جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب”خليل“ هڪ نظم ۾ چيو
آهي:
ڪنهن کي ”بلبل جي نه هٿ آئي ڪڏهن طرز مذاق
ان جي شعرن جو تتيع ڪيو توڻي
آفاق،
ملڪ و ملت کي ڏسي، اهڙي ته هن راههِ وفاق،
جو ڀڄي دور ٿيا، قوم کان خود بغض و شقاق،
سنڌ اهڙو نه ڪيو، هو ڪو سخنور پيدا،
به بلاغت ۽ فصاحت ۾ به همسر
پيدا.
دلفريبيءَ جو ظرافت ۾ رکي ٿو سامان،
جنهن تنقيد تي نقاد ٿئي ٿو حيران،
دلڪشي نثر جي ڄڻ آهه، ٽڙيل ڪو بستان،
نظم جي آب تان پڻ گوهر رخشان قربان.
شعر جي هر سخن صف ۾ ماهر بلبل.
فارسيءَ جو هو ته سنڌي جو به شاعر
بلبل
مرحوم جمعو خان ”غريب“ مرحوم”بلبل“ جي وفات واري
قطع تاريخ ۾ فرمايو آهي:
هو همداستان ۾ فصاحت جو فائض،
بلاغت جو عنوان،
مرحوم بلبل
هوائي ادب ۾ هو پروان ان جو،
هو شاهين، باشان،
مرحوم بلبل.
هو علم معاني جو استاد ڪامل،
هو سعدي ۽ سبحان،
مرحوم بلبل.
هو فيلسوف زمانه ۽ شاعر،
اديب، همه دان،
مرحوم بلبل.
”هو مغفور“ ۽ باسر دل وري چئو،
1337هه
حق! اعلى تر انسان،
مرحوم بلبل.
سر دل ويو! عيسوي سال ٿي ويو!
”هو جنت ۾ ذيشان“!
مرحوم بلبل
1317هه 1919ع
اميد ته سنڌ جا اصل ذوق حضرات، ” ڪلام بلبل“ جي
مطالعه وقت اڻويهين صديءَ جي تاريخي پس منظر ۾ ان
دور جي حالات کي اڳيان رکي غور ڪندا ۽ ڏسندا ته
ان دور ۾ پيش ڪيل خيالات هن اسان جي دور سان ڪيتري
قدر ٺهڪي ڦهڪي ٿا بيهن.
آءٌ آخر ۾ جناب گرامي صاحب جو پڻ شڪريو
ادا ڪريان جنهن جي وسيع مطالعي ۽ ڪاوش”بلبل جي فن
۽ ڪلام کي نئين زندگي بخشي آهي.
ان سلسلي ۾، گرامي صاحب هيٺيان ڪتاب پڻ ايڊٽ ڪيا
آهن، جي سڀ مطالع جي قابل آهن، جيئن تيرهن ڄار
مڪرن جا مار،”بهار عشق“،”مسلمان ۽ تعليم“، ”چٽ
سوال پٽ جواب“، ”آئينه تجارت“، ”ميلو قلندر لال
شهباز“، معيارالاديان“ رساله ترحم يتيمان“ لطائف
ظرائف“ گلزار لطائف ۽ اوائلي تعليم، وغيره اميد ته
باقي ڪتاب جيئن هٿ ايندا ويندا تيئن تيار ٿيندا
ويندا.
مسلمان ۽ تعليم تي گرامي صاحب جو لکيل مقدمو هڪ
تاريخي چيز آهي، جنهن جي پس منظر ۾ ان دور جي
مسلمانن جا تعليمي مسئلا ۽ مطالبا سمجهي سگهجن ٿا،
باقي سڀ ظرافت آمين ۽ مزاحيه نثر جا اصلاحي شاهڪار
آهن ۽ معيار الاديان ۽ اوائلي تعليم خالص ديني
آهي.
و السلام 20 فيبروري 1965ع
مقدمو
غلام محمد ”گرامي
مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ پنهنجي شخصي حيثيت
توڙي فني ۽ شاعراڻي حيثيت سان سنڌ جو اهو سپوت
آهي، جنهن تي سنڌي ادب جيترو به فخر ڪري، اهو ٿورو
آهي. مرحوم”بلبل“ هڪ صحافي، هڪ شاعر، هڪ اديب ۽
مزاح نگار جي حيثيت سان جيڪي سنڌي ادب ۾ پنهنجي
وطن جون خدمتون ڪيون آهن، اهي اڻمٽ ۽ امر آهن،
مرحوم ”بلبل“ 1757ع ۾ ميهڙ جهڙي مردم خيز شهر ۾
ڄائو، اتي نپنو ۽ وڏو ٿيو ۽ اتي ئي پڙهيو ۽ ڪمال
تي پهتو.
مرحوم”بلبل جنهن دور ۾ اکيون پٽيون، اهو دور
پنهنجي تاريخي ۽ سياسي پس منظر جي ڪري جنگ آزادي
وارو دور چيو وڃي ٿو، هي اهو دور هو، جنهن ۾ وطن
جي آزادي لاءِ هندن ۽ مسلمانن پاڻ ۾ گڏجي ڪري
انگريزن جي خلاف آزادي جو جهنڊو کنيو هو، افسوس جو
اها مهم ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ انگريز پنهنجا پير
اڳي کان به وڌيڪ پختا ڪري ويا.
جڏهن ته هندستان جي حڪومت انگريزن، مسلمانن کان ئي
حاصل ڪئي هئي، تنهن ڪري انقلاب جي ناڪاميابيءَ کان
پوءِ انگريزن سمجهيو ته مسلمان قوم، ٻيهر اسان کان
حڪومت کسڻ جو خيال ٻيهر اسان کان حڪومت کسڻ جو
خيال رکي ٿي، تنهن ڪري ان قوم کي اهڙو ته ناس ڪجي
جو ٻيهر ڪنڌ به کڻي نه سگهي.
انهن ارادن کي سانڍيندي، انگريزن هرطرح سان
مسلمانن کي پيڙڻ ۽ لتاڙڻ شروع ڪيو. مسلمانن جا
ليڊر ۽ عالم جيلن ۾ وڌا ويا ۽ ڪيترن کي ڦاهيءَ تي
لٽڪايو ويو ۽ ڪيترن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. ان
طرح ملازمتن، تجارت ۽ تعليم ۾ به مسلمانن کي
نظرانداز ڪيو ويو. مسلمان اڳي ئي پيڙجي چڪا هئا،
ويتر جو کين تجارت ۽ تعليم، روزگار ۽ معاشي حيثيتن
۾ ڌڪ هنيو ويو، تنهن کين ناس ڪري ڇڏيو. انگريزن جي
انتقامي روش تي اڳتي هلي، سر سيد احمد خان ٿڌو
ڇنڊو هنيو ۽ مسلمانن متعلق سندن غلط فهميءَ کي دور
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سر سيد اهو فيصلو ڪيو ته
مسلمان، جيستائين انگريزن جي پيدا ڪيل ڪاليجن ۾
جديد تعليم نه حاصل ڪندا، تيستائين هنن جي راڄ ۾
خوش وقت نه گذاري سگهندا، نڪو هندن سان ڪلهو ڪلهي
۾ ملائي
زيرلب جي ملاوٽ به هئي. ”بلبل“ پنهنجي دور تي
کلندي کلندي نشترون هڻي ڪڍيون ۽ سندس فاسد مواد
وهائي ڇڏيو. سندس فن اهڙو ته انفراديت پسند آهي،
جو اڄ تائين سندس فن جي تنقيد ڪوبه ڪري نه سگهيو
آهي.
امر کي نهي ۽ نفيءَ کي اثبات جي رنگ ۾ رڱي پيش
ڪيو. سندس مواد، موضوع، پيشڪش، اسلوب ۽ مقصد کي
اڳيان رکي سڀني نقادن اهو فيصلو ڏنو آهي ته ”بلبل“
جو ان فن ۾ مقام نهايت بلند آهي، ”بلبل جي ظريفانه
نڪته سنجيءَ ۽ بذله گوئي ۾ تعمير ۽افاديت کي مرڪزي
حيثيت حاصل آهي، سندس ڪلام ”وادي سنڌ“ جي مسلمانن
کي نئين تهذيب جي زهر کان بروقت خبردار ڪيو ۽
پنهنجي مذهبي روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
”بلبل“ اهو ڪم ان دور ۾ ڪيو، جنهن ۾ صحيح معنى ۾
سوچيندڙ ذهن وارا ماڻهو ايترا هئا، جيترو اٽي ۾
لوڻ!
”بلبل“ جي فن کي ڏسبو ته کيس کل ڀوڳ، مسخريءَ ۾
خنده زنيءَ سان ڪو دلي چاهه نه هو، پر ان جي
مقابلي ۾ ڪنهن مسئلي کي ظريفانه، طنزيه ۽ مزاحيه
رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو استاد هو، سندس مهارت ان مان صاف
ظاهر آهي، ته سندس فن ۾ طنز موجود آهي، پر اها آهي
مزاح ۽ ظرافت جي رنگ ۾، جنهن کي هڪ فنڪار ۽ هنر
مند جي هٿ لڳڻ سان سندس فني رنگ زياده ديده زيب ۽
دلڪش پيو لڳي، ٻيو ته ڪنهن فرد يا پوري سماع تي
ان قسم جي ڪڙي تنقيد ڪرڻ، جنهن سان ذوق سليم کي
ڪابه ناگواري محسوس نه ٿئي ۽ ظرافت جي اصولن جي
پابندي به قائم رهي، هزارن مان ڪو هڪ اڌ ظريف ۽
دانشمند اهڙي فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو.
هن فن جي خاص اصولن ۾ اها ڳالهه به ضرور آهي ته
فنڪار ۾ خلوص هجي، سندس ذاتي لاڙن ۾ تعصب نه هجي،
دشمني نه هجي ۽ ڪنهن سان به عناد نه هجي؛ ڇالاءِ
جو فن جو وڏو تعلق فنڪار جي خلوص سان آهي، اگر
فنڪار ۾ خلوص موجود آهي ته پوءِ سندس فن اثرائتو
به ٿيندو ۽ ٻين کي پسند به رهندو، باقي شخصي
ڇيڙڇاڙ يا گار گند کي ته هرڪو نٿو پسند ڪري؛ ٻيو
ته ان کي نه طنز سڏبو، نه مزاح. اهو ئي ڪارڻ آهي،
جو هن فن جي استادن جو چوڻ آهي ته فنڪار، فرد يا
معاشري جا عيب ڀلي بيان ڪري، انهن جي مرضي ۽ غلطين
تي ڀلي نشترون هڻي، پر کيس هر حال ۾ دانشمنديءَ ۽
بصيرت کان ڪم وٺڻو پوندو.
ان حيثيت سان ڏسبو ته ”بلبل“ جو فن زندگيءَ جي
اونداهيءَ سان گڏ، سندس بي معنى گوشن کي به ظاهر
ڪري ٿو، تعلق رکندڙ ماڻهو، سندس اشاري ۽ ڪنايي کي
سمجهي، لذت به حاصل ڪري ٿو، ۽ کلندو به رهي ٿو،
ڇالاءِ ته سندس نگاهه فرد ۽ سماج جي ڳجهن عيبن
تائين به پهچي وڃي ٿي. ”بلبل“ جو اهو عمل آهي ته
نهايت درد ناڪ، پر اهڙي مخلصانه ۽ دوستانه انداز
سان ڪيو ٿو وڃي جو هر حال ۾ پريت رهجي ٿي اچي،
ڪابه رنجش پيدا نه ٿي ٿئي.
”بلبل“ جي فن جو ٻيو وڏو ڪمال اهو به آهي ته هو
سماج جي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن جي تهه تائين پهچڻ
۾ ڪامياب ٿئي ٿو. هو ايترو ته باريڪ بين آهي، جو
پاڻ سان گڏ پڙهندڙن جي نگاهه کي به سماج جي
جهرندڙ ديوارن تائين پهچائي ٿو ڇڏي. تان جو هو
ٻاهران رونق وارن محلن جي دريچي مان جهاتيون پائي
ڏسي ٿا سگهن ته اندر ڪاريءَ وارا ڪک آهن! ان سلسلي
۾ ”بلبل“ جو انداز بيان، جڏهن ڀرپور تنقيدي وار ٿو
ڪري، تڏهن سماج جي بي روح ۽ کوکلي ڍانچي کي پنهنجي
قلم سان نه فقط کڙڪائي ٿو ڇڏي، پر ان مان ٽڙڪاٽ
ڪڍائي ٿو ڇڏي.
”بلبل جو اهو به ڪمال آهي، ته هو سماج جي اوڻاين
کي هڪ چغلخور بد بخت وانگر پڌرو نٿو ڪري، پر ياران
خاطر ۽ حريفان بذله سنج وانگر کلندي ۽ کلائيندي
چٽڪيون هڻي ٿو ڪڍي.
جتي آپريشن جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي گهاءُ به گهرو ٿو
ڪري، پر جتي نرميءَ ۽ شفقت جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي
کلندي تبسم زير لب ۾ زهر ملائيندي به نٿو گسي! فرق
اهو آهي جو اهو زهر به مريضن لاءِ ترياق ٿي پوي
ٿو، معاشري جي مطالعي کان پوءِ جڏهن ”بلبل“ ڏٺو ته
چڱا چوکا ماڻهو نقاليءَ ۾ مبتلا آهن، تڏهن سندس
قلم، قئنچيءَ وانگر وهي ٿو ۽ نقالن جا پڇ ڪتري وڃي
ٿو مٿي چڙهي.
”بلبل“ جي فن کي غور سان مطالعي ڪرڻ کانپوءِ اهو
به نظر ايندو ته سندس سماجي مطالعو نهايت تيز آهي،
سندس نگاهه، سماج جي معمولي کان معمولي مسئلي کي
به نٿي ڇڏي. ان طرح سندس فن جو ڪمال اهو به آهي ته
سندس زبان ۾ لطافت آهي، جو ماڻهو پيو پڙهي ۽ گنگي
وانگر ڳڙ جا چشڪا پيو وٺي ۽ کلي ۽ ٽڙي! سندس تنقيد
۾ تلخي ته هر حال ۾ هوندي، پر ان سان گڏ نه ڪنهن
کي تلخيءَ جو احساس ٿو ستائي ۽ نڪو ڪڙيءَ سُتيءَ
جي پيئڻ وانگر، ڪنهن جو منهن ئي بڇڙو ٿئي!.
”بلبل“ جي فن جي تعارف کان پوءِ سندس ڪلا
مان ڪجهه مثال ٿا ڏيون:
سندس ڪلام ۾ اهو ئي نظر ايندو ته ”بلبل“
هڪ طرف فرسوده ۽ بيروح، بي ذوق ۽ بي ڪيف مشرقيت تي
طنز ٿو ڪري؛ ته ٻئي طرف مغرب جي انڌي تقليد ۽ بيجا
تڪلف، خوشامدانه رنگ ۽ غير مخلصانه مک چک واري
منافقانه چال ” ٻاهر زيب زبان سين، اندر هچارو _ _
واري اندر ڪارائيءَ تي به خوب گرفت ٿو ڪري، ان
سلسلي ۾ ليڊرن ۽ انگريز پرست، ديسي صاحبلوڪن جي
چڱي لاک لاٿي اٿس، پنهنجي فن متعلق ٻڌائي ٿو:
پنهنجا عيب سڀڪو ڏسي ٿو سگهي:
ڏسي، نه ته هي اعمالنامو پڙهي
هي کل مسخريءَ ۾ نه آڻيو شمار،
مگر هي ڏسي ٿيو گهڻو شرمسار!
چوڻ جو چوڻ، کل جي کل آهه،
ذهن ۾ ذڪاءَ لئه وڏي ذل آهه!
رڳي کل ڄاڻي، سو آڪم_فهم،
سي حال ٿئي غور واري کي غم!
ڪڍيم ساري دنيا جو نقشو، شفاف،
ته اخلاق فاسد جو فوٽو گراف!
سنڌيدان جو نقشو، هن طرح چٽيو اٿس:
سنڌيدان جاهل، سيد رو ۽ سخت،
نحس، نا اهل، ناخرخ، خفته بخت.
سنڌيدان آڊئٽ، سنڌيدان فول،
رڳا جانور جهنگلي ۽ جهول!
سنڌيدان جي ڪهڙي آدسترس،
سنڌيدان جو مان، گوڊيم، بس!
سنڌيدان بي دانش و بي عقل،
انهن ساڻ صحبت نه گهرجي اصل!
سنڌيدان جو ورڪ، ويري خراب،
ويچاري کي آفيس ۾ ڀي نه آب
سنڌيدان کي ڪين ملندو گريڊ،
سنڌي ڊل ۽ ويڪ بيڪار، بئڊا!
سنڌيدان جو لسٽ ۾ لاسٽ پي،
سنڌيدان کي هڻ بندوقون ڀري!
سنڌيدان جي مقابلي ۾ انگريزيدانن جي هيءَ حالت
آهي:
جي ڀانئين ته مولا ٿئي مهربان،
ته سک علم تون انگريزي زبان.
انهي علم ٻاجهون، هجي جا هلي،
شقاوت، نحوست ته ٻي ڪاهلي!
سي سنڌي ۽ عربي، پڙهيئي پارسي،
ته سڏبين وڏو سست ۽ آرسي.
ٽڪر لاءِ محتاج، بي روزگار،
هجين حاڪمن وٽ وڏو بي وقار!
پٽيوال ڀي ڪين توکي پڇن،
ڪلارڪ ته جاهل ۽ احمق سڏن!
جي عزت جهان ۾ رکو ٽنڊ ٽش،
پڙهو انگلش، انگلش، انگلش
بنائي اهو علم، حاڪم حريف،
رسائي اهو علم لنڊن شريف.
جديد تهذيب لاءِ چوي ٿو:
لباسن، نفيسن جي ٿي ٽنڊ ٽانءِ
مڪانن جي زينت سنڌي زيٽ زانءِ
گلا بند ڪالر، لڪڙ، هاف ڪوٽ
گهڙي، ڪوٽ، پتلون، چشما، چروٽ!
قميصون ڪفندار، جاڪٽ، جراب،
سليپر، سپاٽا، سبائڻ ثواب!
ڏنگي سينڌ، ننڍڙا ڇتا، مڇ دراز،
ٽوال ۽ ڪنگي، برش، صابڻ جو ساز! صفا سر، ته ڏاڙهي،
چپڙ چٽ، قلم،
زبان تي به گٽ مٽ رهي دمدم!
گلي ۾ هجي نڪيٽائي سياه،
ته پرشن يا ٽرڪش، ڪر سچن ڪلاه!
سڄو ڏينهن سيفٽي، صبح شام واڪ،
هجي هٿ ۾ هنٽر، ته ٽم ٽم ٽڙاڪ! رکڻ هڪڙو بل ڊاگ
آهي ضرور،
نه تان ٿيندو وڏ ماڻهپي ۾ قصور!
مقرر هجي چاءِ بسڪٽ جو نيم،
ته جاين جو سينگار ، پڪچر نه فريم!
نصارن جو کاڌو، نصارا لباس،
ڪٻٽ، ميز، ڪرسي، بتي ۽ گلاس!
نئين طرز پوشاڪ جو ڊيل ڊول،
پراڻي ڪيائين ته ٿيو ڊيم فول!
اخلاق ۽ مذهب مان پيدا ٿيل اطوار، صبر ۽ شڪر، زهد
۽ تقوى لاءِ چوي ٿو:
هي سنڌ نمونا، ڪٿان ٿو وڌا،
جو چارئي لڳو لڳ، بلا تي بلا.
وفا، شڪر ۽ صبر ۽ راستي،
جفا، قهر ۽ زهر جان ڪا ستي!
اهي غير جنسون نه قابل شنيد، |