سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام بلبل

صفحو :5

رحيما

     رحيما، حليما، قديما، قدير،

ڪري عرض ٿو اڄ نماڻو حقير.

     جو آهيان گناهن ۾ ورتل غريقِ،

رفاقت ۾ شيطانَ جي همه طريق.

نڪا ڪا پُڄي ٿي سند ئي بندگي،

گناهن کان آهي ٿي، شرمندگي.

نه اَمرونَهِي تي ڪيو مون ڌيان،

اجائي وئي عمر ساري زيان.

نه مون ڪئي عبادت، نه روزو نماز،

خورد خواب غفلت، هوا حرص و آز.

وئي سڀ حياتي، حرام ۽ وبال،

نڪو موت و محشر جو خوف ۽ خيال.

هي دنيا جا ڌنڌا، جثي پروري،

انهن ۾ اسان چي بُنڊي وئي ڳري.

ٻٽاڪون سٽاڪون، گلائن بچار،

ڀرڻ پيٽ لئي آهه جهوري جهڄڻ.

ڏسون ويٺا، ماني گهي شل اچي،

پڪي آ الائي، ٿي هاڻي ٻچي!

خدا شل ڪري، ڪو هجي ٻوڙ جوڙ،

هڻون زنب دهرا، ڪڍون خوب ٽوڙ.

ڦري ماري ٿا پيٽ پنهنجو، پليون،

کڻي روز دانگي ٿا مُنهن تي مليون.

ڀري پيٽ، آڪڙجي، سيڻهه جان ساهه،

ڄڻ آهيون سڄي ملڪ جا بادشاهه.

ٽڻي ٽهلجي، اوگرايون ڏڪار،

ڀري ڦوڪ تان خواب جو ٿيو خمار.

وجهي بسترا نرم، ڳاڙها پلنگ،

ڪڍون باد جا پيا خد نگ و تفنگ.

سڄي رات، سُڪَ، گهوگهرن جو ٺڪاءُ،

نڪا دين جي سُنڌِ نه دنيا سماءُ.

جڏهن سج، سوا پَهر ڪاني اچي،

اڃا ننڊ تڏهين اسان جي مچي.

اُٿون پير پوٿا، نڌڻڪار نڪار،

ملي آهه ڄڻ موچڙن واري مار.

اوٻاسيون ۽ آرس، سڀئي سَنڌ سور،

اُٿڻ سان پوي، پائخاني جو پور.

ڇڪيون چلم، يا ناس چُڪڙو شراب،

گناهن فسادن ۾ خانو خراب.

 

ته نالو ڌڻيءَ جو، توڪل نه توهه،

اهي پيٽ پٽڻا، اها پَٽَ - کوهَه.

     سڄو ڏينهن هَڻ - هَڻ، سڄو ڏينهن تاڻ،

اهي جوڙ چٽيون، اها خاڪِ ڇاڻ.

گرفتار، گهر ٻار جي گوڙ ۾،

عيالن جي چيهوڙ، پيهوڙ ۾.

ڪُتن جان بَهي، يا گڏهه جان وَهي،

سٽيندي ڪُٽيندي وڃي سج لَهي.

جتي ڀي لڳي ويو، هڻون زور جهَٽَ،

ويو دين دَمڙيءَ، ته ايمان چَٽ.

اسان کي نِيو نفس، هن نامراد،

شر و شور، شهوت جو فسق و فساد.

اُٿڻ سان لڳي، پيٽ پٽڪو پڙو،

وجهون وات ۾ ڪو ٽُڪر يا ٽڙو.

تڏهن اک پٽيون، ڪو سُجهي ڪم ۽ ڪار،

فريب ۽ دعائون، ڦريون، ڌاڙِ مار.

صبح ٿيو ته شيطان جي گهنڊڻي وڳي،

ننڍي ۽ وڏي کي ڪا پٽڻي لڳي.

ننڍا تان هليا، راند بازي رَمي،

وڏا پوک تي ويا، ٻيا ٿا ڪَمي.

لڳا جن کي پادر، ويا سي پڙهڻ،

سويلو سڪولن جي چاڙهي چڙهڻ.

پڙهيا سي ته ڇا، سڀ اجايا اکر،

لُچائي، ٺڳي ٺاٺ، ڪوڙ ۽ مڪر.

نه عَربي ادب، نافقه، نا اصول،

نه ٿي معرفت يا حقيقت حصول.

جي منشي  ته ڪَڇَ ۾ قلمدان ڏس،

سندس جعلسازيءَ ۾ جولان ڏس.

جي نوڪر ته رشوت، تغلب، تمام،

نه سَنڌو نه سيڙهو، حلال و حرام.

جفا جور ۽ ظلم و زوري، غصَب،

غريبن تي ڦُرمار، غصو غضب.

مٿي ڪوڙ، ڪورٽ ۾ ڪيسن جو ڪم،

اٺين آني شاهد، ڪسيري قسم.

زمين ۾ جي بي بَرڪتي جو حساب،

زميندار، ڪڙميءَ جي نيت خراب.

کَٽئي لاءِ واپار، بازار ڏس،

اتي ڀي ڪُپت ڪوڙَ جي ڪار ڏس.

ڪمائيءَ ڪنهين ۾ نه روزي حلال،

 

ڪُپت کوٽ، لالچ، خيانت خيال.

     اهو پيٽ اهڙو ڀَرائي ٿو ڀَن،

ڌرم دين اسان جو ته ايمان آن.

پنائي، ڦٽائي، رُلائي پليد،

ڪيو شڪم شيطان، زر و زن - مريد.

جي زَن آهي قبلو ته ڪعبو ٿي زر،

انهن جي اطاعت ۾ ٻَڌجي ڪمر.

مگر زال مرشد، ته زر، غوث پير،

اهي قبله عالم، اهي دستگير.

زمين و زر و زن، اسان جي مراد،

انهن تي ئي جهڳڙو، انهن تي فساد.

حقيقت ۾ آهي ته زن راهزن،

زر و مال، و اولاد، ايمان شڪن.

انهن کي سڏيو، خالقِ عالمين،

ته ”فتنو“ ڪري، يا ”عدوَ مبين“.

اسان جي ته آهي، انهن سان پياس،

”عدو“ سان محبت رکون بي شناس.

انهن جو پيار آهِه نقصان ۾،

ننگو نانگ پاليون گريبان ۾.

اسان جو نڌر نف، ڀانڊي ڀڳو،

وهائي ڪيو جنهن آ، پوٺي- ڍڳو.

سڄو ڏينهن پوڄا اٿئون پيٽَ جي،

سياري، اونهاري، ڪتي، چيٽَ جي،

چي ماڻهو رهن سورَ ۾، دردناڪ،

مڙئي جانور ڀي، انهيءَ ۾ هلاڪ.

ڍڳو ڍور، ڍانڍو، چرندو پرند،

سڀن تي سويرو ٿو ڪڙڪي ڪمند.

مَيا مالَ هڪڙا، ڇڙيا جهنگ ۾،

ٻين کي هنيائون ٻڌي، تنگ ۾.

ڪنهين تي سواري، ڪي ڍوئين بار،

ڪنهين گِهِل گاڏي، ڪو هر ڦار نار.

ڪنهين ڪوس ڪارد، قَلم، دام بند،

بندوقن ۽ بازن، گزن جا گزند.

انهن تي به شامت، اسان جي پئي،

پِٽيندي ڪُٽيندي، سڄي عمر وئي.

اهو آهي، ماڻهن مِرن جو ته حال،

ڏسو خوب، قدرت جو ڪرتب ڪمال.

غَرض آهه سڀني کي نفسن جو نيل،

جي ماڻهن کي پِٽڪو ته ڍورَن کي ويل

حياتيءَ اسان جيءَ تي، صد حيف آهه،

جو ڪوڙن ڪمن جو چڙهيو ڪيف آهه.

     خباثت، خساست ۾ خوڪن، خصال،

ڪُتن کان به ڪمتر، مِرن جي مثال.

جي صورت ۾ انسانَ آهيون بَحال،

ته سيرت،  سگ و گرگ، شير و شغال.

جنهين ڪاڻ آيا، ويا سو ڀُلِي،

عجب، گوڙ گهمسان جي وا، گهُلي.

رڳو پيٽ پالڻ ۾ سڀ ويا مَچي،

انهيءَ گند ۽ گار ۾ ويا گَچي.

جنهين کي ڏسو، سو اتي غرق آ،

مِرُن ۽ اسان ۾ نه ڪو فرق آ.

مِرُن ۽ پَسن جان سڄو ڏينهن رات،

سمهڻ، کاڄ کائڻ سندي آهه تات.

مگر سچ، انهن کان به آهيون خراب،

جو تن تي نه آهي، حساب ۽ عذاب.

هتي ڀي اهي ئي ڇُٽا جي ڪُٺا،

مگر هاءِ ماڻهو! ٻنهي هنڌ مُٺا.

شريعت جو شيوو، ڏنوسون ڇَڏي،

وڌوسون سون گناهن ۾، غفلت گڏي.

وَڌائي وِڌي، ٽنگ، حرص و اَمل،

ڦدوليون وڏا خرچ، خواري، خَلل.

لباسن نفيسن سندي، ٽنڊ ٽاءِ،

مڪانن جي زينت، سندي زيٽ زانءِ.

گَلابَند، ڪالَر، لڪڙ، هاف بوٽ.

گهڙي، ڪوٽ، پتلون، چشما، چروٽ.

قميصون ڪفن دار، جاڪٽ جُراب،

سليپر، سپاٽا، سبائڻ ثواب.

ڏنگِي سينڌ،. ننڍڙا ڇَتا، مُڇَ دراز،

ٽوال ۽ ڪنگهي، برش، صابڻ جو ساز.

صَفا سِرُ ته ڏاڙهي، چَڀَڙا چٽ، قَلم،

زبان تي به گِٽِمِٽ رهي دمبدم.

گَلي ۾ هجي نيڪٽائي سياهه،

ته پرشن يا ٽرڪش، ڪرسچن ڪلاهه.

سڄو ڏينهن  سيٽي، صبح و شام واڪ،

هجي هَٿَ ۾ هنٽر، ته ٽم ٽم ٽراڪ.

رکڻ هڪڙو بُل - ڊاگ، آهي ضرور،

 

مقرر هجي، چانهه، بسڪٽ جو ٽيم،

ته جاين جو سينگار، پڪچر فريم.

نصارن جو کاڌو، نصارا لباس،

ڪٻٽ، ميز، ڪرسي، بَتي ۽ گلاس.

نئين طرز پوشاڪ جو ڊبل ڊول،

پراڻي ڪيائين ته ٿيو، ڊيم فول.

رلايو ته شادين غمين جي رسوم،

کڻي قرض ڌوڙيو ڪجي،  ڌامَ ڌوم.

سوين  ناچ، نخرا، لکين رنگ راڳ،

پُلا، ٻوڙَ جا کوڙَ، لنگهن جا لاڳ.

خوشامد تي ڪوڙي، سمورو مَٿو،

تڏهن ڀي، گِلا جو نه گانگهو لَٿو.

جي ڏوڪڙ کَتا، سي نه هڙ هنج ٿيا،

پلئه گنج هڪڙن ته ٻيا رنج ٿيا.

بَها تي گناهن کي ٿا مُلهه وٺون،

جهُڳو ڀينگ، ته به ڪين هٽجون هَٺون.

جتي شور شَر، روح ريجهون اتي،

ٻُڌون دهل، آرام جئن ٿئي سُتي.

هنڀوڇيءَ تي ريءَ سَڏ جي هينئڙو هَلي،

لڳي لَٺِ، ڪِري پَڳ، به اڳتي مَرون.

جهمر ۾ سڄي رات پيو جهوٽجي،

حرام آهي جو اک کڻي ٻوٽجي!

ڌڪا ڌوڻ، دهلن جو سارو ثواب،

نمازن ۾ بيهڻ، نسورو عذاب.

ٻُڌوسون ڪو ٻارهو ۽ ميلو ته هاءِ،

هلون يار هت، خوب خرچيون کَپاءِ.

سڄو ڏينهن، جهيڙن وجهائڻ جي جهورَ،

ٿيا ٻهَ، ته لاوَت ۽ چاوَت ۾ چور.

اڃا ڪاٿي جهيڙي جو پٽڪار ٿيو،

هنيو ساهه، لَئون لَئون، ٺري ٺار ٿيو.

کَڻي ڇيڻون ڀورين ته ڏهڪار ٿئي،

ڪو ڪٽڪار، سٽڪار، ڦهڪار ٿئي.

جي برپا ڪتهين تي، ٿئي ڪو فساد،

اسان جو شغل، شوق، دل، شاد - شاد.

جي ڪنهن جو تنزل ۽ نقصان ٿيو،

ٻُڌي خوش خبر، دهن خندان ٿيو.

ملامت ۽ لعنت ۾، کوليون زبان،

گِلا ۽ بُرائيءَ جا آڻيون بَيان،

نٿو روح ڪنهن جي ڦدولي سهي،

 

     سوا عيب، ڪجي ٻيو لڇڻ نا لهي.

     پرائي ترقي، سُڻي جا ڪَنَن،

حَسَد جي وجهي باهه، ساڙي بدن.

طبع کي موافق، گِلا جي غذا،

بَدن جي رطوبت، حَسَد ۽ ريا.

اسان جي لياقت ته غيبت غرور،

اسان جي فَضيلت ته فسق ۽ فجور.

صفائر، ڪبائر، اسان جي صلاح،

گِلا، ظلم، بدعت، اسان کي مباح.

اسان وٽ ته ابليس، واندو وَتي،

فراغت ۾ فرحان، گهُمي ۽ گهَتي.

رهيو جو مُذمت ۾ باقي زياد،

ڏياريو، انهيءَ کي، اسان آهي ياد.

اسان جي مَداين کان ٿيو منفعل،

خرابي اسان جي کان آهي ڀڳل.

وَڌئون وَڌ، اسان جي ڏسي بات هِن،

ڏني آهي بدليءَ جي درخواست هِن.

چيائين ته؛ هِت منهنجو، ٿيندو نه داد،

جو هرهڪ هتي ٿيو، سندم اوستاد.

چوي هڪ، گُنَهه تان ڪريون، چار - پنج،

اسان وٽ ڀَلا ٿيا، گناهن جا گنج.

جي هن کي خبرهوءِ ته چوڏهين صدي،

کڻي گوءِ ويندي، مون کان، دربدي.

ته هيسين رهڻ جي ڪري ڪا نه ها،

جيئڻ لاءِ مهلت وٺي ڪا نه ها.

مگر فائدو هن کي هي ٿيو حصول،

جو فقرا گهڻا هِت سکيائين فضول.

سڌاري  اسان کان قواعد زيان،

خدا کان گهرون ڪو وري ٻيو جهان.

نفاق ۽ ڏسو ڪفر جا سڀ نشان،

ته ڪهڙا نه آهن، اسان ۾ عَيان.

اسان کان اچي، عار، ايمان کي،

شرارت ۾، ٿيو شرم، شيطان کي.

ڪمائي اسان جي، سڄي ڪوڙ ڪچ،

نه خالي ريا کان نه صافي نه سچ.

رڳو حَظ نفسي ۾ اڏريا هزار،

ڪشالا ڪروڙين، اوجاڳا آپار.

نه تڪليف تنهن ۾، نه عذر و قصور،

بدن باغ، دل خوش، ته سيني سرور.

ٿيو جي نمازن، درودن جو سَڏ،

 

     ٻَرا، سورَ صدها، اچي ٿِين گڏ.

     جي  خيرات، صدقي جو ٻُڌبو ڪلام،

چڙهي تپ پُو ويندو، بَدن تي تمام.

جي هلندي، زڪاتن جي ڪا قال قيل،

سوين عذر معقول، دلبا دليل.

جي گهُرندو ڪو پئسو يا ڏوڪڙ فقير،

وٺي باهه ويندي، اندرِ چاڪ چير.

جي رنڊيءَ جو فرمان، تان عين فرض،

قضا ڪين ٿيندو، کڻون توڻي قرض.

ڪٿي وعظ ٻُڌبو، ته ٿيندي بُڇان،

نه ايندي جميعت، لڇان ۽ پڇان.

جي لاچار وهبو ته دل بي اثر،

اتي ڀي، دنيا جا خيال ۽ خطر.

اها پندِ ايندي نه هرگز پسند،

چوي دل، ڪري شال بَڪواس بند.

ٻُڌڻ بانگ سان ٿو هڻي نانگ ڏنگ،

وڪوڙي وجهن وسوسا خوب ونگ.

جي چڪلي ۾ وڃبو ته ٿي چاق چست،

جي مسجد ۾ گهڙبو ته ماندو ۽ سست.

وڏو وس، جي اچبو، نمازن جي باب،

ته وٺبا هڻي، چار ٺونگا، شتاب.

جو الحمد بدران، اَتحيات، ڪار،

رڪعتون هُجن ٻَه، ته چاڙهيونس چار.

اڌو اڌ وضو، وقت ظاهر ضعيف،

بَدن روح بيجا ته نيت نحيف.

قضا، تان قضا جي پڙهي ته به قضا،

دَهن ۾ دعا آهِه دل ۾ دَغا.

نه ويچار ويهي ڪيون هڪڙو دَم،

ته مَربو ۽ پوندو، خدا ساڻ ڪَمُ.

ته عبرت، نه حيرت، نه عقبى تلاش،

زماني جو ڳرڻو ته مرڻو معاش.

ڪرايا هئا حرص، حيلا هزار،

ته پوري پئي ڪينَ ساري ڄمار.

جئين گڏ ٿئي ٿو، زر و مال گنج،

تئين وڌ ٿئي ٿو، تڪلف ۽ رنج.

لُچايون ڪَچايون، مَدايون ڪري،

بديءَ جا رکيم بار، سِرَ تي ڀري.

خدايا، سندءِ در ئي جائي پناهه،

ڪري مُنهن سيَه، ۽ وٺي دل تباهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org