سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀوري آڪاس

صفحو :12

پرين جو نگاھون جھڪائي ھليا ويا

الا روح گھائي ويا، ڪير سمجھي

حياتِ گريزان سرابِ مسلسل

ازل کان اڃائي ويا، ڪير سمجھي

اچي ننڊ ۾ ھو نماڻي نظر سان

ستن کي ستائي ويا، ڪير سمجھي

ملائي ويا روح ۾ شھد شيرين

مٺيءَ سان مڃائي ويا، ڪير سمجھي

سوين لعل و گوھر، گداگر اوھان جي

لبن مان لڪائي ويا، ڪير سمجھي

نصيحت ڪري ھاءِ نادان ناصح

ڏکين کي ڏکائي ويا، ڪير سمجھي

تغافل شعار اڄ نگاه ڪرم سان

”اياز“ آزمائي ويا، ڪير سمجھي

 

ڪجھھ راھرو نڪري ويا، ھر ڪاروان پٺ تي ڇڏي

منھن تي مٽي، گل جھول ۾، پھتا پرينءَ جي پار ڏي

تون ننڊ ۾، تون جاڳ ۾، تنھنجي لگن ۾ من مگن

ھر رات تو ليءِ ٿي رڙي، ھر صبح توکي ٿو سڏي

ھي يادگيريون يار جون، ھن ساھھ جي سينگار جون

گويا سوين تارا ڪتيون پکڙڻ لڳا منھنجي تڏي

ھي جام آ منھنجو خيال خام آ بدنام آ

جڳ جڳ جيئين، جي تون پيئين، ڍڪ ڍڪ ڇڏي توکي اڏي

 

ساوڻ آيو وڻ وڻ تي آ، ساوڪ ۽ سرھائي

من جي مکڙي جو مرجھائي، وري نھ ٿي سا سائي

ھي خاموشي، سرد ھوا، ٿي تير ڪشي تنھائي

من جا گھاو پيا اڄ اکلي، ياد اوھان جي آئي

ڪنھن ڪنھن ان ۾ پاتو آھي، تنھنجي من جو موتي

سمنڊ کان گھري آھي، تنھنجي اکڙن جي گھرائي

ڪن جون اکڙيون سکڻيون سکڻيون، جئن پينوءَ جو پاند

تنھنجون اکڙيون ميء جا پيالا، سخا ڪرن سرھائي

کنڀڙاٽيون کوھيندا، ھڪٻئي کي بھ ڏسن ٿا، پو ڀي

مچ مٿان ڇو آھھ پتنگن، ايڏي ڀيڙ لڳائي!

رات اسان جي روح ۾ ڪوئي، راڳ ازل کان آيو

آڳ الا ھو سارو تن من، ڳالھھ اوھان جي ڳائي

رات اسان جي ڏات سين ھا، پرجھي پاڻ چوين ھا

گيت جي ھر ھڪ ٻول ۾ ڪئن، ھيءَ جڳ- سندرتا آئي

ھيل ”اياز“ سڄڻ کي، ساريوسي ساري ساوڻ ۾

مينھن اسان ليءِ نينھن نھ آندو، مٺڙي نانھھ نڀائي

 

تنھنجي من ۾ منھنجو ديرو، منھنجي ۾ تنھنجو آکيرو

تون منھنجي آن توڙي اجلي، مان تنھنجو ھان توڙي ميرو

رات گذاريون روئي روئي، ھتي نھ آھي پنھنجو ڪوئي

ڪڏھن پرين پرديسي منھنجا، ٿيندو آخر صبح سويرو

راڳ ۾ ڪنھن ھي آڳ ڀري آ، ساري جڳ جي جاڳ ڀري آ

ڄڀيون لڳيون ڄرڪڻ جو من ۾، جلڻ لڳو جو آھي جيرو

ننڊ ۾ سڀ مي جا متوالا، ڇھھ سڀ پياسا، ڇيھون پيالا

سرت سمجھھ سان ميخاني ۾، آيو آھي ڪير اويرو

رات اسان رابيل سنگھي سي، ھن جي تن سان ڀيٽ ڪئي سي

رنگ روپ ۾، ون واس ۾، مٺڙو يار ”اياز“ مٿيرو

 

تون جلوي تي جلوو آن، مان جذبي تي جذبو ھان

ڍاپي نھ ڪڏھن تو مان، ھيءُ چشم تماشائي

ڄڻ منھنجي سڄي ھستي، مرڪي اٿي لحظي لي

او ياد سندءِ آئي، او ياد سندءِ آئي!

مان ديس ۾ پرديسي، مان ساٿ سان بي ساٿي

اي دوست، نھ پڇ منھنجي، ھن وقت اڪيلائي

ھن ساز ۾ او سائين، سؤ گيت ھيا ليڪن

ڪٿ ان جا ٻڌڻ وارا؟ ڇاتي وڄي شھنائي!

ڇا دور رکي سگھندي، ديوار سياست جي؟

مان تنھنجو تمنائي، تون منھنجو تمنائي

ڪنھن راڳ لتاڙيا ٿي، چپ ڪيئن رھئين، شاعر!

توآگ نھ آلاپي، تو باھھ نھ ڀڙڪائي!

 

بي زباني زبان آ، پيارا

درد جو داستان آ، پيارا

تون قريب آنھھ، چاندني رات آ

ڪھڙو پيارو جھان آ، پيارا!

تنھنجو بي ساختھ تبسم آ

نانءُ جنھن جو جھان آ، پيارا

زندگي حسن جي حڪايت آ

يا سندءِ داستان آ، پيارا

تون جتان جو مه منور آن

سا زمين آسمان آ، پيارا

ڪوئي ڪنھن جو نھ آھھ دنيا ۾

ڪھڙو تنھا جھان آ، پيارا!

تو اڳيان آ ”اياز“ ڪئن خاموش!

ھو تھ جادو بيان آ، پيارا

 

جيڪڏھن تنھنجن طلبگارن مان آ

اجنبي ھوندي بھ ڄڻ يارن مان آ

پاڻ کان پيارو اسان ڀانيونس ٿا،

اي پرين! جي ڪو سندءِ پيارن مان آ

ھن زمين تي ڪوئي ڪوئي آدمي

ڄڻ ڪتين مان آھھ يا تارن مان آ

جنھن محبت ناھھ ڪئي، سو اي ”اياز“

زندگانيءَ جي گنھگارن مان آ

 

ڪير ھن حال جو سبب آھي؟

ڪاٿي آھي، جي تنھنجو رب آھي

نعمتون بي حساب سانڍي رک

منھنجي مانيءَ ڳڀو طلب آھي

نوع انسان سان ايترو انڌير!

پو بھ آھي خدا؟ عجب آھي

چاندني رات کي ”اياز“ ڏسي

ڪجھھ مڃان ٿو تھ ڪوئي رب آھي

 

مشڪل زندگي اڃا تائين

ناي سوداوي خام کان بھتري

ڪنھن بھ انسان جو گداز دل

ھر خدا جي --- کان بھتر

آھھ ھڪڙي گھڙي محبت جي

زندگيء دوام کان بھتر

ھن جھان خراب ۾ ڇا آ

ذوق مينا و جام کان بھتر!

ڪوئي شاعر اڃا تھ جان ”اياز“

ناھھ تنھنجي غلام کان بھتر

 

اسان جي دل اوھان جو حسن، جي ملندا، تھ ڇا ٿيندو

ڪٿي جنت ڪندا آباد پنھنجي ڪا، تھ ڇا ٿيندو

جھان نو! اوھان جي زلف برھم جا ھي سودائي

جڏھن دارو رسن تي جھومندا ويندا تھ، ڇا ٿيندو

خوشيءَ جا راڳ ڳائيندا بھ ڪيسين آشيان وارا!

قفس آه و فغان سان گونجندا رھندا، تھ ڇا ٿيندو

اسان جو عشق ھاڻي مثل موجِ پرسڪون آھي

اگر اٿلي پيو ھو حسن جو دريا، تھ ڇا ٿيندو

اجايو زندگانيءَ ڀر سپون سونجھيون سي ساحل تي

نھ ملندو جيڪڏھن ھو گوھر يڪتا، تھ ڇا ٿيندو

وطن تنھنجي تصور جو ”اياز“ آخر ڪٿي آھي

چئي ڏيندين اگر پڇندا وطن وارا، تھ ڇا ٿيندو

 

ٻي خبر ناھھ، پر مرڻ کان پوءِ

توسان گڏجڻ جون حسرتون رھنديون

جام و مينا رھي، رھي تھ رھي

منھنجي اکڙين جون عادتون رھنديون

زندگي تلخ آ، ھجي تھ ھجي

روح ۾ سو ملاحتون رھنديون

سرحد غم قريب آ، اي دوست!

ساٿ ڪيسين محبتون رھنديون

تنھنجي پھلوءَ ۾ ڪيستائين دوست

ابن آدم جون جنتون رھنديون

شاه کان پوءِ اي ”اياز“ ٻڌاءِ

سنڌ ۾ ڪنھن جون آيتون رھنديون

 

فيض آ ڪنھن جي آشنائيءَ جو

زندگي سير آ سھائيءَ جو

ساري انسان ذات کان بھتر

ڪوئي محرم شبِ جدائيءَ جو

ٿو ھلي ذڪر آسمانن ۾

آه جي عزم نارسائيءَ جو

چئن اکڙين ۾ برق چمڪي ڪا

ويو کلي راز آشنائيءَ جو

 

 

ڇا چوان آ ڪير مھمان، اي اديون

آ اڱڻ ۾ چنڊ مون سان، اي اديون

رات ڀر منھنجي کٽولي تي، مٿان

چنڊ گھوريو ٿي عجب مان، اي اديون

نينھن آيو مينھن وانگر، ھاءِ ھاءِ

پيو ٽڙي دل جو گلستان، اي اديون

ھاءِ مان ھن کي ڏيان ڪھڙي ميار

ڪنھن نڀايو ناھھ ڪنھن سان، اي اديون

زندگي ڪاريون گھٽائون ٿي وئي

حال ھن جو ھو پريشان، اي اديون

حاصل صد زندگي آھي اگرچھ

بي وفا آ عمر انسان، اي اديون

ھي سڪوتِ شام ۽ ھي ڪونجڙيون

ھي اڪيلو روحِ انسان، اي اديون

سنڌ جو ھي شاعر يڪتا ”اياز“

آھھ ڪنھن جي ليءِ غزل خوان، اي اديون

 

ھا آءٌ گنھگار، گنھگار، گنھگار

مون پيارو ڪيو، پيار ڪيو، پيار ڪيو، پيار

تون نور بھ آن دور بھ آن، چنڊ بھ ناھين

سرھاڻ بھ آن ساڻ بھ آن، گل بھ نھ آن يار

تون زلف لبِ بام وڇائين نھ وڇائين

آ ھي بھ غنيمت تھ ھجي سايھء ديوار

ھي غنچھ و گل، ھي مه و انجم، ھي مي و جام

بس آھھ گھڙيون چار، ميان آءُ، اکيون ٺار

پر آھھ ميء حسن سان ميخانھ ھستي

تون پيءُ سدا جيءُ، ڪڏھن ٿيءُ نھ ھشيار

ٿي ساھھ ٿيو پاھھ، اسان ڀور کنئي سي

اي حسن ازل تنھنجا تھ ڀرپور ھا ڀنڊار!

معلوم نھ آ منزل ادراڪ مسافر

جي پيار ڪري ڇانو، ذرا ويھھ، گھڙي گھار

ساحل بھ نھ گھرجي، تھ سفينو بھ نھ گھرجي

تون آءُ اچي تار، اچي تار، اچي تار

ھن کي تھ ڇڏي ڏينس، پيئڻ لاءِ جيئڻ لاءِ

ھي شاعر آفاق ”اياز“ آھھ، اڙي يار

 

 

اي اسيران شب ٻڌو مون کي

ڪنھن جي زلفن جو داستان ھان مان

غم نھ ڪر ھن جھانِ تيره ۾

چاندني! تنھنجو پاسبان ھان مان

دامنِ تر تي وڃ نھ اي واعظ

جشمِ فطرت جو رازدان ھان مان

گرچھ ڪک پن ھان، باغ ھستيءَ جو

پو بھ تنھنجو ئي آشيان ھان مان

ڪنھن نئين آفتاب جو پيارا

ھڪ شفق- رنگ داستان ھان مان

ڪيئي ميخانا پي ويو آھيان

تنھنجي اکڙين جو امتحان ھان مان

اِئن سندءِ آرزو پَئي مھڪي

ڄڻ تھ مکڙين جي درميان ھان مان

 

دلِ افسرده جون تمنائون

ھو سراپا بھار ڇا ڄاڻي!

جو گھٽائن جي روح تي گذريو

پندِ پرھيزگار ڇا ڄاڻي

تنھنجي قدمن جي بي نيازيءَ کي

سجده رھگذار ڇا ڄاڻي

آرزوي ثباتِ ساحل کي

موجھء بي ڪنار ڇا ڄاڻي

موج مَيء تي روان آ ڪشتيء عمر

حسنِ معصومِ يار ڇا ڄاڻي

منزلِ زيست اشڪِ خونين آ

ڪاروانِ بھار ڇا ڄاڻي

خلشِ حسرتِ گناه سندم

تنھنجو پروردگار ڇا ڄاڻي

ڪجھھ بھارن ۾ گل ڇنا ھا مون

خلش نوڪ خار باقي آ

ڪاروانن کي ڪير ٿو ڳولي!

ڏس تھ ڪنھن جو غبار باقي آ!

تون ملي وئين اگرچھ چھري تي

گرد ليل و نھار باقي آ

توسان گڏجي کليس پر اکڙين ۾

اشڪ بي اختيار باقي آ

مدتون ٿي ويون اڃا تائين

بوي پھلوي يار باقي آ

اڄ ھو راتيون ڪٿي ”اياز“ مگر

ياد گيسوي يار باقي آ

 

رنگ و بو جا غبار ھوندا ھا

ھمسفر ڄڻ بھار ھوندا ھا

ھاءِ سا رات جو سندءِ گيسو

ساھھ ۾ مشڪبار ھوندا ھا

ھاءِ سو صبح جو سندءِ عارض

قاصدان بھار ھوندا ھا

ھاءِ ڪئن گردن محبت ۾

آرزوئن جا ھار ھوندا ھا

اڄ انھن جي چپن تي آھي رک

جي ضمير شرار ھوندا ھا

تن تي افسردتي وسي ٿي ”اياز“

جي خداي بھار ھوندا ھا

 

آرزوءَ مان نجات ڪا معلوم؟

زندگي تنھنجي ذات نامعلوم

گل ٽڙن ٿا ڇڻي وڃڻ جي لاءِ

مدعاي صبا خدا معلوم

موجھء خواب تي روان آھيون

انتھا آ نھ ابتدا معلوم

ھيءَ لڳاتار جستجو ڇا لاءِ!

نيٺ ڇا آ نجات، نامعلوم

ڄڻ ابد تائين آ جلڻ ۽ جاڳ

خوابِ ھستيءَ جي انتھا معلوم

آئي ٿي ڪفر جي ڀني خوشبو

شعر ٿيا ٿي ”اياز“ جا معلوم

 

موجِ ميء تي روان دوان ڪوئي

آھھ سھڻو سڄڻ اڃان ڪوئي

صحن منھنجي ۾ آھھ چانڊوڪي

آيو آھي پريان پريان ڪوئي

ميڪده ۾ اچي مجسم ٿيو

تنھنجي اکڙيرن جو داستان ڪوئي

بوي ميء سان غبار راھھ ڀري

جھومندو آيو ڪاروان ڪوئي

ھن زمين کان وڌيڪ سھڻو آ

زاھدا! ڏس تھ آسمان ڪوئي

 

زندگيءَ جي غمن تي ڇانو اگر

نھ ڪري تنھنجو غم، وڃان ڪيڏانھن

تنھنجي اکڙين جي زير سايھ ھان

محو خوابِ عدم، وڃان ڪيڏانھن

منھنجا معبود! تون ڪٿي آھين؟

ڇڏي دير و حرم، وڃان ڪيڏانھن

مختصر آه ۾ اگر نھ ٿئي

داستان الم، وڃان ڪيڏانھن

نھ ڪيو قدر سنڌ ھاءِ ”اياز“

خونچڪان آ قلم، وڃان ڪيڏانھن

 

تنھنجي اکڙين مان پيتي آ جنھن مي

سو سدائين خمار ۾ آھي

تنھنجي مکڙيءَ مان جنھن ڇڳيون مکڙيون

سو ھميشه بھار ۾ آھي

ھاءِ تنھائي! تنھنجو وھم حسين

ڄڻ تھ ڪوئي ڪنار ۾ آھي

سو مزو گلشن جھان ۾ ڪٿي

جو دل داغدار ۾ آھي

ڪيتري سادگي ۽ محبوبي

ھن تغفافل شعار ۾ آھي

 

نھ ڇڏيندو ائين غم دوران

ھو صراحي ڀري، ڪٿي آھي

اڄ تھ ڪائي خلش نھ آ دل ۾

ناوڪ دلبري ڪٿي آھي

ياد جنھن جي اچي پئي پل پل

سا خوشيءَ جي گھڙي ڪٿي آھي

آخر انسان جي منزل مقصود

اي خدا! اي خودي! ڪٿي آھي

ساحل آرزو ملي نھ ملي

ھوءَ حسين موج ڀي ڪٿي آھي

 

رات جي وقت تنھنجي عرياني

پرتوِ ماھتاب آ گويا

اِئن ٻري ٿو بھار ۾ ھر گُل

ڏس تھ تنھنجو شباب آ گويا

حسن تنھنجو اسان جي حيرت جو

ھڪ مجسم جواب آ گويا

تنھنجي اکڙين مان تشنگي نھ ٻجھي!

ساري دنيا سراب آ گويا!

شام جو لھندي سج جي پردي ۾

ڪوئي غرقِ شراب آ گويا

 

ڪنھن ڪنول کي چميو ھيو مون رات

ھڪ مٺو گيت ٿي لڳي پرڀات

مشڪ بو ٿي ويو ھو، منھنجو صحن

تنھنجي زلفن ۾ ليٽي پئي ھئي رات

مان ستارن جي سونھن کان وڇڙي

ماڪ وانگر ڪئي بسر اوقات

ھيءَ سرءُ جي اُداس چانڊوڪي

رات خاموش، جيءَ ۾ جذبات

ڪوئي غم مان فرار ناھھاياز

ڄڻ محبت ٿي وئي آ مات

چنڊ! تنھنجي ننڊ توکان ڪنھن کسي

چنڊ! توکي گھاوَ ڪنھن جا گھائي ويا

رات اُڏري روح منھنجي مان چڪور

ڳائي ڳائي چنڊ کي ريجھائي ويا

او کلڻ وارا! ٻھ ٽي مکڙيون تھ ڏينم

پاند سڀئي تو وٽان مھڪائي ويا

ھڪ گھڙيءَ ۾، اي پرين! تنھنجا ڪنول

آگ ڪائي ڄڻ لڱن ۾ لائي ويا

راز جيڪو ڪنھن پيمبر حل نھ ڪيو

اي پرھھ! تنھنجا پکي سمجھائي ويا

 

زندگيءَ جي رڃ ۾ زخمي ھرڻ

ٿا پڪارن، ڪو وڃي پاڻي ڀرڻ

ٿو وڃان ترھو تصور جو کڻي

اي ازل! مان تار تنھنجي ۾ ترڻ

چنڊ ھڪڙي ڳالھھ ڪئي مون کي ڳجھي

مان تڏھن توتي کلان ٿو، اي مرڻ!

تند منھنجي چنڊ سان لائون لھي

جھومندي نچندي لڳي واپس ورڻ

راڳ ڪائي آڳ ٻاري آ ”اياز“

ڳائڻو جنھن ۾ لڳو ٻھھ ٻھھ ٻرڻ

 

اي صراحي پڪار، ڪو آھي؟

ميڪده ھئن خموش ڇو آھي!

ھن جھان وسيع و تنھا ۾

ڪجھھ محبت جو آسرو آھي

ميڪدي جي اداس سانجھيءَ ۾

ڪير چوندو پيئڻ برو آھي!

ھر تغزل ڀري تمنا جو

لبِ محبوب قافيو آھي

بھتر آھي وسام شمع سحر

ختم ٿي رات، سوجھرو آھي

ڪاروان حيات کي ترساءِ

ھر مسافر ٿڪو ٽٽو آھي

ان ۾ تنھنجي چپن جو آ ميٺاج

شعر شايد ”اياز“ جو آھي

 

ڪنجِ ويران وسعتِ ايام ۾

سايھ مھتاب پنھنجي جام ۾

مون شفق مان ٿي ڇڳا سورج مکي

ھو جڏھن آيو نقابِ شام ۾

ڪنھن نھ ڄاتو، خوگر پرواز جي

عمر گذري آرزوي دام ۾

ھاءِ سو پل! ٿِي ڏسي خود کي جڏھن

زندگي آئينھ انجام ۾

ھي شفق ۾ آشيان، ھي سرد واءُ

اڄ تھ اڏري آ سرءُ جي شام ۾

ڪجھھ تھ ھو، جو دار تي ڊوڙي ويس

زندي گذري پئي آرام ۾

شب پرستو! ننڊ مان جاڳو، اٿو

آفتاب آيو اسان جي جام ۾

شاعر سرمست آھيان، گرچھ مان

سرمد و منصور عرف عام ۾

سو نھ ’روميءَ‘ ۾ نھ ’رازي‘ ۾ ”اياز“

مون ڏٺو جو ’حافظ‘ و ’خيام‘ ۾

 

اکڙيون جو پل لاءِ پوريون سي، ڪيئي پيارا ويجھو ھا

وڇڙي ويا جي ورھين کان، سي جيءَ جيارا ويجھو ھا

پو بھ اسان جي روح نھ پاتو، ڀٽڪي ڀٽڪي چين

تنھنجون اکڙيون مڌ جون پياليون، ڪيئي سھارا ويجھو ھا

ڪيئن چوان ڇا لاءِ ڇڪن ٿيون، لھريون  ۽ لس ليٽ

پوءِ بھ اونھي سان اٽڪياسي، گرچھ ڪنارا ويجھو ھا

ڪيئن چوان او ڪيئن چوان، ڇا لاءِ ٽلياسي ٽانڊن تي

جيءَ اسان جي ۾ ھئي جھرمر، چنڊ ستارا ويجھو ھا

دور ويا مجبور ھيا، ويا سپرين پنھنجو ساٿ ڇڏي

پو بھ ”اياز“ اسان جي دل کي، ھو دل وارا ويجھو ھا

 

زندگي گذري تلاش يار ۾

ڪوچھ گرديءَ ۾، صدا ۾، سار ۾

روز و شب ڄڻ ٿي رھي ساغر بدست

ڪائي صورت ديده خونبار ۾

ڏس تھ، پوکيندو رھيو آھيان گلاب

زندگي تنھنجي مسرت زار ۾

چنڊ ڇايو آھھ، ويٺو آ ”اياز“

ميڪدي جي سايھ ديوار ۾

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org