سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام بلبل

صفحو :9

جلوه قدرت

هر بَرَ ۾ بازر ۾، هر بَحر ۾، هر بَنَ ۾،

هر جهنگ ۾ هر رنگ ۾،  جبلن ۾،

گلشن ۾، ڇا لاله ولونگن ۾، ڇا سنبل وسوسن ۾،

ڇا نرگس و نسرين ۾، سَبزن ۾ نخلن ۾:

ڇا غنچو ڇا گل آ، ڇا رنگ ته ڇا بو آه،

جلوو تنهنجي قدرت جو اي قادر هر سُو آه.

معشوق ۽ عاشق تون، تون شمع، تون پروانو،

محڪوم تون حاڪم تون، دانا به تون، ديوانو،

ڪِٿ عالم، ڪٿ صوفي، ڪٿ مشرب رندانو،

خسخانه هستي ۾ ڄڻ، جلوه مستانو:

جا شئي ٿي چئي مان مان، سا ”تون تون“ هو هو آهه،

جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادر! هر سو آ.

ڪنهن عشق جي ڪوچي ۾، رستو نه هجي تنهنجو،

ڪنهن آئنه دل ۾، نقشو نه هجي تنهنجو،

سا دل نه هجي، جنهن ۾، جلوو نه هجي تنهنجو،

سا اک نه هجي، جنهن ۾، غمزو نه هجي تنهنجو:

ڇا زشتي ۽ ڇا خوبي، ڇا خواهش ڇا خو آهه،

جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادرا هر سو آهه.

هستيءَ ۾، مستيءَ ۾ ڇا وحدت و ڪثرت ۾،

ڇا ذلت و عزت ۾، ڇا عيش و عشرت ۾،

دولت ۾، نڪبت ۾، سيرت ۾، عسرت ۾،

عبرت ۾، فطرت ۾، غيرت ۾، حيرت ۾:

ڇا مومن ڇا هندو، ڇا بهمن و بابو آهه،

جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادرا هر سو آهه.

هر اسمي، هر جسمي، هر رسمي، هر جَس ۾،

هر ڪُو ۾، هر سُو ۾، هر راهه ۾، هر گَسِ ۾،

هر وَسَ ۾، بيوَس ۾، هر ڪَس ۾، ناڪَسَ ۾،

هر رنگ ۾، هر سُر ۾، هر تانَ ۾، هر رَس ۾:

ڇا توب جي ڌان ڌان، ڇا بندوق جي ڌوڌو آهه،

جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادرا هر سُو آهه.

 

ذات الاهي

الاهي، نڪته دانِ علم و دانائي، هنر تون آن،

خدايا نطق آرائي، زبانِ هر بشر تون آن،

سُخَن پرداز، جان پرور، حڪيم نڪته ور تون آن،

رکي بس روح جو رايو، انهيءَ ۾ جلوه گر تون آن:

مه و خورشيد ٻَئي روشن دلائل، تنهنجي قدرت تي،

گواهي ٿو ڏئي، ذرّي ۾ ذرّو، تنهنجي صنعت تي.

زماني کان ٻڌو آ مون، زمين تنهنجي، زمان تنهنجو،

فلَڪ تنهنجو، ملڪ تنهنجا، بشر تنهنجا، جهان تنهنجو

سَمَڪ کان تا سَما اي صانع ڪون و مڪان تنهنجو،

سريرِ عرش تنهنجو، فرش تنهنجو لامڪان تنهنجو:

ابد کان تا اَزَل هوندين، اَزَل کان تا ابد تون آن،

الاهي ساري عالَم ۾، احد تون آن، صَمد تون آن.

 

تون آن

عالم الغيب، اي خدا تون آن،

خالق الارض و سلما تون آن.

ساري عالم جي مدّعا تون آن،

نيڪ و بَد سڀ جو دلربا تون آن.

تون آن سرمو ۽ تو تيا تن آن،

رنگ تون، غازه تون، حنا تون آن.

داغ تون، درد تون، دوا تون آن،

زيست تون، مرگ تون، قضا تون آن.

عسر تون، يسر تون ، غنا تون آن،

فقر تون، فاقه تون، سخا تون آن.

ناله تون، آهَ تون، بُڪا تون آن،

هست تون، حيّ تون، بقا تون آن.

ويڄ تون، سور تون، شفا تون آن،

ناز تون، سور تون، شفا تون آن.

 

حمد

هر وقت حمد گهرجي، اي ذوالجلال تنهنجو،

قدرت جو ڪارخانو آهي، ڪمال تنهنجو.

هرهڪ صفت ۾ آهي، ذاتي ظهور ظاهر،

ساري جهان ۾ آهي، جلوو جمال تنهنجو.

سو سَر نه آهه، جنهن ۾، تنهنجي ڪشش نه آهي،

سا دل نه آهه جنهن ۾ ناهي خيال تنهنجو.

جنّت چون ٿا جنهن کي، جيڪو ٻجهي جهنّم،

 

     هو آ جمال تنهنجو، هي آ جلال تنهنجو.

     معبود، عبد وچ ۾، هستي، حجاب آهي،

                            پردي ۾ بحر جي آ، گويا وصال تنهنجو.

قالب ۾ نقد جان، آ، دل ۾ متاع ايمان،

هو ڀي سندءِ امانت هي ڀي آ مال تنهنجو.

دبرو حرم ۾، شيخ ۽ زنار بند کي سودا،

قاريءَ کي قال تنهنجو، صوفيءَ کي حال تنهنجو.

ادراڪ کان منزه، آ ذات پاڪ تنهنجي،

ڪونهي مثال ۽ مَٽُ، اي بيمثال تنهنجو.

رزاقَ رزق سڀ کي، ٿو ريءَ گهرئي رسائين،

سڀ جو سوال تو کي، سڀڪو عيال تنهنجو.

اهڙو سخي جو بخشي، بديون، بلا عوض ٿو،

سو ڪئن سڻي نه سائين، ”بلبل“ سوال تنهنجو.

 

ياد الله ڪر، دم بر دم

رک وحدت جو عشق خرم،

ڄاڻ صفات کي ذات ۾ ضِم،

سارو عالَم، آهه عدَم،

ڪنهن جي شادي، ڪنهن جو غم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

هر دم، هر جا، هو حق ڄاڻ،

آڻِ نه وچ ۾ پنهنجو پاڻ،

اسم جسم جي تانهه نه تاڻ،

وصل فصل جو لاهه وَهم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

واجب آهي، هيڪ وجود،

ممڪن ناهي، ٻيو موجود،

سو ئي عابد، سو معبود،

سوئي قطرو، سو ئي يَم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

وحدت مان ٿي ڪثرت بازي،

غير نه ڀانئج، ڪوئي غازي،

صانع جي ڪل، صنعت سازي،

قدرت جو ڪل آهي ڪم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

تون ۽ مان جي وارِ نه وائي،

سڀ ۾ آهي ذات سچائي،

ايڪو ايڪ نه ٻول ٻيائي،

هر ڪو آهي، حق سان هم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

 

آدم، سِر الاهي آهي،

حاصل منصب شاهي آهي،

تو ۾ حق آگاهي آهي،

دل جو اعلى عرش آتم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

ناڪس آهين، منجهه ناسوت،

منزل ماڻِ وڃي ملڪوت،

لوڪ لتاڙي، لَهُه لاهوت،

قابو قابو کڻج قدم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

جسم ۾ سور نه رهه محدود،

بيوس، بيڪس، بي مقصود،

مَلڪن جو تون آن مسجود،

ايڏو توتي قرب ڪرم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

”بلبل“ آهين، پل، مهمان،

تنهنجو هي نه مڪان، زمان،

اصل وطن جو ڌار ڌيان،

فڪر فنا جو رکج فهم:

ياد آلهَ ڪر، دم بر دم.

 

نعت سرور ڪائنات

(شان رسالت)

تضمين بر غزل قدسي رحه

مشڪ، عنبر سان مليان وات نه ٿئي پاڪ تَبي،

اسم اَطهر جو وٺڻ آهه، بخود، بي اَدبي،

بِسم  الله ڪري، وصف، ڪريمَن جي ڪَبي:

مرحبا، سيّدِ مڪّي، مَدَني العَرَبي،

دل و جان باد فدايت، چه عجب خوش لقبي.

سنهن سيّد جي سڃاڻي نه ڪو، قادر جو قَسم،

حسن ۾ حضرتِ يوسف نه هنيون، حورن دَم،

منهنجي خواجي تي خدا، خوبِي ڪئي، ختم ۽ تَم:

منِ بيدل به جمالِ تو عجب، حيرانم،

الله الهه، چه جمال است، بدين بوالعجبي!

ذات تنهنجيءَ ۾ ظهورو آ سڄو نورِ خدا،

ڪيئي حيران، هَڄي ويا ته هئي حڪمت ڇا؟

ڪن ڄاتو آ، اوهان کي ۽ خدا کي نه جدا:

نسبتي نيست، بَذاتِ تو بنِي آدم را،

 

نورِ وحدت سان جُڙي آهه سندءِ پاڪ سرشت،

ساري اُمت جي خبر تو کي هجي، زيبا، زشت،

دستِ قدرت ۾ ڏنئي داوَرَ، دوزخ ۽ بهشت:

شبِ معراج، عروجِ تو از افلاڪ گذشت،

به مقامي ڪه رسيدي، نه رسد هيچ نبي!

قربِ قادر جو اُتي جامَ، جتي تنهنجو قيام،

سورَ، تن دور ٿيا، جيڪي ٻيا تنهنجيءَ سام،

وسَ وسنديون ٿيون، چوڌار، سندءِ ڄائي ڄام:

نخل بستانِ مدينه، ز تو سرسبز مدام،

زان شده شهره آفاق، به شيرين رطبي.

تو ڪيو مُلڪ منور، ڪري ضايع ظلمات،

هَٿَ ۾ تنهنجي اي هادي، ٿي نِڪارن جي نجات،

عاصين کي به ڇڏائيندين، ڏهاڙي عرصات:

ما همه تشنه لبانيم تو ئي آبِ حيات،

رحم فرما ڪه ز حد مي گذرد، تشنه لبي.

عشق محمد

(تضمين بر غزل مولانا جامي رحه)

عشق احمد جي جنهن چوٽ چکي، چاٽ چَٽي،

سو ڇٽو غير غمن کان پيو منجهه، عين عشي،

بَر وڻڪار ۾ ووڙيندو وتي، جئن وحشي:

لي حبيب عربي، مَدَني قُرَشي،

ڪه بود درد و غمش، مايه شادي و خوشي.

هي آٿم آسون اميدن ته مديني ۾ مران،

گهور گهايل کي ونهيون گهوٽ گهرائيندو گهران،

سَو ڪوهن تي رهي سن ۾ ڳاراڻي ڳران:

گرچه صد مرحله دور است به پيش نظران،

وجههَ في نظري، ڪلّ غدات و عَشي.

بات ۽ تات توهان جي ٿي رهي، ڏينهن ۽ رات،

ڪين ڍاپي ٿو تنهنجي ڳالهه ڳڻڻ، وائي وات،

قول ۽ فعل اوهان جو آ مٺا، قند و نبات:

مصلحت نيست مرا سير، ازين آبِ حيات،

ضعف الله، بِه ڪلّ زمان عطشي.

رمز راحم جي رسالت جي رڳي آ رحمي،

قرب ڪامل جي قدر جي نه ڪنڌي ۽ نه ڪمي،

خاصيت ان جي پروڙڻ نه خيالي، وَهمي:

اتي خاموش ٿو هر ڪو رهي، عاقل، فهمي،

فهم رازش نه ڪنم، او عربي، من عجمي.

 

آهي ”بلبل“ کي سفر سنڌ سندو، باري بند،

جي ڪرم سان ڪري قرب اچين، ڪاٽين ڪمند،

ته وڃي شال ٿيان، پنهنجي پرين سان پيوند:

”جامي“ اربابِ وفا، جز رهِ عشقش نه روند،

سر عبادت گر ازين راه، قدم باز ڪشي.

رسول الله

مخمس بر غزل خسرو رحه

آڻيان سڄڻ جي شعر ۾، تنهنجي سراپا سرسري،

سارهَه سندي سوداءَ ۾، هيءَ عمر مون ويندي ڳري،

ته به ان منجهان هڪڙي ذري، پوري نه ٿي مون کان وري:

اي چهره زيباي تو، رشڪِ بتانِ آ ذري،

هر چند و صفت مي ڪنم، ليڪن ازان بالاتري.

مون ساري عالَم ۾ ڏٺا، سهڻا چتائي سربسر،

سڀ نازنين، ناز آفرين، نازڪ بدن، نازڪ نظر،

نقاش قدرت جا ڏٺم، نقشا مڙيئي نادر، مگر:

هرگز نيارد در نظر، نقشي ز رويت خوبتر،

شمسي نه دانم يا قمر، حوري نه دانم، يا پري.

جاني هلين ٿو لوڏ مان، لٽڪي چليين ٿو لاڏ سان،

سايه مثل آن ٿو ٿيان، بي ساهه، بيتاب و توان،

بيهي ته ٻُڌ منهنجو بيان، سائل ٿو مان سِڪندو وَتان:

اي راحت و آرام جان، باقد چون سر وِ رِوان،

ازمن مرو، دامن ڪشان، ڪه آرامِ جانِ مَن بَري.

درياءُ وحدت جو هي، دل ۾ اهو نالو -  ندي،

ٿيو ذات واحد پاڪ مان، نروار نورِ احمدي،

جو ذات ان ۾ گم ٿئي، سالڪ ٿئي سو سرمدي:

من تن شدم، تو جان شدي، من تن شدم، تو من شدي،

تا ڪس نه گويد، بعد زين، من ديگرم، تو ديگري.

جلوه مصطفائي

رخِ نور، جلوه مصطفى هو،

خدا جو نورِ جلال هو،

جو تمام خلق ۾ ٿيو عَيان،

هي ڪمان ان جو ڪمال هو.

تنهنجي ذبح ۾ به اي ذي فنون،

لٿي پياس منهنجي ٿي حلق جي،

ڇا نه آب تنهنجي هو تيغ جو،

اهو آب، آبِ زلال هو.

 

تنهنجي شوق ۾ مان ته روز و شب،

روئندو رهيس، جهُرندو رهيس،

سڄو ڏينهن رنج و ملال هو،

سڄي رات شوقِ و صال هو.

جڏهن عشق تنهنجي ڪيو اثر،

نه رهي آ غير جي ڪا خبر،

نڪو جذب هو نڪو وجد هو،

نڪو تال هو نه ڌمال هو.

تنهنجو آهي ”بلبل“ بي نوا،

رهي ان تي تنهنجو جي هَٿ شَها،

ٿئي شاهه ملڪ جو سرو را،

جيئن عبد، تنهنجو بلال هو.

رحمته اللعالمين

جو آيو رحمته اللعالمين، رحمت، جهان بنجي،

ظهور و ذاتِ حق جو ٿيو، نِهان بنجي، عيان بنجي.

مٿن هي دين ٿيڳو آتمم ۽ هي اسلام ٿيو ڪامل،

ڪيائين مشڪلون آسان، امن بنجي، امان بنجي.

جڏهن زيبِ زمان اسهيا، اُڀن تي، سيَر جي ڪارڻ،

تڏهن ڇا ساز ۽ سامان سان ويا آسمان بنجي.

شبِ معراج جي محفل، ملهائي مالِڪن ڏس ڪيئن،

محمّد ميهمان بنجي، ته مولا ميزبان بنجي.

پڇان نئي پار پيغمبر، حجازين سان ملان هڪر،

جوان بنجي، توان بنجي، روان بنجي، دوان بنجي.

رهان جي رب، حَرم نبوي ۾ حاضر، دَمَ حياتيءَ جا،

ته خاڪِ آستان بنجي، منجهان سلڪِ سگان بنجي.

اوهان جي مدح خواني جي ته صدقي، بي ثَمَر ”بلبل“،

ويو شيرين بيان، طوطي زبان، شڪَر دهان بنجي.

شاهه رسالت

محمد ميرِ مجلس، مالڪِ هر دو سرا آهي،

شهنشاههِ رسالت، شافعِ روزِ جزا آهي.

مٺي محبوب مدني جو پسي هي مرتبو عالي،

خدا مطلوب مڙني جو، هو مطلوبِ خدا آهي.

ڏسي محراب ابرو کي، ڏين سجدا جي سڪ وارا،

ته ڇا آهي، روا آهي، سزا آهي، بَجا آهي.

سندن سڪ سوز فرقت ۾، دمادم درد، غم دل جو،

عطا صحّت صفا آهي، دوا آهي، شفا آهي.

 

اسان جي مير مرسل وٽ، سدا گڏ چئن يارن سان،

          وِلا آهي، وَفا آهي، حيا آهي، سخا آهي.

گدائي بي نوا ”بلبل“ سندي، داتا سندءِ  در تي،

ندا آهي، صدا آهي، دعا آهي، ثنا آهي.

تمنائي دل

هر دوسرا ۾ شاها! شان خدائي گهرجي،

مولا مدد ۾ منهنجي، ڪم مصطفائي گهرجي.

ڪوڙ و ڪَچو، ڪمينو، آهيان ڪثيف ڪاهل،

صدقي، صديق اڪبر، صدق و صفائي گهرجي.

عادل عمر جو آهي، مون کي اجهو امن لئي،

صاحب حيا جي حرمت، حلم و حيائي گهرجي.

ڪمتر کي ڪنهن به ڪم ۾، هرگز پوي نه مشڪل،

بهر علي، وليءَ جي، مشڪلڪشائي گهرجي.

در پنجتن جو پينو، پاڄي گهري ٿو پاکر،

تنهن لاڳَ ۾ لنگهي کي، عفوو عطائي گهرجي.

گذري آ منجهه گناهن، سڀ عمر وئي اجائي،

آڏو ڪريم ڪهڙي، ڪنهن جي ڪمائي گهرجي.

آهي نه ڪم ڪريمن، ڪنهن جي عمل ڏسڻ جو،

حرف و حساب کان بس، راحم، رهائي گهرجي.

در مصطفى جي دائم، ”بلبل“ گدائي گهرجي،

محبوب تنهن مِٺي جي، مدحت سرائي گهرجي.

مولود شريف

معراج هليو، سر تاج نبي، ڪري ويس وڳا، وه واهه بَنو!

جبريل ٿو صدقي صدقي چئي، اڄ صلي على، وه واه بَنو!

بيٺا مَلڪ فلڪ جا قطار ڪري،

نِويِن، دُرج گهُرَ جا نثار ڪري،

هڪٻئي کي چَون، جيءُ جانِ فِدا:

اي نورِ هدا، وه واه بَنو!

جي ڪُل مُرسل موجود هئا،

آدم کان وٺي تائين عيسى،

جنهن جنهن ٿي ڏٺو، تنهن تنهن ٿي چيو:

محبوبِ خدا، وه واه بَنو!

تو قاب قوسين جو قرب لَڌو،

۽ ادنى جو اسرار آڏو،

اُپت پردو کڻي حق هيئن چيو:

 

منهنجو ماهِ لقا، وه واه بَنو!

گلزار خدائيءَ جو گُل گُل،

مقصود مڙين، مخلوق جو ڪُل،

تنهنجو مدح سرا، مسڪين ”بلبل“:

بلبل جي صدا، وه واه بَنو!

خاتم النبييّن

ٿيو ختم النبي خاتم، نبوت هئي ته اهڙي هئي،

مڙين مخلوقن تي مرسل، رسالت هئي ته اهڙي هئي.

سڄو رحمت مجسّم هو، شهنشه شافعِ محشر،

جي رحمت هئي ته اهڙي هئي، شفاعت هئي ته اهڙي هئي.

ته ان جي گلبدن کي مِس ڪيو مَک، ڪين پيو پاڇو،

لطافت هئي ته اهڙي هئي، نزاڪت هئي ته اهڙي هئي.

ڇڏايو سڀ ڇِيَن ۽ آفتن کان پنهنجي اُمت کي،

نيابت هئي ته اهڙي هئي، سفارت هئي ته اهڙي هئي.

وَتَن ٿا حسن تي حيران مَلَڪ، جن و بشر، حيوان،

جمالت هئي ته اهڙي هئي. ملاحت هئي ته اهڙي هئي.

ٿيا قرآن جي تنزيل کان، فصحا، عرَب قائل،

فصاحت هئي ته اهڙي هئي، بلاغت هئي ته اهڙي هئي.

سچو اسلام ۽ سابق خليفو، اوّل و اعظم،

جي سبقت هئي ته اهڙي هئي، خلافت هئي ته اهڙي هئي.

فرار ابليس هو فاروق کان، فرقان هم رائي،

جي حشمت هئي ته اهڙي هئي، فراست هئي ته اهڙي هئي.

غنيءَ جي مال جي منّت، مڃي ٿي مصطفى هر دم،

جي دولت هئي ته اهڙي هئي، سخاوت هئي ته اهڙي هئي.

عزازت، علم و حڪمت ۾ هئو، حضرت علي اڳرو،

جي عظمت هئي ته اهڙي هئي، عزازت هئي ته اهڙي هئي.

ٿيا سردار شهزادا، شباب اهل جنّت جا،

جي عزت هئي ته اهڙي هئي، بشارت هئي ته اهڙي هئي.

صحابي ڪُل سچا سردار جا، اڳواڻ اُمت جا،

محبت هئي ته اهڙي هئي، صحابت هئي ته اهڙي هئي.

ائمه دين جا لائق، چڱائي چارئي، سچار رهبر،

جي ملت هئي ته اهڙي هئي، امامت هئي ته اهڙي هئي.

وليّن ۾ وڏو اڪمل، محيّ الدين ميران آهه،

 

ولايت هئي ته اهڙي هئي، ڪرامت هئي ته اهڙي هئي.

ٻهاريدار روضي جو، وڃي ٻيلي ٿئي ”بلبل“،

         جي خدمت هئي ته اهڙي هئي، شهامت هئي ته اهڙي هئي.

غزل نعتيه، فارسي

شهره حسن تو از عالمِ افلاک گذشت،

زان به ميزانِ فلڪ، زهره شرمناک گذشت.

اَن مهِ حسن، شبي بر اسپِ ناز سوار،

صيد دلهاي، بتان، بسته به فتراک گذشت.

کس نه ديدم ز دليرانِ جهان شير صفت،

که گه از کوچئه آن قاتلِ بي باک گذشت.

بر سرِ کويِ تو، اي ماهِ لقا گاه به بين،

آن که ديوانه تو، دامنِ صد چاک گذشت.

”بلبل“ شاد کنون باش که درکشورِ عشق،

دستِ همت، تو چواز جان، سرِ افلاک گذشت.

ديدار مدينه

(اردو)

هي ميري دل کي تمنا که مدينه ديکهون،

خاتمِ ختم رسالت ڪا نگينه ديکهون

در پي سگهائي حرم، ساتهه زمين پر سو کر،

جيتي جي رفع سماوات ڪا زينه ڪا ديکهون.

کنکريان، آنکهه کي پلکون سي رکهون چن چن کر،

خاکروبي سي خدائي کا خزينه ديکهون.

اي ميري مالک مولا، مين ڊوبا جاتا هون،

بحرِعصيان سي شها، پار سفينه ديکهون.

گلشنِ کوئي حرَم مين هو مزارِ ”بلبل“،

آرزو هي که وهان، اپنا دفينه ديکهون.

قصيده تضمين، برقصيده عربي،

در نعت

حضرو سرڪار ڪائنات

کا الشمس بضو صباحتہ، کا القمر بحسنِ جمالتہِ،

الصبّح بدا مِن طلعتہ، ولَّيل دَجى منَ و فرتہ.

آن بِحرِ عطا، آن بحرِ سخا، آن نورِ خدا شہِ ارض و سما،

فاقَ الرّسلا، فضلاً و عُلا، آهدي السبلا لِدَلالَتہِ.

آن والي هر عربي عجمي، آن حاکم بر، حربي و ذمِي،

ڪنزالکَرَمِ، مولا النعمِ، هادي الامم، لِشَريعتہِ.

با شرف و کمال و جمالنبي، محبوبِ خدا، امّي لقبي،

ازکَي النّسبِ، اَعلي الَحَسبِ، کُلّ العَربي في خدمتہِ.

آن سيّد و سرورِ جنّ و بشر، اکسير نظرِ، اعجاز اثر،

 

سعتِ الشَجَر ونطق الحَجَر و شَقُّ القَمَر وَ  باشارَ تہِ.

آن شاهِ رسالت ماهِ هدا، آن شافعِ نافعِ روزِ جزا،

نال الشّرفا وَ للهُ عفى، عَمّا سَلَفا، مِن اَستِہِ.

لولاک لما کشِ تاجِ لوا، معراج عطا، شد قرب لقا،

جبريل اتى، لَيلة اَسرى، و الرّبُّ، دَعاه لِحَضرتہِ.

لَيِتُبَلّغِ ”بلبل“ مَد حَتنا فِي شَرفِ حضورِ وسيلَتنِا،

وَ مُحمّدِنا، هُوَ سَيِّدُنا، فالعِزّلنا لاِجابَتہِ.

خاتون جنت

(سرائڪي)

يا بنت نبي، خاتون جنت، تون خاص ڪنيز الاهي،

تيڪون آپ خداوند بخشي، ڪلّ عالم دي شاهي،

حور و قصوران، تابع تيڏي، ماه ڪنون تا ماهي،

ملڪ امين خدا دا ڏيندا، عظمت دي آگاهي،

ٿي آيت تطهير تسان تي، خلقت خاص خدائي:

صدقي صدقي، سانئڻ ٿيوان، پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

ڪيا انسان بيان ڪري، اي شوڪت شان تساڏا،

خلق ڪنون، اڳ خلق ڪيتا، رب، نور نشان تساڏا،

جن ملائڪ، حوران اتي ڀي هئي احسان تساڏا،

”فاتح“ تون، ”والنّاس“ توڻين، قرآن بيان تساڏا،

ختم نبوت والي، خاتم، توڙ تسان تي آئي:

صدقي قدقي، سانئڻ ٿيوان پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران، بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

جنت، نعمت، طوبى، ڪوثر، ثمر تساڏي حب دا،

چاهو جنهن ڪون پل وچ بخشو، راز تسان، سڀ رب دا،

تون سرڪار نبي و علي دي، او شافع امت سڀ دا،

حوّا، مريم، فخر ڪرينديان، تيڏي نام نسب دا،

بنت رسول، بتول تساڏي، عزت، پاڪ، وڌائي:

صدقي قدقي، سانئڻ ٿيوان پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران، بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

بابا تيڏا، بيشڪ سانئڻ، افسر سڀ انبيا دا،

خير بشر تي شافع محشر، پيارا دوست خدا دا،

شوهر تيڏا، شير خدا دا، صاحب علم و سخا دا،

عقده ڪشا اي، راه نما اي، فخر سڄي فقير دا،

ڏون شهزادي، ٻيٽي تيڏي، والي جنت ڄائي:

صدقي قدقي، سانئڻ ٿيوان پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران، بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

جنت دي جاگير ملي، سرسبز تي باغ بهاران،

صحنِ چمنِ گل گلشن دي وچ، رهن سدا گلزاران،

”بلبل“ باغ محبّت دي وچ، پَڙهن درود هزاران،

 

ارض ڪنون افلاڪ توڻين، بوفيض ديان هٻڪاران،

ٿئِي شفاعت، شامل تيڏي، شڪر ڪري هر ڪائي:

صدقي قدقي، سانئڻ ٿيوان پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران، بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

بحر جهان وچ، حبّ تساڏي ٻيڙي وانگي تاري،

جيڪو چڙهيا، موج گنهه تون پهتا بيشڪ پاري،

حيف النهادي حال اُتي، جو منڪر هِنِ مرداري،

الفت والي شاد هميشان، دشمن سڙن سدائي:

صدقي قدقي، سانئڻ ٿيوان پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران، بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

ظاهر باطن روشن تيڪون، امت دا احوالي،

بيبي سانئڻ، بابل تون ڪر، پارت، رب دي نالي،

ڪوئي رفيق، شفيق ته جڳ وچ، نا ڪوئي محرم والي،

ٻاجهه تساڏي بيشڪ بيشڪ، سختي وچ سنڀالي،

سوا جناب تساڏي، ٻِي ڪا  راهَ نه سجهندي ڪائي:

صدقي صدقي، سانئڻ ٿيوان، پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران، بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

اي بحرِ ڪرم رک لاڄ شرم، مين تيڏي در تي سوالي،

عالي هي سرڪار تساڏي، ڪوئي نه آوي خالي،

ڪر مقبول، رسول دي صدقي، مدح ميڏي في الحال،

دهري ڏاڻ ڏيوو سگِ در نون، دين و دنيا دي والي،

نا ٿيوان محتاج ڪهين دا، رکّو دامن لائِي:

صدقي صدقي، سانئڻ ٿيوان پاڪ نبي دي ڄائي،

گهِن خبران، بردي در دي ديان، حسن حسين دي مائي!

اصلاحي شعر و شاعري

جذبات عرفاني

ڪڏهن جذبات عرفاني، نه ڪنهن جاهل ۾ رهندا ، هِن،

مگر هي، قال ۽ احوال، ڪنهن قابِل ۾ رهندا، هِن.

نه ڪائي چيز دنيا ۾، چڱاِءَ کان هجي خالي،

هي نظارا نوان، بس، ديده ڪامل ۾ رهندا، هِن.

هُنَر يا فنّ سان، فوٽو گرافر ڇا ڪڍي سگهندو،

تصّورَ هي، دماغِ شاعر و فاضل ۾ رهندا، هِن.

جنين کي خبط آهي، خال و خط، ابروئي خوبان جو،

اهي شاعر سدائين، خنجرِ قاتل ۾ رهندا، هِن.

خوديءَ ۽ خود نمائيءَ کي ته مردانِ خدا ڪڍندا،

جي دانسته ۽ ديده صورتِ سائل ۾ رهندا، هِن

خدا رزّاق آهي، ڪڍ تون ”بلبل“ فڪر روزيءَ جو،

 اهي ڀي پيٽ ٿا پالين، جي آب و گِل ۾ رهندا، هِن.

 

سير و سياحت

دنيا جا دورَ دادا، گهر کان نِڪرُ ته ڏسندين،

هر ملڪ جا تماشا، گهَر کان نِڪرُ ته ڏسندين.

آهي سفر وسيلو، ڇا فتح ڇا ظفر جو،

پڻ سيرَ تن ۾ صدها، گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

عالم سندا تماشا، ڪن جي ته لاءِ آهن،

صحرا ۽ ڪوهه، دريا، گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

هر ملڪ جي ترقي، هر عهد جي حڪومت،

زر، زور، زشت و خوبا، گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

هر ملڪ جي ترقي، هر عهد جي حڪومت،

زر، زور، زشت و خوبا، گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

هن وقت ۾ سياحت، هڪ امر لازمي آهه،

ان جي طلب، تقاضا، هڪ امر لازمي آهه،

ان جي طلب، تقاضا گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

ڇاڇا ترقيّن جا اسباب ٿيا جهان ۾،

واپار، سلف، سودا، گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

ڪل ڪائنات جا ڪم، قدرت سندا ڪرشما،

گهَر ويٺي ڪين ڏسبا، گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

جيسين نه ڪڍندين، تيسين نه مرد ٿيندين،

مردن سندا معرڪا، گهر کان نِڪر ته سندين.

بيڪار ويٺي ويٺي، ڪجهه ڀي نه ٿيندو ”بلبل“،

باغ و بهار بابا، گهر کان نِڪر ته ڏسندين.

 

 

آفتاب عالمتاب

واهه پيارا، سج سونهارا،

چمڪن تو کان، چنڊ ۽ تارا،

عالم جا هِن تو سان آرا،

ڪم ۽ ڪاريون، سارا يارا:

تو سان سونهي، سارو منڊل،

تون آن هنٽر، تون آن، هنڊل.

هندو، مجوسي، ٻئي پوڄاري،

تو کي ليڪن، ڪٿ اختياري،

آهين تون هڪ، ڪرهّ ناري،

 

         ڳورو ڳورو، باري باري:

تو ۾ خاص، خواص، رکايل،

چڪرّ، ڦيرا، گهُمرا، منزل.

پوکون توکان، اُپجن نپجن،

ڦل ۽ ميوا، رَسَ ۾ رچَن،

نينگر ڏسندي، تو کي خوش ٿين،

ڊوڙن، ڊڪن، نچن، ٽپن:

تنهنجي حرڪت ۾ آ برڪت،

ڪم ۽ ڪاريون، ڪثرت، ڪثرت.

واهه ڙي سورج تنهنجي طاقت،

تنهنجي همت، تنهنجي شوڪت،

تنهنجي گرمي، تنهنجي حدّت،

اُس ۾ تنهنجي ڪوسِي شدّت:

تو کان روشن جڳ آ سارو،

تنهنجي دشمن جو منهن ڪارو.

جاتي تنهنجو تڙڪو ناهي،

تاتي گند ۽ گچ مچ آهي،

مونجهه مرض ات آيا ڪاهي،

بانس، بڙانس نه ويندي گاهي:

تنهنجي تابش، آهي تازي،

سڀڪو تو کان، راضي بازي.

تون انڌاري دور ڪرين ٿو،

ڪارنهن ڪل ڪافور ڪرين ٿو،

سارو عالم، نُور ڪرين ٿو،

ماڻهن کي مسرور ڪرين ٿو:

اڀرڻ سان ٿو مچ مچائين،

ننڍا وڏا، ناچ، نچائين.

اڃا نڪتي تنهنجي سيلي،

جاڳي سائين، ٻانهون ٻيلي،

هئي هئي ٿي وئي، مهل اويلي،

گهوڙا گهوڙا، علي، عيلي!

اٿو اٿو ، جاڳو جاڳو،

ڊوڙو، ڊوڙو، ڀاڳو ڀاڳو.

تو سان آهي، هي جڳ جاري،

بادل، باري، باغ بهاري،

سبزي، ساوڪ، گل گلزاري،

تنهنجي منهنجي آهي ياري:

 

تو کان تازا سوسن سنبل،

مون کان موزون، ”آهِ بلبل“

صبح جو ويلو آ اربيلو،

سهڻو سهڻو سهج سويلو.

جاڳي جاڳي، گابر، گاگن، گيلو،

ٻانڀڻ، ملا، چاڪر، چيلو:

وڄندا گهنڊ گهڙيال نفيلون،

ٻانگ صلواة جون ٻڌجن زيلون.

رات

واه ڇا رات جي آيات، بيانات ڪيئي،

شبِ ظلمات جي هر بات کي اثبات ڪيئي.

سڀ حسنات ۽ سيئات کي عرفات ڪيئي،

منجهه طلسمات، خيالات، ڪرامات ڪيئي.

ڇو نه پو چئجي، ته ”بلبل“ هي نواخانيءَ ۾،

سيّدالشعراءِ، سيّد کي سخندانيءَ ۾ (1)

 

احساس ملت

ڪنهين کي اڄ ڪشش قومي ڪمن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي،

دلين ۾ آههِ جيڪ، سا دَهن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.

بنائڻ قوم کي اسلام جي احڪام تي قائم،

مڻيا، اهڙي مسلمان جي مَنَ ۾، ڪا نه ٿي ڏسجي.

سچي تحريڪ، تهدل سان هجي، جا قوم جي ڪارڻ،

نه ڪنهن اخبار ۾ يا انجمن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.

نه پيرن ۾ رهي پيري، نه فقرا ۾ فقيري آهه،

عمل ۽ بي ريائي، عالمن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.

وڏيرن کي هجي وائي، رڳو ڪوڙيءَ وڏائيءَ جي،

اها انصاف جي اک حاڪمن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.

اچي ڪيئن موعظة بالحنسة وَ حڪمہ، ڪرڻ هاڻي،

اها وائي، سچائي واعظن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.

جي دنيا سان رکي دل، دوستي ٿا دين جي وڪڻن،

محبّت پنهنجي ملّت جي، مُلَن ۾ ڪا نه ڏسجي.

ويا حڪمت هلائي، طمع جا جي ڪين ها طالب،

شفا تن جهڙي، اڄ ڪنهن جي هٿن ۾ ڪا نه ڏسجي.

ٿي آهي جوٺ سڀ جوتش، سر تي ناههِ ساڌن ۾،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org