تڪميل تي پهتي آهي. ان سلسلي ۾ دل کي خطاب نظم جو
هڪ شعر ڏنو:
دنيا کي ڪيئي ترڪ ته جائز نه طمع مال
کيسا نه ٻُڌاسون، فقراءَ جي ڪفنيءَ ۾.
مطلع اٿس:
اي دل تون مسافر آهين، دنيائي دني ۾
آ لطف وطن ڪهڙو، غريب الوطني ۾.
اتفاق ۽ اتحاد، هڪ پائمال مضمون آهي.
’بلبل‘،’جماعت بندي‘ نظم ۾ ان کي به دلاويز ۽
رنگين رنگ ۾ آندو آهي، هڪ بند آهي:
جي ڪنهن جاءِ، اسلام جي الجمن آه،
ته او نور و عرفان جو گويا چمن آ
اها رسم ٿي، پارسائي ڪُهَن آ،
جماعت، هدايت جو حبل و رسَن آه.
هي مسلم کي الفت جو فرمان آهي،
اسان جو اهو دين و ايمان آهي.
حبل و رسن ۾، و عتصموا، بحبل، الله جميعا، جي
تلميع آهي.،جا دلپذير آهي.
انسان ۽ ان جي فطرت، حواس خمسه ۽ انهن جي استعمال
تي جا نظم آيل آهي، سا به نئين رنگ ۽ ڍنگ جي آهي.
حواس خمسه هن طرح بيان ڪيا اٿس:
اسان جو باصره، حيرت فزائي عقل و حڪمت آهه،
اسان جو ذائقو، عبرت فروش، عام نعمت آهه
اسان جو ناطقو آ، يا ڪليد گنج صنعت آهه
اسان جو سامعو، گنجينہء صد زر فطرت آهه.
اسان ڄاڻون ٿا، گرم و سرد کي لمس انا مل سان،
سڃاڻون باس يا خوشبو ٿا توفيق ڪامل سان.
اها ساري نظم، ان رنگ ۾ تڪميل تي پهتي آهي ۽ نبي
ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي ذات و الاصفات تي ٿئي
ٿي. ’بلبل‘ ان کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
اهو مالڪ رسالت جو، پيارو پاڪ پيغمبر.
محمد، حامدو محمود، راحم و رهبر،
سچو مالڪ سٻاجهو، سيّد ۽ سرتاج ۽ سرور،
شفيع و شافع، محشر، سخي و ساقي، ڪوثر،
جهان ساري ۾ ’بلبل‘ نور جلوه گر محمّد جو،
محمد حقّ جو مظهر، ۽ حق مظهر محمّد جو.
’ڪلام بلبل‘ ۾ آخر قصيدا پڻ ڏنل آهن، ’بلبل‘ جي
فارسي قصيدن کي ڪن محققن، قا آني ۽ خاقاني جي
قصيدن سان تشبيهه ڏني آهي، جا راءِ مبالغي کان
خالي ناهي، بيشڪ ’بلبل‘ جا فارسي قصيدا، قاآنيءَ ۽
خاقانيءَ جي رنگ ۽ زمين ۾ تتبع طور چيل آهي، پر
انهن جو معيار پنهنجو آهي. ان طرح سندس سنڌي قصيدا
به قابل قدر آهن.’بلبل‘ ٻين کي ساراهي، قوم ۽
ليڊرن جي وچ ۾ محبت مودّت کي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. سندس ممدوح آهن، حسن علي آفندي، سيد الهندو
شاهه، سردار محمد يعقوب، خان بهادر سردار محمد
ابراهيم ۽ مرحوم سر آغا خان، جن لاءِ سنڌي اردو ۽
فارسي قصيدا ’ڪلام بلبل‘ ۾ ڏنل آهن.
سيد الهندو شاهه جو قصيدو هن طرح شروع ٿئي ٿو:
ز گلشن، فيض تو، اي نو بهادم نوبهار آمد،
نسيم دلڪشا، بر در گهت بهر نثار آمد
به اصلاحي، به افلاحي، بي تعليمي، به تفهيمي،
نذير آمد، بشير آمد، قوي، دارو مدار آمد.
سر آغا خان مرحوم لاءِ سندس رنگ هن طرح آهن:
شد از ورودِ شاه من، مڙده مسرّت موجزن،
از هر مڪان، از هر صحن، از هر زبان، از هر دهن،
عيش و نشاط و نازڪي، سبزه، طراوت، تازگي،
در گلشن و در گلبن، در هر دمن، در هر چمن.
اهو به ياد رهي ته ’بلبل‘ ۽ ان جا معاصر، سه حرفي
الفاظن جي صحّت، توڙي ’اضافت‘ جي صحيح استعمال تي
ايترو توجهه نه ڏيندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو
’بلبل‘ جي قصيدن ۾ اهي فني لغزشون موجود آهن، جن
کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي. ان قصيدن جي مقطع ۾ فرمائي
ٿو:
در مدح تو رطب اللسان، هم فاضلان، هم شاعران
’بلبل‘ بيان گوهر، فشان، طوطي زبان، شڪر شڪن!
ان سلسلي ۾ مختلف عالمن ۽ بزرگن جي وفات ۽ مسجدن
جي تعمير ۽ ’آفتاب‘ اخبار جي اجراءِ تي ’بلبل‘ جي
تاريخي قطعا چيا آهن، انهن جو انتخاب پڻ مطالعي
جي قابل آهي، اگرچه انهن ۾ به فني لغزشون موجود
آهن، سه حرفي الفاظ جي غلط استعمال ۽ حرڪات ۽
سڪنات جي غلط استعمال، توڙي فڪ اضافت جي عيب کان
اهي تاريخي قطعا به بچي نه سگهيا آهن.
بهر حال اڄ کان مُني صدي کن اڳ جي مشهور شاعر ۽
اهل قلم جي شعر و شاعريءَ جي انتخاب تي مشتمل،
مجموعه ”ڪلام بلبل“ هڪ تاريخي شاهڪار ثابت ٿيندو ۽
اهل نظر ان کي هڪ علمي اضافو تصور ڪندا.
هي انتخاب، مرحوم ’بلبل‘ جي اصل ڪلام جي ڏهين پتي
به ناهي، ”بهارستان بلبل“ جنهن ۾ فارسي ڪلام آهي،
اهو نهايت ضخيم آهي. نموني طور ٻه چار چيزون ڏنل
آهن.
ان طرح ’بلبل‘ جو سنڌي ڪلام اڃا به گهڻو آهي، ان
مان ڳچ سارو حصو ناياب آهي ۽ باقي ڪرم خورده ورقن
جي نذر ٿي چڪو آهي. اميد ته هي انتخاب غنيمت ڄاتو
ويندو. آخر ۾ ايترو ضرور چوندس ته اهي شاعر خوش
بخت آهن، جن جو ڪلام سندن زندگيءَ ۾ شايع ٿئي ٿو ۽
پوءِ زماني گذرڻ تي دوباره جمع و ترتيب جا مرحلا
طئي ڪري ڇپجي ٿو. انهن مان ’بلبل‘ به هڪ آهي.
غلام محمد گرامي
ايڊيٽر سہ ماهي’مهراڻ‘ سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سنڌ
تقريظ
مرحوم حافظ عبدالله صاحب ’بسمل‘ ٽکڙائي
مرحوم ’بلبل‘ اهڙي زماني ۾ نشو نما پاتي هئي، جنهن
۾ سنڌي شاعري توڙي نثر نويسي مطلب ته سمورو سنڌي
علم و ادب پراڻي نمونو جو هلندو هو.
سنڌي نثر، جو ڪنهن نامعلوم وقت کان وٺي مقفى نمونو
ٿي هليو پئي آيو، جنهن کي به اڄڪلهه نظم ليکيو وڃي
ٿو، پر حقيقت ۾ نثر آهي، جو ٻيو روپ وٺي سچي پچي
مقفى نموني ۾ ظاهر ٿيو، جنهن جو پڌرو مثال، گل
خندان“ مرحوم آخوند لطف الله جو جوڙيل ۽ مرحوم
قاضي هدايت الله ’مشتاق‘جو ڪتاب ”هدايت الانشاءَ“
۽ ٻيون تصنيفون آهن.
’بلبل‘ پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر
نويسيءَ جي طرز ايجاد ڪئي. در حقيقت مرحوم شمس
العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب به هن طرز ۾ مرحوم
’بلبل‘ جو ئي مقلد آهي. البت ڪٿي ڪٿي مرحوم ’بلبل‘
مقفى عبارت ڏي به لاڙو ڪيو آهي، جهڙو قلندري ميلي
جو ڳچ ڀاڱو مقفى آهي. پر سندس ايڊيٽريءَ ۾ جيڪي
اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پر زور ۽ فصيح و
بليغ نثر نويسيءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کان پوءِ
سنڌ ۾ جيڪي به پر زور اخبار نويس ٿي گذريا آهن،
جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر ’مسافر‘ يا مرحوم شيخ
محمد سليمان يا
مرحوم ’مخلص‘ سي سڀئي ’بلبل‘ مرحوم جا مقلد ۽ خوشه
چين آهن.
ظريفانه شاعري:
هن ڳالهه کان ته هرگز انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سنڌ
۾ ظريفانه شاعريءَ جو پهريون پهريون موجد
’بلبل‘مرحوم آهي، هن جو مختع دماغ، اصلاح بابت
ڏاڍي جرائت ۽ طاقت سان عجيب عجيب مضمون پيدا ڪرڻ
لڳو. مسلمانن ۾ هڪ طرف انگريزي تعليم جي بر خلاف
سخت نفرت پيدا ٿيل هئي ۽ ٻئي طرف يورپ وارن جي
انڌي تقليد، مسلمانن جي ثاني طبيعت ٿي چڪي هئي.
’بلبل‘ مرحوم ٻنهي خرابين جي بر خلاف زور شور سان
قلمي جهاد شروع ڪيو، پر اهڙي ظريفاني رنگ ۾ وڙهيو
جو سندس هر هڪ جملو يا هر هڪ مصرعو، دل ۾ جاءِ
ڪري ٿي ويا ۽ ڪنهن کي به ضد يا چڙ نٿي ٿي، ان جو
ٿورو تفصيل، هن ريت معلوم ڪرڻ گهرجي. شراب نوشيءَ
جي خلاف ’بلبل‘ مرحوم مسلمانن کي هن طرح سٺيو:
پيارج ڪو اڄ بيئر وسڪي جو پا، ڪريما به بخشائي
برحال ما.
مسلمانن جي غفلت ۽ سستيءَ کين جهڙيءَ طرح دنيا ۾
بي وقار بنايو، تهڙي طرح دين کان به غافل رکيو، ان
بابت فرمائي ٿو:
نمازون نه پڙهه، ساڻ مخرج ۽ مَہ
ڪه زو ننگ دنيا و عقبى بود
ملان هي جي موڙها ۽ سوڙها وتن،
ڪه دولت به طاعت، توان يافتن.
مگر قاعدو، ڪرمنل، بيگمان،
ڪشايد، درِ دولت جا ودان.
يورپ جي تقليہ ۾ رڱجي، مسلمان اسلامي حڪامن کان
بيپرواهي ڏيکاري رهيا هئا. انهن کي مخاطب ٿي چوي
ٿو:
ڪتي پستڙي کي تون ڪج ڪور ڪور
نه باشي ز گلزار فردوس دور.
تون پيشاب تنهنجي کي هلندي ۾ هار،
ڪه جنت بود، جائي پرهيز گار.
پئين ڇونه تون شوقِ دل سان شراب،
مڪن خانهءِ زندگاني، خراب.
مغرب زده مسلمانن بابت فرمائي ٿو:
سامقيما ڪوئي دلداريم،
صورتِ بوزله، به رفتاريم،
اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو جو انگلش کان،
اوفتاده جدا، ز گلزاريم،
هاءِ هاءِ اي مِسِ ولايت پاڪ،
اي زبَهرتو، عالم نمناڪ.
’ڪريمان نيچرل‘ ۽ ’مامقيما نيچرل‘ ٻئي ان ناصحانه
۽ ظريفانه رنگ سان ڀريل آهن، ان جو مطالعو ڪبو ته
پوءِ ’بلبل‘ مرحوم جي خداداد قابليت ۽ شاعرانه قوت
جو پورو پورو ثبوت ملي سگهندو ۽ واضح ٿيندو ته هن
طرز ۾ سنڌ جا سڀيئي ظريف شاعر، ويندي مرحوم ’مخلص‘
تائين مرحوم ’بلبل‘ جا متبع ۽ خوش چين آهن.
تضمين:
هن فن ۾ ’بلبل‘ مرحوم پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. ٻيو
ڪوبه ساڻس همدوش ٿي نٿو سگهي. مثلاً
وڃي هڪ شاپ تي ويهي، برانڊيءَ کي ڪيون هاها،
الايا ايها السّاقي، ادر ڪاسا وَ ناولها.
آهن ڪوڙا رڳا قاضي، وتن ٿا برهمن بتليا،
ڪجا دانند حال، ما، سبڪساران ساحلها.
وجهي وارن ۾ وانگوڙا، هلي ٿي مس جڏهن ’بلبل‘،
ز تاب جعد مشڪينش، چه خون افتاد در دلها.
سانجهي صبح جو چاڙهج، ڀنگ جو ڀري پيالو،
تا بر تو عرض دارد، احوال ملڪهِ دارا.
پٽڪو ڳچيءَ ۾ پاتل، جي گهِلبو ڏسين تون،
اي شيخ پاڪدامن، معذور دار مارا.
گهرجي شائق کي هڪ پيالو شراب،
الصبوّح الصبوّح، يا احباب.
هڪ پري چهره، پڻ هجي، همدم،
المدام المدام، يا احباب.
ظريفانه رنگ ۾ مرحوم ’بلبل‘ جو سنڌي نثر خواهه نظم
۾، ڪوئي ثاني ناهي، ’تيرهن ڄار مڪرن جا مار‘ توڙي
‘چمن قربان جان ‘وغيره ظريفانه رسالا ۽ اخبار
”آفتاب سنڌ“ سکر جا پرچا پڙهي ڏسو ’ڪريما‘ تي
تضمين، توڙي مامقيما جي تضمين، اسان جي دعوى جو
پڌرو ثبوت آهن.
زبان جي صفائيءَ، صفاحت، بلاغت ۽ طلب جي ادائيءَ ۾
’بلبل‘ جو مٽ ڪو ورلي پيدا ٿيندو. البت ڪلام جي
موزونيت جو گهڻو خيال نه رکيو اٿس، جو ان وقت جي
هر شاعر ۾ اها ڪمزوري فطرتي شاعر جو ڪم آهي.
’بلبل‘
مرحوم جي اها نقش طرازي ڏسو، نئين فيشن جي دلداده
ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي چال چلت جو نقشو هن طرح ڪڍي ٿو:
جنٽلمين مسُين جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر ڏوڙا،
موڙا،
نچ وي باندر، نچ وي باندر_تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا!
ڪرڪٽ بال ۾ مرد زنانا، ڊوڙن ڊُڪن، تال ترانا،
هري هري ها ها، هر هر تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا!
چمچا، ڪانٽا، کٽ کٽ، کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ
تڙ
شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شڙ شڙ_تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا!
هيءَ پوئين مصرح اهـڙي روان ۽ فصيح آهي، جنهن تان
ڪيترن مزاحيه شاعرن جو ڪلام گهوري ڇڏجي:
انصاف شيوه ايست ڪه بالائي طاعت است!
ظرافتي نثر نويسيءَ جي ايجاد به سنڌ ۾ پهريائين
’بلبل‘ مرحوم ڪئي، پر ان ۾ سندس خاص قابليت هيءَ
آهي، جو مخاطب ڪڏهن به پاڻ ڏي محسوس نه ڪندو، بلڪه
کِلي ڏيندو ۽ سمجهندو ته مخاطب ڪو ٻيو آهي.
والسلام
حافظ عبدالله”بسمل“ ٽکڙائي
متن
پليگي ڪريما
(مطبوع 1905ع)
تضمين، بر غزل حافظ عليہ الرحمتہ
مِسان ِ خود فريب آخر، فرستادند اين
بِلها،
طلب ڪرند چندان زر، ڪه خود افتاد، در
دلها،
نشاط طبع برهم شد، شڪست آن رنگ محفلها،
”الايا ايها السّاقي اُدر کاساً و ناولها،
ڪه عشق آسان نمود اولي، افتاد، مشڪلها.“
هوئي هين علمِ دنيا، نورِ ايمان، قلب سي زائل،
ادهر ڪالج ڪا بيڙا پار ڪرني پر هي دل مائل،
ادهر هي نوڪري دشوار، چڪّر مين هي هر سائل،
”شب تاريڪ و بيمِ، موج، گرداب چنين حائل،
ڪجا
دانند حال ما سبکسارانِ ساحلها.“
نه قيدِ شرع باقي آ، نه آزاديءَ جي ڪجهه آ حد،
نه ڪر ڪا گفتگو هن، بابَ ۾، ڇانيڪ يا ڇا بَد،
بزرگن جي به فتوى آ ته، پڙهه قانون سر سيّد،
” به مي سجاده رنگين کن، گرت پيرِ مغان گويد،
ڪه سالڪ بي خبر نه بود، ز راه ورسم منزلها.“
ڪٿي آ پيش بيني ۽ طبيعت ڀي نه آ حاضر،
وڻي ٿي روح کي ڏاڍي، بلي! بزمِ بتِ ڪافر،
نڪو آ خوف ايماني، نڪو آ دين سان خاطر،
نهان ڪي مانند آن رازي ڪزو سازند محفلها |