ڪئينس روڊ _ سکر
1_ جون 1961ع
ادا،
تو لکيو آهي ته مان پنهنجي آتم _ ڪهاڻي هاڻي نه لکان ۽ ڪجهه
وقت ترسان. مان فقط اهو ٿو سوچيان ته پيرسنيءَ ۾
فڪر جي پختگي ۽ گهرائي ته ملي ٿي پر جذبات جي
تازگي نٿي ملي؛ ان ڪري جيڪڏهن منهنجيءَ آتم _
ڪهاڻيءَ کي ڪائي به اهميت آهي ته اها هاڻي لکان.
ان کان اڳ جو مان پوري کاڻ کوٽيان، توکي ڪجهه مٿاڇريون ڪنڪريون
۽ هيري _ ڪڻيون موڪليان ٿو، ڏسي ٻڌاءِ ته انهن ۾
ڪجهه املهه به ٿي سگهي ٿو يا نه!
_ _ _ _
منهنجي هڪ ماسي هئي، جنهن جي ٻانهن ٺونٺ وٽان ڪپيل هئي. هوءَ
ننڍي هوندي ڪنهن ڪتر جي مشين وٽ ٿي کيڏي ته هن جي
سڄي ٻانهن مشن ۾ اچي ٺونٺ وٽان ڪپجي ويئي. هن کي
گهايل هرڻيءَ جهڙيون گهريون حسرت آميز اکيون هيون،
۽ هن جي جسم ۾ ڪوريءَ ڪنگريءَ جهڙي خوشبوءِ هوندي
هئي. مون اهڙي خوبصورت عورت زندگيءَ ۾ نه ڏٺي آهي.
جڏهن هوءَ کٻيءَ ٻانهن سان ڦلڪو ويليندي هئي، ته
منهنجو اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون.
هڪ دفعي منهنجي ڪنهن مائٽ کي ڇتي ڪتي چڪ پاتو ۽ چڪ کان ڪجهه
ڏينهن پوءِ، هو چيٽون ڪرڻ لڳو ۽ پاڻيءَ ۾ ڪتڙيون
ڏسڻ لڳو. منهنجو پيءُ هن کان پڇڻ لاءِ مون کي ساڻ
وٺي هليو. هن جي زال اوڇنگارون ڏيئي روئي رهي هئي
۽ سڀني کي هن جي دردناڪ حالت ڏسي ڏک ٿي ٿيو، ڇو ته
هو پاڙي ۾ سڀني کان زياده سگهو ۽ سهڻو جوان هو، ۽
سڀني کي پڪ هئي ته نه بچندو. منهنجي پيءُ هن جي
زال کي آٿت ڏيندي چيو ”ڌيءَ، صبر ڪر! خدا جي
مرضيءَ کان سواءِ پن به نه ٿو چري. خدا چاهيندو ته
هي خوش ٿي پوندو.“
ٻئي ڏينهن هو مري ويو. جڏهن منهنجو پيءُ هن جي جنازي نماز تان
موٽيو ، تڏهن مون هن کان پڇيو، ”بابا، اها خدا جي
مرضي هئي ته هن کي ڇتو ڪتو چڪ پائي؟“
”ها پٽ خدا جي مرضيءَ کان سواءِ پن به نه چرندو آهي.“
”بابا، اها به خدا جي مرضي هئي ته ماسيءَ جي ٻانهن ڪتر جي مشين
۾ ڪپجي وڃي؟“
بابا مون کي غور سان ڏسندي چيو ”ها پٽ! اها به خدا جي مرضي
هئي.“
”بابا، خدا جي مرضي ايئن ڇو هئي؟ جي ماسيءَ جي ٻانهن نه ڪپجي
هان ته خدا جو ڪهڙو نقصان ٿئي ها!“
بابا جهڪي مون کي مٿي تي چمي ڏني، ۽ ڪوئي جواب نه ڏنو.
_ _ _
اسان جي پاڙي کان ڪجهه پنڌ تي هڪ باغ ۾ کوهه هو. ڪڏهن ڪڏهن
منهنجو پيءُ ان باغ ۾ ويندو هو. هڪ دفعي، بابا
نيسر هيٺان وهنجي رهيو هو ۽ مان پکيئڙي کي ڏسي
رهيو هوس، جو زيتون جي وڻ تي ٽڪلو ٽڪلو ڪري رهيو
هو. پريان باغائيءَ جهار هڪلي کانڀاڻيءَ سان وڻن
ڏانهن ڳوڙها ٿي هنيا. اوچتو هڪ ڳوڙهو ان پکيئڙي کي
لڳو ۽ هو وڻ تان ڦهڪو ڪري ڌرتيءَ تي ڪري پيو. مون
ان کي هٿ ۾ کڻي ڏٺو ته هو چريو پريو نٿي. مون بابا
جي ڀرسان وڃي هن کان پڇيو.
”بابا هي ٻولي ڇو نه ٿو؟“
”پٽ هي مري ويو آهي.“
”بابا هي مري ڪيڏانهن ويو آهي.“
”پٽ، اها ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي ته ڪوئي مري ڪيڏانهن ويندو
آهي.“
_ _ _ _
روز لڙيءَ رات مهل هڪڙو فقير اسان جي در تي اچي سئن هڻندو هو ۽
سرندو هلائي ڪائي ڪافي ڳائيندو هو. مان هن جو
ايترو ته عادي ٿي ويو هوس، جو مون کي هن جو آواز
ٻڌي يڪدم جاڳ ٿيندي هئي ۽ ڪهڙي به ولهه وسندي هئي،
مان هن کي رات جا بچيل چانور ۽ ٻه پيسا ڏيئي،
ڪيتري وقت تائين هن جو سرندو ۽ ڪافي ٻڌندو هوس.
هڪ رات هو نه آيو. مون کي ڪتن جي ڀونڪ تي جاڳ ٿي، ته ان وقت
جهونجهڪڙو هو. مان هنڌ مان اٿي ٻاهر آيس ته ڪوئي
نظر نه آيو. ان وقت لري ٿي لڳي ۽ مون کي ڏاڍو
سيئاندو ٿي ٿيو، پر ان هوندي به مان باک ڦٽيءَ
تائين اتي بيٺو رهيس، جيستائين مون کي ماءُ سڏ
ڪيا. ٿڌ لڳڻ سبب مون کي چار _ پنج ڏينهن زڪام ۽
بخار رهيو پر بخار ۾ به مان لڙيءَ اڌ رات مهل اٿي
فقير جي سئن ۽ ساز جي آواز لاءِ ڪنائيندو هوس، پر
فقير ڪونه آيو. نيٺ مون پيءُ کان پڇيو، ”بابا هاڻي
فقير ڇو نه ٿو اچي؟“
”پٽ سيلانيءَ جو ڪهڙو اعتبار آهي! ڪيڏانهن هليو ويو هوندو.“
”بابا، مون کي به اهڙو سرندو وٺي ڏي.“
”ها پٽ، مان سڀاڻي توکي سرندو وٺي ڏيندس.“
”بابا، توکي اها ڪافي ايندي آهي، جا فقير ڳائيندو هو؟“
”نه پٽ.“
”بابا، اها ڪافي ڪنهن ٺاهي آهي؟“
”پٽ ڪنهن شاعر ٺاهي هوندي.“
”بابا شاعر ڪافي ڪيئن ٺاهيندو آهي؟“
”پٽ، پنهنجيءَ ڏات سان ٺاهيندو آهي.“
”بابا مون کي به ڏات وٺي ڏي.“
”پٽ، ڏات وڪامندي نه آهي. جنهن انسان کي خدا چاهيندو آهي ان کي
ڏات ڏيندو آهي.“
”بابا، مون کي خدا کان ڏات وٺي ڏي.“
”ها پٽ، مان خدا کي چوندس.“
ٻئي ڏينهن تي بابا هڪ ننڍو سرندو بازار مان وٺي آيو ۽ مون کي
ڏيئي چيائين.
”هان پٽ، هي سرندو!“
”بابا خدا کان ڏات ورتئي؟“
”پٽ، خدا وٽ ڏات کپي ويئي آهي.“
”نه بابا مون کي ڪيئن به ڏات وٺي ڏي، مان ڪافي ٺاهيندس.“
”چڱو پٽ، مان وري دعا ٿو گهران ته خدا توکي ڏات ڏئي ۽ تون لکين
ڪافيون ٺاهي سگهين.“
_ _ _ _
ڦولناٿ جوڳيءَ جي بابا سان ڏاڍي اڪير هوندي هئي. هن کي هندو
ديو- مالا جون هزارين ڪٿائون اينديون هيون. ويد،
اپنشد، رامائڻ، مهاڀارت وغيره هن کي چڱيءَ طرح ياد
هوندا هئا ۽ هو انهن مان ڪهاڻيون چونڊي، مون کي
سنسڪرت آميز سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندو هو. جيڪڏهن هن کي
ڪائي موزون ڪهاڻي ياد نه ايندي هئي، ته هو ڪائي به
ڪهاڻي ان وقت گهڙي ٻڌائيندو هو. هڪ رات هن مون کي
چيو، ”ڪالهه مون توکي ڪوي ڪاليداس ۽ وڪرم آروسيءَ
جي پوري ڪهاڻي ٻڌائي آهي. اڄ مون کي ڪائي ڪهاڻي
ياد نٿي اچي.“ مون ضد ڪيو ته هو مون کي ڪويءَ جي
ٻي ڪائي ڪهاڻي ٻڌائي. پوءِ هن مون کي هڪ من- گهڙت
ڪهاڻي ٻڌائي هئي. (ڇو ته اها ڪهاڻي مون کي هندو
ديو مالا ۾ اڃا ڪٿي به نه ملي آهي.) ۽ اها ڪهاڻي
پنهنجي عجيب غريب نوعيت سبب مون کي اڃاتائين ياد
آهي.
”_ چنڊ کي پهريون مانش ديهه هئي. هو ڪوي هو ۽ پرش ۽ پرڪرتيءَ جي
باري ۾ ڪيئي ڪوتائون چيون هيائين. هڪ دفعي هو گنگا
نديءَ جي گهاٽ تي چانڊوڪيءَ ۾ بيهي نهايت مڌر آواز
۾ پنهنجي ڪوتا ڳائي رهيو هو ته اتان شو ۽ پارپتي
اچي لنگهيا. پارپتيءَ شوَ کي چيو، ”ڪهڙو نه مڌر
آلاپ آهي. منهنجو وس پڄي ته هن ڪويءَ کي امر ڪري
ڇڏيان.“ شوَ جواب ڏنو، هي ڪوي فقط مڌر آلاپ نه
آهي، هن ۾ لوڀ ۽ اهنڪار آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي آتما
پوري آفتاب سان چمڪندي آهي ته هي ڪوتا چئي سگهندو
آهي، نه ته ڪڏهن هن جي آتما ٿورو چمڪندي آهي، ڪڏهن
زياده ۽ هن جو اڌو اڌ جيون پوري انڌڪار ۾ گم ٿي
ويندو آهي.“ پارپتيءَ کي ان ڳاله تي ويساهه نه
آيو، ته شو وڌي چنڊ کي چيو، ”اي ڪوي! مان هتان جو
راجا آهيان. تون چوين ته مان توکي راج _ گديءَ تي
ويهاريان ۽ توکي راج _ مڪٽ پهرايان ۽ دنيا جا سڀ
پدارٿ ڏيان، پر توکي هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي!“
”ڪهڙي ڳالهه؟“ چنڊ چيو.
”تون ان جي بدلي ۾ مون کي پنهنجي ڪويتا ڏيندين.“
”مون کي منظور آهي.“ چنڊ چيو.
پارپتي اهو ٻڌي اهڙو ته ڪروڌ ۾ اچي ويئي، جو هن کي سراپ ڏنائين
ته ”اي ڪوڙا ڪوي! تون سرشتي جي انت تائين آڪاش ۾
ڀٽڪندو وتندين ۽ سدائين پنهنجي اصلي روپ ۾ هوندين
۽ ڪنهن کي به ٺڳي نه سگهندين. ان کان پوءِ هو ڪوي
چنڊ جي روپ ۾ اڄ تائين آڪاش ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي.“
_ _ _ _
اسان جي خواب گاهه جي ڇت تي هڪ عورت جي تصوير ٽنگيل هوندي هئي،
جنهن جي صورت اڃا ت’ائين مون کي ياد آهي. هن جو ون
سانورو، اکيون اونهيون ۽ منهن سٻاجهڙو هو ۽ هن کي
پيشانيءَ تي تلڪ ۽ ڪنن ۾ جهومڪ هئا. هڪ ڀيري مون
پيءُ کان پڇيو.
”بابا هيءَ ڪير آهي؟“
”بابا، هيءَ نيلم آهي.“ هو جواب ڏيئي ڪنهن ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
”بابا، نيلم ٻائي ڪٿي رهندي آهي؟“
”بمبئيءَ ۾.“
”ڪنهن جي زال آهي؟“
”ڪنهن جي به نه“
”ڇا ڪندي آهي؟“
”نچندي آهي.“
”بابا، تو هن کي ڪڏهن نچندي ڏٺو آهي؟“
”ها پٽ.“
”ڪيئن نچندي آهي، بابا؟“
”مور وانگر.“
”بابا، هن کي مور وانگر پر آهن؟“
”نه پٽ، جي هن کي پر هجن ها، ته هتي ضرور اڏامي اچي ها.“
”بابا، تون بمبئي ويو آهين؟“
”ها“
”اتي ڪيترو وقت رهيو هئين؟“
”ڏيڍ سال.“
”اتي ڇا ڪندو هئين، بابا!“
”نيلم جو ناچ ڏسندو هوس.“
”بابا، مون کي به نيلم جو ناچ ڏيکار!“
”پٽ، تون اڃا ننڍو آهين، جڏهن وڏو ٿئين ته ڪيئي نيلم، پکراج،
هيرا تنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ايندا. فقط انهن کي پريان
چمڪندو ڏسجانءِ.
_ _ _ _
اسان جي پاڙي ۾ هڪ واڻيو رهندو هو، جو ڇٻي ۾ ڪلفيون ۽ ميوو
وڪڻندو هو. هو پيرسن هو پر هن کي هڪ خوبصورت قداور
جوان زال هئي، جنهن جو نالو رڪمڻي هو. هڪ ڏينهن
منهنجو پيءُ آرام ڪرسيءَ ۾ ليٽي پيو هو ۽ سگريٽ پي
رهيو هو ته ڪجهه پاڙي جا مسلمان هن وٽ دانهن کڻي
آيا. انهن مان هڪ ڏاڙهيءَ وارو جو صوم وصلوات جو
پابند هو، تنهن هن کي چيو، ”چاچا، هيءَ رڪمڻي روز
سوڀي واڻيي سان سيروءَ واري کوهه تي ملي ٿي ۽ رات
جو به لڪي لڪي هن جي گهر وڃي ٿي. اسان هن کي ٻه ٽي
ڀيرا پڪڙيو آهي، پر پوءِ به نٿي مڙي هنن کي پاڙي
مان ڪڍيو وڃي.“
منهنجي پيءُ هن کي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ چيو _
”رڪمڻي تنهنجي ماءُ آهي؟“
_ چپ!
”تنهنجي ڀيڻ آهي؟“
_ چپ!
”تنهنجي ڌيءُ آهي؟“
_ چپ!
تون پنهنجو ڪم ڪر، تنهنجو رڪمڻيءَ سان ڇا!“
هو هليا ويا ته بابا مون کي چيو ته ”رڪمڻيءَ کي سڏي آءُ.“
هوءَ مون سان گڏجي آئي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏسي گهونگهٽ ڪجهه هيٺ
ڪيائين. بابا هن کي چيو، ”ڌيءَ تنهنجو مڙس اڃا
بيمار آهي ڇا؟“
”چاچا، ڏاڍو بيمار آهي، ڪنهن دوا دارونءَ جو اثر نه ٿو ٿئي، ڳري
ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي.“
”ڌيءَ اوهان کي پيسي پائيءَ جي ضرورت ته نه آهي؟“
چاچا توکان ڪهڙو ڳجهه آهي، اڄڪلهه ته وئد جي ستيءَ ڦڪيءَ لاءِ
به پئسو نه آهي.“
بابا کيسي مان پنجاهه روپيا ڪڍي هن کي ڏنا، ۽ هن کي چيو،
”ڌيءَ هي پيسا وٺ جڏهن تنهنجو مڙس خوش ٿي ڪمائي ته تڏهن مون کي
موٽائي ڏيجانءِ.“
_ _ _ _
هڪ دفعي شڪارپور جي جماڻي هال ۾ ڪوئي تقرير ڪري رهيو هو. هن جي
تقرير ايتري ته موثر هئي، جو منهنجو هيانءُ ڀرجي
آيو. اڃا تقرير ڪري رهيو هو، ته ٻه پوليس وارا
آيا، جي هن کي هٿڪڙي هڻي، ٿاڻي ڏانهن وٺي ويا.
مون پيءُ کان پڇيو. ”بابا، هي ڪير هو؟“
”پٽ هي ڪانگريسي هو.“
”هن کي ڇو ٻڌو اٿائون.“
”پٽ هي، حڪومت جي خلاف پيو ڳالهائي.“
”بابا، هي ڳالهائي ته ڏاڍو چڱو پيو، مون کي ته اکين ۾ ڳوڙها ٿي
آيا. هن کي ڇو ٻڌائون؟“
”پٽ، جيڪڏهن ڪوئي به حڪومت جي خلاف ڳالهائيندو آهي ته حڪومت کي
اها ڳالهه نه وڻندي آهي.“
”حڪومت کي اها ڳالهه ڇو نه وڻندي آهي. بابا!“
”بس نه وڻندي آهي.“
”بابا، منهنجو وس پڄي ته هن پوليس واري کي ڪچو کائي ڇڏيان.“
_ _ _ _
بابا زندگيءَ جا پويان ٻه سال مسلسل بيماريءَ ۾ گذاريا ۽ ڪنهن
ذريعي معاش نه هئڻ سبب ڪافي تنگ دست هو. هڪ ڏينهن
هو مون سان گڏجي ڊاڪٽر وٽ هليو، جو هن جو شروع کان
علاج ڪندو هو. هن ڪمپائونڊر کان اڳيون پرچو وٺي،
ڊاڪٽر کي هفتي جي دوا لاءِ چيو. ڊاڪٽر، پنهنجي نڪ
تي رکيل عينڪ مٿان گهوري هن کي چيو، ”شيخ صاحب،
اوهان ڏانهن ڪيتري وقت کان سٺ روپيا رهيل آهن؛
پهرين اهي ڏيو، پوءِ ٻي دوا وٺو.“
”مون کي هن وقت پيسو ڪونه آهي پر ٿوري وقت ۾ اوهان جو سمورو بل
ادا ڪندس. اوهان دوا ڏيو،“ بابا جهيڻي آواز ۾ جواب
ڏنو.
”بل قيامت ۾ ادا ڪندا ڇا؟“ ڊاڪٽر کهرائپ سان چيو.
بابا جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هن ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ دوا جي خالي
شيشي هٿ ۾ کڻي اسپتال مان نڪري آيو. مون رستي تي
هن کان پڇيو. ”بابا، ڊاڪٽر هونءَ ته ائين ڪونه
ڳالهائيندو هو.“
”پٽ، پيسي کان سواءِ هر ڪوئي ائين ڳالهائيندو آهي.“
”بابا، تو ڊاڪٽر کي اها شيشي مٿي تي ڇو نه هنئي.“
هن رحم سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ منهنجي مٿي تي هٿ گهمائي چيائين،
”پٽ، انسان ڪنهن جو مٿو ڦاڙي ڪنهن جو ڦاڙيندو!“
”بابا، جي وري هن توسان ائين ڳالهايو ته مان هن کي ..... مان هن
کي.......“ منهنجو مٺيون ڀيڪوڙجي ويون ۽ نڙيءَ ۾
سڏڪا اٽڪي پيا.
_ _ _ _
ادا، اهڙا هزارين واقعا آهن جي ظاهري طرح ته اهم نه آهن، پر
انهن غير شعوري طرح منهنجيءَ زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي
گهرو اثر ڪيو آهي. چاهيان ٿو ته اهي واقعا سمويان
۽ انهن مان انهيءَ انسان جي تصوير اجاگر ڪيان،
جنهن جي شاعري، نه فقط سياست، سماج، مذهب ۽ ادب،
پر پنهنجي دور جي هر قدر سان بغاوت ڪئي آهي. بهتر
ٿيندو ته پهرين انهيءَ ڪوشش جي باري ۾ تنهنجو رايو
ڏسان.
_ تنهنجو پنهنجو
سکر _ _ 1955ع
ادا،
تنهنجو خط پهتو. خط جي بلڪل توقع نه هئي. اڳ سمجهندو هوس ته اڻ
ڄاتو اڻ ڳاتو مري ويندس؛ پر هاڻ ته دوستن ايتري
حوصله افزائي ڪئي آهي، جو دماغ جون توازن سنڀالڻ
مشڪل ٿي پيوآهي. تو منهنجي زندگيءَ ۽ شخصيت جي
باري ۾ وڌاءُ کان ڪم ورتو آهي، ممڪن آهي ته تنهنجو
خيال منهنجي ادب ۽ آرٽ جي باري ۾ صحيح هجي. ڪيئن
به هجي، پر مان تنهنجي ايتري قدرشناسيءَ ۽ محبت
لاءِ احسانمند آهيان.
منهنجي زندگي ۽ شخصيت ايتريءَ محبت جي لائق نه آهي. ڪنهن به
انسان کي ان جي ادبي تخليق مان پرکڻ ۽ پرجهڻ نهايت
غلط آهي. منهنجي نظر ۾، آرٽ ۽ ادب ”حسن جي تلاش“
آهي _ ڪڏهن اديب جي ماحول ۾، ڪڏهن سندس ذاتي جذبات
۽ احساسات ۾. اهو لازمي نه آهي ته هر شاعر جي
زندگي به ايتري حسين هجي، جيترو سندس شعر. ڪيترا
شاعر جي زندگيءَ جي قباحت کان ڀڄي، شعر و شاعريءَ
جي حسين دنيا ۾ پناهه وٺندا آهن. باقي ائين برابر
آهي ته شاعر جي اک ۽ دل ٻين انسانن جي اکين ۽ دلين
کان مختلف آهي. هو پنهنجي ماحول ۽ روح ۾ جي
ڳالهيون محسوس ڪري سگهي ٿو، سي ٻين جي احساس کان
مٿڀريون آهن، جنهن طرح هو انهن ڳالهين کي لفظن جو
جامو پهرائي سگهي ٿو، ان طرح ٻيو ڪو به نه ٿو ڪري
سگهي.
ان ڪري ائين بهتر آهي ته تون منهنجيءَ تخليق کي ڏس. جي منهنجو
شعر پڙهندي توکي سچ پچ ائين محسوس ٿيو آهي ته
بيخوديءَ جي عالم ۾ مون ازلي حسن جون ڪجهه جهلڪيون
جهٽي ورتيون آهن، جي سچ پچ توکي ائين لڳو آهي ته
منهنجو آرٽ سچائيءَ ۽ سونهن جي مسلسل جستجو آهي،
ته مون لاءِ اهو ڪافي آهي. ۽ منهنجي زندگي هڪ ڪوڙي
ڪهاڻي آهي، اها ٻڌي ڇا ڪندين؟ منهنجي گهڙي گهڙِي
فريب آهي، پل پل دوکو آهي. مان ساري عمر رڃ پٺيان
ڀٽڪيو آهيان، ڪڏهن به اڃ نه لٿي اٿم. شايد باقي
زندگي به ڀٽن ۾ ڀٽڪندي گذرندي. توکي ان سراب کي
سمجهڻ جو سوداءُ ڇو ٿيو آهي. شعر، جي واقعي شعر
آهي، ته اهو حسن جي بيپناهه بارش آهي. تون ان مان
پياس ٻجهائي سگهين ٿو. مان ڳائڻ مهل خالق آهيان،
جيئڻ مهل مخلوق آهيان. بهتر آهي ته تون منهنجيءَ
تخليق کي ڏس _ مون ۾ ڇا رکيو آهي!
_ تنهنجو پنهنجو
سکر _ 1955ع
ادا،
تو پنهنجي خط ۾ عجيب تقاضا ڪئي آهي ته مان توکي چانڊوڪيءَ ۾
ويهي خط لکان. توکي شايد خبر نه آهي ته مون کي
چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. چانڊوڪي منهنجي نيڻن کان
ننڊڙي کسي وٺندي آهي، ۽ مان راتين جون راتيون چنڊ
پٺيان چارا رلندو وتندو آهيان. توکي شايد خبر نه
آهي ته چنڊ ۽ ننڊ اصل جا ويري آهن. چانڊوڪي اکڙين
کي اوجاڳا ڏيندي آهي. دلين جا دکڙا دکائيندي آهي.
مان ڪيئي راتيون نور ڀريءَ نيراڻ ۾ نهاريندو رهيو
آهيان _ ڪيئي ڀيرا سنسار جي سيني ۾ گهوري ڏٺو
اٿم. چانڊوڪيءَ ۾ مونکي هيءَ ڪائنات ڪنهن ڪوريئڙي
جو مهاڄار لڳندي آهي، جنهن ۾ انسان ڪنهن جيتڙي
وانگر ڦاسندو ڦٿڪندو نظر ايندو آهي. چنڊ آسمان ۾
ائين هلندو نظر ايندو آهي، گويا کيس ڪوئي ڪنڍي
وجهي ڪنهن ازلي منزل ڏانهن ڇڪي رهيو آهي _ مان به
پنهنجيءَ منزل جي تلاش ۾ هن جي پٺيان ڪيئي منزلون
طئي ڪري ويندو آهيان. ساري رات انهيءَ سفر ۾ طئي
ٿيندي آهي، ۽ منهنجن ڇپرن جي ڇانو ۾ پرهه ڪر
موڙيندي نظر ايندي آهي.
ادڙا، چنڊ مونکي ڪائنات جي ازلي اک وانگر لڳندو آهي،جا مون
ڏانهن گهوريندي رهندي آهي، ۽ مان پنهنجي خوف ۾
تارن ڀرين راتڙين جو سهارو وٺندو آهيان. اڄ به
اڻٽيهين اونداهي آهي ۽ مان توکي بتيءَ جي ڌيميءَ
جوت ۾ هيءُ خط لکي رهيو آهيان. شايد تنهنجي
زندگيءَ ۾ مان پهريون شاعر آهيان، جنهن کي
چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. پر، ان هوندي به منهنجي
شاعريءَ ۾ هر جڳهه چانڊوڪيءَ جو ذڪر آهي! ڇو؟ شايد
مون کي چانڊوڪي بيحد پياري آهي! شايد چانڊوڪيءَ ۽
ننڊ ۾ رقابت جو جذبو آهي _ تنهنڪري! ادڙا، مان هڪ
خسته تن ۽خسته دل انسان آهيان: مون کي ننڊڙي وڌيڪ
پياري آهي _ مون کي چانڊوڪي نه گهرجي _ مون کي
روشني نه گهرجي!
_ تنهنجو پنهنجو
سکر 1955ع
ادا،
هاڻي معاشي مصروفيتن مان مس مس فراغت ملي آهي، سارو ڏينهن
زندگيءَ جو ڳاهه ڳاهي آيو آهيان. نس نس ٽٽي رهي
آهي. معلوم نه آهي ته سارو ڏينهن ڪير ڳر ڪائي ويو!
وقت، هن ماحول ۾ ڪنهن ازلي ديو وانگر ٿو لڳي.
هينئر شام، چانهه وانگر نيرا نيرا پر پکيڙيا آهن.
چانهه، اسان جي تر جو مشهور پکي آهي، ۽ ان متعلق
ڏند ڪٿا آهي ته هو هميشه ڪنهن پارس جي تلاش ۾
هوندي آهي. مان جڏهن به شام کي چانهه سان تشبيهه
ڏيندو آهيان، ته نه فقط ان جي اڪيلائي جو احساس ۽
نيراڻ مائل رنگ ذهن ۾ هوندو اٿم، پر مان محسوس
ڪندو آهيان ته منهنجي هر شام به ڪنهن پارس جي تلاش
۾ هوندي آهي _ ڪنهن نامعلوم، نارسا هستيءَ جي
جستجو ۾، جا منهنجي ساهه کي سارو سون ڪري سگهندي!
اها جستجو ئي منهنجو مذهب آهي. وهمن وسوسن ۾ ويڙهيل مذهب،
منهنجي لاءِ من گهڙت جڙتو ڪهاڻيون آهن. فرقه
بنديون ۽ ظاهرداريون مون لاءِ خود فريبيءَ ۽ خدا
فريبيءَ کان گهٽ نه آهن. خشڪ اخلاقيات جي ڳالهه
منهنجن چپن تي هڪ شرارت ڀري مرڪ آڻيندي آهي. بهشت
دوزخ، گناهه ثواب، حرام حلال جي بحث تي ئي مون کي
کل ايندي آهي _ کل جا مرڪ ۾ اسرندي، ٽهڪ ۾ ڦهلندي
آهي؛ ۽ پوءِ ڪائنات کي وڻ _ ويڙهيءَ وانگر وچڙي
ويندي آهي؛ ۽ پوءِ ڪائنات هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ
تائين گونجندي رهندي آهي: منهنجا ٽهڪ زمان ۽ مڪان
جي سرحدن تي وڃي پڄندا آهن، ۽ منهنجا ازلي سوال
آسمان کان کنوڻين واگر کلندي پڇندا آهن، ”اي راز
ازل! مون تنهنجي پر اسرار هستي، چرندي پرندي محسوس
ڪئي آهي. مون توکي مکڙين جي خوشبوءَ ۾ سنگهيو آهي؛
چنگ جي آواز ۾ ٻڌو آهي؛ شفق جي ڀنل رنگن ۾ ڏٺو
آهي؛ معصوم حسينائن جي ملائم ڳلن ۾ ڇهيو آهي؛ شراب
جي ڪوڙيءَ ڳيت ۾ چکيو آهي. اي راز ازل! تنهنجو
احساس منهنجي وجود جي معنيٰ آهي، ۽ تنهنجو وجود
مون لاءِ معنيٰ جو احساس آهي. هي منهنجا همذات، هي
انسان، توکي ڇو نه ٿا محسوس ڪن! هنن کي ڪير ٿو
برغلائي؟ هيءُ ڪوڙين ڪهاڻين جو تاڃي- پيٽو ڪنهن
بڻايو آهي، جن ۾ هنن جو ذهن منجهي پيو آهي؟ هي
اڻواقف مون کي پنهنجي واقف سان واقفيت ڪرائي رهيا
آهن! اي راز ازل! تون ڪيترو نه حسين آهين، پر هنن
انسانن ، جو جامو توکي پهرايو آهي، تنهن ۾ به
ڪيترو نه قبيح ٿو لڳين! اي راز ازل! تنهنجي
ڪنواري، بي نقاب صورت ئي حسن ۽ حق جي معياري پسند
آهي.“ ۽ پوءِ ٽهڪ جهڪا ۽ ڦڪا ٿيندا ويندا آهن،
منهنجي منهن تان مرڪ گم ٿيندي ويندي آهي ۽ منهنجو
سر جهڪي ويندو آهي؛ ٽاهه ٽاهه ڳوڙها منهنجين اکين
مان وهندا آهن، ۽ مان هڪ گهڙيءَ ۾ ساريءَ انسان
ذات واسطي صدين جي عبادت ڪري ڇڏيندو آهيان. منهنجا
مٺڙا ڀاءُ، اهو آهي منهنجو مذهب جنهن جي ڄاڻ لاءِ
توکي ايتري چورا کورا هئي، ۽ جنهن لاءِ بار بار تو
پنهنجي گذريل خطن ۾ لکيو هو. انهيءَ ئي منهنجي
شاعريءَ کي جرڪايو آهي، انهيءَ جي ئي ڪري مان پاڻ
کي ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾ اڪيلو ڀائيندو آهيان، ۽
اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي ساريءَ مخلوق سان گڏ پرستش
ڪندو ڏسندو آهيان. ان منهنجي مذهب جا نبي يا ولي،
اوتار يا رشي ڪونه آهن؛ ان جا مصحف ڪتاب، پوٿيون
پستڪ ڪونه آهن: اهو فقط ٻن جهاتين، ٻن جهلڪن تي
بڻيل آهي _ شايد تون سمجهي سگهين ته هر جهاتيءَ ۽
جهلڪ ۾ ڪائنات جو ڪهڙو راز آهي!
_ تنهنجو پنهنجو |