ۾ اڀري آيو آهي:
’باده ڪه شيشهء دل منصور را گداخت،
در ساغر شبينه من جوش مي زند.،
(جنهن شراب منصور جي دل جي شيشي کي ڳاري وڌو، اهو منهنجي راتوڪي
پيالي ۾ اٻڙڪا ڏيئي رهيو آهي.)
”بهر صورت مان شاهه لطيف، ڪوي ٽئگور، ميران ٻائيءَ، حافظ، خيام،
خليل جبران، گوئٽي، پشڪن مايا ڪووسڪي ۽ باڊليئر
کان ڪافي متاثر ٿيو آهيان. لطيف، ٽئگور، ميران ۽
حافظ وحدت الوجود جي فلسفي جا قائل آهن، باقي ٻين
جا متضاد نظريا آهن، جي سڀ ائين آهن جيئن روشنيءَ
جا مختلف رنگ،باقي جذباتي طرح مون کي خيام ۽
ميران سان سڀني کان زياده رغبت آهي.“
”اها ڳالهه مون هن وقت تائين ڪنهن کي به نه ٻڌائي آهي. توکي مون
سان شخصي انس آهي، ان ڪري توکي ٻڌايان ٿو.“
”الست جي عهد کان پوءِ جڏهن انسان عالم بالا مان ڌرتيءَ طرف ٿي
آيا، تڏهن مان تنها پنڌ هوس. جڏهن پنڌ ڪري ڪري
ٿڪجي پيس، تڏهن هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته پريان
ڪجهه درخت نظر آيا. مون ويجهو وڃي ڏٺو ته انگور جي
ول هيٺان هڪ رند لا ابالي پنهنجي صراحيءَ مان جام
تي جام ڀري پي رهيو هو. مون هن سان اڃا ڏيٺ ويٺ ئي
نه ڪئي هئي ته هن صراحيءَ مان جام ڀري مون ڏانهن
وڌايو. مون حيرت ۾ هن کان پڇيو، ”تون ڪير آهين؟“
هن جواب ڏنو: ’منهنجو نالو عمر آهي، عمر ”خيام“
مون ڪوئي به عهد نه ڪيو آهي ۽ سڀني کي لنوائي ڀڄي
آيو آهيان.‘
”ايتري ۾ مون کي پريان گيڙوءَ رتي لباس ۾ هڪ جو ڳياڻي نظر آئي،
جنهن کي هڪ ڪلهي تي يڪتارو هو ۽ ٻئي تي چونئري .
هوءَ ڳائيندي ٿي آئي:
’موري جنم مرن ڪي ساٿي،
توهي نا بسرون دن راتي.‘
(منهنجي ڄمڻ مرڻ جا ساٿي! تون مون کان ڏينهن رات نه ٿو وسرين.)
”جڏهن هوءَ ويجهو پهتي ته هن مون کي چيو، ’هيءَ چونئري ته وٺائي
هيٺ رک، مان ڏاڍي ٿڪجي پيئي آهيان. الاجي شيام ڪٿي
ملندو!‘
”مون هن کان پڇيو ته مائي تون ڪير آهين؟“
’مان؟ مان ميران ٻائي آهيان.‘
’ڪيڏانهن ٿي وڃين؟‘
’ڪيڏانهن؟ خبر ناهي شيام الائجي ڪيڏانهن ويو!‘
’انهيءَ چونئريءَ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟‘
’ڇا کنيو اٿم؟ ان ۾ اهي ڳوڙها ڪٺا ڪيا اٿم، جي شيام جي وڇوڙي ۾
ڳاڙيندي آئي آهيان.‘
’هون‘! خيام کي ڳالهه نه وڻي، ۽ هن مون کي اشارو ڪيو ته سندس
جام ڳيت ڏيئي پي وڃان. مون چڪي چکي _ اها تارونءَ
کي ايتري ته تکي لڳي، جو مون جام رکي ڇڏيو.
’هيءَ انگور جي رس آهي، ڇو نه ٿو پيئين؟‘ خيام پڇيو.
مون جواب ڏنو، ’خيام تنهنجي رس ڏاڍي تکي آهي.‘
ميران ٻائي ٿڌو ساهه کڻي چيو، ’انهيءَ رس ۾ هن چونئريءَ جو ڪجهه
پاڻي ملائي پيءُ شايد ان جي تک گهٽجي وڃي.‘
مون خيام جي رس ۾ ميران جا ڳوڙها ملايا؛ ۽ پوءِ ڪيئي جام پي
ويس. ان وقت خيام هيٺين رباعي چئي رهيو هو:
’آمد سحري نداز ميخانه ما،
ڪ اي رند خراباتيء ديوانه ما،
برخيز ڪه پر ڪنيم پيمانه زمي،
زان پيش ڪه پر ڪنند پيمانه ما.
(صبح جو ميخاني مان صدا آئي ته اي اسان جا رند خراباتي ۽
ديوانا! ان کان اڳ جو اسان جي زندگيءَ جو پيمانو
ڀرجي وڃي، اٿي ته پيمانو شراب سان ڀريون.)
مان ٿوريءَ دير ۾ مدهوش ٿي ويس، ۽ جڏهن جاڳ ٿي، ته خيام ۽ ميران
ٻيئي نظر نه آيا، فقط منهنجي ڀرسان خيام جي صراحي
۽ جام ۽ ميران جي چونئري رکي هئي؛ آءٌ اهي کڻي پنڌ
پيس. مون کي ڪافي گهري ننڊ وٺي ويئي هئي: ڇو ته
پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته خيام ۽ ميران ته مون کان
ڪجهه صديون اڳي ڌرتيءَ تي پهتا هئا.
انهيءَ صراحيءَ ۽ چوئنريءَ مون تي ڪافي اثر ڪيو آهي.
مان دهريو صوفي آهيان، ناستڪ جوڳي آهيان!“ |