سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام بلبل

صفحو :7

پَڪَڙَ تي ٿو، نا گرم جوشي ڪرين،

 ڏسي عيب تون، عيب پوشي ڪرين.

     خدائيءَ جو لائق تون آهين خدا،

جو سڀڪا صفت، تنهنجي بي انتها.

تون اهڙو اسان جو رحيم آهين رب،

گهُريو، آڻگهُريو ٿو بنائين سبب.

اميرن جو پرور، غريبن نواز،

تون ئي ساري مخلوق جو ڪارساز.

هِتي ڀي ڪيون تو، عطائون عَجيب،

اُتي ڀي ڪرين، شال رحمت قريب.

مُٺس جي ڪئي مون سان عدل و حساب،

بچيس جي کُليو، تنهنجي بخشش جو باب.

تون ڏاتار آهين، مٿم ڏات ڪر،

سڀئي منهنجا سيئات، حسنات ڪر.

بچائج خدا، شر شيطان کان،

نڀاڳي، نڌِر، نفس نادان کان.

گهڻو، صبر ۽ شُڪر جو شوق ڏي،

پنهنجي ذڪر ذاتيءَ سندو ذوق ڏي.

ڪرين معرفت ۽ محبت عَطا،

هدايت مَٿي، استقامت سدا.

ٿئي خاتمو خير سان با نجات،

به حرمت محمّد عليه الصلوات.

 

در نعت حضرت نبي ڪريم

صلي الله عليه وسلم

خدا ڀي ڪريم ۽ محمّد ڪريم،

پو عاصي ڪريون ڪهڙو محشر جو بيم.

محمّد اسان جو شفيع و شفيق،

خدا خُلق اعظم سان خلقيو خلق.

محمّد اسان جو امين  ۽ ايمان،

محمّد اسان جو، ضعيفن ضمان.

محمّد اسان لاءِ پشت و پَناهه،

محمّد، ٿيو دين جو دستگاهه.

محمّد وڪيل و محمّد ڪفيل،

محمّد وسيلو، محمّد جَزيل.

محمّد حبيب و محمّد طبيب،

محمّد نجيب و محمّد مجيب.

محمّد مجيد و حميد و حڪيم،

 

محمّد، رسول ۽ رئوف الرّحيم.

محمّد مبشر، بشير و نذير،

محمّد سعيد ۽ سراجا منير.

محمّد مزمّل و قويّ و امين،

محمّد مَڪين و متين و مبين.

محمّد علوّشان، عالي نسب،

قريشي و عَرَبي و امّي لقب.

محمّد مڪمّل، جميل و لطيف،

ابوالقاسم و هاشمي و شريف.

محمّد ٿيو مظهرِ ذاتِ حق،

ڪيائين قمر، ساڻُ انگشت شق.

محمّد سچو، سيّد و سرفراز،

محمّد سچو، ربّ، عزّت جو راز.

محمّد کي مولا ڏني سروري،

محمّد کي بخشي خدا برتري.

محمّد سچو، پيشوا، مقتدا،

محمد سچو هادي و رهنما.

محمّد حمايت، محمّد امام،

محمّد عليه الصلوات و سلام.

 

دربيان صرف اوقات

اچي هاڻ ٿي، عُمر تنهنجي تمام،

مَٽائي نه تو طرز و رسم و ڪلام.

سکئين ڪا نه ڪا صاحباڻي سِيرَ،

نه گڊ مارننگ، مئي ڊئر، ڪم هيئر.

پڙهي پارسي تون ته جاهل ٿئين،

وڏي قافَ سان، ڪين قابل ٿئين.

ٿئين تون ته محروم، ”سنڌيءَ“ سبب،

نه تو کي مليو، ڪوئي ”ٽَرَ“ جو لقب.

رهئين تون نسورو ڄٽاڻو ئي ڄَٽ،

ڪو حاصل ڪيو تو نه سرٽيفڪيٽ.

نه تون ٿئين هچارا، فصيح اللّسان،

سکئين ڪين ڪي، انگريزي زبان.

وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا، ٻَئي جَهان،

ڏنا ڪين ڪي تو انڌا، امتحان.

روينيو، جڊيشل، وڪالت، وغير،

ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڍيئي پاڻَ پير.

عمر ڀي اجائي ٿي بيسود، صرف،

 

ڪيئي ڪين حاصل ولايت جو شرف.

     نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختيارڪار،

                            ٿئين همسرن ۾ ذليل و خوار.

جي، بي - اي، ٿي، تولئي بيعد از قياس،

ته ميٽرڪيوليشن به ڪيَڙئي نه پاس.

جي هِنِ، جَجَّ، سي ايس، چئو تن کي جِي،

مبارڪ، مبارڪ سندن ماءُ، پِي.

ڄڻي تو کي مائٽ، نه سنڀريا ڪو سُک،

مُلون ٿي تنين کي، ڏنئي ڏنجهه ڏُکُ.

نه صاحبَ، ڪنهين جو ڪيو تو سلام،

نه ديوان ڪنهن سان، ٿئين همڪلام.

نه ٿئين ماستر، تون تڙو تپّدار،

نڪي ڍڪَ مُنشي نه اميدوار.

ڪنهين نوڪريءَ جي نه تو ڪئي تلاش،

رهئين تون ته بيڪار اي بي معاش.

نه آئي ڪا تو کي، رفيقن تي ريس،

ندورا جو تو کان پري ٿي پليس.

 

در بيان سخاوت

سخاوت ڪري ڪو نه دانا قبول،

سخاوت ڪري جو رهيو بوالفضول.

سخا ۾ ته هڪڙو، خدا آهه بس،

ٻيو پاڻَ کي ڪَس نه لائي اَوَس.

سخاوت ڪري ٿي، سَوَن کي سُڃو،

سخي آ هميشه، بکيو ۽ اُڃو.

سخا سو ڪري، جو هجي بادشاهه،

ڪري ٻيو  ته جهٽ ٿئيس خانو تباهه.

سخا کي سياڻا نه ڪن ٿا پسند،

سخا کان رهن، دور سڀ هوشمند.

سخيءَ جو هميشه رهي تنگ دست،

سخاوت ڪيو آهه، ماڻهن کي پست.

سخاوت ڪري، مفلسيءَ ۾ ملول،

سخاوت ڪرائي ٿي، دعوا دخول.

سخاوت روا ناهه، انصاف ۾،

سخا ليکبي آهه اسراف ۾.

 

اڄوڪي سخا آهه، چندو ۽ فند،

مقدمن ۾ رشوت، ڀَتا، ”في“ ۽ ڏنڊ.

     وڏو وَس ڏجي ناچَ يا رنگ ۾،

نهايت ته ناموس ۽ ننگ ۾.

مناسب سخا جا ته هي ٿيا عَمَل،

لباس ۽ جُوا، يا مڪان ۽ محل.

انهن کان سوا، خير خيرات ۾،

سخاوت شمار آهه بدعات ۾.

 

دربيان سخاوت

سخاوت ڪري ڪو نه دانا قبول،

سخاوت ڪري جو رهيو بوالفضول.

سخا ۾ ته هڪڙو، خدا آهه بس،

ٻيو پاڻ کي ڪَس نه لائي آوَس.

سخاوت ڪري، ٿي، سَوَن کي سُڃو،

سخي آه هميشه، بُکيو ۽ اُڃو.

سخا سو ڪري، جو هجي بادشاهه،

ڪري ٻيو ته جهٽ ٿئيس خانو تباهه.

سخا کي سياڻا ڪن ٿا پسند،

سخا کان رهن، دور سڀ هوشمند.

سخي جو هميشه رهي تنگ دست،

سخاوت ڪيو آهه، ماڻهن کي پست.

سخاوت ڪري، مفلسي ءَ ۾ ملول،

سخاوت ڪرائي ٿي، دعوا دخول.

سخاوت روا ناهه، انصاف ۾،

سخا ليکبي آهه اسراف ۾.

اڄوڪي سخا آهه، چندو ۽ فند،

مقدمن ۾ رشوت، ڀَتا، ”في“ ۽ ڏنڊ.

وڏو وَس ڏجي ناچَ يا رنگ ۾،

نهايت ته ناموس ۽ ننگ ۾.

مناسب سخا جا ته هي ٿا عَمَل،

لباس ۽ جُوا، يا مڪان ۽ محل.

انهن کان سوا، خير خيرات ۾،

سخاوت شمار آهه بدعات ۾.

 

دربيان بخل

هجي بخت جنهن کي ٿئي سو بخيل،

بخيلي ڪري سو هجي جو عقيل.

بخل آهي نعمت عجيب و غريب،

ٿئي ڪنهن  وڏي نامور کي نصيب

بخيلي خزاني سندي خير خواهه،

بخيلي گدا کي بڻائي ٿي شاهه.

     بخيلي ته ”گارڊ“ رهي گنج جي،

ريا رام هر دم وٺي رنج جي.

بخيليءَ کي عاقل ڪري اختيار،

بخيلي بڻائي، وڏو بختيار.

بخيلي ڪري جو موافق، مزاج،

ڪڏهن ڪين تنهن کي رهي احتياج.

بخيلي وڌائي، زر و مال کي،

بخيلي نه هيڻو ڪري حال کي.

خدا  کي نه پرواهه، خيرات جي،

نه حاجت زڪات ۽ نه صدقات جي.

سوالين تي آهي، خدا جو ڏمر،

ڇڏي در انهيءَ جو، رُلن دربدر.

نه پورهيو نه ڪارهيو، ٿا ڪن بيخبر،

پِـِنڻ ۽ سِنڻ تي ڪَشن ٿا ڪمر.

ڏيڻ ڀِي، انهن کي نه آهي رَوا،

نه پاراتي ۾، ۽ نڪي منجهه دعا.

رُکي ۽ سُڪي تي ڪجي پيو گذر،

ڏسي ڪو نه ٿو پيٽ کاڌو، پسر.

نه مهمان کي مُور ماني ڏجي،

مگر وات جي خوش زباني ڏجي.

ٿئي دين و ايمان، نقصان جان،

تڏهن ڀي ڪجي ڪين پيسو زيان.

بخيلن کي آهي، وڏي مدنظر،

سخي، هڪڙا، بي گُجي، بي ثمر،

بخيلن کي پر مغز، پيسي جو پور،

سخين کي سدائين، سُڃائيءَ جو سور.

 

دربيان تواضع

تواضع ڪرڻ، نيچ عادت خسيس،

تواضع اهي ڪن جي سادا سليس.

تواضع خوشامد جو آهي نشان،

ڪري سو جو، مفلس ۽ محتاجِ نان.

ڪري، بينوا، بيشعور،

انهيءَ چاپلوسيءَ جو ڪهڙو ضرور.

تواضع غريبن، فقيرن جو ڪم،

تواضع شريفن جي لئي بي ڀرم.

 

ڏيو هاڻِ هن جهوني ”فيشن“ کي ٻَنِ،

ڪيو آهه ”ڊسمس“، علم يافتن.

     تواضع ته ڪم، دل گرفتار جو،

ريا ڪار، مڪّار، غدّار جو.

تواضع ڦٽائي ٿو ماڻهوءَ جو مان،

تواضع وڇائي ٿو شوڪت ۽ شان.

تواضع ڪري، رفعت و رعب رفع،

تواضع ڪري، دهشت و تاب دفع.

تواضع نه آهي، سياڻن صلاح،

تواضع نه آهي، ملوڪن - مزاح.

 

دربيان تڪبّر

تڪبّر هجي، خاندانيءَ جو خو،

ته گل عهده داري جو خوشرنگ بو.

تڪبّر  ۾ آهن، حڪومت جا هَنڌ،

هميشه هَڻي ٿو ڪِلي منجهه ڪَنڌ.

تڪبّر ته وڏ ماڻهپيءَ جي ورونهن،

تڪبّر هجي، سروريءَ جي به سونهن.

تڪبّر، تجمّل جو آهي جمال،

تڪبّر، جلوو، جوڙ، حشمت جلال.

تڪبّر ته شهرت جو اوچو نشان،

تڪبّر ته آهي، شريفن جو شان.

تڪبّر ته حُڪما جو آهي، هُنَر،

تڪبّر ته اهلِ دَ وَل جو ثَمر.

تڪبّر ترشروئي ۽ تند خو،

اهي هرسه هِن، نسخهءِ آبرو.

تڪبّر سدا آهه سائي جو ساز،

نسب ۽ حسب لئي نزاڪت ۽ ناز.

تڪّبر ته آهي، معاون ملوڪ،

رُکو منهن، گهنڊي نرڙ ۾، ميٽ ڦوڪ.

برابر ڪو ويٺو - اُٿ بي ادب!

ڪو پيرين پيو نا ته غصّو غضب.

مگر افسرن، همسرن، کان سوا،

اٿڻ ڪنهن جي اڳيان نه رکجي رَوا.

مِلڻ جي رسم بَد ته ڀاڪر وجهڻ،

وڏو وس ته گهرجي، کڻي هٿ ڏيڻ.

خبر چارَ جي لانڍ، کيڪر وڏڙي،

اسان تان رجسٽر تان ڊاهي ڇڏي.

سلامن جي ورنديءَ ۾ آڱر کڻڻ،

اشارو ڪرڻ، يا ڀِرُن جو چُرَڻ.

 

جي بهتر ته آهي، تڪبّر تمام،

ته ڪنهن سان ڪجي، ڪو ڪلام و سلام.

در بيان علم

جي ڀانئين ته مولا ٿئي مهربان.

ته سِک علم تون انگريزي زبان.

انهيءَ علم ٻاجهون، هجي جاهلي،

شقاوت، نحوست سان گڏ ڪاهلي.

جي سنڌي ۽ عربي، پڙهيئي پارسي،

ته سڏبين وڏو سست ۽ آرسي

ٽُڪَر لاءِ محتاج، بيروزگار،

هجين حاڪمن وٽ، وڏو بيوقار.

پٽيوال ڀي، ڪين تو کي پڇن،

ڪلارڪ ته جاهل ۽ احمق سڏن.

رهن رنج تو کان، قريب و عزيز،

ته لائق ٿئين ڪين، اي بي تميز.

جي عزت جهان جي، رکو ٽنڊ ٽش،

پڙهو انگلش انگلش! انگلش!!

اهو علم، دولت جو آهي دليل،

زياده ته ”ميٽو“ پڙهي ٿي وڪيل.

اهو علم تو کي ڪري، عهده دار،

ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ۽ مختيارڪار.

اهو عمل بخشي فضيلت ڪمال،

حڪومت، مزا، عيش، اقبال و مال.

انهيءَ ۾ بلند بخت، نعمت الوف،

انهيءَ علم ڌاران، ڇَسو بيوقوف.

بنائي اهو علم، حاڪم حريف،

رسائي، اهو علم، لنڊن شريف.

دربيان جهل

سنڌيدان، جاهل، سيه روءِ سخت،

نجس نااهل، ناخِرَد، خفته بخت.

سنڌيدان، ”ڊيمٽ“، سنڌيدان، ”فول“،

رڳا جانور، جهنگلي ۽ جهُول.

سنڌيدان جي ڪهڙي آ دسترس،

سنڌيدان جو مانُ، ”گو -  ڊيم“ بس.

سنڌيدان بيدانش و بيخبر،

انهن ساڻ صحبت نه گهرجي پسر.

سنڌيدان ڪمبخت، ڪم روزگار،

نه لائق اضافي، نه قابل شمار.

سنڌيدان جو وَرڪ، ويري خراب،

ويچاري کي آفيسَ ۾ ڀي نه آب.

 

سنڌيدان کي ڪين ملند، گريڊ،

سنڌي ”ڊَلّ“، ۽ ”ويڪ“، بيڪار، ”بيَڊ“.

     سنڌيدان جي ”لسٽ“ ۾ ”لاسٽ پٻي“،

سنڌيدان  کي هڻ بندوقون ڀري.

جو سنڌيءَ جي ”سروس“، ۽ سنڌي ”ڊريس“،

ڪرائي  ٿي ”ڊسمس“ هلائي ٿي ”ڪيس“.

سنڌيدان اهڙا ته آهِن ذليل،

سزا تي انهن جي نه آهي ”اپيل“.

سنڌيدان ڪم ظرف، ڪِچرو، حقير،

پري ڀڄ انهن کان، جيئن تيز، تِير.

اڳيئي سنڌي ماڻهو، صدقي جو ساهه،

پڙهيو جي نه انگلش ته ويتر تباهه.

سنڌيدان ڪم ظرف، ڪِچرو، حقير،

پري ڀڄ انهن کان، جيئن تيز، تِير.

اڳيئي سنڌي ماڻهو، صدقي جو ساهه،

پڙهيو جي نه انگلش ته ويتر تباهه.

سنڌيدان محروم سرڪار کان،

انهن جي خورد و پوش اسرار کان.

سنڌيدان کان گهُر خدا جي ناهَه،

انهن سان مِلڻ قاعدي جو گناهه.

سنڌيءَ جو وٺي ڪين صاحب، سلام،

سنڌيءَ جو  سماعت نه عرض و ڪلام.

دربيان عدل

ٿيو عدل، رقمن ۽ رپين جو ”روڊ“،

بنيو عدل، ڪُوڙن ڪمائڻ جو ”ڪوڊ“.

عدالت مهانگي ۽ مدت گهُري،

رلائي، پِنائي، ڦُرائي، ڦري.

سوين ”سيڪشن“، فيصلا اڻ شناس،

تپاس و قياس و هراس و ”ڪراس“.

قلَم قاعدي جي هلي قال - قيل،

دليل و ”اپيل“ و اصيل و وڪيل.

پڇا ۾ جو آيو، سَچو با صفا،

ذرو پير تِرڪيو ته کائي هوا.

سَچا ڪاٺَ ۾ پيا ته ڪوڙا ڇُٽا،

وڪيلن رکيا خوب، ميڙي مُٽا.

هجي، عدل پالو، ”پليڊر“، ”پليس“،

رڳو ڪوڙَ تي ڪِن، ثبوتي سليس.

 

ڪَچي قيد ۾ جو پيو سو سُڪو،

                            ڇٽو ڇا؟ سزا هو ته ڀوڳي چُڪو.

     وڌي ڪم ويو، ڪورٽن کي اُپار،

هلي ڪيس هڪڙو، مهينا ٻه - چار.

اونهاري ۾ حاڪم رهن، ڏيهه - ڏور،

سفر جو مقدمات وارن کي سور.

سياري ۾ هر روز جي لڏ-پلاڻَ،

گِهِلبا وتن، سڀ سمن دار ساڻ.

رلي ٿين گهڻو رنج، شاهد - گواهه،

مِلي  ڪين تن کي ڀَتو، خرچِ واهه.

وِڌا سيءَ ساڙي، سڄي راتِ هاءِ،

نه ماني نه ٽِڪِي، نه جا ڳَهه، نه جاءِ.

ڏهاڙي ڏَمَر هِي ته حاضر رهو،

ويچارن سندو ويو، آهو ۽ سَهو.

غرض آهه پيسو عدالت جو ساهُه،

جي پيسو کٽو، تان عدالت، تباهه.

دربيان ظلم

ڪريان ظلم جي ڳالهه ڪهڙي ادا،

هجي سرخرو حاڪمن سان سدا.

ملي عام ماڻهن کي هن جي مراد،

نوابن، اميرن، سندو اوستاد.

زميندار جو آهه زيور ۽ زور،

سپاهين جو سرتاج، ميرن جو مور.

ڏئي سَريندي وارن کي سرٽيفڪيٽ،

وڪيلن سَندَ، نوڪرن جي ٽڪيٽ.

رهي راءِ صاحب جو هر دم رفيق،

هجي، خانصاحب جو خاصو خليق.

ٿيو ”جَنٽلي - مين“، جو ”گڊ - فرينڊ“،

ته مستر ۽ بابُن جي بازيءَ جو ”بينڊ“.

ڪري ڪو نه ڪامورو، ان ۾ قصور،

ٿيو سڀني کاتن ۾ ان جو عُبور.

ڀَتو پاڻ کائن، نه ڪو اُٺ رکن،

وٺي گشت ۾ گاڏيون، ٿا هلن.

سدائين سواريءَ جو آهي سوال،

ڏجي ڪين منشين کي، ڪنهن جي مجال.

هڻن خوب سرسات ۾ ٻيئي هَٿ،

نه پائي، نه پيسو، نه قيمت، نه ڪَٿ.

هڻن بٺ بيگر، ڪري ڌاڙ مار،

 

     لڏائن، پٽائن، ڪرائن شڪار.

     جتي ويا، اتي زلزلو، هل، هاڪ،

زميندار، ڪڙمي، رعايا، هلاڪ.

ڪمي ڪاري، ڊڪ ڊوڙ ۾ دردناڪ،

ڦر و مار، ڦڙڦوٽ، ٻرڙوٽ، ٻاڪ.

در بيان قناعت

قناعت جي معني سان دل لائجي،

بصر  ساڻ ڍوڍي - جوئر، کائجي.

رُکي ماني آهي، نبين جو ڏاج،

قناعت، ڪفايت، ولين جو ڪاج.

قناعت ڪري، سادگيءَ کي قبول،

قناعت ته آهي، اڳين جو اصول.

پلاءِ، ٻوڙ، حلوا، مٺايون، ڪباب،

شڪر، شِير شربت، سلوڻو شراب.

اهو کاڄ فرعون وارو جناب!

انهن تي وڏو آ، حساب و ڪتاب.

هجي ذات ميوو مَنع، ۽ مَلو،

ڀَلي کاڄ ۾ ڪجهه نه آهي ڀَلو.

نه ڏي گوشت -  چانور کي بصرن جو داغ،

جلائي جگر ٿو، ڦٽائي دماغ.

جي روغن ته آهي، نسورو زڪام،

مسالن جي ڪمتيءَ جو رک اهتمام.

مقوي ۽ جائز ته آهن، هي چار،

مَڇي ۽ لسي، ۽ بصر ۽ آچار.

رُکو آنّ، سبحان! نسورو ئي نور،

نه مَلو نه ڇَلو، نڪو سور پور.

قناعت جي معنى نه ڄاڻن جوان،

خوشامد ۾ ڪن ٿا ضرر ۽ زيان.

قناعت جي معنى تي ڪر خوب غور،

ڪِري ڪين کائڻ ۾ مانيءَ جو ڀور.

ڪڪڙ، ڪانءُ، ڦيريو ڀريندو رهي،

ڪُتو ۽ ٻلو، مَر تڪيندو رهي.

ٻَچو ٻارُ ڦٿڪي ته پائي نه ڏي،

ائين مفت پنهنجي ڪمائي نه ڏي.

سوالي، سَڏيندي، ڏئي توڻي ساهه،

ته پئسي بجا، ڏي نه هڪڙو گواهه.

تون مهمان کي مِل، هڪو ۽ ٻڪو،

پَهر کن جي ويٺو ته پاڻهي ٿَڪو.

ڏنو، منهن نه هڪڙي کي، اَڻهون، آلِي،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org