سچائي، برهمڻ جي ست - ڀڄن ۾ ڪا نه ڏسجي.
خبر دين و ڌرم، اخلاق ۽ آداب جي هرگز،
اها ڪاليج ۽ پڻ مدرسن۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
نه ڪنهن مجلس مشائخ ۾، ادا، بو، معرفت جي آهه،
جمع دل، قلب جي راحت، قبن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
رهن شيخ و برهمن، شغل دنيا ۾، مگر خالص،
عبادت، مسجدن ۽ مندرن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
اجالو عقل ۾ ناهي، نه اڄ جي علم ۾ اوجر،
فضيلت فائدي جي، علم و فن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
نئين تهذيب ۾ اڄ ماڻهپي جو ڪو نشان ڪونهي،
نصيحت ناولن ۽ ناٽڪن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
نه يارن ۾ رهي ڪا يڪدلي، يڪرنگ، يڪرائي،
وفائي، دلبري، اڄ دوستن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
وڏن جو ڪو ادب، ارڪان ناهي ناشناسن کي،
اها فرمان بَري، فرزند وزن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
ننڍا ٿيا نااهل ناڪس، نڀاڳا، بي حيا بلڪل،
پراڻي پاڪبازي، اڄ نوَن ڪا نه ٿي ڏسجي.
هئي جا اجنبي ماڻهن جي الفت، پاڻ ۾ ايڪو،
اها ساڃاهه، ويڳن جي سڳن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي،
لکين ماڻهو، لکيڻا ها، لياقت ۽ فضيلت ۾،
سَوَن جي سونهن سوڀيا، اڄ ڏَهَن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
بصارت جي وئي اک پورجِي، کان پيرويءَ پاڪَن،
اڳوڻي اوٽَ انڌن جي، سڄن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
مساوات ۽ مسلمانِي، شرافت ۽ نجابت سان،
ثقاهت ۽ وجاهت ڄڻ، وڏن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
جوانن ۾ هئي جا جوتِ ڪلهه طاعت ۽ تقوى جي،
اها اڄ پارسائي، پيرسن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
سخاوت جي عوض، سادات سائل ٿي وتن پنندا،
اها پرهيز، آلِ پنجتن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
شغالن کي هئو جو شوق، هن کان اڳ شڪارن جو،
گواهي اڄ اها گرگِ ڪُهَن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
رهيا من ۾ اسان جي اڄ، ڪدورت، ڪوڙ ڪينو،
صفائي صاف سينن جي، بَدن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
بهاريون، بوند، برساتون، سڻاوا سڀ سڪر، ساول،
اها برڪت ته اڄ بحرن، بَرَن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
جنجل، هيڙا، جنگيون، ڌاڙا، مسلمانن ۾ جي آهن،
جب، اهڙي ڪا حالت، ڪافرن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
بهار آئي، خزان جي مٽ رهي، ڪيئن باغ ۾ ”بلبل“،
اها خوش رنگي ۽ خوشبو، گلن ۾ ڪا نه ٿي ڏسجي.
فنا
اي جانِي، هي جڳ فاني ٿَوَ،
ڪنِ سائين لوڪ، صدا،
بابا!
هيءَ عمر روان ته رواني ٿَوَ،
آخر ته فنا، هِي، فنا، بابا!
گياني نه رهيا، ڌياني نه رهيا،
ڪئي جوتش - لاثاني نه رهيا،
ٿيا آخر سڀ فاني، نه رهيا،
فانيءَ کينه آهي، بَقا، بابا!
ڏس، ڪهڙا شاهِ زمين ويا،
افسوس نه ٿين جا باقي رهيا،
نه نشانَ رهيا، نه مڪان نه مڪين،
بنگلا، بستان ۽ سرا، باباٰ!
نه ڪو شاهه رهي، نه وزير هي،
دانشمند ، دبير، رهي،
نه امير رهي، نه فقير رهي،
هڪ رهندوپاڻ، خدا، بابا!
ڌن، دولت، خواب و خيال اٿوَ،
اقبال، ڪمال، زوال اٿوَ،
هيءَ مِلڪ، پرائو مال اٿوَ،
پنهنجي نه اٿوَ ئي ڪا، بابا!
هن دَم جو قدم هر، سوي عدم،
سڀ موت اڳيان ٿيندا سرخم،
هي ناز، نعم، يا جاه و حشم،
ڪنهن ساڻ ڪندا نه وفا، بابا!
هل هيڻون ٿي، ڪر هورو هڏ،
ڇڏ ماڙيون، ڪر نه خزانو گڏ،
ٿئي آخر نيٺ اَجل جو سڏ،
هيءَ ٽرندي ڪين قضا، بابا!
آهي سڀ جي قضا ۾ مرگِ بلا،
ادنى اعلى نه ڇڏي، اصلا،
فقرا، اغنا، شعرا، امرا،
حڪما، علما نه بچا، بابا!
گلزار ۾ گل گل ڪين رهي،
هن باغ ۾ ”بلبل“ ڪين رهي،
هي غوغا، غلغل ڪين رهي،
نه ادا، نه ندا، نه صَدا، بابا!
خطاب به دل
اي دل تون مسافر آهين، دنياي دَني ۾،
آ لطف وطن ڪهڙو، غريب الوطني ۾.
پرواني کي حاصل نه ٿيو، شمع کان هرگز،
جو لطف محبّت جو هجي سو ختني ۾.
ڪي گنج ۾ گم غرق ته ڪي رنج ۾ راضي،
ڏس فرق عيان آه ڇا، محتاج و غني ۾.
دنيا کي ڪيئي ترڪ ته جائز نه طمعِ مال،
کيسا نه ٻُڌاسون، فقرا جي ڪفني ۾.
تجارت
گهڻو افسوس آ يارو، اسان کي پنهنجي حالت تي،
جو دلداده ٿيا آهيون، سدا يورپ جي عادت تي،
لباسن تي، ۽ فيشن تي، تمدّن تي، طبيعت تي،
نه عزت تي نه دولت تي، نه محنت تي، نه صنعت تي:
ولايت جو هلي واپار، ۽ دولت اسان جي آهه،
سئي ڌاڳي سندا محتاج! ڇا حالت اسان جي آهه.
ننڍن کي يا وڏن کي وات ۾ وائي ولايت آهه،
سوديشي ساز سامان کان سڀني کي نفرت آهه،
اسان ۾ ڪا نه ڪا اهڙي حميّت آ نه همّت آهه،
جي ورتايون اسين ديسي شيون، ڪهڙي قباحت آهه:
ڏسو، ان کانسواءِ، سڀ چيز ورتايون ٿا ٻاهر جي،
گريبان ۾ نهاري، ڪي ڏسو، حالت ادا گهر جي.
اپت، پيداواري ۾، هي اسان جو ملڪ افضل آهه،
زراعت ۾ زياده روز اول کان سو اول آهه،
مگر هن ۾ جو عقدو آ، ترقيءَ جو سو لاحل آهه،
وڌايون ملڪ جي صنعت ته اهڙو حق حاصل آهه:
رڪاوٽ ڪين ڪي ان جي بڻي ڪا ٿي نهاني آهه،
اجايو بيوقوفن ۾ پئي اڄ بدگماني آهه.
اجايا جي ڪيو ٿا خرچ، تن مان ڇا ٿئي حاصل،
توهان جو جنهن ۾ واڌارو ٿئي، ان ۾ رهو شامل،
ولايت مثل، پنهنجي ملڪ کي ڪيو، ڇو نه ٿا قابل،
خدا جي واسطي، صنعت ۽ حرفت ۾ ٿيو شاغل:
ادا اڄ وقت ويهڻ جو نه آ، آرام راحت جو،
مگر آهي، زمانو هي، هنر، حرفت ۽ صنعت جو.
بنايو ڪارخانا ۽ وڌايو فن و حرفت کي،
وڃايو ملڪ جو افلاس ۽ پنهنجي مصيبت کي،
کپايو ديس جي واپار ۾، ڌن، مال دولت کي،
ٻيائي ٻن وجهي، ايڪو ڪريون، هاريون نه همت کي:
نصيحت هيءَ مڃي منهنجي، همه هرجا هجو يڪدل،
مسلمان يا هجو هندو، ڪه جاهل يا هجو عامل.
ادا ٿيندي پڄاڻي ڪا، اسان جي خواب غفلت جي،
رواجن جي ۽ رسمن جي، سڃائيءَ جي، مصيبت جي،
ڪندئو ڪا قوم جي، يا ملڪ جي ملّت جي حاجت جي،
ڪسب جي، ڪار جي، تعليم، حرفت جي ۽ صنعت جي:
حقيقت تي رکي بنياد ”بلبل“ جو بيان سارو،
اوهان تي ئي، اوهان جو حال، آ جنهن ڪيو عيان سارو.
جماعت بندي
محمد جو فرمان آهي هدايت،
سندن قول آهي، سراسر سعادت،
موافق تي شايان آهي شفاعت،
مخالف تي لاحق آ لعنت، ملامت:
اطاعت ته سنت جماعت ۾ آهي،
اها خوبي، هن خير امت ۾ آهي.
جي ڪنهن جاءِ، اسلام جي انجمن آ،
ته او نور و عرفان جو گويا چمن آ،
اها رسم ٿي، پارسائي ڪُهَن آ،
جماعت، هدايت جو حبل ورَسَن آ:
هي مسلم کي الفت جو فرمان آهي،
اسان جو اهو دين و ايمان آهي.
هجي دين و ايمان، سرافراز، ان کان،
ترقي ۽ دولت جو در، باز ان کان،
پرائي ٿو، انسان، اعزاز، ان کان،
کُلي ٿو حقيقت جو سڀ راز، ان کان:
انهيءَ راز جو اتفاق آهه، نالو،
اهو دين جو آهِه، حلقو هالو.
انهيءَ کان جو ڇڙواڳ، آزاد رهندو،
بلاشڪ هو بي يار، برباد رهندو،
ڪڏهن ڪين دنيا ۾، دلشاد رهندو،
جو پنهنجن سان هڪ آ، سو آباد رهندو:
ٻُڌو باتِ ”بلبل“ جي دل سان هنڊائي،
ٿو هر هر، اوهان کي، چتائي، سڻائي.
مسلمان
اسان جو باصره، حيرت فزاي عقل و همت آهه،
اسان جو ذائقو عبرت فروشِ عام نعمت آهه.
اسان جو ناطقو آ، يا ڪليدِ گنج صنعت آهه،
اسان جا سامعو، گنجينه صد رازِ فطرت آهه:
اسين ڄاڻون ٿا گرم و سرد کي، لمس انامل سان،
سڃاڻون باس يا خوشبوءِ ٿا، توفيق ڪامل سان.
دماغ آهي، اسان جو داٻلو، هڪ راز قدرت جو،
انهيءَ جي خاني خاني ۾، تماشو آهه صنعت جو،
ڪوئي گهر، عيش جي منزل، ڪوئي خانو مسّرت جو،
ڪوئي ڪاشانهءِ خوبي، ڪوئي خانو محبت جو:
امانت چورخاني ۾، رکيو ٿس، نقد پنهان کي،
لکي پيشاني ۾ ٿس، پيش اچڻي آ جا انسان کي.
اسان جي شمعِ دل روشن رکيل سيني جي اندر آ،
نِڙي چمني مثال آهي، ضيا افروزِ نيچر آ،
گلوب ان جي مٿان قابو، اسان جو ڪاسهءِ سر آ،
زبان ان جي، زبانهءِ روشني، نطقِ سخنور آ:
الاهي موم بتي دل سندي تو ڇا جلائي آ،
ولايت جسم جي، جنهن کان سدا روشن نمائي آ.
مگر سچ چئو مسلمانو! اسان کي ان کي سڃاتو ڪئن؟
خدا جي هيڪڙائيءَ جو اسان هي ڄاڻ ڄاتو ڪئن؟
اسان، اسلام جي ملت ۾ آڻي پيچ پاتو ڪئن؟
عبادت، عشق، عرفان ۾ نظارو، نينهن لاتو ڪئن:
رسي هي روشنائي سڀ، اسان کي آ رسالت مان،
ڪڍيو جنهن دين سان، دنيا کي ٻاهر ڪفر و ظلمت مان.
اهو مالڪ رسالت جو، پيارو پاڪ پيغمبر،
محمد حامد و محمود، احمد، راحم و رهبر،
سچو مالڪ سٻاجهو سيّد ۽ سرتاج ۽ سرور،
شفيع و شافعِ محشر، سخي و ساقي ڪوثر:
جهان ساري ”بلبل“ نور جلوه گر محمّد جو،
محمّد، حقّ جو مظهر ۽ حق، مظهر محمّد جو.
گرمي
لفظ گرميءَ جو لکان ٿو ته قلم ۾ گرمي،
دل ۾ گرمي، دهن و ديده و دم ۾ گرمي.
گرم مس، ڪاغذ مضمون جي معنيٰ گرمي،
منجهه هٿن، پير، بدن، پوست، لحم ۾ گرمي.
نور ۾، نار ۾، هر خشڪ ۾، تر ۾ گرمي،
وڻج واپار ۾، هر ڪار ۾، ڪم ۾ گرمي.
باغ ۾، صحن ۾، گلزار و چمن ۾ گرمي،
گل و ”بلبل“ ۾، شجر شاخ ۾ نم ۾ گرمي.
آهي اڄ سونهن سراپاي صنم ۾ گرمي،
ناز و انداز ۾ ۽ دم ۾ قدم ۾ گرمي.
گل تي گويا هي، پگهر جو ٿو چڪي آب گلاب،
اک جي شوخيءَ ۾، سنديءَ زير ۽ بم ۾ گرمي.
عود و عنبر ٿو جلي، آتشِ گرمي ۾ عجيب،
زلف ۾، پيچ ۾، هر تار ۾، خم ۾ گرمي.
لب، سندءِ لعل بدخشان ٿو پچي گرميءَ ۾،
دهن ۾، دم ۾ ۽ دندان ۾ ۽ غم ۾ گرمي.
هٿ هجي، ڇاڙ ۾، ۽ ڇيڙ ۾ گرمي ته هتي،
ڇوهه ۾ ڇڪ ۾ ۽ ڇڏ ڇڏ ۾، قسم ۾ گرمي.
آهي، ”بلبل“ جي بدائع ۾، بيان ۾ گرمي،
نثر ۾ نظم ۾، ڪاغذ ۾، قلم ۾ گرمي.
يتيمن لاءِ امداد
اسان ۾ اي اِلٰہ العالمين، ايمان پيدا ڪر،
اسان جي فارغ الباليءَ سندو امڪان پيدا ڪر!
اسان ۾ خير جي ڪم جي خدا ڪا آن پيدا ڪر،
خدا، مُرده دلين ۾ جود جي ڪا جان پيدا ڪر!
يتيمن جي ٿئي ياري، سندن ڪو غور غمخواري،
اهي وڻجار، واپاري، ڪي بازرگان پيدا ڪر!
وٺي ٻج واليتامى جو، تقاويءَ ساڻ تقوى جي،
جو پوکي پوک عقبى جي، اُهو دهقان پيدا ڪر!
يتيمن کي ڪيو آ ياد، خالق گڏ قريبن سان،
ته تون ڀي پالنا جو گڏ، سندن سامان پيدا ڪر!
يتيمن جو ادا ڏاڍو ڏکيو آ درد بي مُهتو،
انهن جي دردِ دل جو جلد ڪو درمان پيدا ڪر!
يتيمن تي رکي جو هٿ، خدا جو هٿ انهيءَ تي آهه،
عنايت ايزديءَ جي عونَ جو عنوان پيدا ڪر!
يتيمن لئه ”فلاتقهر“ ۽ سائل لئه ”فلا تنهر“،
ڌڻيءَ جي حڪم جو هر وقت، دل ۾ ڌيان پيدا ڪر!
خدا ڪا خير جي توفيق، بخشج اهلِ دولت کي،
يتيمن لاءِ يا ربّ، راهه ڪا آسان پيدا ڪر.
بچائين جي ادا پنهنجي تون ڪِشتي، بحرِ عصيان کان،
يتيمن جي سهاري ساڻ ڪشتيبان پيدا ڪر!
مبارڪ جي ڪرين تون مال دولت، خير و برڪت سان،
يتيمن، بيڪسن جي دلبري جو دان پيدا ڪر!
يتيمن جي ڪري جو ياوري، تنهن جو خداوندا،
متاع و مال افزون، آل صالح شان پيدا ڪر!
”فتح“ (1) آهي ”محمد“ جي، مبارڪ اسم سان شامل،
انهيءَ تحريڪ جو ڪو قدر، قيمت، مانُ پيدا ڪر!
يتيمن لئه ڪراچيءَ ۾ آڏايو خوب ڪو خانو،
سگهو اي ”سيٺ عبدالله (2)، ڪو سامان پيدا ڪر!
ڇپر ۽ ڇانوَ ۾ ويهي، پڙهن، پَلجن، ڇنا ڇورا،
دلين ۾ داورا، امداد جو ايمان پيدا ڪر!
يتيمن لئه ٺهي خانو ته سڀ آباد ٿن خانا،
انهن جي استعانت لاءِ ڪي انسان پيدا ڪر.
سخا جي سَروَ جا صلصل ڏين صدقا اچي، ”بلبل“،
بلاغت ساڻ تون تبليغ جو بستان، پيدا ڪر!
مزاحيه شاعري
نئون زمانو
گَهر کان نڪتا، نيٽونيچر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا!
سيرَ ۾ ٽوپي، هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
ٽاپ ٽيپ ۾، آڪڙ شاڪڙ، ڏاڙهي ڪوڙي، مڇون ماڪڙ،
سواري بائيسڪل جي سرسر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
ڪالر ڪوٽ، قميصون، جاڪٽ، پائن ٿا پتلون ۽ پاڪٽ،
چيچاٽي بوٽن جي چرچر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گٽمٽ، گٽمٽ، واتَ ۾ وائي،
يو - سي، مستر مستر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
کيلَ خوشيءَ ۾ بردم خوردم، ميل جول ۾ وحشي بيدم،
ٽورَ ٽِلڻ ۾ هربر، هربر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
ڪرڪٽ بال ۾ مرد زنانا، ڊوڙن ڊُڪن، تال، ترانا،
هرّي، هرّي، ها، ها، هر، هر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
چمچا، ڪانٽا، کٽپٽ، کڙکڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ تڙ،
شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شرشر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
گينڊي، صابڻ، برش طرازي، بوس وڪنار، ڪتن سان بازي،
فوٽو، فنو، پيانو، پڪچر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
جنٽلمين، مِسيِن جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر، ڏوڙا
سوڙا،
نچ وي باندر، نچ وي باندر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
ڏسج نئون تهذيب نمونو،”بلبل“ باطل فيشن جهونو،
بابُو، يابُو، مِيم، مڪسچر، تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
نئين تعليم
آه نئين تعليم گڙٻڙ، در جهان انداخته،
حرڪتون شيطان ڦڙڦڙ، در جهان انداخته.
عمر ساري، علم انگريزيءَ اندر وري ڪري، علم
هر هنر اخلاق کي گهر، در نهان انداخته.
انگلش جو ڏسي، اڄ زور ”بلبل“ بيگمان،
عقل وارو خر ٿيو درتاب و توان انداخته.
گرچه ڪارو منهن اٿم، ته به ڪاڻ ناهه،
ٽوپلو پائي، حماقت ٿو گهران.
ڪاري جو قول
عقل ۾ آڻي شريعت کي تمام،
دين و ايمان، پنهنجو غارت ٿو گهران.
ڀل ته مرتد، هي چون، ملا مگر،
مان ته انگريزن ۾ عزت ٿو گهران.
لائي چشمو، چست چاڙهي، سوٽ بوٽ،
مثل صاحبلوڪ، صورت ٿو گهران.
گوري جو جواب
گرچه آهي، تنهنجو مون کان سينو صاف،
ڪاري ماڻهوءَ سان ڪدورت ٿو گهران.
آ لقب لائق ٿيو تنهنجو، ”ڊيم فول“،
مان ڏيڻ تو کي نه عزت ٿو گهران.
حال زار زمينداران
جڏهانڪر پئي رسم سرسات جي،
نه باقي رهيس ڪوئي سامان نه رخت.
زميندار ٿي ويا، زبون زار چٽ،
چون ڄٽ ته ڪهڙو ٿيو آهه ”وخت“.
رعايا جون آهون ۽ دانهون سدا،
مڙيون، حاڪمن وٽ، وڃي، گرد تخت.
چوايو هي ”بلبل“ انهن ڏي آ قول،
”رعيت چون بيخ ست،
سلطان درخت.“
گشت جي مصيبت
تنگ سرسات ڪيو، بار الاهي مددي،
بٺ بيگر مددي، سُّوٽو ۽ گهوٽو مددي.
آهه ڪاموري سندي، هوڙَ، حرامن ۾ تکي،
انب، گدرا مددي، اڪرو، ڪو موٽومددي.
خوب ٿا گشت ۾ ڪن، ڀوڄن، سرسات وٺي،
وري حلوو مددي، پستو ۽ ڦوٽو مددي.
گهَر ۾ آهي نه رعيت جي ڪو پائِي پيسو،
لٺ لوٽو مددي، صافو ۽ موٽو مددي.
هيلهه پاڻي به نه آهي، جو سُڪن ٿا ٻيجا،
سربرهنه مددي، صاف لنگوٽو مددي.
جو چوي سچ، سو وڻي ڪين ٿو هرگز ”بلبل“،
ڌَڪُ باٺو مددي، گار ۽ گهٽو مددي.
ڪارن جي ڪار گذاري
ڪارن جي ٻڌ، ڪار گذاري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
جنٽليميني جلسا جاري
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
جايون تن جون، هال ۽ ٽاور،
چشما، فرش، فروٽ، فلاور،
لڪچر، پڪچر، ڊنر ڊاري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
ڪاڻ و داع سلوٽ سلامي،
ٽوپي هٿ ۾، ٽامي ٽامي،
”آءِ ايم ويري ساري“ پياري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
باجو، بينڊ، بگل ۽ بڙگم،
وايولن جي رين رين، رم رم.
نچڪو ٽپڪو، واري واري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
ڪوٽ سبائن سارو ڪارو،
ڊانس بوٽ، ولايت وارو،
ٽوپي ڪاري، سر تي کاري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
ڏارهيءَ ساڻ ڏهاڙي جهيڙو،
مڇون گانگٽ، وڇونءَ ويڙهو،
سيٽي، لڪڙي، چرخ شماري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
ڌرم ڪرم ڪي ايسي ويسي،
عادت انگلش مينن جيسي،
ديسين جي آ، ڌاري نياري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
گهر ۾ ”بلبل“ گائون ڍڪائج،
شام صبح جو واڪ وٺائج،
ٻانهن بغل ۾، منهن تي ڄاري،
”هِپ هِپ هري، هِپ هِپ هري.“
وقت حال، نئون سال
هن اخبار کي سال مبارڪ،
گورن کي ناتال مبارڪ.
ڪارن کي ”يو، ڊيم بلڊي“، فُول، لقب في الحال
مبارڪ،
هارين کي هَرَ، بَٺون بيگر، ڪوڏر، قحط ۽ ڪال
مبارڪ.
زور زمــيـنــدارن تــي ڏاڍا، ضبطيون، ظلم، زوال
مبارڪ،
هندن کي زر، زور، حڪومت، عــزت، مـال، اقـبال
مبارڪ.
اهل اسلام لئي ڏک ڏاڍا، ڳڻتيون، آل، عيال مبارڪ،
ڌڪا، ڌوڻا، مِهڻا سِهڻا، قرض جا رنج، ملال مبارڪ.
بيعلمي ۽ جهيڙا، جهٽا، جام ٿيا، جنجال مبارڪ،
انگلش مئن کي جاڪٽ پاڪٽ، صابڻ، برش، ٽوال مبارڪ.
ناچ تماشا، نچّن ٽپّڻ، ڪرڪٽ ۽ فٽبال مبارڪ،
افسر عالي کي ٿيو اڄڪلهه، دورو ۽ پرتال مبارڪ.
مرغيون، ماکيون، مصريون ميوا، بيدا، ميدا، مال
مبارڪ.
ڪوڙا ڪيس ۽ ڪوڙا شاهد، فتوى ٿي في الحال مبارڪ.
واءِ وڪيل ڪفيل لچن جا، ڌوڌ، دليل، ڌمال مبارڪ،
متمحنن جي موت، معمّا، سخت جواب، سوال مبارڪ.
اخبارن جا ٺهڪا ڦهڪا، تيز تعصّب، تال مبارڪ،
قومي جهڳڙا، جهيڙا، جهٽا، چالاڪين جي چال مبارڪ.
حملا، هوڏون، طعنا، تنڪا، ڪوڙ، بدوڙ ڪمال مبارڪ.
آههِ رفارم جي ٿي رين ريجن، حال نه آهي، قال
مبارڪ.
ڪالج، ڪلب، مدرسا، ميڙا، صدها، سال بسال مبارڪ.
سورس لاءِ سدائين سوالي، ٻاڪارن برحال مبارڪ.
حاڪم ڪين پڇن ٿا تَن کي، ڪن ٿا، ٽالم ٽال مبارڪ،
پرانا، انعام، عطائون، لنگيون، پوتيون شال مبارڪ.
خاطن جي خوشخبري خاصي، عمدا حال احوال مبارڪ،
ٽنڊو ٽوپڻ، لُنڊي ٻوٽِي، شعر جو شغل اشغال مبارڪ.
حيف زمانو، آههِ مقابل، شير سان شاهه شغال مبارڪ.
مشتاقن کي پٽڪو، کُٽڪو، وائِي، هُجزُ و وصال
مبارڪ،
”بلبل“ کي گل، مضمون، رنگين، گل کي شاخ، نهال
مبارڪ.
پوليس
ڏسو پوليس جو تلبيس ملڪ الموت جان مارو،
مثالِ گرگ ڳاڙهو وات، سر ۽ ٻيو بدن ڪارو.
روينيو يا ڪ سيول جا، اچن تنهنجي مقابل ۾،
ڪٿي گر به ڪٿي آ گرگ، فرق آ ڪيترو سارو.
هجي سوناري جو سؤ ڌڪ ته لوهر ٿو هڻي هڪڙو،
ڪٿي جهرڪيون ڪٿي ٿيو گرڙ پک جو لهس لامارو.
رهن ٿا ديو هيبتناڪ جان ڪرڙا ڪنسٽيبل،
ڏسو جو وارداتن تي لڳي ٿو تن سندو وارو.
ستمگر سنگدل ٿيا صاف صوبيدار صاحب جن،
رکن ٿا جور جمعدار جابر سي جفا ڪارو.
هجن راڪس اهي رهزن سپاهي سڀ وڏا ننڍا،
انسپيڪٽر بهادر برڙ باڪس جان رکن بارو.
ڀلي ڀاڳئي ڏنو اطلاع جي چوري چَڪاريءَ جو،
اچي ٿيندو مٿي ان گند گارين ويڻ وسڪارو.
يڪي نقصانِ مايه ٻيو شماتت زار همسايه،
ٽيون پادر پُليسي پيو اچي منجهه ويل ويچارو.
گهرن ٿا گاهه ۽ داڻو، آڻيو ڪاٺيون ڪڪڙ ڇيلا،
ڪرن ميڙي ڪَٺا ماڻهو وجهن تن جي مٿان مارو. ڪڍيو
جي پئون پتو چوري سندو ڪو ڪن زميندارن،
ته سڏبو ڪار ۾ هوشيار صوبيدار سوڀارو.
نه ملندو مال ساڳيو يا سمورو جي نه تن کي پو،
ته ويڳو پاڻ ڀي پوري پٽائيندا اهو پارو.
ڀري چالان ڪوڙو ڪيس ڪورٽ ۾ ڪندا داخل،
وجهي ڪوڙا سچا شاهد رکي بهتان جو بارو،
رپوٽن ۾ ڪندا ريهون ته ٿيو بغداد آ بيحد،
هليو آ ڪيس ڪورٽ ۾ سڄو هر طرف هڪ پارو.
خدا شل ڏئي پنهه پوليس جي خوفن ۽ خطرن کان،
انهن جي دوستي آهي، کڻڻ سر تي ڪُنو ڪارو.
معافي ٿو گهُري ”بلبل“ جي آهي هن ۾ گستاخي،
اگرچه مون لکيو آهي، سچو احوال هي سارو!
قصيدا
حسن علي افندي
اڄ مڪرّم حسنعلي آهي،
اڄ معظّم حسنعلي آهي.
اهل اسلام لاءِ، واهَر، ويِر،
دين جو دم، حسنعلي آهي.
آسمان اوج ۽ فضيلت جو،
روشن انجم، حسنعلي آهي.
صدر منجهه سنڌ، نائب سلطان،
رڪن اعظم، حسنعلي آهي.
فيض ۽ علم خواهه دانش ۾،
رشڪ قلزم، حسنعلي آهي.
قدردانيءَ ۽ ميهمانيءَ جو،
مرد منعم، حسنعلي آهي.
فيض ۽ بخت جي جبين روشن،
اسم ارقم، حسنعلي آهي.
دولتِ رم و سنڌ و هند اندر،
اڄ ته اڪرم، حسنعلي آهي.
قوم جي زخم واسطي بيشڪ،
مثل مَرهم، حسنعلي آهي.
روئي گل، فيض و لطف تي ”بلبل“،
رونق و غم، حسنعلي آهي.
خانبهادر سيد الهندو شاهه
ز گلشن فيض تو اي نو بهارم نو بهار آمد،
نسيمِ دلکشا بر درگهت بهرِ نثار آمد.
بحمدالله که شامل حال لطفِ گرد گار آمد،
بشارت بر زيارت تو اشارت اين ديار آمد.
نهال مال و اقبال و ڪمال اجلال تو قائم،
به بيخش شاخسار آمد به شاخش بزگ و بار آمد.
بنامِ پاک سيد مير آندل شاهه هر کس را،
ز هي امن و امان آمد حصن آمد حـصار آمد.
تو گشتي مير محفل آنريبل ميمبرِ ڪونسل،
اهالي سنڌ را صد افتخار و صد وقار آمد.
به تعظيم و به تڪريم و به اعزاز و به اڪرامت،
مبارڪ در مبارک صد هزار اندر هزار آمد.
به اسم اعظم به جسم اکرم برادر زور بازو او،
انيس آمد جليس آمد مجير و مستجار آمد.
به جسم و جان و دل هر آرزو مندي ز الطافت،
توان آمد روان آمد شڪيب آمد قرار آمد.
به دل هر آرزومندي ز الطافت،
توان آمد روان آمد شڪيب آمد قرار آمد.
به دل بحر و به ڪف ابرو به دم عيسى و رخ انور،
عطا آمد، سخا آمد، شفا آمد چو يار آمد.
قضا تابع قلم طالع ملکَ خادم فلک مونس،
به نام آمد به کام آمد چو رام آمد چو يار آمد
به مک اندر به نظم به رزم اندر به بزم اندر،
امير آمد دبير آمد نصير آمد نگار آمد.
تنت سيما، کفت دريا، دمت شافي، دلت صافي،
به آب آمد، به تاب آمد، بديع و بي غبار آمد.
ز انعامت ز انصافت، دعا گو عدل جو يان هم،
صغار آمد ڪبار آمد، قطار اندر قطار آمد.
به اصلاحي به فلاحي به تعليمي و تفهيمي،
نذير آمد بشير آمد قوي دارومدار آمد.
به حالِ زار قومِ ما، ز مردم اهل استغنا،
نه کس را انتظار آمد، نه جانش بيقرار آمد.
نه وصفِ فيض و فضل وجودَ بذات دربيان گنجد،
نه آنرا اختصار آمد، نه اين را اقتصار آمد.
سردار محمد يعقوب سي آءِ اي
وزير خيرپور ميرس
بلبل کو سرِ مدح که هر بار هوا هي،
ديکها تو يه سردار سزاوار ثنا هي،
جو کام هي ان کا وه بجز روئي ريا هي،
جتني که کهون ان کي مدح خوب روا هي،
بيان خبي اوصاف کي کچهه حد نهين هي،
وه فرد هين ايسي که کوئي رد نهين هي.
هين منتظمِ حسن تدابير سياست،
هين عقده کشا، مهم امورات رياست،
نازنده انهين سي هين فن و فهم فراست،
بالنده انهين سي هين امن و عدل قيامت،
هي نسق عيان مملڪت آباد هي ان سي،
هان رفق نهان هر کس دلشاد هي ان سي.
هي گرچه صدر اعظم ذي مرتبه سردار،
پر ان ڪو نهين ڪبر نه خود بيني نه پندار،
هر بات مين ان کا نهين ثاني کوئي سالار،
اقبال مين اجلال مين افضال مين زنهار،
انصاف رواني کي يه کمتر هي نشاني،
پيتا هي هرن شير بهي اک گهاٽ په پاني.
وه مخزنِ الطاف و حيا صدق و صفا هين،
وه معدنِ اشفاق و رضا مهر وفا هين،
وه بحرِ سخا، ٻڌل توا، جود عطا هين،
وه ابرِ کرم مهر ضيا ظلِ هما هين،
کيا نام پيارا هي محمد مع يعقوب،
کيا خوب هي مرغوب هي محبوب هي مطلوب.
تدبير مين ايسي هين که تسخير جهان هو،
تحرير مين هر نکتهءِ تنوير عيان هو،
تقرير مين هر پهلوئي تصويرت بيان هو،
توقير مين تظهير مين تنظير کهان هو،
لو جامعِ حسنات هين سردار هماري،
اي سنده مبارک هو يه هين بخت هماري.
دعا نامه بحضور خان بهادر محمد ابراهيم خان
سزا هي حمد بذاتِ جنابِ رب جليل،
روا هي نعت به حضرت نبي کريم و جميل.
بجا هي گر مين دعا و ثنا کرون اسکي،
که اک رياستِ اسلاميه کي هين جو کفيل
وزير دانشور بينظير خوش تدبير،
بلند همّت عالي نظر، امين و عقيل.
خديو خابهادر محمّد ابراهيم،
خليل احمد و سردار صاحبِ تفضيل.
اگرچه ابر چهپاتا هي نور سورج کا،
مگر ه اور چمکتا هي با جزائي جزيل.
هوئي هين دولت و نعمت کي گر بهت حساد،
تو بس کمال ترقي کي به قوي هي دليل.
تري محاسن کو ديکهه دايئه قدرت،
لگا کي ڻيکه نظر سي بچائي هي چو سليل.
تمهاري نام مبارڪ کو کيسي آنچ لگي،
که نار خود هوئي گلزار و برد بهرِ خليل.
تمهاري ياور و همدم علي حسين و حسن،
تمهارا ناظر هر لحظه مهبطِ جبريل.
تمهاري حامي هين هر بار چار يار کبار،
تمهارا حافظ هر آن مصحفِ تنزيل.
جو تجهه په وار ڪري سر په اسڪي هو تلوار،
جو تجهه ڪو تا ڪي اسي آنکهه مين هو خار مغيل.
قصيده بر تشريف آوردن حضور هائينيس
سر آغا خان بهادر
شدِ از وردِ شاههِ من مڙده مسرّت موجزن،
از هر مکان از هر صحن، از هر زبان از هر دهن.
عيش و نشاط و نازگي، سبزي طراوت تازگي،
در گلشن و در گلبن و ر هر دمن در هر چمن.
در صحن باغ و بوستان نازان و خندان شادمان،
هر سنبل و هر سوسن و هر نرگس و هر نسترن.
از جلوه تشريف شهه ر شغل شادي زمزمه،
هر محفل و هر مجلس و هر مجمع و هر انجمن.
ما رازي نوري روي تو از بس سروري خوي تو،
سر بر فلک تن در طرب در فرح جان در جشن.
صد مرحبا صد مرحبا اي مالڪِ مهر و وفا،
فخرِ جهان بدرِ زمين پيرِ زمان ميرِ زمن.
شکر ست کز شرفِ قدم کردي کراچي چون ارم،
روشن ز تو عرب و عجم چين و حبش يورپ يمن.
انوارِ حق ديدار تو باعث يُمن دربار تو،
بي جستجو، بي گفتگو، بي کاست کم بيشکّ وظن.
چون خضر گشتي رهنما، عيسي عه دم و يوسف لقا،
راحت فزا، مشکلکشا، دافع عنا، رافع محن.
ظاهر ضيا، باطن صفا، شاههِ ولا، ماههِ هدا،
نور نبي، ابن علي، وارث ولايت پنجتن.
اي پيشوا اي مقتدا، از همتِ گرديده وا،
دارِ ولا کارِ هنر، انوار علم اسرار فن.
باطلوع در طينت طبع شد دين و دنيا مجتمع،
علم و عمل، عقل و ادب، حلم و حيا فهم و فطن.
از فيض احسانت عيان، با يک زبان اسلاميان،
هر معترف، هم معتقد، هم مطمئن هم مرتهن.
در بهتريِ قوم خود، هرگز نه با تو دم زنند،
هر معتبر، هر مقتدر، هر مدّعي هر لافزن.
سعي فراوان ساختي، پرادختي به نواختي،
باصد عطا، باصد سخا باصد نوا، باصد منن.
اي شاهه من والاهم، پيشت چه نذرانه نهم،
بهتر که سر قربان کنم، سازم فدا اين جان و من.
در مدح تو رطب اللسان هم فاضلان هم شاعران،
”بلبل“ بيان گوهر فشان، طوطي زبان، شڪّر شکن.
تاريخي مادا ۽ قطعا
تاريخ وصال پرملال پير روشن ضمير
حضرت خواجه پير عبدالحليم جان سرهندي
دريغا که آن خواجهء حق پرست،
ز دارالفنا شد بدارالمقيم.
ز نقلش مريدان را سينه چاک،
زممهرش دلِ دوستان شد دونيم.
ولي خدا صاحبِ فيض بود،
براهِ هدا عام فيضش
عميم.
به علم و عمل شرع او مشتغل،
به زهد و ورع معرفت مستقيم.
يا حسرتا زين وقوع وداع،
ويا ويلتا ز انتقالِ اليم.
بتاريخ هفده محرّم حرام،
ز گلزار جنّت رسيدش نسيم.
بشد روز آدينه غفران مآب،
مشرّف لقاي غفورالرّحيم.
زهر مصرعِ ثاني سال فوت،
نمايد کمالِ کلامِ کليم.
سروشِ سخن سال وصلش بگفت:
که - شد راحتِ افزون به قلب سليم.
هم ز آسمان بار آمد ندا،
مکانش امان دار جنّت نعيم.
(١٣٣١هه)
بحورانِ فردوس اين قول بود،
ولي مرد قابل برحمت رحيم.
(١٣٣١هه)
حبيبِ خدا را به اين شوق برد،
قضاي به وصلِ حبيبِ ڪريم
(١٣٣١هه)
زو روئي خرد هاتف سنِ گفت:
که - گويا نهان ماند گنجِ عظيم.
(١٣٣١هه)
بگو هم تو ”بلبل“ ز سالِ وفات،
فغفورِ ارم خواجه عبدالحليم.
(١٣٣١هه)
تاريخ بنا و اتمام مسجد شريف شهر
نصير آباد ضلع لاڙڪاڻه
ز آخوند صاحب محمد صديق،
بنا گشت تعمير خانهء خدا.
هم از دست صادق محمد نجار،
که بودند همراهه پسرش دوتا.
يکي ز ان. الهه بخش مرحوم بود،
بنامِ خدا کرد جان هم فدا.
دگر هست رمضان که اين کارخير،
يکم ماه رمضان نمود ابتدا.
اگر سال آغاز خواهي بدان،
که ”شمس الفيوض“ است سالِ بنا.
(١٣٢٧هه)
کرم بخش حاجي وريل ارّه کش،
نمودند درکار خود انتها.
ز احمد ز صديق و عبدالله،
نگارش شد اين نقش فرحت فزا.
ازين هر کسان تا ابد ياد ماند،
بنامِ بقا و بکامِ دعا.
در اتماماين صرف شد هفت سال،
به سازندگان خير باشد جزا.
يکم ماهه ذوالحج اتمام افت،
به نقش و نگار و به نشو و نما.
چو پرسيدم از سال تمام او،
ز هجري ”چراغِ فلک“ شد ندا.
(١٣٣٤هه)
سنِ عيسوي گفت ”بلبل“ سروش،
که ”کعبهء مکان خاص بيتِ خدا“.
(١٩١٦ع)
مکرّر بخوان طرفه ترخوشد هند،
چه خوشتر ز هاتف رسيد اين صدا.
خدايا همين مسجد آباد باد،
به بانگ و صلواة و بذکر و ثنا.
تاريخ وصال پرملال علاه دهر فريدالعصر مولوي
ميان محمد صاحب فقيہ و مدرس هالا ڪهنه
دريغا از وفاتِ حاج مغفور،
مثال آمد تو گوي نفخ في الصور.
ز هجرت او چراغِ فيض گل گشت،
ز رحلت ا در آمد ظلمت از نور.
ازين واقع جداي عالم دين،
اهالي علم و عالم گشت رنجور.
ميانجي مولوي حاجي محمّد،
ز دنيا رفت و علم دين شد دور.
اديب و عالمَ و مشفق مدّرس،
فقيہ و فاضل و فياض مشهور.
محق مفتي و ماهر مصنّف،
مجاهد متقي بر خير مامور.
ز هر تلميذ عندالناس مشکور،
شد از تدريس عندالله ماجور.
بود اندوه هاله گرد هالا،
که چون رفت از ميانش فيض گنجور.
چهارم مه ربيع الاخر آخر،
شبِ آدينه گشت آن ماه مهجور.
به سالِ وصل او ”بلبل“ چنين گفت،
شده زين بلده گنج علم مستور.
(١٣٣٦هه)
ز سالِ عيسوي گو بادل پاک،
که درِّ بحرِ معنى باد مغفور.
(١٩١٨ع)
تاريخ وفات سيد مان قائم شاهه صاحب مرحوم
جاگيردار جهانگارا تعلقو سيوهڻ
آه آه از وقوعہء جانکاه، يعني از فوت آلِ دين
پناهه.
به شب آدينه مهه جامد اوّل، بيستم درخسوف شد آن
ماهه.
نونهال چمن نَبي افسرد، گل چراغِ علي بشد
ناگاهه.
واي آن نوجوان زمرگ نمود، در نظر اهلِ ملک ملک
سياهه.
مرد مان راز رحتلش ماتام، اقربا را ز فرقتش صد
آهه.
هاي گلزار خاه اش به خزان، گشت - جهانگارهم ز درد
سياهه.
گل به ”بلبل“ بگفت سال وصال، ”سير جنت نصيب قائم
شاهه“.
(١٣٣٢هه)
تاريخ وفات وڏيره ميان امام بخش خان ٿيٻو
تعلقو ميهڙ
و زيد باد فراق و رسيد درد و عذاب،
ز انتقال وڊيره که بود از ارباب.
بتحملش چو فقير و تجمّلش جو چو امير،
به اوج همچو سماؤ به فوق همچو شهاب.
مدادم ناز و نعم شد غلام بردر او،
هميشہ جيش غلامان او بزيرِ رکاب.
زهمزمان اکابر معزز و ممتاز،
زهمقرآن عمائد، مريد شرف مآب.
به عقل و همت والا، تَرَزهمه رفقا،
به بخت و دولت بالاتر ز همه اصحاب.
به شان شوکت ماند و به عيش و عشرت راند،
فشانده دست ز دنيا کشاد جنت ماب.
سوم ربيع الثاني بروزِ شنبه صبح،
که طئي نمود مراحل بسو ارم بشتاب.
به سال وصلش ”بلبل“ همين ندا آمد،
”ارم بباد بلادِ امام بخش نواب“
(١٣٣٠هه)
تاريخ انتقال فخر قوم خانبهادر شيخ صادق علي صاحب
سابق وزير رياست خيرپور
واجب آيد تاکه گريد خون زمين و آسمان،
بر وفاتِ شيخ ابن الشيخ فيّاضِ زمان.
روز چون شب مي نمايد در نظر روشندلان،
شور ماتم گشت برپا ”هائي هو“ اندر جهان
حق آن باشد که افتند آسمان بر رو زمين،
يا زمين از جوش شگفتد سوزد اين دريا روان.
هند رابي دل نمود و سنده رابي سر گذاشت،
جود را بي جان نمود و بذل را بي خانمان.
اندرين ماتم کده شد هر کسي را دمبدم،
آه سوزان چشم گريان سينه بريان دل طپان.
زيب دولت رفت گويا از رياست خيرپور،
زينتِ دين رفت گويا از محافل مومنان.
هائي هائي آفتابِ علم آمد هر کسوف،
ماهتابِ عقل آمد در خوسفِ جاودان.
مادرِ گيتي نزايد اين چنين فرند نيک،
ديدهء دنيا نه بيند مرد کامل آن چنان.
رفت از دنيا که در دنيا و دين بودش ڪمال،
در مروّت در حيا در حلم در نام و نشان.
حامِي، دين فخرِ ملّت پيشوائي قم بود،
بي تڪلّف بي ريا و بي نمود بي زيان.
نام، او صادق به قول و فعل بود،
صاف نيت صاف دل صافي نهان صافي عيان.
واقف، اطوار ورع و ڪاشفِ اسرار شرعِ،
لامعِ انوار فيض و زبدهء انصاريان.
سايهء الطاف او از ما جدا شد هاي هاي،
پايهء اقبال او برگشته شد از خانمان.
دوستان از غم فراقش سينهاي دارند چاک،
دشمنان از هجرتش هم اشکبار و خونفشان.
از فراقش شد هنود و مومنانان در الم،
هر کسي را داغ بردل آه و زاري بر زبان.
هاي هاي من چگويم وصف آن عاليجناب،
يک ازان هرگز نمي سنجد ترازوئي بيان.
در سفر لاهور ناگه باسفر عقبى شتافت،
برحديثِ مصطفى گرديد ناجي بيگمان.
باوجود اين بخت و دولت مال و اقبال و عيال،
بر تقاضائي قضا چون رفت تنها بيکران.
مہ جماد الاول و تاريخ غرهّ وقت شب،
روز آدينه به عقبى رفت و رست از اين و آن.
سال فوتش جست ”بلبل“ هافتم از غيب گفت،
”رفت هاي هم حليم انسان و حاڪم مهربان“.
(١٣٣٠هه)
گفت سال وصل او هاتف که بي سروپا گذاشت،
علم و عمل و هنر و عقل و بخت اثر و لطف شان.
ل م ن خ خ ث ط الف
١٣٣٠هه
باز سالِ فوت او پرسيدم از روح القدس،
زود گفتا: روح پاڪ شيخ را جنّت مکان.
(١٩١٢ع)
يا رب از من اين دعا در دوستان آمين باد،
قصر عالي جائگاهش باد در باغِ جنان.
واي بر جاني قصائد و مدح گفتم مرثيه،
باز از ”بلبل“ نه شنود کس توائي داستان.
تاريخ انتقال مرزا ڪلب علي بيگ
ڊپٽي ڪليڪٽر حيدرآباد سنڌ
هي زما مير زا چو گشت جدا، سانحهء ڪربلا بکرد بپا
صورتِ يوسف و ملک سيرت، خوش روان خضر پئي خجسته
لقا
نيکدل نيک کار نيک اطوار، فاضل و باذل و فياض و
فتا
کار خيرش بپديد در عالم، نام نکش عزيز در دلها
ناگهان رفتنش که واي هشرت، بيگمان رحلتش که
واويلا.
دولت اقبال تا به آخر دم، به رکابش دويدو بخت رسا.
آخرت جرعهء ز موت چشيد، ارجعي از خدا شنيد ندا.
فکر ”بلبل“ چو کرد در تاريخ، از سروش فلک شد اين
القا
سال فوتش بگو که ”جائي فلاح“، يافت کلب، علي به
شيرِ خدا.
١٣٣ ١٧٧٠= ٩٠ع
تاريخ وصال حضرت پير خواجه نظام الدين نقشبندي پاٽ
شريف
ها ي شد در جهان پريشاني، که زما رفت هادي و
باني.
پير ما خواجهء نظام الدين، روئي پوشيد از جهان
فاني.
مرشدِ ما ولي خضر لقب، در زمان بود غوث صمداني،
در شريعت چو شمس روشن بود، در طريقت به مثلِ
همداني.
در حقيقت چو بود حق آگاهه، معرفت را نداشت پاياني.
بود عالم به علم و فقہ و حديث، عارف آيات و نصّ
قرآني.
ظاهر اندر هدايتِ طلبا، باطن اندر لقائي رحماني.
پير روشن ضمير پاک سرشت، رهبر راهه فيض حقّاني.
زنده دل خضر پئي خجسته شعار، حق پرست و حبيب
سبحاني.
مجتهد وقت مرشدِ دوران، در شرع و ورع بوذرِ ثاني.
صاحب ذڪر و فڪر سکر و سلوک، مالکِ شوق ذوق
سلماني.
از توجههّ هزار مرده دلان، زنده ميکرد در ذکر
خواني.
بيست و يک ربيع اوّل بود، که بدل کرد جان قرباني.
روح پاکش چو ارجعي بشنيد، گشت پرواز او به آساني.
وَ ادخلِي جَنّتي خطابش شد، حاصلش گشت قرب يزداني.
جستم ز فکر سال وصلش چون، گفت: گويم بستوا گر
داني.
به سرِ معرفت به نزدِ خدا، رفت از دهر قطب رباني.
١٢٧١ ١٣١١
تاريخ وفات پر سيد مير ميان ناصرالدين
دودائي تعلقو لاڙڪاڻو
صاحبِ فيض پير ناصرالدينڪ، سوئي جنّت چو گشت زود
روان.
بيست يکم زمهه صفر بشافت، يوم آدينه ساعتِ غفران.
در جواني چو جان بجانان داد، گشت منصور ثانِي
دوران.
”لايموتون“ اولياءَالله، گرچه اين ست راز در
عريان.
لِک در چشمهاي ظاهر بين، از فراقش پديد آه و فغان.
سال وصلش چوجستم از ملکوت، شدندا - ”محو ذات قطب
جهان“.
١٣٢٥
از زبان اهل دل شده اظهار، ”فوز مصباح فيض ماند
نهان“.
١٣٢٥
عاشقان راشده همين گفتار، ”دولتِ نقد کردجان
قربان“.
١٣٢٥
صالحان بر وصال او گويند، ”مونس الحق گشت پير
زمان“.
١٣٢٥
يک شده ذکر و ذاکر و مذڪور، ”جس عمل کمال ذاڪر
دان“.
١٣٢٥
عارفان سال رحلتش دانند، ”برقعه پوشيد مستجب
سجان“
١٣٢٥
هم دران سال شد ز رو تاريخ، ”موسس روضه سايهء
يزدان“.
١٣٢٥
سان اتمام وي ز ”بلبل“ دان، ”کعبهء مکّه - قبهء
رضوان“.
١٣٢٥هه
اخبار آفتاب سنده
تاريخ اول در تقريب سالِ او، اخبار آفتاب سنده
که از هر مصرع سال نومبر ١٩٢٠ع برمي آيد
سالِ نو آمد مبارک، بهر ديوان آفتاب،
جام ”احمد“، زيبِ ملت، زور اخوان آفتاب.
درج گوهر، علم و حڪمت، برجِ اختر، پندو وعظ،
جان پرور، کانِ درّر، درس لقمان آفتاب.
در کشايش طع و خاهش، عدل و آرايش جهان،
فرحتِ دل، جعد حکما، تاجِ سلطان آفتاب.
از سرور انشاء، نظاره، ناظرين، باغِ بيان،
باده گلگون، چشمِ نرگس، گل گلستان آفتاب.
باب حکمت، آبِ دانش، تاب مضمون پر بهار،
کانِ منطق، خط صلحا، زيب دامان آفتاب.
از برائي تنگ نظران، حال قومِ تشنه لب،
نور بينا، چشمه فيضان، آب حيوان آفتاب.
بانوائي نغمه ”بلبل“ حسن مطلب، قولِ صدق،
تاج هد هد، جان عالم، صبح خندان آفتاب.
از خيالِ لطفِ مئي شعر و سخن، شيرين بيان،
جام مئي نو، رزم شعراء، بزم رندان آفتاب.
در گروهِ همسران، باگوئي تحريرِ قلم،
صدر ارکان، تيز جولان، مرد ميدان آفتاب.
مظهرِ عدل و سياست، منظرِ احوال ملک،
داد گستر، کار فرمان جود احسان آفتاب.
واعظِ هر دل عزيز و ناصح مشفق شفيق،
سايه نور اهل ايمان، فيض يزدان آفتاب.
برسرِ اعدائي دين، گرگ وسگ، روبه خصال،
ريگ سوزان، برق لمعان، شير دوران آفتاب.
نزد اربابِ علوم و شهشوارانِ فنون،
هيه معنى، سير بستان، عرصه چوگان آفتاب.
اسم دارد با مسمّي، نور دارد در ظهور،
سعد کوکب، شمس عالم، مهر تابان آفتاب.
در فصاحت، در بلاغت، در هدايت، اهل دين،
بانگ طوطي، ناله ”بلبل“ باغ ايقان آفتاب. |