سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀوري آڪاس

صفحو :11

ڪنھن تھ ورتو پئي پرينءَ جو نانءُ

جو ويو اوچتو ھٿن مان ھانءُ

گرچھ ان ۾ نئون نئون مڌ آ

دل پراڻي پياڪ جو آ ٿانءُ

ناھھ ڪنھن کي بھ سار سپرينءَ جي

نھ وري صبح کان لنوي ٿو ڪانءُ

تون مڃيندين تھ ڪونھ اي جيڏا!

جي چوان لازوال آھيان آنءُ

شاعري ڏات آ ”اياز“ مگر

ڏات ڪھڙي، ھجي نھ جنھن کي ڏانءُ!

 

 

جلد اچ، چنڊ رات آ مٺڙا

ھر خوشي بي ثبات آ مٺڙا

مون ۾ تنھنجي چپن ڪئي پيدا

آرزوي ثبات آ مٺڙا

ڄڻ انھن ۾ ڀني ڀني ڪائي

پوي آبِ حيات مٺڙا

گل ڇڻن ٿا شراب ٿو ڇلڪي

ڇا سندءِ بات بات آ مٺڙا

جا سندءِ زلف ۾ وڃي وچڙي

بس اھا رات رات آ مٺڙا

روح جي گوشھ محبت ۾

وسعتِ ڪائنات آ مٺڙا

ھڪ ثبوتِ ثبات شاعر وٽ

آرزوي ثابت آ مٺڙا

جستجوي نجات ۾ حائل

آرزوي نجات آ مٺڙا

ھي ازل کان ”اياز“ آندي آ

ڏس اھا لات ڏات آ مٺڙا

شبنم آلود لب کڻي مون وٽ

مثل برگ گلاب ويجھو آءُ

سينھء ساز تي ھڻي مضراب

روحِ چنگ و رباب، ويجھو آءُ

پابجولن آ رخش عمر روان

تون بھ ٿي ھمرڪاب ويجھو آءُ

ياد آيو ”اياز“ کي ھو جسم

اي شبِ ماھتاب ويجھو آءُ

 

ٿي سڏي ڪوي يار، موٽي آءُ

اي دل بيقرار، موٽي آءُ

ساحل آسودگي، اڙي توبھ

موجھ بي ڪنار، موٽي آءُ

منزل شوق ٿورو اڳتي آ

آءُ، ھمت نھ ھار، موٽي آءُ

تو بنا ڪا خوشي مڪمل ناھھ

آءُ اي درد يار، موٽي آءُ

ڪنھن وساڻل چراغ جي خاطر

اي شبِ انتظار، موٽي آءُ

اي پرين! ھن جھان تنھا ۾

ڪير آ ڪنھن جو يار، موٽي آءُ

منھنجي محبوبھ، منھنجي چانڊوڪي

مثل بوي بھار، موٽي آءُ

اجھو دار و رسن جو ڪو پيام آيو

ملي اڄ زلف جانان سان صبا آھي

زمين جي تشنھ لب جنت پڪاري ٿي

ڪٿي ھو باد و باران جو خدا آھي

پوي ٿي ماڪ، چانڊوڪي ٿڌيري آ

”اياز“ اڄ رات ڪٿ ھو بيوفا آھي

قدم قدم تي ھجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا

ڪري ويو ڪير بارش مي، خمار آلود ٿيا زمانا

شعور ھستي جتي ڪٿي آ، شعار ھستي ڪٿي ڪٿي آ

پيئو پيئاريو، جيئو جيئاريو، مگر بھ انداز عارفانا

اسان جو چاھيو تھ روح تنھنجو، چپن مان چوسي وٺون تھ ساقي

گھڙي نھ گذري خلاف پنھنجا ٿيا سمورا شراب خانا

ڪڏھن ڪڏھن موجِ مي مان اڀري، خودي وري غرق جام ٿي وئي

ڪندو رھيو ساحل تمنا، سوين اشارا سوين بھانا

مثال سيلاب وقت گذري، لٽي ڇڏيو قصر عاشقيءَ کي

ڪٿي جبينون جھڪيون الائي، ڪٿي ھيو سنگ آستانا

اڙي! اڙي! ترس ترس، ڪنھن کي، مٽائين ٿو بي خبر، نظر ڪر

”اياز“ آ شاعر محبت، اڙي زمانا اڙي زمانا!

بغاوت ڪئي آ مون دير و حرم سان

جھڪايان ڪٿي مان جبين، تون ڪٿي آنھھ

اسان جي ھتي جامه آدميءَ ۾

ملاقات آ آخرين، تون ڪٿي آنھھ

چيو چنڊ ڪجھھ آسمان تان، ٻڌو تو!

ڪٿي آنايازِ حزين، تون ڪٿي آنھھ!

 

اي دلِ زار، رُلائينم نھ ھا

منزلِ يار، ڀُلائينم نھ ھا

ڏينم ھا يا تھ حياتِ اَبدي

يا گھڙيءَ لاءِ گھرائينم نھ ھا

جي محبت کي گنه ٿو سمجھين

پو تھ انسان بڻائينم نھ ھا

زندگي ھونءَ بھ گذري وڃي ھا

يا خدا! ھوءَ ملائينم نھ ھا

جي ملايءِ تھ وڇوڙينم نھ ھا

جي وڇوڙيءِ تھ سِڪائينم نھ ھا

زندگي چين سان گذري ٿياياز

ڪاش، ھي شعر ٻڌائينم نھ ھا

 

اَلائي وري رات ايندي نھ ايندي

اسان جي ملاقات ٿيندي نھ ٿيندي

ڀلي ڏي نھ ورندي، تمنا نھ ورندي

پَئي دل اسان جي، اوھان کي سڏيندي

بھار آيو آھي، اگر تون بھ آئين

گلن سان محبت بھ جھولي ڀريندي

سدا تنھنجو حسن و حيا ياد ايندو

وري دل نھ ٻي ڪابھ مکـڙي پٽيندي

وري تنھنجي در تياياز“ آيو آھي

سندس اک نھ ٻي ڪابھ چانئٺ چميندي

 

پئي ياد آيا افسانا اوھان جا

نگاھون اوھان جون، نشان اوھان جا

اوھان جي خد و خال جا شعر ڳائي

لٽايا پئي ڪنھن، خزانا اوھان جا

اسان لاءِ ڪنجِ قفس آھھ ڪافي

اوھان جا چمن آشيانا اوھان جا

اسان کي چُڪي چاڙھڻي آھھ ساقي

اوھان جو سُبو باده خانا اوھان جا

ھياسي اسان ڪنھن گھڙيءَ جا گداگر

زمينون اوھان جون زمانا اوھان جا

اياز“ آشنا ناھھ دير و حرم سان

انھيءَ وٽ ھيا آستانا اوھان جا

 

 

ڪنھين سان تھ اوريان ڪنھين سان تھ اوريان

حقيقت جون رمزون، مگر ھوريان ھوريان

ڏيان آگ گرنار کي گاھي گاھي

وري سر وڍايان، وري چنگ چوريان

وري، ھا ھوري، ھو اِشارو اکين جو!

سڄو عالم خير و شر جنھن تان گھوريان

مه و ڪھڪشان تان جو مايوس موٽيس

ڏنو آسرو ڪنھن اچي اوريان اوريان

”اياز“ اڄ ڏيان ھن کي نذر محبت

ٻھ ٽي شعر جوڙيان، ڪليجي کي ڪوريان

 

ازل کان ھلي ڳالھڙي تنھنجي منھنجي

حياتِ بشر ھڪ گھڙي تنھنجي منھنجي

زماني کان رھندا ھميشھ نرالا

خدا تنھنجو منھنجو، خودي تنھنجي منھنجي

ڀري ٿو ڀونر روز سورج مکيءَ تي

چمن ۾ ھلي عاشقي تنھنجي منھنجي

پيو چنڊ جنھن کي اڃا تائين ڳولي

ڪٿي آھھ سا راتـڙي تنھنجي منھنجي!

محبت تھ آبِ حيات آھھ پيارا

ٻجھي ڇو نھ پو تشنگي تنھنجي منھنجي

محبت ”اياز“ آھھ زنجير، تنھن کان

چڱي آھھ آزادگي تنھنجي منھنجي

 

ڪري ڪير ٿو ھي، پکن مان پڪارون

نھ منھنجو ملير آ، نھ ڪي منھنجا مارون!

رھي گونجندي ڪوڪ ڪائي فضا ۾

اڏامي ويون ڪونجڙين جون قطارون

ورھھ تنھنجي وستي ورھيھ ٿيا وساڻي

کڻي چڻنگ چوليءَ ھليو ڪير پارون؟

وڃون ٿا پيا سير جي اڄ سھاري

نھ ترھو ئي تاڻيو، نھ ڪي آھيون تارون

”اياز“ ان سبب مي پرستي ڇڏيندو؟

ميان، تون بھ ڪنھن کي ڏئين ٿو ميارون!

پرينءَ سان پکا ڪير ويھي اڏي

گھڙي لئون لڳائي ھلون ٿا لڏي

جھڙاليون لڳائي وئين جيءَ ۾

اڙي جيءُ آئين اسان جي تڏي

اتر کان اچي ٿي اٺي جي ھوا

ڀري آ، ڀري آ، نصيحت نھ ڏي

ميان، ڪير مي جون ميارون سھي

اسان کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي، ڇڏي

نھ ٿيندي نھ ٿيندي محبت فنا

ھلي آ، ڀلي ويھھ گوڏو گڏي

”ِڀٽائي“ بھ ھو ميڪدي ۾ ”اياز“

ڏنائين پئي مي، اسان کي سڏي

 

اکيون عاشقن جون اڃايل اڃايل

دليون درد واريون، دکايل دکايل

ھئي جاه و دولت جي ڪوڙي ڪھاڻي

جھان ۾ رھيا نينھڙا ڪجھھ نڀايل

خبر ناھھ اي دور تاريخ ڪيسين

اڃا خون انسان جو رھندين اڃايل

ڪٿي آنھھ ابر ڪرم تون ڪٿي آنھھ؟

اڙي ڏس تھ چھرا سڪايل، سڪايل!

ڪڏھن ھاءِ ڏسنديون نظام محبت

اکيون آس واريون، سڪايل سڪايل

ملن ئي نھ ٿا اڄ تھ پيرا پنھونءَ جا

ڪٿي آھھ ھو ڪيچ، اي منھنجي آيل؟

ڪڏھن منھنجي خامين بنا ڏس تھ دنيا

سوين تو ۾ خوبيون ھزارين خصايل

 

حسين ھن جھان ۾ ڇا ڇا ھيا!

ڏٺوسي چتائي تھ پاڇا ھيا

ڇڻي گل ٿيا نيٺ خاڪ چمن

اھي رنگ و بو اي خدا ڇا ھيا؟

ربابِ شڪستھ، ٻڌائينم ھا

اھي نغمھء دلربا ڇا ھيا!

جي منزل ھئي واديء تيرگي

تھ ھو ماه و انجم ڀلا ڇا ھيا؟

ھيا خوب نقش و نگار حيات

مگر ڇا ھيا، ڇا ھيا، ڇا ھيا

ھوائون، گھٽائون، فضائون، بھار

الا ڇا ھيا سڀ، الا ڇا ھيا!

وفائون جفائون، ادائون حيا

ڪرشما ھيا خاڪ جا، ڇا ھيا!

ھيا نقش پا ھن سفر جو ثبوت

مگر نقش پا! نقش پا ڇا ھيا؟

”اياز“ اڄ جدائيءَ ۾ سوچيو پئي

ملاقات جا ولولا ڇا ھيا!

 

 

يا صحن چمن مان باد صبا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

ھاڻي تھ لھي ويو آ دريا، جنھن ڪشتي ڪشتي ڪئي پاره

اي ھمسفرو، ھوءَ موجِ بلا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

محفل نھ رھي، ساقي نھ رھيا، پيالا نھ رھيا، پياسي نھ رھيا

اي شمع سحر، ڇا رات اھا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

سا رات نھ آ برسات نھ آ، سا تن ۾ ڪنھن جي تات نھ آ

او ديوانا، او ديوانا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

ڪي ڏينھن ھيا جو نينھن ھيا، جو ڪنھن جي سونھن ورونھن ھئي

نھ رھي، نھ رھي، نھ رھي، او الا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

نھ رھي سا ڪيف و سرمستي، آ سرد محبت جي بستي

اڄ مي ۾ ناھي سا معنى، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

اي ابر ڪرم، تنھنجا سائل توڏانھن تڪيندي رھجي ويا

بدلي نھ ھوا، ڇائي نھ گھٽا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

ڪنھن ڪانھ ٻڌي ڪنھن ڪانھ ٻڌي، توڙي ويو عرش و فرش لڏي

ڪنھن جي دل مان نڪتي بھ صدا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

ھيءَ دنيا آھھ سراءِ پرين، آياسي پل جي لاءِ پرين

ھر چيز ھتان جي پيار سوا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

جيڪا بھ گھڙي توسان گذري، آ ياد انھيءَ جي پيار ڀري

مان ڪيئن چوان منھنجا پيارا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

اي دوست، بھار وري گل ڪيا، جھڙ ڇايا، پيمانا ڇلڪيا

ھوءَ باد خزان بھ رھي نھ سدا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

ڏک گھوري مون سک ورتا ھا، ڪنھن پياري جا، جڳ ساري جا

پڇ ئي نھ ”اياز“ اِھي ڏکڙا، گذري بھ وئي گذري بھ وئي

 

شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منھنجي

ڪٿي آھين اڙي او روشني، او روشني منھنجي!

صدين کان روح آ ڀٽڪيو، پئي تنھنجي تمنا ۾

الائي ختم ٿيندي يا نھ، ھيءَ آوارگي منھنجي

ائين ڇو دور ۽ مجبور آھيون گرچھ ڄاڻون ٿا

تھ مان ھان زندگي تنھنجي ۽ تون آن زندگي منھنجي

سوين فانوس دنيا ۾، جلايا ويا وسايا ويا

اھائي روشني منھنجي، اھا ئي تيرگي منھنجي

خدا معلوم تنھنجي آستان تي ڪير ٿو پھچي

مگر ديرو حرم جي ڏس نھ ڪئي ڪا رھبري منھنجي

”اياز“ اڄ آسمان ۾ ڪونجڙين جي قافلن کي ڇو

سڪوتِ شام ۾ ڏسندي رھي بيچارگي منھنجي

 

محبت جا اوھان کان راز، جي ھردم ڇپاياسي

ڪياسي شعر ۾ ظاھر، سڄي جڳ لاءِ ڳاياسي

ٽڙياسي دامن صحرا تي، خوشبو ئي اجائي وئي

خدا معلوم ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نھ ڄاياسي

ازل کان ڪائي جوي عشق، پئي ڇوليون ھڻي، جنھن ۾

ڪئي سي ڪشتيء دل چور، لڙھندا پار آياسي

ڪڏھن ايندءُ اڏامي، جو اکيون آسائتيون ڏسنديون

اوھان جي ياد سان ھي سرد آکيرا وساياسي

خدا معلوم ھن کي جستجو، ڪنھن چيز جي آھي

نھ آيو چين ڪو دل کي، سوين حيلا ھلاياسي

مليو اھڙو نھ ڪوئي ھمسفر، جيڪو ٻڌائي ھا

وڃون ڪيڏانھن ٿا بي خود، ھتي ڇا لاءِ آياسي

محبت ھئي، تمنا ھئي، جواني ھئي، حياتي ھئي

”اياز“ احساس ڪنھن بيحس، حسين تي ڇو وڃاياسي

 

نھ ماھتاب، نھ ھو آفتاب آ، سائين!

مگر ”اياز“ ڪيو انتخاب آ، سائين!

اسان جي روح ۾ جنھن جي نفيس خوشبو آ

اھو بدن بھ مثال گلاب آ، سائين!

اسان سوال ڪيو ھو خدا بھ آھي ڇا؟

اوھان جو حسن انھيءَ جو جواب آ، سائين!

اوھان جو شوق بجا نغمھء مسرت ليءِ

اسان جي دل تھ شڪستھ رباب آ، سائين!

اھو ”اياز“ وڏو بي حجاب آ، جنھن ھئن

رخِ حيات ڪيو بي نقاب آ، سائين!

 

مان نھ نڪتو ھوس، ڪنھن محتاج ٻاڏايو ھيو

ڪنھن چيو ٿي، ڪلھھ سندءِ در تي خدا آيو ھيو

بارھا مون ھن سفر ۾ راءِ بدلائي ھئي

بارھا ھر رھنما کان جيءُ گھٻرايو ھيو

اي خوشي، تون زندگيءَ ۾ ڪيترو اڻ- لڀ ھئينءَ!

مون تھ سارو وقت غم سان جيءُ بھلايو ھيو

زندگي آ جستجو ۽ جستجو آ زندگي

ڄڻ تھ پائي مون پرينءَ کي پوءِ پڇتايو ھيو

ڇانو ڪڪريءَ جي ھئي، کن پل خوشي پنھنجي ”اياز“

ھاءِ ترسايو ھيو جنھن، پر نھ برسايو ھيو

 

کڻي آيون وري ھو ياد، ڪنھن گذري محبت جي،

اوھان جي پار جون ھيرون، اوھان جي ديس جا بادل

اسان کي ڪا شڪايت ناھھ، تنھنجي بيوفائيءَ جي

مٺا سائين! مٺا سائين! تون سڏڪا روڪ، ڳوڙھا جھل

بھار جي خزان آھي، اوھان جي حسن جي دنيا

حياتِ جاودان آھي، اسان جي عشق جو پل پل

 

 

نئين تمنا، نئون ترانو، نئون چمن لاءِ آشيانو

نھ ھو قفس آ نھ آب دانو، اڏام ساڳيو نھ آ زمانو

ازل ادب سمجھھ ۾ نھ ايندو، نھ سمجھبو آھھ ڇا زمانو

اچو تھ بدلائجي زمانو، اچو جوانو، اچو جوانو

ھتي سوين رند روز آيا، نوان نوان دور جن ھلايا

نھ آھھ قدرت ڪڏھن بھ خالي، کليو پيو آ شراب خانو

صديون جھلڪ ليءِ جھڪي ڪيا تو ھزار سجدا، نھ سمجھندين تون

نگار کان بي نياز آھي، ائين ھلي ٿو نگارخانو

”اياز“ ڪنھن جي سرود سان رات، روح ۾ تازگي اچي وئي

ٿيو فلڪ تي وري ستارن جو جھومندو قافلو روانو

 

 

قيد ھستيءَ کي ڪيئن ڊاھيان مان

مارئيءَ جي پڪار آھيان مان

اڄ تھ ٿڪجي پيو ھان، چؤ ڪيسين

زندگانيءَ جو ڳاھھ ڳاھيان مان

ڪنھن گل نوبھار سان گڏجي

آشيانو الڳ ٿو ٺاھيان مان

زندگي ٿي وئي آ مٺڙو گيت

ڪنھن ڪنول سان پيو نباھيان مان

عمر گذري وئي ”اياز“ الا!

مون نھ ڄاتو تھ نيٺ ڇاھيان مان

 

 

دنيا خيال دوست مٽائي سگھي، تھ ڪيئن

ھيءَ تشنگي سراب ٻجھائي سگھي، تھ ڪيئن

جاچي ڏٺم تھ خواب ھيون سڀ حقيقتون

ڪو خواب جو خيال مٽائي سگھي، تھ ڪيئن

ساحل ۾ جيڪڏھن نھ اھا دلڪشي رھي

ڪو ڪشتيء شڪستھ ھلائي سگھي، تھ ڪيئن

ھي مسئلو نئون تھ نھ آ، منھنجي روشني!

يعني چڪور چنڊ کي پائي سگھي، تھ ڪيئن

دل تھ ٻھ چار صورتون، اڪري ويون ”اياز“

طوفان وقت تن کي مٽائي سگھي، تھ ڪيئن

 

بي ڪيف آ فضاي گلستان، ڪڏھن تھ آءُ

اي موسم بھار گريزان، ڪڏھن تھ آءُ

تولاءِ ڪالھھ رات ڏنو جام مي پيام

ناياب آھي راحتِ انسان، ڪڏھن تھ آءُ

چوطرف آشيان جي گھٽائن جو آ ھجوم

تنھا ڦري ٿي رحمتِ يزدان، ڪڏھن تھ آءُ

آئينھ خانو آھھ جھان تنھنجو، تون ڪٿي!

تو ليءِ تڪي ٿي ديده حيران، ڪڏھن تھ آءُ

ڀٽڪي پيو ”اياز“ سرابِ حيات ۾

اي دوست، مثل چشمھ حيوان، ڪڏھن تھ آءُ

 

ايندي آ ياد صورتِ جانان، ڪڏھن ڪڏھن

ٿيندي آ منھنجي دل بھ گلستان، ڪڏھن ڪڏھن

ھن ڪشتيء شڪستھ کي ارمان سان ڏسي

ايندو آ ياد منظر طوفان، ڪڏھن ڪڏھن

من ئي منجھي پيو آ غم روزگار ۾

ڇوڙي تھ آءُ زلف پريشان ڪڏھن ڪڏھن

رات ڀر آ ”اياز“ چنڊ چڪور

سو بھ جي رات ڪا سھائي آ

 

بيابان تي ڇو سوين ماه و انجم

تجيلون لٽائي ويا، ڪير سمجھي

سوين خاڪ ۾ لالھ و گل ڇپي ويا

صبا کي لنوائي ويا، ڪير سمجھي

مسافر سوين ڪاروان عدم جا

ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org