ڪڏھين ڪڏھين چنڊ انھن سان، پنھنجا نيڻ
لڙايا،
ڪڏھن ڪڏھن تارن ھيٺان تن، گيت پراڻا ڳايا،
ڪيئي ڀيرا تن پڃري ۾، پنھنجا پـر ڦڙڪايا،
آخر پڃري کي ڊاھي، ڪنھن تاڙي ھڻي اڏايا. . .
بنا پرن اڏري ويا پکيئڙا،
ويا مٽائي ويس. . .
ڪٿان اڏامي آيا پکيئڙا!
ڪٿي انھن جو ديس!
پڃري جي ڳـڙکيءَ مان ويھي،
آءٌ نھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .
نيريءَ نيريءَ ڪڪريءَ تي مان دور وڃان،
’چنڊ پري آ، چنڊ پري آ، چنڊ اڃان‘،
ڪيئن مڃان، او ڪيئن مڃان، او ڪيئن مڃان!
ويو پرواز پرن ۾ پيھي،
پاڻ سنڀاريان. . . ھنجون ھاريان. . .
پڃري جي ڳـڙکيءَ مان ويھي،
آءٌ نھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .
اڄ تھ اڏامان، اڄ تھ اڏامان، ڪونھ جھليم،
ڪيسين پڄران، ڪيسين کامان، ڪونھ جھليم،
ھاءِ لڏن ٿيون سامھون لامان، ڪونھ جھليم،
مان پرڏيھي، مان پرڏيھي،
ھت ڇو گھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .
پڃري جي ڳـڙکيءَ مان ويھي،
آءٌ نھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .
ڪيو
گلن سان پيار نھ سائين،
چئو گلن کي يار نھ سائين،
ڇو تھ اھي مرجھائي ويندا،
ڪنڊن ۾ ڦاسائي ويندا.
رکو چنڊ سان چاھھ نھ سائين،
ڏيو چنڊ تي ساھھ نھ سائين،
ڪيسين ان ليءِ لاتيون لوندؤ!
اڏري اڏري ٿڪجي پوندؤ.
مان ھرڻ، تون منھنجي ھرڻي، اي مٺي!
ڀٽڪي ڀٽڪي، زندگيءَ جي رڃ ۾،
تـڙڦي تـڙڦي، آرزوءَ جي اڃ ۾،
تنھنجي صورت ريت ۾ رلندي ڏٺي،
تنھنجي اکڙين ۾ ھيو آبِ حيات،
منھنجي پياسي روح جي پھرين نجات.
تنھنجي اکڙين ۾ سدائين رڃ ھئي،
منھنجي اکڙين ۾ ازل جي اڃ ھئي.
تنھنجي اکڙين ۾ ڪنول مرڪي ڏنو،
منھنجي اکڙين ۾ ڀنو من ماڪ جو.
تنھنجون اکڙيون کيپ واريون، مڌ سمان،
منھنجي اکڙين ۾ ھيا پيالي جا پران.
منھنجي اکڙين جي جڏھن توسان ٿي پريت،
تنھنجي اکڙين مان ڀريائون روز ڳيت.
تنھنجي اکڙين کي ھئي ھرڻين جي ھير،
اوچتو ڊوڙيون، ٽپيون واريءَ جا ڍير.
منھنجون اکڙيون پوئتان رلنديون ويون،
شام ٿي وئي، نيٺ مانديون ٿي پيون.
ڏس تھ ڪنول ٽڙي پيو!
ھير گھلي گھلي رھي، نير ڇلي ڇلي رھيو،
صبح ٿيو، ڀونر ڀِريو، ھي بھ رلي رلي رھيو،
راھھ ڀلي ڀلي رھيو.
پر نھ ڪنول نگاھھ ڪئي، اصل نھ رسم و راھھ
ڪئي،
ڇو تھ ڀونر ڀِري پِئي، ھونءَ تھ واھھ واھھ ڪئي،
پر نھ ڪٿي نباھھ ڪئي.
ھير سدا پئي رمي، منھن نھ ڏئي، چمي چمي،
نير ڪٿي نھ ٿو ڄمي، گھنڊ وجھي، سمھي سمھي،
ڀل تھ ڏسي گھمي گھمي.
ڏس تھ ”اياز“ تر وري، پنڌ ڪيو پريان پريان،
ڄڻ تھ ڪنول چوڻ لڳو، نذر تھ ڪجھھ سندس
ڌريان!
’دل تھ ذرا وڏي ڪريان!‘
ڏس تھ ڪنول ٽڙي پيو!
پير جو آواز تنھنجو، مون سڃاتو آھھ يا نھ!
سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!
- رات
جي
برسات ۾
جئن
واءُ
ڳائيندي
اچي،
خامشيءَ جي ساز تي مضراب ڦيريندي اچي،
ٿاڦ ڪڪريءَ تي لڳي، جھومي اٿي ھيءَ
ڪائنات،
راڳ جي ھلڪي ترنم ۾ ٿئي گم چنڊ رات. . .
چؤ برابر آھھ يا نھ؟
سونھن تنھنجي جو ھميشھ گيت ڳاتو آھھ يا
نھ؟
سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!
- سمنڊ تي پاسا ورائي چاندني جئن صبح جو،
۽ افق مان سج ڪڍي پھرين ڪني جئن صبح جو،
واءُ ۾ خنڪي ھجي ۽ ڌنڌ ڪجھھ ڇايو ھجي،
دور شاعر جي نظر ۾ دور ڪجھھ آيو ھجي. . .
چؤ برابر آھھ يا نھ؟
ھاءِ! غم تنھنجو ھيئين سان مون بھ لاتو
آھھ يا نھ؟
سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!
- لڙڪ تنھنجي تي سڄيءَ دنيا وڃايو روپ رنگ،
ٽھڪ تنھنجي تي سڄي عالم وڄايو جلترنگ،
تون خوشي، تون آنھھ غم، ٻيو زندگيءَ ۾ آھھ ڇا؟
تنھنجي جھاتيءَ کان سوا دل جي دريءَ ۾ آھھ ڇا؟
چؤ برابر آھھ يا نھ؟
اي پرين، توکي وڃائي پوءِ بھ پاتو آھھ يا
نھ؟
سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!
- ڌرتتيءَ ۾ ڏس تھ نم جي ڇانو لھرائي پئي،
ھير ۾ جھولي پيو وڻ ڄڻ فضا ڳائي پئي،
سج لھي ويندو تھ ڇا! نم کان جدا ٿيندي نھ ڇانو،
اي پرين تئن تنھنجي منھنجي آھھ ھڪ ھستي ٻھ
نانو
چؤ برابر آھھ يا نھ؟
آءُ بادل، مان بھ روئان تون بھ روءُ،
مان بھ غم جا داغ ڌوئان، تون بھ ڌوءُ.
زندگي منھنجي بھ آ ڀٽڪڻ ڀلڻ،
آسمانن جي جھانن ۾ رلڻ،
گاھي گاھي مست ٿي جھولڻ جھلڻ،
ڌرتتيءَ جي پياس تي ڇلڪڻ ڇلڻ،
آ ھزارين ميڪدا منھنجو کلڻ،
سو بھارن کي صدا منھنجو گھلڻ،
زندگانيءَ ليءِ سدا ڦولڻ ڦلڻ،
آءُ بادل، مان بھ روئان تون بھ روءُ،
مان بھ غم جا داغ ڌوئان، تون بھ ڌوءُ.
مان بھ تو جئن چنڊ تي آھيان چريو،
روح منھنجو چاندنيءَ جي نئن تريو،
چنڊ جي ويجھو ويو، پر ڇا وريو!
نور نيڻن جو جڏھن پل ليءِ ٺريو،
چنڊ چھري تي کڻي پردو ڌريو،
راتڙين جو ھانءُ منھنجو ٿي ڏريو،
تون ئي چؤ، آ ساھھ تنھنجو ڪئن سريو!
آءُ بادل، مان بھ روئان تون بھ روءُ،
مان بھ غم جا داغ ڌوئان، تون بھ ڌوءُ.
¬
ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، گھڻو ئي مڌ پيتو آ مون،
ڪيسين مٺڙيون مٺڙيون ڳاليھون ورنايان تنھجون،
جوت جلائي، منھنجي ڀرسان ٻاري خوشبوئون،
ڀلي ھليو وڃ تون.
ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، جلايو آھي مون کي جاڳ،
نگريءَ نگريءَ ۾ ڀٽڪيو ھان، مان ويڙھي ويراڳ،
ڇيڙي منھنجا ساز، جڳائي تن ۾ منھنجا راڳ،
پٺ تي موٽ سجاڳ.
ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، رکي ڇڏ ڀرسان منھنجي بين،
جنھن جي سر جو سوز، وڇائي ٿو ڪيئي قالين،
جن تي ليٽي روح اڻي ٿو، اڻ کٽ خواب حسين،
پائي ٿو تسڪين.
ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، مٿان آ چنڊ ڪئي چانڊاڻ،
تنھنجي اکڙين جو ملھھ ڏيان، اچ منھن منھن
تائين آڻ،
منھنجو ساھھ ڇھي جئن، تنھنجي سيني جي
سرھاڻ،
چڱو ھليو وڃ ھاڻ.
(خليل جبران)
سانجھيءَ جا پاڇاوان ڦھليا، من ٿيندو ويو مات،
ڪڪريون آيون، ترسيون، برسيون، رم جھم آندي
رات،
ھوءَ ايندي، ھوءَ ايندي، منھنجي تن ۾ رھندي تات،
مان چانئٺ تي ويٺو آھيان، ڀلي پوي برسات.
ويجھو، ويجھو، ويجھو پھتو ھوريان ھوريان پير،
ساڳيا گھنگھرو، ساڳي ڇم ڇم، ڪوئي ناھي ڦير،
ايندي آھي ھوءَ اورانگھي، گھڙيءَ گھڙيءَ جو گھير،
ارھي من ۾، سرھو سرھو، ھئن ايندو ٻيو ڪير؟
(ٽئگور)
موت کان پوءِ آھھ تن باقي نھ من،
روح مان آزاد ٿيندو ھي بدن،
۽ بدن سا خاڪ آ، جنھن جو وطن،
ڪوبھ ناھي،
ڪوبھ ناھي.
موت کان پوءِ چنڊ ساڳيءَ جاءِ تي،
ٿو نھاري، تون ڪٿي آھين! ڪٿي!
ٿي خموشي رات جي گويا چوي،
ڪوبھ ناھي،
ڪوبھ ناھي.
آئي ننگي پير نڪري نينگري،
خاڪ ڪنھن جي ٿي چمي ھن جي تري،
اوچتو ڇرڪي ڏسي ٿي ھوءَ ڦري،
ڪوبھ ناھي،
ڪوبھ ناھي.
زندگيءَ جي ڄار ۾ ڪيئي خوشيون،
اوچتو آيون، نچيون، تـڙڦي ميون،
ڪيتريون پياريون ھيون!
ان ڪري ئي آھھ پياري ڪائنات،
ڇو تھ رھڻي ناھھ ھت ڪنھن جي بھ ذات،
آھھ ھر شيءِ بي ثبات.
ھي سبب ناھي تھ گھارين رنج ۾،
ڳول ھيرا ھر گھڙيءَ جي گنج ۾،
آءُ منھنجي ھنج ۾.
صنوبر جي سايي ۾ ويھي رھون،
چمي جئن سگھي چنڊ تنھنجون چڳون،
گھڙيءَ ليءِ گناه محبت ڪيون،
نھ شايد وري زندگيءَ ۾ ملون.
پرين، ڪوئي انسان انسان جو،
نھ ٿيو آ نھ ٿيندو سدا مرحلو،
فقط رات جي رات تو جئن ڏٺو،
صنوبر جي ٻانھن ۾ مھتاب ھو.
سندءِ جسم جي اجنبي آرزو،
سندم روح ۾ اِئن ڦري ڪو بڪو،
جئين رڻ ۾ ڪائي ھرڻي ڦري،
ڪري ڪنھن مٺيءَ نھر جي جستجو.
نھ مرجھائجي جو اھو گل گناھھ،
سڄو وقت سرھاڻ ۾ آھھ ساھھ،
تمنا وڃائي نھ شل تازگي،
پرين، آھھ جيسين اسان ۾ پساھھ.
ھلي آءُ آغوش ۾ نازنين،
تمنا سدا آھھ جنت نشين،
محبت گنھگار آ پر حسين،
پرين، او پرين، او پرين، او پرين!
حسين جسم سمجھي ڪليسا مثال،
پرستش ڪئي راھبھ جئن خيال،
محبت ڪئي آھھ مون ماه و سال،
گنھگار آھيان مگر باڪمال.
ڪٿان آئي آھين ڪٽورا کڻي،
قريب اچ تھ تنھنجي اکين کي چمي،
پيئان ڳيت سان زندگيءَ جي چڪي،
ھلي آءُ اي ھير پنجاپ جي.
پيارينم پنھنجي اکين مان شراب،
ڇني ڏينم پنھنجي چپن مان گلاب،
نھ آ ڪو حسين جسم جھڙو ثواب،
گنھگار آھيان مگر لاجواب.
جواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي.
اسان جي صدا آ صداي الستي،
ڪيو ميءِ پرستي، ڪيو ميءِ پرستي!
پيئو حسن ھستي، پيئو حسن ھستي!
اڃا ٻي بھ مستي، اڃا ٻي بھ مستي!
سدائين ميء ارغواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي.
اھو جام و مينا ٻھ ٽي ڏينھن آھي،
اھو جوش صھبا ٻھ ٽي ڏينھن آھي،
طلسم تمنا ٻھ ٽي ڏينھن آھي،
مگر، پوءِ بھ ڇا ڇا ٻھ ٽي ڏينھن آھي!
مڃان ٿو سدا زندگاني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي.
سدا فرش گل تي ڪندي رقص شبنم،
سدا چنڊ اڀري ڪندو سير عالم،
سدا ھير ۾ جھومندو زلف برھم،
مگر ابن آدم، مگر ابن آدم،
ٻھ ٽي ڏينھن آ، عمر فاني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي.
اھا چاندني رات رھندي نھ مٺڙا!
مٺيون ۽ ملاقات رھندي نھ مٺڙا!
اھا تانگھھ ۽ تات رھندي نھ مٺڙا!
خصوصا خرابات رھندي نھ مٺڙا!
نھ رھندي نھ رھندي جواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي.
ھلي آ گذاريون ائين زندگاني،
نھ الله باقي نھ انسان فاني،
اسان جي حقيقت مجاز آھھ جاني،
اسان جي عبادت جواني جواني،
جوانيءَ سوا ٻي نشاني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي،
جواني نھ رھندي.
ننڊاکڙيون نچڙيون
اچو اچو!
نچو نچو!
تمام ڪائنات رقص جام ۾ رچي وئي،
سرود و ساز جي صدا ڪلام ۾ رچي وئي،
حياتِ مختصر خيال خام ۾ رچي وئي،
شباب جي عظيم انتقام ۾ رچي وئي.
اچو اچو!
نچو نچو!
اسان مڃو تھ زندگي فقط خيال و خواب آھ،
روان دوان، روان دوان، مثال موجِ آب آ،
مگر ڏسو تھ ميڪدي تي آيو ماھتاب آ،
ٽڙي پيو شباب آ، ڇـڙي ويو رباب آ.
اچو اچو!
نچو نچو!
پيئو پيئو، پيئو پياڪ، جام ۾ نجات آ،
نھ آھھ انت آد ڪو، مدام ڪائنات آ،
مگر سدا نھ سنگ آ، سدا نھ ھيءَ رات آ،
حياتي بي ثبات آ، حيات بي ثبات آ.
اچو اچو!
نچو نچو!
نچو، نجات جو سبب نھ ڌيان آ، نھ گيان آ،
ازل ابد فريب آھھ، وھم آ گمان آ،
فقط اِھو جھان آ، فقط اِھو جھان آ،
مگر اِھو جھان رنگ و بو جو داستان آ!
اچو اچو!
نچو نچو!
بھار تي نھ آھھ ڪوئي ڀروسو، اچو اچو!
شباب مان گلاب رات ڀر ڇنو، اچو اچو!
نچي ڪيو سجود ڪام ديو جو، اچو اچو!
پيئو پيئو، جيئو جيئو، نچو نچو، اچو اچو!
)نوٽ: ”ننڊاکڙيون نچڻيون“ تڪشلا جي عجائب گھر ۾ ھڪ پٿر جو مجسمو
آھي، جنھن ۾ ڏيکاريل آھي تھ گوتم ٻڌ کي گيان ملڻ
کان اڳ ......... عياشيءَ جي جواب ۾ محو ھئا.(
(نٿيا گليءَ جي شام)
شام جو سج پھاڙ جي پٺ تان،
جرڪندو اِئن ٻڏي ويو آھي،
سون جو ٿال ڪنھن حسينھ کان،
ڄڻ ھٿن مان ڪري پيو آھي.
ھر طرف ابر ڪوھسار رڱي،
اِئن شفق آسمان تي ڇائي،
ڄڻ تھ کھنبو ڍڪي ڪٽھڙي تي،
ڪائي مينديءَ رتي ڪنوار آئي.
چيل جي شاخ شاخ تان شبنم،
رھگذر تي وسي رھي آھي،
يا ڏسي ھيٺ ماٿريءَ جو غم،
حسن جي دل ڀِڄي پئي آھي.
دور ھوندي بھ تون قريب آھين،
آءٌ جنھن کان فرار ڳوليان ٿو،
ھر نئين حسن جي تمنا ۾،
ڄڻ تھ تنھنجو ئي پيار ڳوليا ٿو.
پيو ڀِڄي ھانءُ، ڪجھھ ھري آيو،
ابر ڇايو، پريان گھٽا نڪتي،
زندگيءَ جي وفا تھ ھئي معلوم،
ھاءِ، تنھنجي وفا بھ ڇا نڪتي!
حسن جي جستجو فقط پيارا!
آھھ مون لاءِ با وفا نڪتي،
ڪيترو وقت ٿيو شڪستھ ساز
اڄ وڳو آھھ وري، صدا نڪتي.
(ڪوھھ مريءَ تي)
ڪالھھ مون کي چيو پئي مالھيءَ، ”ھيل ڏاڍو ڳـڙو وسيو آھي،
”آھھ آڙو رھيو نھ خوباني، ناک جو وڻ ٻسو ٻسو آھي،
”ڳوٺ منھنجو پريان پھاڙيءَ تي، بي نظير آ، مگر بکيو آھي.“
آ وئي ويڙھجي شفق ۾ شام، دور سورج غروب ٿيو آھي،
ڪنھن مصور جو روح آ گويا، ابر ڪھسار اِئن کڙو آھي،
ھيءَ صنوبر جي شاخ تي شبنم، ڄڻ تھ ھٿ جوھريءَ جو آھي،
ڪنھن ڪنواريءَ جي لڄ ۾ گويا، ڳوٺ سارو ٻڏي ويو آھي،
نھر ۾ آسمان جو پاڇو، شام جو اِئن پئي رھيو آھي،
ڄڻ ڏسي آئيني ۾ پنھنجو پاڻ، حسن حيران ٿي ويو آھي،
ٿي ٻري باھھ بک جي ان ۾، ڌنڌ ۾ دور جھوپڙو آھي،
نھ ڏياٽيءَ ۾ تيل آ ان جي، ۽ نھ ٻاٽيءَ ۾ ٻوڙ ڪو
آھي،
نھ سڀاڻي جو ساٿ آ ان سان، نھ ڪوئي اڄ ۾ آسرو آھي،
تنھنجي تخليق ۾ اڙي خالق! ايترو فرق نيٺ ڇو آھي!
مان تھ سمجھان ٿو تون ڪٿي ناھين، ھي سڄو ڍونگ ڪنھن رچيو آھي!
ورنھ انسان کان زياده ڪو، حسن تنھنجي جو آئينو
آھي؟
پوءِ بھ بيحال آھھ ھو بُک ۾! تنھنجو جلوو بکيو ڏکيو آھي!
ھوءَ ڪاري ڪڪري ڇائي آھھ،
گھنگھور گھٽا لھرائي آھھ،
اولھھ کان آنڌي آئي آھھ
وک پوءِ بھ نھ پٺ تي ھٽڻي آ،
منزل تي ساھي پٽي آ.
تقدير ڪڏھن بھ نھ ٺھندي آ،
تدبير ھميشه ڊھندي آ،
دل پنھنجي پوءِ بھ نھ رھندي آ،
ھي ڪوٽ اسان کي ڀڃڻو آ،
اڄ ميخون موڙي وڃڻو آ.
منظور نھ شل زندان ٿئي،
مجبور نھ شل انسان ٿئي،
مشڪل تھ پئي آسان ٿئي،
دنيا تھ سکن جي سيج نھ آ،
لا حاصل ليڪن ھيج نھ آ.
ڌو ڌڙام!
اف غلام!
ھير تي غريب کي
اک لڳي وئي ھئي،
آه! بدنصيب کي
ڪل نھ پر پئي ھئي. . .
بادشاھھ جو پلنگ!
نرم نرم، رنگ رنگ!
رڙ ڪئي پريان ڪنيز،
”پاندان! پاندان!“
ننڊ آ عجيب چيز-
ھي ستو رھيو جوان،
چوبدار ڪئي ھڪل،
ھو اٿيو ڏئي اڇل.
آسمان ۽ زمين
اوچتو ڦري ويا،
کيس ڪيئن اچي يقين،
جي ھري مري ويا،
سي چون، ھڻي ٿڪون،
”نامراد! ھي چڪون!“
’. . . شاھھ ھن پلنگ تي
ماه و سال آ ستو،
مان گھڙي امنگ تي!
آه! نفس آ ڪتو‘
لعنتون وڌيس ضمير:
ٽي لتون ھنيس وزير. . .
ڌو ڌڙام!
اف غلام!
ڪنجھندي ڪنجھندي، آئي پٽي تي ٽرام!
سھڪي سھڪي، دونھون نڪتو، چوندو ”اڏام اڏام!“
دھڪي دھڪي، چِمنيءَ جي دل کي آيو آرام،
وئي ويڙھبي جئن اوندھھ ۾ گدلي گدلي شام،
بلب بلب تي پتنگ آيا، ٿيو سوجھرو جام،
(ڪوڙو ڪانچ جلائيندو ڪئن؟ خام محبت خام!)
آھٽ آئي، ڳاھٽ ٿيا، سو گمره ۽ گمنام. . .
پئي اينگھندي ڪيسين دنيا؟ چنگھندو پيو عوام؟
ڪنجھندي ڪنجھندي، آئي پٽي تي ٽرام!
¬
سوچيو آھھ انھيءَ تي ڪڏھين ھن چاڪيءَ جي ڏانڊ!
اکيون بھ ھن جون بند، تھ آھي جسم بھ ھن جو باند،
پٺي سڄي آ ھن جي ڦٽ ڦٽ، سٽ سٽ جي آ راند-
سوچيو آھھ انھيءَ تي ڪڏھين، ھن ويھي ھيڪاند!
رکيءَ سڪيءَ تي راضي آھي، تتيءَ ٿڌيءَ پيو ڪاھي،
ڦٽ ڦٽ جو ھي عادي آھي، ڪٽ پِٽ ھن جو ناھي،
او شل! سينو ساھي، پاڃاري لاھي، سانباھي،
ٿونھي تي ٿونھي سان ھن چاڪيءَ جي چڪر ڊاھي!
آخر ڪيسين جڳ جي جانڊھھ اونڌي ائين گھلبي؟
ڪيسين اِئن بيدرديءَ سان ڌرتيءَ جي ڇاتي ڇِلبي!
تو ۾ تھ ڪمي ڪا ناھي- تون پياري آنھھ فھيما!
پر پوءِ بھ نھ مون کان، اڄ ڪلھھ، وسري ٿي
ھيروشيما:
ڪنھن ديس پرائي جو دک، ڄڻ پنھنجو ئي دک آھي،
ڪو روڳ لڳو آ من کي، جو پنھنجي وس ۾ ناھي.
زندگي! مجبور قحبھ جي مثال،
ٿي ڪرين پنھنجو تبسم پايمال،
آھھ مصنوعي سندءِ حسن و جمال.
ناھھ تو ۾ روح جي پاڪيزگي،
۽ نھ ڪائي جسم و جان جي تازگي،
زندگي، او زندگي، او زندگي!
ھيءَ ميرانجھي سانجھي آ يا ڌوڙ- ڌئي جي جھول،
ڄاڻ ستارا ان مان نڪتا، جرڪي سون- سمان:
تيسين پنھنجيءَ مشعل ۾ جا آھي لاٽ اڏول،
تنھن تي واٽ سڃاڻي ويندا واٽھڙو انسان.
ڏينھن ٿيا، ڪنھن شينھن اسان ۾ ناھھ ڪئي گجگوڙ،
ھيءَ بھ غنيمت آ تھ ڪٿي ڪو اونائي ٿو ڪوڪ:
نيٺ تھ بادل وسندا، پوندا مينھن بھ ماڻھوءَ- ٻوڙ،
نيٺ تھ وڄندي، گجندي، اٿندي، آنڌيءَ جئن مخلوق.
اڳتي جان بھ جڪڙي رھندي، پختا ڪر پنجوڙ،
ڪنھن جي ڇاتي آتي آھي، تکا ڪري رک تير:
ڊھنديون دوکي جون ديوارون، پاتِي جي ڪنھن ڊوڙ،
ھيڻا ھٿ وڌيا جي ھوندءِ، ذريون ذريون زنجير.
ڳوڙھا ڳاڙيندا ھا جي، سي اٿندا ڪرٽي ڏنڊ،
آيو ڇر کي ڇوھھ، تھ ڏسندين اونھيءَ جو انداز:
وک وک ۾ ڪا وڄلي ھوندي، ڊھندا ويندا بند،
تون ٻوڙو آن، آءٌ ٻڌان ٿو قدمن جو آواز.
تون انڌو آن، آءٌ ڏسان ٿون کنوڻين جا سڀ کيل،
تون اوندھھ جي آکيري ۾ ويٺو آن اڻ ڄاڻ:
نيٺ تھ ٿيندا رڻ ۾ رٿ تي تنھنجا منھنجا ميل،
منھنجا گھوڙا گھائي وجھندا توکي سنبن ساڻ.
مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو، ڄر آ منھنجي ڄاڻ،
ڀڙڪي ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿيندي، جلندو ھيءُ جھان:
آخر منھنجي سوڀ سنواريا، آخر تنھنجي آڻ!
تون رک ھوندي، ڄڀيون ڄڻنديون ڪوئي نئون انسان!
جھونجھڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي
منھنجو من،
جيون بَن:
اڏري اڏري، پوندو ٿڪجي،
تنھا تن،
منھنجو من. . .
جھونجھڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي
آءٌ پل ھان!
آءٌ پل ھان!
مان ئي مي ھان، مان ئي مستي، مان ئي جام،
مان ئي تنھنجيءَ تشنگيءَ جو انتقام،
منھنجي ھستيءَ، منھنجي مستيءَ، کي سڃاڻ،
مان ئي تنھنجي ميڪشيءَ جو ھان دوام.
آءٌ پل ھان!
آءٌ پل ھان!
تنھنجي خوشبوءَ کي کڻي شبنم مثال،
مان اڏامان ٿو، ٿيان ٿو لازوال،
نيٺ ويندين مثل گل ڪومائجي،
مان ئي ٿو سانڍي سگھان تنھنجو جمال.
آءٌ پل ھان!
آءٌ پل ھان!
مان ئي تنھنجي ذات ھان مان ئي صفات،
مان ئي تنھنجي بي ثباتيءَ جي ثبات،
تون وسارين ٿو تھ غافل ڀل وسار،
ورنھ مان ئي موت ھان مان ئي حيات.
جي سڃاڻين، موت ناھيان:
آءٌ تنھنجي زندگي ھان!
آءٌ پل ھان!
آءٌ پل ھان! |