سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀوري آڪاس

صفحو :2

مڙھيون ٻوٽيون من، مٽجي وييون مورتيون،

دلين ديپ وسائيا، دونھاٽيا درسن،

وسري ويا وچن، آخر پوڄا پريت جا.

چانئٺ کي چمي، گھر ۾ ڳوليم گھڻگھرا،

ويو آھيان ھتڙي، ڪيئي سال سمھي،

ڪتيون جھلي ڪڇ ۾، تارن سان ترسي،

پرڙن تي پوپٽ جي، ويو وقت اڏي،

ڪاجا واء لڳي، پن نھ مليو پن سان.

اکڙين منجھھ اجاڙ، نگريون تنھنجي نينھن جون،

پل پل آھھ پھاڙ، ڄڻ واريءَ ۾ وقت جي.

 

اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا،

جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منھنجا جام،

الا، ڪڏھن عام، رسندا منھنجي روح کي.

شفق اوڙھي شام، پھتي تنھنجي پار کان،

مھڪڻ لڳي ميءِ منجھن، جرڪڻ لڳا جام،

پيئڻ جا پيام، سانجھيءَ آندا ساھھ ليءِ.

پيئڻ ۽ جيئڻ، متو متوالن جو،

ڀيري ساڻ ڀرڻ، سرڪيون تنھنجي سونھن جون.

پيتي ڙي پيتي، پيالي اسان پريت جي،

بدلي نشي نينھن جي، نيت ۽ نيتي،

ھارائي جيتي، بازي اسان برھھ جي.

پرھھ جا پياڪ، چڪيون چاڙھن چنڊ مان،

ستارن جي سنگ ۾، راتين جا رولاڪ،

مٽجي ٿيا ماڪ، ڳوڙھا ڳاڙي ڳجھھ ۾.

سوري آڻ ستار، سڄڻ منھنجي ساھھ جا،

سر کي سر جي سنگ ۾، ڌڙ کان ڌريان ڌار،

رچي وڃي راڳ جي، لونءَ لونءَ منجھھ لغار،

ازل جا اسرار، تڙڦڻ لڳن تند ۾.

چري پيو چنگ، جھري پيئي جندڙي،

رکي رکي روح ۾، ڏکي پيو ڏنگ،

سڄڻ تنھنجو سنگ، وسري وسري ڪينڪي.

وندر منھنجي واٽ تي، ڳولڻ ۽ ڳائڻ،

تتيءَ ٿڌيءَ تند سان، نينھڙو نڀائڻ،

پرينءَ کي پائڻ، رلندي پنھنجي راڳ ۾.

سر پيارو آ ساھھ کان، تن کي مٺڙي تان،

آھي پنھنجي آن، راڳيندڙ جي روح کي.

آيو نيڻين نير، ڳوڙھا ڳڙيا ڳجھھ ۾،

ھارايو مون ھٺ الا، دلن ڪيو دلگير،

دل کي آيو ڌير، ڳائي تنھنجون ڳالھڙيون.

ڳالھيون ھن جون ڳائڻا، ڳوڙھا آڻي ڳاءِ،

رک ۾ منھنجي روح جي، ڄڀيون ڪي ڄرڪاءِ،

رتين رتيون راڳڻيون، سازن سان سرچاءِ،

سر ۾ پوئين پھر جو، سارو سوز سماءِ،

راتين منجھھ رچاءِ، رمزون پنھنجي روح جون.

سارو عالم پيو سمھي، جلي منھنجي جاڳ،

ازل جي آواز مان، روح بڻايا راڳ،

ڀڙڪيا الا آڳ، ڄرڪڻ لڳي ڄندڙي.

جھوري پيئي جھانجھھ، جيڏيون منھنجي جيءَ کي،

سھڙي آھي سانجھھ، جھڄندي جنھن جي جھانءِ ۾.

ناھي ڪوئي ڳائڻا، ڳائڻ جھڙو ڳڻ،

سائين، مون کي سڻ، ڌمندو رھھ تون ڌن ۾.

ازل جا آواز، اچن ٿا اڌ رات جو،

وسن ٿا ويساھھ ليءِ، سؤ روحاني راز،

صديون ستل ساز، وڄن ٿا وجود ۾.

اڄ تھ ازل جي اڃ، مٽجي ويئي من مان،

سامھون ساري سڃ، وسي وئي وڻڪار سان.

ڄڻ ازل جي آڳ، جلي پيئي جيءَ ۾،

مرڪي پيو ماڳ، شعلن جي شعاع ۾.

نسريو تنھنجو نينھن، وسري واٽ وجود جي،

محبت مون کي ماڳ جي، سانوڻ سندو مينھن،

آھيان راتيون ڏينھن، پانڌيئڙو پرينءَ جو.

پرھھ جو پرواز، ڪيو ساھھ سڄڻ ڏي،

ڪل رمزون ۽ راز، کلي پيا کن ۾.

پرھھ جو پيرو، کڻي پھتو ڄڻ پرين،

سھڻو لڳو سج کان، صبح سويرو،

ويو انڌيرو، چؤڌاري چٽاءُ ٿيو.

اچي ٿو آواز، پرينءَ جي پيرن جو،

ڪو روحاني راز، سري پيو سانت ۾.

پرينءَ سندي پيچري، پيو آھيان پنڌ،

ھيئون، انھيءَ ھنڌ، پھتو پيرن کان اڳي.

او منھنجي منزل، رلائين ٿي روح کي،

ويجھو اچي واٽ تي، ڪڏھن مون سان مل،

دکڙن ڀري دل، پيرين پڄان ڪيئن مان!

چمڪي وڄ وجود ۾، ڏٺم پرينءَ جا پير،

اونده ۽ اوير، منجھايو ھو ماڳ کي.

کلي ڪير کنوڻ، چمڪائي ويو چِت ۾،

صدين لاءِ سڄڻ، ٿيو سيني ۾ سوجھرو.

ساري رات سڙي، سوچ اسان جي سچ لاءِ،

اچي نڪري شل الا، جنھن سان جان جڙي،

ڳوڙھن منجھھ ڳڙي، وڃن وھم وجود جا.

سدائين سوداءُ، سانڍيم تنھنجو سمجھھ ۾،

او اڻ ڄاتل آءُ، ڄاڻو منھنجي ڄاڻ جا.

آھيان راڳيندڙ، ڪنھن روحاني راز جو،

ڪيو سر سگھڙ، روح رچي ويو رمز ۾.

ستارن سان رات، چوريم ڳالھيون چنڊ جون:

ملندي ڪئين نجات، سونھون ناھيان سونھن جو.

آڌيءَ رات الله، ڳائي پيو ڳجھھ ۾،

سڻي پيو سانت ۾، ستارن جو ساھھ،

نغمي جي ڪا نھر ڄڻ، اٿلي آھھ اٿاھھ،

ماڻھوئڙا ۽ ماھھ، سڀئي آھن سير ۾.

موڙي ڪيو ميڻ مون، پھڻن جھڙو پاڻ،

سڄڻ اڄ تو ساڻ، اوڙھي آيس عاجزي.

سليا ڪنھن نھ سوال، سانڍيا جي مون ساھھ ۾،

ڏاھپ ساري ڏيھھ جي، سونجھيم صديون سال،

خلوت منجھھ خيال، جلن روز جواب ليءِ.

پڃري تي پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس،

پکيئڙا پر وس، ڦٿڪڻ لڳا قيد ۾.

پڃري ۾ پيھي، آئي بوءِ بسنت جي،

پکي پرڏيھي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.

ڦٽڻ لڳو ڦاڳ، آئي بوءِ بسنت جي،

سڄڻ منھنجي ساھھ کي، ويڙھي ويو ويراڳ،

ڪٿي منھنجو ماڳ، ڪٿي منھنجون منزلون!

 

الا اڄ تھ اڏام، ڀڙڪو ڏيئي بند مان،

آيا اتر- واءُ تي، پرينءَ جا پيام،

ڪيئھ ڪيئن قيام، پکيئڙا پرڏيھھ جا!

روحن جي راحت، پکيئڙو پرديس جو،

اڏرڻ جي عادت، ان کي آھي اصل کان.

اڪيلو آھيان، ماڻھوئـڙن جي ميڙ ۾،

اڃا ڄاتم ڪينڪي، ڇو آھيان ڇاھيان،

آھيان يا ناھيان، سو بھ نھ آيم سمجھھ ۾.

ڪيئي ڳالھيون ڳجھھ جون، ساھھ اندر سانڀيم،

ٻاھر نھ ٻاڦيم، محرم منھنجي مام جا.

محرم منھنجي مام جا، اچي ڏي آواز،

روح سريلا ساز، ترسايا تنھنجي ڪري.

دکي پيو دونھون، ويڳاڻن جي واٽ تي،

شايد ڪو سونھون، پيو پنڌ پرينءَ ڏي.

ڪٿي آن، ڪنھن جاءِ تون، جاچيم سارو جاڳ،

دلبر تنھنجو دڳ، پانڌيئڙو پڇندو رھيو.

آيو پوئين پھر جو، اندر مان آواز،

سمھي پيو ساز، نغما نڪتا اوچتو.

نغمان نڪتا اوچتو، سھڻا سھڻا سر،

اچي ڪير اسر، ريجھائي ويو روح کي.

ريجھائي ويو روح کي، ڏيئي ويو تسڪين،

ڪري ويو ’ڪين‘، منھنجي ’مان‘ کي من گھريو.

جيئن مکڙيءَ کي ماڪ، چمڻ اچي چاھھ مان،

آياسين تيئن اوچتو، اورانگھي افلاڪ،

خوشبو آ خوراڪ، سائل آھيون سڪا جا.

ملي منھنجي من کي، دکن جي دولت،

اچي ھر آفت، وڌا ھار ھنئين کي.

منھنجي دل جو دکڙو، اڄ ڳوڙھن ۾ ڳول،

موتين سندي جھول، سونجھي ڏس او سپرين.

پرين پڪارينم، ننڊ وٺي وئي نگري،

متان تون مارينم، ويسر سان وچ واٽ تي.

متِي ميءِ مجاز جي، پل پل پياريوم،

اکڙين مان اوتيوم، سرڪيون سندم ساھھ ۾.

پياري پرولي، سھڻي ھن سنسار جي،

ستارن جي سونھن سان، چنڊ ڀري چولي،

ھيرن ڏني ھنج ۾، لونءَ لونءَ کي لولي،

نظارا ھا ننڊ ۾، مون اک جڏھن کولي،

نھ ڪي سکن سيج ھئي، نھ ڏکن جي ڏولي،

ھيءَ ڳجھارت ڳولي، ڪنھن ڪنھن ڏاھي ڏيھھ ۾.

راڻو منھنجي روح جو، ماڻي ٿو مومل،

ليئا پائين ٿو لڪي، اڙي يار اجل!

ترس تھ ٻھ ٽي پل، سڄڻ آھي ساھھ سان!

پڪارين ٿو پار کان، آھين آخر ڪير؟

واريءَ مٿان وقت جي، پسيم تنھنجو پير،

مٺڙي تنھنجي مرڪ آ، وڻندڙ تنھنجو وير،

آھي ڪھڙو دير؟ اجل، آءُ اسان ڳري!

جسو جوڙيئھ اي خدا، مٽيءَ جو منھن،

پوندو جو نھ ڪڏھن، منھن تي معمارن جي.

لھرين ۾ لڙھندا، مليا سي وچ وھڪ ۾،

سڄڻ ساھھ سندا، ساٿ نھ رھندو سير ۾.

تون سوري تون سڏ، تون ئي ساھھ سريءَ ۾،

تون ئي مون سان گڏ، تون ئي منھنجو مٺ گھرو.

گھر گھر تنھنجا گھنڊ، من من ۾ تنھنجي مڙھي،

مان سپنو تون ننڊ، ڳوليان توکي ڳجھھ ۾.

ڏئي ڪوڙھئي کي ڪير، چميون ٻھ ٽي چاھھ مان؟

سڄڻ توسان سير، ڪري ڪير ڪنڊن تي!

ڪنھن جي ڪوجھائي؟ سڄڻ آ ھر ساھھ ۾!

چانڊوڪي چائي، اسان اونده اوٽ مان.

واسينگن جي واٽ، آھي سفر سچ جو،

ڪيئي ٿيا ڪاٽ، ھلندي حبيبن ڏي.

سڏيو سدا ساھھ کي، سچائيءَ ۽ سونھن،

وندر ۽ ورونھن، مون ليءِ پيڇو پرينءَ جو.

واريءَ منجھھ وٿاڻ، سانجھيءَ آندا سانت ۾،

لھندي سج جي سون سان، ورسيا ڀينگا ڀاڻ،

ڄرڪي منھنجي ڄاڻ، اڻ ڄاتي جي آڳ ۾.

اڀي آھھ کجور، اکيون وجھي اڀ ۾،

اچي پيو عرش تان، نھريون ڪري نور،

چنڊ چريءَ کان دور، پاڙون ٿس پاتار ۾.

ھيءَ جھرڻي جي جھانءِ، ۽ ھيءَ باک بسنت جي،

سارو عالم ڀانءِ، رچي ويو راڳ ۾.

 

جاڳ ڀٽائي گھوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي،

مرن پيون مارويون، قابو آھن ڪوٽ،

اچ تھ تنھنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري ڇڏيون.

ڀرسان تنھنجي ڀٽ ڌڻي، جھلي بيٺس جھول،

ڏنئي ٻھ ٽي ٻول، سخي منھنجي ساھھ کي.

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنھنجا کيت،

مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آھن آيتون.

وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،

ڪونھي اڄ ڪلام ۾، سر جو سر سان سنگ،

ڀريان آءٌ امنگ، ڪريان لات لطيف جي.

ڏنيون مون کي ڏات، ڳوڙھن ڀرريون ڳالھڙيون،

لنوي منھنجي لات، ڏکڙا ساري ڏيھھ جا.

چپن چورايو، ازل جي آواز کي،

مھرون لڳيون منھن تي، ڳوڙھن ڳالھايو،

پرين پھچايو، اسان نياپو نيھن جو.

ماڻھو منھنجي ملڪ جا، اٻوجھھ ۽ اڻ ڄاڻ،

ڏکن ڏڌيون جھوپڙيون، بکن ڀريا ڀاڻ:

الله، تن ۾ آڻ، ساڃھھ پنھنجي ساھھ جي.

اندر منجھھ اٿاھھ، محبت ماڻھوئـڙن جي،

پاڇو آھھ پرينءَ جو، تن جو سھڻو ساھھ،

جيڪو چميون چاھھ، ڏيان ساري ڏيھھ کي.

مٺڙو آ ھر چيز کان، سنگھارن جو ساھھ،

پٽيون ٻڌن پيٽ سان، ٿين بکن ۾ پاھھ،

ڏيکاريان ڪيئن ڏکين کي، چانڊوڪي ۽ چاھھ!

ڪٿي آھھ الله، انسانن جو آسرو!

ننڍڙيءَ نينگر واٽ تي، ويٺي واجھايو،

الله ۽ انسان ڄڻ، ٻنھي ٻاڏايو،

پينوءَ پھچايو، ڏاڍو ڏک ضمير کي.

ڪڻا ڪنيءَ ۾ ڏسي، رني ڪونھ ڪڇي،

لوليءَ منجھھ لڇي، ممتا ساري ماءُ جي.

سدا آھي ساھ کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍو بنا ڍولا، ناھي ساڃھھ سونھن جي.

پوي ٿو پارو، ڪنبڻي آھھ ڪتين ۾،

ويٺي ڪٽيو ولھھ ۾، سڃن سيارو،

جيءَ جو جيارو، انھن نانءُ الله جو.

وڌم ڏکن ڏاڻ، سک نھ سنڀران سپرين،

سوچي ھن سماج تي، ڪڍي ڄڀيون ڄاڻ،

ڊاھي ڪريان ڍير ھي، بي معنى مانڊاڻ،

سڄڻ اچ مون ساڻ، تھ اٽڪون اڄ انياءَ سان.

ڏسي ڏکيا ڏيل، ڳوڙھا ڳل ڳڙي پيا،

بکن بيمارين ۾، آزاريل عليل،

زر ۽ زور ذليل، ماڻھوئـڙا ڪيا ملڪ جا.

ڏٺم وجھي واجھھ، جھاتيون پائي جھوپڙيون،

ٻھھ ٻھھ ڪئي ٻاجھھ، منھنجي منھن جي ماٺ ۾.

سنھيءَ سنھيءَ بوند، سڃن کي ساڙي وڌو،

اڳيئي اڻ ھوند، ويتر جھرين جھوپڙيون.

رتي ناھي رت، ڄورون مڙيون جندڙيءَ،

ساٿي اٿ ستت، تھ ساڙيون ھن سماج کي.

ڇِڳي ڇپر کٽ، آيو تاءُ تڏيءَ کي،

ساون کاڌي سٽ، سڃن سر مٿي ڪيو.

جلي ڪيسين جوت، واچوڙا ويڙھي ويا،

ڳاراڻا ڳڻ ڳوت، لتاڙي ويا لاٽ کي.

چڙھيل آھي چؤطرف، زنجيرن تي زنگ،

جسو جڪڙيل جبر ۾، ايذايل امنگ،

ديوارن مان دانھن ٿي، چوريو جو مان چنگ،

رچي ويو رنگ، قيدي ڪوڪارڻ لڳا.

پرچي ويڙا پڻ ۾، اکڙيون اوجاڳا،

ساڳي ڪاري راتڙي، ستارا ساڳا،

صبح سڀاڳا، تو ليءِ تڪيان ڪيترو!

او ڌرتي، او ماءُ، تنھنجي کھھ منھنجون اکيون،

سر ۾ تون سوداءُ، رڳ راڳ تنھنجون راڳڻيون.

او ماڻھو، او ڀاءُ، ڪارو گورو ٿي ڪٺين،

شال اھو انياءُ، تو ۾ آڻي ماڻھپو!

الله، ھي انسان، رتي تنھنجي روح جي!

نسورو نادان، ڏھڪائيندڙ ڏيھھ جو.

چڻنگون اڏاڻيون، ڪڏھن ڪنھن ڪنھن مچ مان،

ڀنڀٽ متا برھھ جا، خدايون کاڻيون،

جڏھن وساڻيون، صديون سرد ڪري ويون.

جيئون تنھنجي جند سان، مرون تو سان ماءُ،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org