مان ئي سچل، مان ئي سامي، مان ئي آھيان شاھھ،
منھنجي من ۾ ڇوليون ماري، سنڌو! تنھنجو ساھھ.
وسي رھي آ منھنجي وينا، پيار ڪئي پالوٽ،
اچو، اچو، اي منھنجا مارو! ڌوئو من جا کوٽ.
سانجھيءَ ويلي پنڇي موٽيا، روئي ڏنو ڪبير،
پنھنجي پنھنجي آکيري سان، سڀ جي آھھ اڪير.
او راڳي! او راڳي! ولھھ ۾ وينا تنھنجي وات،
ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي، تنھنجي تن ۾ ڪھڙي تات!
وڄندي رھندي تنھنجي وينا، مري نھ ٿيندي مات،
تون جمنا جو جھونجھڪڙو آن، تون راويءَ جي رات.
ڪھندي ايندي جن جي ڪن- رس، تن من وڄندي تان،
ايندا، ايندا، ايندا آخر، اھي نوان انسان.
ڪيئن ڪريان ڪيئن ڪريان مان، گھڙي گھڙي آ گھاءُ،
ھاءِ، پرينءَ سان پريت لڳائي، مري وڃان ھا، ماءُ!
سار اوھان جي آئي، من تي وار ڪيا ويساک،
اڀري آيو سج اوڀر کان، بڙڇيون اڇليون باک.
ڪاريون ڪڪريون ڀرجي آيون، ڀِنا نھ منھنجا نيڻ،
ڏمري آھي ڏات اسان سان، شال نھ سرچيا سيڻ.
سانوري سانوري صورت ھن جي، سھڻو ھن جو ساھھ،
ھاءِ، ھيو پر بک جو ھن جي اکڙين ۾ اوڙاھھ!
ريج ڏنوھو ھتڙي رت سان، ڪنھن ڀوريءَ جي ڀل،
جنھن مان اسريا پيارا پيارا، ھي ڄانڀي جا گل.
ھاءِ، بکيون، اڌ- ننگيون نياڻيون، تن جي لڄ لڪاءِ،
آءُ ھوا، ھن ڀونگيءَ ۾، ڏيئي جي وٽِ وساءِ.
کڻي ھنيئھ کانڀاڻي ھن کي، ڪيئھ نھ ڪو ڪھڪاءُ،
ننڍڙا نينگر، ھن ڳري کي تو وانگر آ ماءُ!
مون چيو، ’ريتيءَ ۾ رلندي جي ملندم ڇانو تھ ڪيئن!‘
وار ڇڏيائين پنھنجا ڇوڙي، ڇڪي چيائين ’ھيئن‘.
مون چيو، ’اوندھھ ئي اوندھھ آ، جڳ مان ٿيو ھان
تنگ‘،
ھن چيو ’مان تنھنجي چانڊوڪي، اچ اچ منھنجي
سنگ‘.
مون چيو، ’ماڻھوءَ جو ماڻھو ٿو کائي اڄ ڪلھھ ماس‘،
ھن چيو ’مگري جي موسم آ، ھلي وٺون ڪجھھ واس‘.
ڇِڪي پيو ڪو ڇوھو تن کي، سڏي پئي ڪا سڃ،
اڳتان تنھنجون اکڙيون ڊوڙيون، پٺ تان منھنجي اڃ.
منھنجون آليون اکڙيون، گھريون، جئن جمنا جو جل،
تنھنجي صورت، وھڪ مٿان جئن وٽڙي تاج محل.
اتر اٺو آ، سانجھي ٿي آ، ڇڻي رھيو آ ڇن.
ڏيئو ٻاري، واٽ نھاري، ڪنھن جي منھنجو من!
مينھوڳيءَ ۾ کـڙي کٽوليءَ تي جو چوڏينھن رات،
ھنج اسان جي، ھانءُ پرينءَ جو، گھڙيءَ گھڙي جي گھات.
مٺڙي مٺڙي ننڊ ڦٽائي، مينھوڳيءَ جي ماٽ،
جھونجڪڙو ھو، نيريءَ ڇت ۾ کنوڻ ھنيا ٿي کاٽ.
پوئين رات، ھوا جون جون ھيرون، مٿان وسي ٿي ماڪ،
چمي پئي چانڊيوڪي جنھن کي، سو مڌ پيءُ پياڪ.
ھي راتيون، ھي ريتيون رت جون، مري نھ سگھنديون مور،
جنم جنم ۾ پوندو رھندو، پرين اوھان جو پور.
گھڙي گھڙي ٿي چڙھي چکيا تي، ڄڀيون ڪڍي ٿي ڄر،
تڏھن اسان مان آگ ازل جي، ڳائي راڳ امر.
منھنجي من مان رانجھو بڻجي، نڪتا ڪيئي راڳ،
ڪن ۾ مندڙا، مک تي مرليون، اکڙيون ٻرندڙ آڳ.
پاند اسان جو پالھو ناھي، جھڪي تھ ڏس تون جھول،
آڇيا آھن اکڙين ان ۾، ڪجھھ موتي انمول.
مان تنھنجو آڪاش ڇڏي، آيو ھان ڌرتيءَ ڪاڻ،
جنم جنم ڀٽڪائج، مون کي، ڪانھ کپي نرواڻ.
آئي تنھنجي سار، ھوا ۾ آ تنھنجي ھٻڪار،
ڌار نھ آھين، ڌار نھ آھين، ڌار نھ آھين يار.
آئي تنھنجي سار تھ منھنجي مڌ ڳاتا ملھار،
ڀِڄِي پيو آ من اي مٺڙا، ونين ڪئي وسڪار.
جنھن ليءِ مون اڄ نيڻ نھ ٻوٽيا، سو ننڍڙيءَ جو
چور،
ڪٿي گذاريندو ھوندو، ھيءَ ڪاري رات ڪٺور!
تون تھ سڃاڻين ٿي ھن کي، جنھن لڌي اسان سان لانو،
ڪڏھن ھتي ھو ويٺو آ ڇا، اڙي، پپل جي ڇانو!
اي گل، تون تھ سڃاڻين ھن کي، تو جھڙيءَ آ روءِ،
ويجھو آھھ ويو ھو تنھنجِي، ڪڏھن سنگھي خوشبوءِ؟
منھنجو گھاءُ بھ تو جھڙو ئي، گھرو آ اي چنڊ!
تو تھ ڏٺو ھوندو، نھ رسائي جنھن کي پيار پڇنڊ.
تو تي پير پيو آ ھن جو؟ سچ چؤ، سچ چؤ واٽ!
ملي نھ ٿو ھو منھنجو مانجھي، گھمي ڏٺا مون گھاٽ.
تون بھ تھ مون وانگر جاڳين ٿو، ساري رات نکٽ،
سچ چئھ، مون سان کوٽ ڪري، ھن ڪٿي وڌي آ کٽ.
چڙو وڄي پيو چانڊوڪيءَ ۾، پري پرينءَ جو پار،
سري نھ جن جي سير بنا، تن ملي نھ شل ميھار!
تو سان پيار ڪندي، اِئن ڳوليا ٿي مون تنھنجا چپ،
من جي ڪارونڀار ۾ لڙھندي، ڳولي جئن ڪو ڪپ.
وئي جواني، وئي جواني، تيز ٻرانگھون پائي،
وھندو پاڻي، لھندي ڇايا، ڪير سگھي ترسائي؟
ڇر تي چنڊ ستارا ڇايا، ڳائي پنڇي گيت،
ماڻھوءَ جو من ڳول، تھ آھن جر ۾ ڪيئي جيت.
ڪڏان پيو ڪٺ- پتليءَ جئن مان، ڏسان نھ تنھنجي ڏور،
ڪڏھن کٽو ٿِي، کيل ڇڏي ھي، اوريان مون سان اور.
مان ئي پيئان، جلندي جيئان، مان ئي آھيان منڌ،
مان ئي لوري، مان ئي جھوري، مان ئي پنھنجو پنڌ.
مان ئي بن ھان، مان ئي بنسي، مان راڌا، مان شيام،
مان جمنا جون لھريون، جن تي چنڊ ڪري آرام.
وڻ وڻ ۾ آ منھنجو واسو، پن پن ۾ پڙلاءُ،
واءُ چوي ٿي، ’جھوٽو آھين، آءُ اڏامي آءُ‘.
مان ڪويل جي ڪوڪ، ڪڏھن مان ڪاري ڪاري رات،
مان سا اوندھھ، جنھن ۾ ڪيئي ڏيئا ٻاري ڏات.
ھن جي آلين اکڙين تي ڏس، منھنجا ٻرندڙ چپ!
وسري ويا سڀ ويڻ اسان کان، ڏوھھ نھ ڏي ڏاھپ!
ڪجھھ بھ نھ ھوندي سڀ ڪجھھ آھي، سرتيون ھي سنسار،
ساري جڳ مڳ جيون سان آ، اڳتي آ انڌڪار.
پل ليءِ آھي ھيءَ چانڊوڪي، پل ليءِ آھي پيار،
ھن کان اڳتي ڇوليون ماري، ڪوئي ڪارونڀار.
ڪوئي ڪارونڀار، نھ آھي، جنھن جو ڪوئي ڪپر،
جنھن جون ڇوليون ڪونھ ڇڏينديون، ڪائي چيز امر.
آيو موت تھ روح مري ويو، جسم ٿيو آزاد،
مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده باد!
مرنداسي تھ مٽيءَ مان پنھنجي جڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان متوارا ايندا، ھڻندا تن جي ھام.
مرنداسي تھ مٽيءَ مان پنھنجي، ڦٽندا سرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنھنجا، بسنت رت جا خواب.
مرنداسي تھ مٽيءَ تي پنھنجي، چنڊ ڪندو چانڊاڻ،
ساھھ اسان جي سانڀِي جا، سا سونھن ڪندي سرھاڻ.
مرنداسي تھ مٽيءَ جو پنھنجي، ويندو دور غبار،
چنڊ ڦري چوڌار چميندو پيو اسان جو پيار.
مرنداسي تھ مٽيءَ سان پنھنجي، ملندو ھي مانڊاڻ،
ڪتيون اسان جي ڪڇ ۾ ھونديون، چنڊ اسان سان ساڻ.
گيت
آءُ وھاڻيءَ ويل،
گھڙيءَ جا ميل- محبت ڪنھن جي ناھي رھندي!
ڪنھن جي ناھيءَ جوءِ،
مگر خوشبوءِ- سدائين آڻي ھير الھندي.
پورو ٿيندو پنڌ،
سندءِ سوڳنڌ- حياتي ويندي ڪھندي ڪھندي.
او، منھنجا محبوب،
سندم، مطلوب- اٺي جي واءُ وڃي ٿي کھندي.
ڄاڻان ٿو انجام،
ڀري ڏي جام- جواني چانڊوڪيءَ جئن لھندي.
ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،
نمن جھليو آ ٻور- ڪيسين رھندي دور!
پريت اسان جي نھ رھي، نھ رھي،
سونھن سرنھن جي سرھي سرھي،
من کي ڪيو مجبور- ڪيسين رھندي دور!
بوند اکين مان نھ ڪري، نھ ڪري،
اولھھ کان آئي جو ڪڪري،
برسيا سي ڀرپور- ڪيسين رھندي دور!
تو ليءِ ساھھ ائين سيڏائي،
جھونجھڪڙي جو جئن واجھائي،
ڄانڀي لاءِ تلور- ڪيسين رھندي دور!
منھنجي آس، ڏکن جو ڏيئڙو،
منھنجو ھر سانجھيءَ اوسيئڙو،
مري نھ سگھندو مور- ڪيسين رھندي دور!
ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،
نمن جھليو آ ٻور- ڪيسين رھندي دور!
محبت نھ ڪڏھن مات ڪئي موت، ھلي آءُ،
سندم ھوت ھلي آءُ!
ٽڙي آھھ رتن جوت نھ ڳڻ ڳوت، ھلي آءُ،
سدام ھوت ھلي آءُ!
ھلي آءُ، نوان ڏينھن، نوان ڏينھن، ھلي آءُ.
ھلي آءُ، ھلي آءُ!
ھلي آءُ، پيا مينھن، ڀِنا ڏينھنن ھلي آءُ،
ھلي آءُ، ھلي آءُ!
سندم سونھن، سندم ساھھ، ھلي آءُ، ھلي آءُ،
ھلي آءُ، ھلي آءُ!
نئون چنڊ، نوان چاھھ، ھلي آءُ، ھلي آءُ،
ھلي آءُ، ھلي آءُ!
نئين رات، نئين بات، ھلي آءُ، ھلي آءُ،
ھلي آءُ، ھلي آءُ!
نئين تانگھھ، نئين تات، ھلي آءُ، ھلي آءُ،
ھلي آءُ، ھلي آءُ!
جھلي لاٽ، ڏسي واٽ، ٿڪا نيڻ، ھلي آءُ،
نھ ڏي ويڻ، ھلي آءُ!
جڙين شال، مڙي وڃ نھ جئين ميڻ، ھلي آءُ،
نھ ڏي ويڻ، ھلي آءُ!
ڏسي آس سندم پياس، اچي اوت، ھلي آءُ،
سندم ھوت ھلي آءُ!
محبت نھ ڪڏھن مات ڪئي موت، ھلي آءُ،
سندم ھوت ھلي آءُ!
آءُ، سرنھن، گل ڪيا، مينھن پيا، آءُ- آءُ،
پرين آءُ!
ھاءِ، ڪھي تو بنا ڄڻ تھ اتر واءُ- آءُ، پرين آءُ!
ننڊ ڪريون نينھن ۾، آءُ، ڀني رات آھھ،
آءُ، لڪي لاڏلا، تانگھھ، سندءِ تات آھھ،
آھھ ھتي ڊپ نھ ڊاءُ- آءُ، پرين آءُ!
پنڌ پيو آنھھ ڇا! چنڊ ھنئين ڇو پڙي،
آءُ سٻاجھا سڄڻ! آءُ گھڙيءَ ليءِ گھڙي؟
چنڊ جيان ڪر چٽاءُ- آءُ، پرين آءُ!
ناچ ڪندي، مرڪندي، ڏينھن ٻھ ٽي زندگي،
نيٺ اجھامي، الا، ڏينھن ڪٽي زندگي،
آھھ ڪتيءَ جو الاءُ- آءُ، پرين آءُ!
راند رمون روح جي، آ تھ محبت ڪريون،
سونھن سرنھن جي ڇنون، پاند پِرھھ جو
ڀريون،
ھاءِ، سوا تو ھڳاءُ- آءُ، پرين آءُ!
آءُ، ڀِني آ ھوا، مينھن پيا، آءُ!
آءُ، ملاقات ۾ ڏينھن پيا، آءُ!
آءُ! سرنھن گل ڪيا، مينھن پيا، آءُ!
. . . آءُ، پرين آءُ!
رات انڌيري، آءُ ٿڌيري، اڀ تي تارا ڇايا-
ھاءِ پرين ياد آيا!
جھرمر وارا، پيارا پيارا، نيريءَ گھرائيءَ ۾ تارا،
مون جئن اک بھ نھ لاتائون ٿي، پل پل
جھاتيون پاتائون ٿي،
آھي نينھن بھ ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳايا-
ھاءِ پرين ياد آيا!
ڏيئا ٽِواٽي تي مون ٻاريا، لنگھي ويا سو ان تان ڌاريا،
آس نھ لاٿي، باس بھ باسي، گذري وئي پر ٻي
چؤماسي،
جئن جئن پوءِ تئن پياس گھڻيري، آتا ھاءِ اڃايا-
ھاءِ پرين ياد آيا!
پوئين پھر فضا گھوماٽي، جھلڪي تي ٿي سرد
ڏياٽي،
ڪاريون ڪاريون ھو گھرايون، وٽ کائيندي جئن
لھرايون،
دور ڦٽي تيئن باک ڀليري، گرجا گھنڊ وڄايا-
ھاءِ پرين ياد آيا!
آھھ پري تھ نھ گھاٽ،
ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!
پاڻيءَ جي ڇاتي ڇلڪائي،
جئن جئن ٻيڙي لوڏا کائي،
پل پل تئن پاسا بدلائي،
ڪاري ڪارت ٻاٽ-
ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!
وھندي ڌارا ڪھندا تارا،
سڙھھ جا پاڇا ڪارا ڪارا،
آيا پل پل ياد پيارا،
اوندھھ ۾ چمڪاٽ-
ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!
ڏيھھ ڇڏي پرڏيھھ ھلياسين،
ڪنھن نھ جھلياسين، ڪنھن نھ پلياسين،
ڪنھن سان دل جا ڳجھھ نھ سلياسين،
دل ٿي کائي ڦاٽ-
ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!
منزل آھي دور، ملاح! رات وڃي ٿي پوندي:
رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!
ٻڏي ويو جو دور ستارو، پنھنجي اوندھھ جو اجيارو
ٿيندو سڃ ۾ ڪير سھارو؟ آھي لڱ لڱ چور، ملاح!
. . . رات وڃي ٿي پوندي:
رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!
ھن کي ڪونھ نياپو ڏيندي، پوءِ تھ ڪنڌيءَ
تي ڀڄندي ايندي،
ھن بن عمر الاڪئن ٿيندي؟ ھي ٻيڙيءَ جو پور
ملاح!
. . . رات وڃي ٿي پوندي:
رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!
ڄاڻ پرينءَ جي پار پڳاسي، آھھ ويو جو وڻ
وڻ واسي،
ڏس پھتاسي، ڏس پھتاسي! ڏس، ھو سامھون
گھور، ملاح!
. . . رات وڃي ٿي پوندي:
رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!
نيبھھ ناھھ جواني، او يار. . .
آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!
آيون سانوڻ جون برساتيون،
رم جھم واريون ڪاريون راتيون-
تو بن دل ديواني، او يار. . .
آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!
ڄڻ آھھ ڪنول تي بوند پئي،
ڏس ڄاڻ وئي، او ڄاڻ وئي-
عمر اسان جي فاني، او يار. . .
آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!
نھر اھائي، لھر ڪٿي آ؟
گذري ويو جو پھر ڪٿي آ؟
آھي آني جاني، او يار. . .
آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!
اچ تھ اگھون ڳوڙھا، ڳالھايون،
ڳل ڳل سان، من من سان لايون-
نينھن چڱي ناداني، او يار. . .
آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!
پھچي ڪيئن پکيئڙو! . . . چنڊ چريو ڪيو آھي.
پرين ويو پرديس پري،
رت ساوڻ جي آئي، او الا!
جنھن وقت وسڻ جا ويس ڪري،
برسات پئي،
ڪنھن ڪوڪ ڪئي،
ھيءَ ڪويل ڪنھن گھائي، او الا!
جلي ويو جو جيئڙو، بَس اکڙين کي ناھي
پھچي ڪيئن پکيئڙو! . . . چنڊ چريو ڪيو آھي.
او، ڪاريون گھٽائون ترسو ھا،
ھيءَ ڪنھن جي ياد آئي، او الا!
او، مست ھوائون ترسو ھا،
ھڪ ڳالھھ مڃو،
ھن ڏانھن وڃو،
جنھن لونءَ لونءَ لئون لائي، او الا!
ساھھ جنھين سان سيئڙو، سنھي سئيءَ سان
ٺاھي،
پھچي ڪيئن پکيئڙو! . . . چنڊ چريو ڪيو
آھي.
تنھنجي تات تنوار،
اڄ تھ تمنا تن ۾ لاتي،
اڄ تھ محبت جھاتي پاتي!
ڇايا مينگھھ ملار! تنھنجي تات تنوار. . .
اڄ تھ اڃايا روز ازل جا،
تنھنجن چپڙن تي جو پھتا،
پياس ٻجھائي پيار! تنھنجي تات تنوار. . .
اڄ تھ ستل سؤ راڳ جڳايا،
تن جي تارن ۾ تڙڦايا،
منھنجي ساھھ- ستار! تنھنجي تات تنوار. . .
من ساگر تي ڇانئي سانجھي،
اونھي اونده منھنجا مانجھي،
جنھن جا آر نھ پار! تنھنجي تات تنوار. . .
تون منھنجو مان تنھنجو ساحل،
ڪيسين جھاڳيندي رھندي دل
موجون ۽ منجھڌارا! تنھنجي تات تنوار. . .
ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس ستو، دل وارا جاڳيا!
پنھنجي پنھنجي چنڊ جون ھر ڪنھن،
ڳالھيون ڳاتيون،
جھاتيون پاتيون،
ٿڪجي نيٺ ٿيا ننڊ ھاڻا،
آئي ننڊ تھ روح اڏاڻا!
پھچي پار پرينءَ کي ھر ڪنھن،
پــل
۾
پــاتــو،
ڇاتيءَ ۾ لاتو!
ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس ستو، دل وارا جاڳيا.
سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو،
پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!
لڙڪ بھ سڀ کي مرڪ بھ سڀ کي،
سونھن پياري سرڪ بھ سڀ کي،
پيار بھ سڀ کي پور بھ سڀ کي،
نينھن ڏنا ناسور بھ سڀ کي،
ھار بھ سڀ کي جيت بھ سڀ کي،
مٺڙا مٺڙا ميت بھ سڀ کي،
سڀ کي ڳوڙھا ۽ ڳاراڻو!
پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!
سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو،
پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!
ھڪڙي مکڙي، سو ڀنڀوري،
ھڪڙو چنڊ، ھزار چڪور!
ڪنھن جي من ۾ راڳ اچي ٿو،
جنھن تي سارو ڏيھھ نچي ٿو!
ڪنھن جي لونءَ لونءَ جي ڪا لوري،
ساري جيون جي چت- چور!
ھڪڙي مکڙي، سو ڀنڀوري،
ھڪڙو چنڊ، ھزار چڪور!
تون مان آھيون يار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تنھنجو منھنجو گھاءُ بھ ساڳو،
صدين جو سوداءُ بھ ساڳو،
ٻئي اونده تي وار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تون مان آھيون ٻئي ھرجائي،
ٻئي سيلاني، ٻئي سودائي،
بيگانا، بيزار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
روح نھ ريجھي تنھنجو منھنجو،
پنڌ پرھھ ڏي تنھنجو منھنجو،
پرين پرانھين پار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تون مان آھيون يار، او چنڊ-
اچ تھ رلون گڏ راتيون!
تنھنجي ياد پئي آئي!
تنھنجي ياد ائين پيدا ٿي، ڄڻ تھ اڏند کٽولي لاٿي،
صحرا ۾ ڪنھن سودائي-
تنھنجي ياد پئي آئي!
جئن نھ سرءُ ۾ سڪجي پن پن، واءُ لڳڻ سان ڇيڙي ’ڇن
ڇن‘،
ياد ائين دل ڌڙڪائي-
تنھنجي ياد پئي آئي!
تنھنجي من ۾ گھري ڪاري، ڇانئيندي وئي رات انڌاري،
تارا ھا، ۽ تنھائي،
تنھنجي ياد پئي آئي!
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
بادل گرجيو، بجلي ڪڙڪي، مينھوڳيءَ جا جھلڪا آيا،
ڪجھھ اک ڦڙڪي، ڪجھھ دل ڌڙڪي، من تي پل پل الڪا
ڇايا،
آلاپي، آلاپي، ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات. . .
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
منھنجي من جئن موڳا تارا، جھڙ جي جھاڳ ڏسي
گھٻرايا،
آس بھ ٽمڪي، جھمڪي پيارا، جئن جئن تن جا جھلڪا
آيا،
چپ تي نينھن- نياپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات. . .
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
کلنديون کوڻيون، ٽلندا بادل، پل ۾ وڄندا ڀڄندا
آيا،
وسڪارو وڄ، پاڻي جل ٿل، موت پئي ڄڻ ڏند ڏڪايا،
ٻک ۾ موت، جياپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات. . .
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات! |