آيس آيس آيس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
پنھنجا پيارا ساٿ ڇڏي ويا،
چنڊ ستارا ساٿ ڇڏي ويا،
اونداھيءَ اٽڪايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
سک جا سندر سپنا ساريم،
من ئي من ۾ ڏيئا ٻاريم،
پل پل واءُ وسايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
مٺڙا ماڻھو مرڪڻ وارا،
لوڻ ڦٽن تي ٻرڪڻ وارا،
گھڙيءَ گھڙيءَ جن گھايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
آھي راحت رڻ جي ريتي،
اڃ ۽ رڃ جي ڏيتي ليتي،
ڪھڙيءَ ڀل ڀٽڪايس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
جھولي خالي، آلي آلي،
آس اکين ۾، ساھھ سوالي،
آخر تو ڏي آيس، او،
آيس آيس آيس، او،
سڏ سڻان ٿو تنھنجا، سائين!
من ۾ مڌ جي پياس ٻري،
شام وري آئي.
مڌ جي جوت جلي جيون ۾،
ڇنن ڇنن ٿي منھنجي ڇن ۾،
ڪنھن جي ڦيري نرتِ ڀري،
رڳ رڳ جاڳائي!
شام وري آئي.
نيل- ڪنول، جئن انگ بھ ساڳا،
من ۾ مست امنگ بھ ساڳا،
نچِي نچِي تنھن دور ڌري
منھنجي تنھائي
من ۾ مڌ جي پياس ٻري،
شام وري آئي.
پري پرينءَ جي لوءِ! الا او لوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
سري پتڻ تي آئي سانجھي، پڳھھ نھ آيا پار،
نيٺ تھ ايندا منھنجي من جا مانجھي اي
منجھڌار!
آيا ڪونھ تھ پوءِ! الا او پوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
ڪڏھن ڪڏھن ڪا ڪڪري آئي، مگر نھ ٿي وسڪار،
آھيون رڻ جا روجھھ، تڪيون ٿا ڪارا
ڪارونڀار،
وسي نھ ڪوئي ووءِ! الا او ووءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
ڪڏھن تھ ايندو چنڊ اسان جو، اچي ڪندو
چانڊاڻ،
ساريون راتيون جنھن سان رھندي، پنھنجي روح
رھاڻ،
ھينئون انھيءَ سان ھوءِ! الا او ھوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
ڀريا اسان جي من تي ڪيئي ڏکڙا ڪيئي ڏاڍ،
پوءِ بھ انھيءَ جي خوشبو آھيون، آھھ انھيءَ جي آڍ،
سار انھيءَ جي سوءِ! الا او سوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
پري پرينءَ جي لوءِ! الا او لوءِ. . .
ووءِ ڙي ووءِ!
پِي ڏس، پِي پس، منھنجو جام،
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
پياليءَ ۾ چانڊوڪي آھي،
ان ۾ ڪوئي ڪفر بھ ناھي،
نڪي انھيءَ ۾ آ اسلام:
پيءُ انھيءَ مان، جڳ جڳ جيءُ!
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
جي تنھنجي دل ماندي آھي،
آءٌ ازل کان آندي آھي،
ھيءُ ميءِ جنھن تي آ الزام،
جيءُ چوي ٿو جنھن کي جيءُ!
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
آ، ماڻھوءَ جو پيار ڀري پِي،
ھي سھڻو سنسار ڀري پي،
برھھ ڪري جنھن کي بدنام،
تون بھ اھو متوارو ٿيءُ:
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
پِي ڏس، پِي ڏس، منھنجو جام!
ڀري ڀري او پياسا پيءُ!
رھندو ياد اھو الحاد:
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
آھھ اھو ئي سچ،
انھيءَ تي اچ،
متو آ مچ،
پتنگا پچ،
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
رھندو ھي مانڊاڻ،
مگر ھي ڄاڻ
تھ پنھنجو پاڻ
نھ ھوندو ساڻ
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
رھندي تنھنجي روءِ
نھ تنھنجي بُوءِ،
مگر ھر سوءِ،
اِھا ئي جوءِ،
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
”مٽي زنده باد“!
انھيءَ الحاد،
ڪيو آزاد،
سدا دل شاد-
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
ڇيڄ
اڙي چنڊ، اڙي، چنڊ پرين تو تھ ڏٺو ناھھ!
سندس روپ، سندس رنگ، ائين آھھ جيئن تون!
اڙي رات، اڙي رات، پرين تو تھ ڏٺو ناھھ!
سندس وار، سندس ونگ، ائين آھھ جيئن تون!
اڙي ڦول، اڙي ڦول، پرين تھ تو ڏٺو ناھھ!
سندس رنگ، سندس انگ، ائين آھي جيئن تون!
اڙي ھير، اڙي ھير، پرين تو تھ ڏٺو ناھھ!
سندس ساٿ، سندس سنگ، ائين آھي جيئن تون!
اڙي نانگ، اڙي نانگ، پرين تو تو ڏٺو ناھھ!
سندم ڏاھھ، سندس ڏنگ، ائين آھي جيئن تون!
تون آءُ، ھلي آءُ، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!
ھيءَ ھيج ڀري سيج، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
ھي چاھھ ڀريو ساھھ، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
ھي سنگ ڀريا انگ، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
ھي نينھن ڀريا ڏينھن، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
ھيءَ ڌير ڀري ھير، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
ھيءَ ڏات ڀري لات، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
ھيءَ سوچ ڀري لوچ ھلي آءُ، ھلي آءُ!
تون آءُ، ھلي آءُ، ھلي آءُ، ھلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!
وايون
آءُ، زندان جي جھروڪي مان نھار،
ڪھڙي پياري رات آھھ!
آسمانن مان ڪري ٿو چاندنيءَ جو آبشار،
ڪھڙي پياري رات آھھ!
ٻن جھانن تي ڪري ٿي وار، ڪويل جي پڪار،
ڪھڙي پياري رات آھھ!
ھيءَ ھوا، ھي ھيج، ھي سامھون کجورين جي
قطار،
ڪھڙي پياري رات آھھ!
چنڊ تنھنجي لاءِ سيخن مان نھاريو بار بار
ڪھڙي پياري رات آھھ!
تون ڪڙين ۾ ڀي ڪڏي سگھندي گھڙيءَ جي لاءِ
يار!
ڪھڙي پياري رات آھھ!
ڳاءِ پيارا! ھيءَ درو ديوار ناھي پايدار،
ڪھڙي پياري رات آھھ!
آءُ، زندان جي جھروڪي مان نھار،
ڪھڙي پياري رات آھھ!
ترس اي حسن ازل،
اڄ تھ منھنجو روح رڄجي ئي نٿو!
ترس اي پرده نشين، پردو ھٽائي چار پل،
ترس اي حسن ازل،
اڄ تھ منھنجو روح رڄجي ئي نٿو!
ھيءَ ھوا، ھيءَ رات ۽ ھيءَ آرزو دل ۾
اجھل،
ترس اي حسن ازل،
اڄ تھ منھنجو روح رڄجي ئي نٿو!
چنڊ، تنھنجي لاءِ آھن منتظر، منھنجا ڪنول،
ترس اي حسن ازل،
اڄ تھ منھنجو روح رڄجي ئي نٿو!
ترس، تو مان ڪجھھ تھ ڍاپن ھاءِ ھي اکڙيون
ڀِنل،
ترس اي حسن ازل،
اڄ تھ منھنجو روح رڄجي ئي نٿو!
ھر محبت جي مزار،
وقت کوٽيندو رھي ٿو، ڏينھن رات.
چنڊ کان پڇ، جنھن جي پاڇي ۾ ٿين ٿا ڪيئي
پيار،
ھر محبت جي مزار،
وقت کوٽيندو رھي ٿو، ڏينھن رات.
رات کان پڇ، جنھن ۾ آھن زلف ڪيئي مشڪبار،
ھر محبت جي مزار،
وقت کوٽيندو رھي ٿو، ڏينھن رات.
ھير کان پڇ، جنھن برھھ جي باھھ کي ڪيو
بيقرار،
ھر محبت جي مزار،
وقت کوٽيندو رھي ٿو، ڏينھن رات.
تون بھ تنھا، مان بھ تنھا، ڪوئي ڪنھن
جوناھھ يار!
ھر محبت جي مزار،
وقت کوٽيندو رھي ٿو، ڏينھن رات.
تنھنجي ڳولا، تنھنجون ڳالھيون صبح و شام،
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
تنھنجون اکڙيون، منھنجي ڏاھپ جون ڏياٽيون
ٿيون مدام-
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
رات مون کي چنڊ پھچايو ھيو تنھنجو پيام-
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
مون پرھھ جي ھير کي، ساجھر ڏنا تو ليءِ سلام،
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
روح ۾ خيما کتا تنھنجا- مگر تنھنجو قيام؟
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
اجنبي مون ليءِ ھيا پنھنجا پرايا، خاص و عام،
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
ھر تصور، ھر تخيل زندگيءَ کان انتقام،
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
تنھنجي ڳولا تنھنجون ڳالھيون صبح و شام،
مون کي پل پل پور تنھنجي پيار جا!
رات ڪائي تانگھھ تات،
منھنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!
زندگانيءَ جي چمن مان آئي خوشبوي نجات،
رات ڪائي تانگھھ تات،
منھنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!
ڪنھن ازل جي راز ڳاتو، سر وٺايو ڪائنات،
رات ڪائي تانگھھ تات،
منھنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!
اوچتو ھر شيءِ لڳي ڄڻ بي ثبوت و بي ثبات،
رات ڪائي تانگھھ تات،
منھنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!
ھي ستارا، ھي نظارا، نيٺ ڪنھن جي آ صفات!
رات ڪائي تانگھھ تات،
منھنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!
چنڊ جو چارو وٺي، ڳولڻ لڳس مان حسن ذات،
رات ڪائي تانگھھ تات،
منھنجي من ۾ آڳ جئن آئي پرين!
اي زمانن جا ضمير!
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
آب و گل مان ڇو بڻايئھ زندگانيءَ جو ضمير؟
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
ڪاروان زيست جو ڇو آدمي ٿي ويو امير؟
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
آدميءَ ڪيو ڪوھھ و صحرا، ماه و انجم کي
اسير!
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
ھاءِ ان جو قتل و غارت، بغض و نفرت، دارو
گير!
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
چشم فطرت مان اڃا تائين اگھيو ڪنھن ناھھ
نير!
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
جنھن ڪئي ڪوشش، انھيءَ جو آھھ سوريءَ تي
سرير!
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
اي زمانن جا ضمير!
تنھنجي ڪھڙي منزل مقصود آ؟
وري اھائي تان اچي ٿي، وري اھائي تان-
سکي ڙي، وري اھائي تان!
پري پري پھچي ويا جنھن سان پل ۾ منھنجا
پران،
سکي ڙي، وري اھائي تان!
لڳي وئي ڪا لوري جنھن مان، ڌريا رھيا سڀ
ڌيان،
سکي ڙي، وري اھائي تان!
کٽ تي آھھ نکٽ جي ڇايا، سمھي پيا انسان،
سکي ڙي، وري اھائي تان!
مان ماڌوءَ لاءِ اِئن ڊوڙان، جئن ڇوڙي ڪان
ڪمان
سکي ڙي، وري اھائي تان!
وري اھائي تان اچي ٿي- وري اھائي تان!
(ودياپتي)
جتي ڪٿي ھو آھي، جيڏيون، جنھن سان جان جڙي!
ملي ويو ھو پنھنجي مڌ سان، ڳوڙھن منجھھ ڳڙي،
جنھن سان جان جڙي. . . .
پرين اسان جي پيالي ۾ ھو، جيسين رات لڙي،
جنھن سان جان جڙي. . . .
تنھن جي سار سوا، اي سرتيون، گھاري ناھھ گھڙي،
جنھن سان جان جڙي. . . .
ھانءُ اسان جو تنھن وٽ ھوندو، جنھن ۾ آس اڙي،
جنھن سان جان جڙي. . . .
ڇني ڏٺوسون، ڇڄي نھ سگھندي، تنھن جِي قرب
ڪڙي،
جنھن سان جان جڙي. . . .
مان ڪويل، تون ڪاري رات،
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
تون ئي ڳائين، مٺڙا سائين،
منھنجي لونءَ لونءَ ۾ ٿي لات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
ڪيسين اڏران، ڪيسين ڪوڪان،
تو بن منھنجي ناھھ نجات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
منھنجو من اِينءَ ڳولي توکي،
جئن ڪو بن ڳولي برسات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
تون ئي منھنجي سک جو سونھون،
تون ئي منھنجي ڏک جي ڏات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
گھرا گھرا نيڻ پرينءَ جا،
ڪارا ڪارا نيڻ!
اڻٽيھينءَ جي اونداھيءَ جئن،
پيارا پيارا نيڻ!
ڪارا ڪارا نيڻ!
آيو تن ۾ نينھن تھ ٿي ويا
سڀ کان نيارا نيڻ-
ڪارا ڪارا نيڻ!
ملي وا اڄ منھنجي مڌ ۾
جيءَ جيارا نيڻ!
ڪارا ڪارا نيڻ!
من جي مکڙيءَ تي ڀرندا پيا
ھي متوارا نيڻ
ڪارا ڪارا نيڻ!
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا!
اکڙين ۾ آڙاھھ ازل جا، آڳ الا آ سارو تن من،
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا!
شعلا شعلا سارو عالم، جڳمڳ جڳمڳ سارو
جيون،
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا!
تند تپي ٿي، ڪوئي مٺڙو نانءُ جپي ٿي،
ڀٽڪي بن بن،
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا!
ڳايان ڳايان جرڪي جوالا، سڀئي ڏک سک ڄر ۾
ڄرڪن،
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا!
ڳل تي ڳوڙھا، گل تي شبنم-
ياد اوھان جي! ياد اوھان جي!
چڻنگون پاڻيءَ جي چوليءَ ۾،
ھاءِ ستارن جو ھي عالم!
سير سنڌوءَ جي پرخم پرخم!
ياد اوھان جي! ياد اوھان جي!
ھير گھلي ٿي، نير ڇلي ٿو،
ڌير اچي ٿو، وسري ٿو غم!
نيٺ تھ سڪندي چشم پرنم،
ياد اوھان جي! ياد اوھان جي!
پيار اوھان جا وار اوھان جا،
گھاو اسان جا ٿيندا ويا ڪم!
وقت لڳائي پل پل مرھم!
ياد اوھان جي! ياد اوھان جي!
مرڪ بھ ايندي سرڪ بھ ايندي،
چپ تي چپ رھندي تھ نھ پيھم!
مٺڙا سائين آھي ڪو دم!. . .
ياد اوھان جي! ياد اوھان جي!
ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن بھ ريت،
منھنجي من کي چين ناھي!
ھاءِ، ڪھڙي رات آھي،
چنڊ منھنجو ناھي ميت،
منھنجي من کي چين ناھي!
ھيءُ گلابي رت ڇڏي،
مون کان رسي ويا ڪيئن گيت،
منھنجي من کي چين ناھي!
ھار ڪائي ھار ناھي،
جيت ڪائي ناھي جيت،
منھنجي من کي چين ناھي!
تون ڪٿي آھين پرين، آھي،
ڪٿي اڄ تنھنجي پريت!
منھنجي من کي چين ناھي!
ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن بھ ريت،
منھنجي من کي چين ناھي!
روح منھنجي جي نجات-
تنھنجي اکڙين ۾ ھئي!
اوچتو تنھنجي اکين ۾ مون ڏٺو آبِ حيات-
روح منھنجي جي نجات-
تنھنجي اکڙين ۾ ھئي!
پياري پياري، ڪاري ڪاري، ھيءَ ڪجل جي
ڪائنات-
روح منھنجي جي نجات-
تنھنجي اکڙين ۾ ھئي!
تنھنجي اکڙين مان ملي، منھنجي تمنا کي
ثبات-
روح منھنجي جي نجات-
تنھنجي اکڙين ۾ ھئي!
تنھنجي ڇپرن جي ڇپر ھيٺان ڪئي مون ننڊ
رات،
روح منھنجي جي نجات-
تنھنجي اکڙين ۾ ھئي! |