سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام بلبل

صفحو :3

         اسان وٽ نه ڪي ديده دهر ديدار!

ڪوڙ جي تعريف ۾ چوي ٿو:

اسان جو ته لارڊ، اسان جو ته سر!

اسان جو ته ديوان صاحب دروغ،

لياقت، فضيلت جو آهي فروغ!

”بلبل جي ان پختگيءَ، سلاست ۽ جودت طبع جو داد ڪير نه ڏيندو؟ بيشڪ ظرافت آميز شاعريءَ ۽ مزاح نگاريءَ ۾ نه سندس ڪو مٽ ۽ ثاني پيدا ٿيو ۽ نڪو ڪنهن تتبع ڪيو آهي، ”بلبل“ ان فن ۾ يڪتائي زمانه هو، سندس ان قسم جي طنزيه نشترزنيءَ هڪ طرف ديسي صاحبلوڪن جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا، ته ٻئي طرف جديد فيشن جي نقالن ۾ شرمساري پيدا ٿي.

ڀلا ”بلبل“ جي ان قسم جي طنزيه خيالات جي مطالع ڪرڻ کانپوءِ ڪير اهڙو نرجو ۽ بي نڪو ٿيندو، جو پاڻ کي صاحبلوڪ بڻائڻ لاءِ سوچيندو.

”بلبل“ جي فن جي بي پناهه رواني ۽ اثرائتي طنزيه نشتر زنيءَ کي سندس هڪ ئي نظم ۾ ملاحظه ڪري سگهجي ٿو.  فرمائي ٿو:

گهر کان نڪتا، نيٽو نيچر، تاڪ ڏنا ڌن تاڪ ڌنا،

سر ۾ ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا!

ٽاپ ٽيپ ۾ آڪڙ شاڪڙ، ڏاڙهي ڪوڙي، مڇون ماڪڙ،

سواري بائيسڪل جي سر سر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا!

گينڊي، صابڻ، برش طرازي، بوس و ڪنار، ڪتن سان بازي!

فوٽو، فونو، پيانو، پڪچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

هن نظم جي رواني ۽ نغمگيءَ، کيس ”بلبل“ جي فني شاهه ڪارن ۾ شمار ڪرايو آهي.

نئين تعليم جي منظر ڪشي ملاحظه ٿئي:

آه نئين، گڙٻڙ، در جهان انداخته،

حرڪتون، شيطان ڦڙڦڙ، در جهان انداخته،

علم انگلش جو ڏسي، اڄ زور، ”بلبل“ بيگمان،

عقل وارو خر ٿيو، از تاب و توان انداخته!

ڪاري جنٽلمين جي زباني ڏسو:

1.  گرچه ڪارو منهن اٿم، ته به ڪاڻ ناهه،

2.  ٽوپلو پائي ، حماقت ٿو گهران!

يا: لائي چشمو، چُست چاڙهي، سوٽ، بوٽ

مثل صاحبلوڪ، صورت ٿو گهُران!

ڪاري جنٽلمين جي ان حماقت ۾ تمنا تي گوري جو جواب پڙهو:
گرچه آهي، تنهنجو مون کان سينو صاف،
 

ڪاري ماڻهوءَ سان، ڪدورت ٿو گهران!

         آ لقب لائق ٿيو تنهنجو، ڊيم قول!

مان ڏيڻ توکي نه عزت ٿو گهران!

زميندار ن جا بڇڙا حال، ڪالهه به هئا اڄ به آهن ’بلبل‘ ان جي ترجماني ڪندي خوب چيو آهي:

زميندار ٿي ويا، زبون زار چٽ،

چوَن ڄٽ ته ڪهڙو ٿيو آهه، وَخت!

گشت ۾ جيڪي ’ڀوڄن‘ گشتي آفيسر ٿا ڪن، تن جو لقشو ’بلبل‘ هن طرح چٽيو آهي:

گشتي ڪاموري لاءِ فرمائي ٿو:

آهه ڪاموري سندي، هوڙ حرامن ۾ تِکي،

انب، گدرا مددِي، ٻڪرو ڪو موٽو مددِي!

خوب ٿا گشت ۾ ڪن، ڀوڄن، پرساد وٺي،

پوري حلوو، مددي، پستو ۽ ڦوٽو مددي.

گهر ۾ آهي نه رعيت جي ڪو پائي پيسو،

لَٺ، لوٽو مددي، پيسو ۽ ڦوٽو مددي!

”ڪارن جي ڪار گذاري“ تي ’بلبل‘ جي هڪ ٻي مترنم ۽ سريلي نظم آهي، جا به فني طرح سان لاجواب آهي:

ڪارن جي ٻُڌ ڪار گذاري، هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري،
جنٽلميني جلسا جاري، هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري!
جايون تن جون هال ۽  ٽاور، چشما، فرش، فرش فروٽ، فلاور
لڪچر، پڪچر، ڊنر داري، هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري!
ان نظم جي بي پناهه رواني، نهايت اثر انگيز ثابت ٿئي ٿي. ان جي مطالع کان پوءِ ديسي صاحبلوڪ جي تصوير، اکين اڳيان ڦرڻ لڳي ٿي.

ان طرح ’بلبل‘ جو هڪ نظم نئون سال پڻ شاهڪار  آهي.نئين سال جي مرحبا، صحافت ۾ هڪ اهم ۽ ضروري ليک چيو وڃي ٿو. ’بلبل‘ ان کي نظم ۾ پيش ڪري، طنزيه ۽ مزاحيه رنگ ۾ جا نقشگري ڪئي آهي، اها پڙهڻ وٽان آهي. ٻه ٽي شعر پيش ڪجن ٿا.

هن اخبار کي سال مبارڪ،

گورن کي ناتال مبارڪ

ڪارن کي يو، ڊيم بلڊي، فول، لقب، في الحال مبارڪ
اهل اسلام جي لئي ڏک ڏاڍا ڳڻتيون، آل عيال مبارڪ!
ڌڪا، ڌوڻا مِهڻا سهڻا قرض جا رنج، ملال مبارڪ
ان سلسلي ۾ ’پوليس‘ جي تصوير ڪشي به ’بلبل‘ جي شاهڪار چيز آهي. ’پوليس‘ سندن لاءِ عميق ۾ ويو آهي، تهڙو شايد ٻئي کي نصيب نه ٿيو هجي!

 

ڏسو پوليس جي تايس، ملڪالموت جان مارو!

         مثال گرگ، ڳاڙهو وات، سر۽ ٻيو بدن ڪارو!

         هجي سوناري جو سئو ڌڪ، ته لوهر ٿو هڻي هِڪڙو

ڪٿي جهرڪيون، ڪٿي ٿيو گُرڙ پَک جو لهس لامارو!

بهر حال ’بلبل‘ جي طنزيه انداز ۾ فن جي اندازي لڳائڻ لاءِ سندس ڪلام جو  مطالعو ڪافي آهي.

’بلبل‘ جي ڪلام جو  سنجيده ۽ اصلاحي ۽ اخلاقي پهلو به شاهڪار آهي، ان جي مطالع ڪرڻ مان اهو اندازو لڳائي ٿو سگهي ته ’بلبل‘ نه فقط طنز ۽ مزاح جو بادشاهه هو، پر سنجيدگيءَ ۽ متانت جو به مثالي ڪردار هو. سندس طنزيه ڪلام پڙهڻ کان پوءِ جڏهن سنجيده ۽ اخلاقي شاعري ٿي پڙهجي، تڏهن سندس جامع الفنون هجڻ تي حيرت ٿئي ٿي.

ان  سلسلي ۾، حمدو مناجات، نعت، اخلاق ۽ تصوف تي جيڪي مضمون ’بلبل‘ ٻَڌا آهن، اهي به فني حيثيت سان بلند معيار رکن ٿا. مثلا الله تعالى متعلق فرمائي ٿو:

اهو باغ ۾ هل، اهو گل ۾ بو آه، اهو باد و آتش، اهو آبجو آه،
اهو خندهء غنچہء خنده، رو آه، اهو نغمہء طوطيءَ خوش گلو آه.
بها ان جي قدرت جو باغن ۾ آهي،

شميم خدائي، دماغن ۾ آهي!

حمد باريءَ جي سلسلي ۾ حڪيم ثنائيءَ رحه جي مشڪل زمين ۾ تضمين ڪندي، جا ’بلبل‘ خلاقي ڏيکاري آهي، اها قدر جي لائق آهي.

ذات واحد کي جڳائي، وڌ واکاڻ وڏائي
ٿو سُنهي، حمد و ثنا، ثابت ساراهه سَدائي،
پائي ڳل پاند ڳچيءَ ۾، ڏئي ٻن حرص هوائي،

ملڪا ذڪر، تو گويم، ڪه تو پاڪي و خدائي!

نه روم من به جزآن ره ڪه تو آن ره نه نمائي!

جلوه قدرت جي نقشگري، جنهن دلا ويز انداز ۾ ’بلبل‘ ڪئي آهي، اها سندس ئي حصو آهي، فرمائي ٿو:

هر بر ۾ بازر ۾، هر بحرم، هر بَنَ ۾،

ڇا لاله ونونگن ۾، ڇا سنبل و سوسن ۾،

ڇا نرگس و نسرين ۾ سبزن ۾ نخلن ۾،

ڇا غنچو ته ڇا گل آ، ڇا رنگ ته ڇابو آ،

جلوو تنهنجي قدرت جو اي قادرا سرهو آ.

 

خداوند تعالى کي ’تون آن‘ جي خطاب سان جا ’بلبل‘ نغمه سرائي ڪئي آهي، اها فن ۽ اثر جو زنده مثال آهي، فرمائي ٿو:

         الاهي نڪته دانِ علم و دانائي، هُنر تون آن،

خدا يا نطق آرائي، زبانِ هر بشر تون آن،

سخن پر داز، جان پر ور، حڪيم نڪته ور تون آن،

مدو خورشيد، ٻئي روشن دلائل تنهنجي قدرت تي،

گواهي ٿو ڏئي ذري ۾ ذرو، تنهنجي صنعت تي.

سندس بي پناهه رواني شعر ۾ ڏسجي:

ابد کان تا ازل هوندين، ازل کان تا اَبَد تون آن، الاهي ساري عالم ۾، آحد تون آن، صمد تون آن. ان طرح ’تون آن‘ جو هڪ عمدو مثال ڏسو:

عالم الغيب اي خدا تون آن،

خالق الارض و السما تون آن،

  داغ تون، درد تون، دوا تون آن،

زيست تون، مرگ تون، قضا تون آن.

ان طرح سارو ڪلام، ان قسم جي فني لوازمات سان نباهيل آهي. صوفايانه انداز ۾ ’بلبل‘ جو ڪلام آهي، جو گهڻو تڻو، ’ديوان بلبل‘ ۾ آيل آهي. هن ’ ڪلام بلبل‘ مان هڪ مثال پيش ڪرڻ ڪافي ٿيندو، چوي ٿو:

  هر دم، هر جا، هو حق ڄاڻ، آڻ نه وچ
اسم جسم جي  تانگهه نه تاڻ، وصل فصل جو لاهه وهم
 ياد الله ڪر، دم بر دم!
اهو سارو نظم، روانيءَ ۾ بيمثال آهي ۽ سندس مضمون نهايت اثرائتو ۽ دلنشين آهي.

’بلبل‘ جي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن سان والهانه محبت هئي، جا سندس ڪلام جي سٽ سٽ مان ظاهر آهي.

ان سلسلي ۾ سندس قدسيءَ، جاميءَ ۽ خسروءَ جي غزلن تي تضمين جا مثال ملن ٿا، جن جون زمينون فني طرح به مشڪل آهن، ۽ انهن تي پخته ۽ معياري ڪلام ٻَڌڻ به مشڪل آهي، تاهم ’بلبل‘ جون تضمينون، نهايت پخته ۽  پاڪيزه آهن.

مثلا، خسروءَ جي شعر تي تضمين جو هڪ بند ڏسو:

آڻيان سڄڻ جي شعر ۾ تنهن جي سراپا سرسري،
ساره  سندي سوداءِ، هيءَ عمر ويندي مون ڳري،
ته به ان منجهان هڪڙي ذري، پوري نه ٿي، مون کان وري!
قدسيءَ جي نعت تي تضمين جو هي بند ڏسو:

 

مُشڪ عنبر سان مليا وات، نه ٿئي پاڪ ته بي،
     اسم اطهر جو وٺڻ آهه به حد، بي ادبي،
     اسم الله ڪري، وصف ڪريمن جي ڪَبي،
     ساري تضمين سيد مڪي، مدني، العربي.
جاميءَ جي غزل تي تضمين جو هڪ بند ملاحظه ڪريو، فرمائي ٿو:

عشق احمد جي جنهين چوٽَ چکي، چاٽ چَشي،
سو ڇٽو غير غمن کان، پيو منجهه عين غشي،
بَرَ وڻڪار ۾ ووڙيندو وتي، جيئن وحشي،
رحمتہ اللعالمين جهڙي والهانه انداز واري نظم جو مقطع ملاحظه ٿئي:

اوهان جي مدح خوانيءَ جي ته صدقي، بي ثمر’بلبل‘
ويو شيرين بيان، طوطي، زبان شڪر دهان بنجي!
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

سندن سڪ سوز فرقت ۾، دمادم درد، غم دل جو،
عطا، صحت صفا آهي، دوا آهي، شفا آهي.
صحابه ڪبار جي عظمت، بطور لف و نشر هن طرح آندي اٿس:
اسان جي مير مرسل وٽ، سدا چئن يارن سان،
وِلا آهي، وفا آهي، حيا آهي سخا آهي!
مقطع ۾ فائي ٿو:

گدائي بي نوا’بلبل‘ سندي داتا سندءِ درتي،
ندا آهي صدا آهي، دعا آهي، ثنا آهي!
ان سلسلي ۾، ’خاتم النبين‘ نظم شاهڪار آهي، جا مطالعي ڪرڻ سان واسطو ٿي رکي، ’بلبل‘ سنڌي شاعريءِ جي پراڻي صنف ۾ مولود به چيا آهن، هڪ منتخب مولود پڻ قابل داد آهي، جنهن جي رواني ۽ سلاست، نغمگي ۽ شيريني ملاحظه ڪجي:

معراج هليو، سر تاج نبي ڪري ويس وڳا، وه وه بَنو!
جبريل ٿو صديقي صدقي چئي، اڄ صلي على وه وه بنو!
سڄو مولود، بهترين ۽ پخته مضمون تي مشتمل آهي.

نعتيه رنگ ۾ ’بلبل‘ جو فارسي ۽ اردو ڪلام به گهڻو چيل آهي، ڪلام ’بلبل‘ ۾ نموني طور هڪ فارسي۽ هڪ اردو غزل ڏنا ويا آهن.

شهره حسن تو از عالم افلاڪ گذشت،

زان به ميزان فلڪ، زهره شرمناڪ گذشت!

 

سارو غزل مرصع آهي. ان جي پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو معلوم ٿئي ته اهو غزل ڪنهن اهل زبان جو آهي ۽ نه سنڌيءَ جو! ان مان ’بلبل‘ جي زباندانيءَ جي خبر پئجي سگهي ٿي. سارو غزل پخته ۽ معياري آهي.

ان طرح اردو غزل آهي:

هي ميري دل ڪي تمنا ڪه مدينه ديکون،

خاتمِ ختم رسالت ڪا نگينه ديکون.

مقطع ۾ چوي ٿو:

گلشن ڪوئي حرم مين هو مزارِ ’بلبل‘

آرزو هي ڪه وهان اپنا دفينه ديکون

ان طرح فارسي تضمين به لا جواب آهي، ٻه بنہ پيش ڪجن ٿا.
آن والي هر عربي عجمي، آن حاڪم برحربي و ذمي،
ڪنزالڪرم، مولي النعم، هادي الامَم، لشريعتہ
باشرف و ڪمال و جمال نبي، محبوبِ خدا، امي لقبي،
ازڪي النسب، آعلي الحَسَب، ڪل العربي في خدمتہ.
ان طرح هر عربي سٽ سان فارسي ۾ تضمين ڪئي اٿس، سندس فارسيءَ جا اشعار، نهايت پخته ۽ مرصع آهن، جن ۾ ڪابه فني لغزش ۽ تسامح ڪين آهي، آخر ۾ چوي ٿو:

ليُتبلغ ’بلبل‘ مَد حتَنا، فِي شَرف حضور وَسيلتَنا،
و  مُحَمّد نا، هُو سَيّد نا، فا العِزّلَنا، لاجا بتہ
اها تضمين ’بلبل‘ جي والهانه عشق رسول لاءِ شاهڪار چئي سگهجي ٿي.

نعتيه ڪلام کان پوءِ ’بلبل‘ سادي ۽ سهڻي سرائڪي ۾ ’جنت خاتون‘ جي فضائل ۽ محاسن تي جا نظم چئي آهي، اها شاهڪار آهي، ائين چئي سگهجي ٿو ته ان قسم جي نظم، ٻئي ڪنهن به نه لکي هوندي، هڪ بند ملاحظه ٿئي:

جنت، نعمت، طوبى، ڪوثر، تُساڏي، حُب دا،
چاهون جنهن ڪون، پل وچ خشو، راز تُسان، سڀ ربّ دا،
تون سرڪار نبي و علي دي، او شافح امت سب دا،
حوا، مريم، فخر ڪرينديان، تيڏي نام نسب دا،
بنت رسول، بتول، تُساڏي عزّت پاڪ وڌائي،
صدقي صدقي، سائئڻ ٿيوان، پاڪ نبي دي ڄائي
گهِن خبران، بردي، در دي ديان، حَسن حسين دي مائي!
تصوف جي حقائق ۽  دقائق متعلق به  ’بلبل‘ ۾ آيل آهن، جي تصوف جي رنگ جا ترجمان آهن.

’ ڪلام بلبل‘ ۾ آيل ڪلام مان چند اشعار پيش ڪجن ٿا.  فرمائي ٿو:

     جڏبات عرفاني، نه ڪنهن جا هل ۾ رهندا هِنِ

مگر هي حال ۽ احوال، ڪنهن قابل ۾ رهندا هِنِ

نه ڪائي چيز ۾، چڱائيءَ کان هجي خالي،

هي نظارا نوان بس، ديده ڪامل ۾ رهندا هِنِ.

هنر يا فن سان فوٽو گرافر ڇا ڪڍي سگهندا،
تصّور هي دماغ ِ شاعر و فاضل ۾ رهندا هِنِ.
ان طرح نظم جي حصي ۾ ’سير و سياحت، ’آفتاب عالمتاب‘ ’رات‘، فطري منظر ڪشيءَ ۾ بي مثال آهن.

جناب سيّد (شاهنواز شاهه) (ا) ٽکڙائيءَ جي ’رات جي تات‘ نظم تي تضمين ڪندي ’بلبل‘ چوي ٿو:

  واه ڇا رات جي آيات بيانات ڪيئي،

شب ظلمات جي هر بات کي اثبات ڪيئي،

سڀ حسنات ۽ سيکئا کي عرفات ڪيئي،

منجهه طلسمات، خيالات، ڪرامات ڪيئي.

ڇونه چئجي ته ’بلبل‘ هي نوخوانيءَ ۾،

سيّد الشعرء، سيّد کي سخندانيءَ ۾،

’بلبل‘ جي اصلاحي ۽ قومي شاعري به رنگين آهي. هونءَ ته اصلاحي ۽ اخلاقي شاعري، خشڪ ۽ بي مزه چِئي وڃي ٿي، پر ’بلبل‘ جي طبعي رنگينيءَ، خوشيءَ ۽ معياري تجزيه، ان شاعريءَ کي به دلڪش ۽ دلاويز بنائي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ ”احساس ملّت“ ”تجارت“ بندي، ۽ ”مسلمان“ نهايت معياري چيزون آهن، جن ۾ اهل اسلام جي حالت زار کي نهايت ناقدانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ’بلبل‘ کي ان رنگ ۾ به اوليت حاصل آهي، سندس تتبع ۾ ئي سنڌ جي قومي شاعري شروع ٿي.

ان طرح ’بلبل‘ جي بهترين نظم ’فنا‘ به آهي، جنهن جي نغمگيءَ ۽ فني پختگيءَ جو هر ڪنهن داد ڏنو آهي: ٻه ٽي شعر پيش ڪن ٿا.

اي جاني هي جڳ فاني اٿو، ڪن سائين لوڪ صدا بابا،
هيءَ عمر روان ته رواني اٿو، آخر ته فنا هئي فنا بابا،
نه ڪو شاه رهي، نه وزير رهي، نه ڪو دانشمند دبير رهي
نه اميد رهي نه فقير رهي، هڪ رهندو پاڻ خدا بابا!
آهي سڀ جي قضا ۾  مرگ بلا، اد لى، اعلى نه ڇڏي، اصلا

فقرا، اغنا، شعرا، امرا، حڪما، علما نه بچا بابا!
ان ئي رواني ۽ برجستگيءَ جي رنگ ۾ سڄي نظم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org