آزاد نظم
ازل جي پراسرار آڳ،
جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا.
ڏيئا ۽ ڏيئاٽيون پيون بدلنديون،
مگر لاٽ سان واٽ پئي جرڪندي-
سدا جوت کي آھھ جاڳ!
ازل جي پراسرار آڳ،
جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا.
چنڊ جي ڀِرون تي ڀير-
ڄڻ صدين جي سوچ جا گھرا نشان.
ھيءَ ستارن ۾ جلڻ جاڳڻ جي ھير-
ڄڻ تھ آھن روح تنھنجي جا گمان،
نيرا نيرا آسمان!
اسان ننڊ جا نيڻ آھيون، پرين!
ستي ساھھ جاڳي،
وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين جا سوين قافلا رھگذر ۾،
سفر ۾،
سوين ڪائناتون،
نھ آغاز جن جو نھ انجام جن جو،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سک جون براتون:
جڏھن موٽ کائون،
سوين راز آڻيون،
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
سوين چنڊ چايون،
ستارا تِڳايون،
انھن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
- اسان جاڳ جا ڀاڳ آھيون پرين!
گل ڇڻن ٿا،
لھي وڃي ٿو چنڊ-
ھي بدن، ھي حرم، ھي ڪعبُھ پاڪ،
ڇو مٽائي ڪيو وڃي ٿو خاڪ!
آرزو ڄڃ جي مثال آ، جا
زندگيءَ جي ڪنوار کي آخر،
موت جي سيج تي سمھاري ٿي،
زندگيءَ جا حسين چؤواٽا،
واديء تيرگيءَ ۾ گڏجن ٿا!
پوڄارين وانگر آشائون،
اڄ شاعر جي من مندر ۾،
سنک وڄائن ٿيون-
منھنجي ديويءَ جو ھو سھڻو، سنھڙو جسم سڊول،
منھنجي من ۾ ناچ ڪري ٿو-
ڇيريون پائي،
ڦيريون پائي،
ناچ ڪري ٿو،
منھنجي من ۾!
چونڊي چونڊي،
ڪٺا ڪيم ڪنڊا جھوليءَ ۾،
ٽاريءَ ٽاريءَ تان جئن پيارا،
پٽي سگھين تون سھڻا گل،
چڀي نھ توکي ڪوئي ڪنڊو
تنھنجي لاءِ مٺل،
چونڊي چونڊي،
ڪٺا ڪيم ڪنڊا جھوليءَ ۾!
ڄاڻي واڻي،
ھن جيون جي جوئا ۾ مان،
ھارائيندو آيو آھيان،
جئن تون جيتين،
ٽڙي پون ھر بار خوشيءَ ۾،
تنھنجا ڳاڙھا ڳل!
تنھنجي لاءِ مٺل،
ڄاڻي واڻي،
ھارائيندو آيو آھيان!
آءٌ ڀونر ھرجائي،
مکڙيءَ مکڙيءَ جو رس چوسيان،
سونھن پٺيان سودائي-
مکڙين جي ئي ميڙ ۾ گذريو سارو جيون منھنجو،
وچڙيو آھھ سدا ڪنڊن سان ليڪن دامن منھنجو:
گھڙيءَ گھڙيءَ مون سوچيو آھي،
مکـڙيءَ مکـڙيءَ سان آ ڪنڊو،
ڀونر انھن تي پوءِ بھ مڙن ٿا!
ھن جيون جي ڦلواڙيءَ ۾،
بنا ڪنڊي گل ڇو نھ کڙن ٿا!
روحِ انسان ۾ ليئو پاتم،
ڄڻ تھ ھڪ کوھھ ھيو:
مون ڏٺا چنڊ ستارن جا انھيءَ ۾ پاڇا،
مون چيو ھيٺ ڏسان آ ڇا ڇا!
پوءِ ڀري ڏول ڏٺم جو پاڻي،
ٻن جھانن جون بلائون نظر آيون مون کي!
زندگي ريگزار آ، جنھن ۾
چوطرف آرزوءَ جا ڪانڊيرا!
زندگي سا پھاڙ جي نئن آ
جنھن جي ھر تيز ڌار ۾ آھن
آرزو جا ھزارھا واڳون،
زندگي، سي ڀوائتيون سانجھيون،
ٿا لڳاتار ڪن لڪي جن ۾،
آرزو جا سوين ببر گجگوڙ،
آرزوءَ مان نجات نامعلوم،
زندگي، تنھنجي ذات نامعلوم!
ڏس، شفق ۾ شام،
کھنبي ۾ ڪنوار،
انڊلٺ جو پائي ھار،
آسمان جي سيج تي ليٽي پئي-
ڏينھن کان وڇڙي وئي ليلا چنيسر جي مثال!
ھرڻ ھٺيلا،
ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪجي ٿڪجي،
وڻ جي ھيٺان بيٺا سوچن!
”ساري ھستي ريتيءَ تي رڃ،
”اڃ جي وھھ بِن ڪجھھ بھ نھ حاصل!
”ھاءِ ستم، جو عمر گذاري،
”بوند بوند ليءِ ڀٽڪي ڀٽڪي،
”ڊوڙي ڊوڙي، ڪي ٿڪجي!“
ھرڻ ھٺيلا،
بيٺا سوچن.
جنھن ھن واريءَ ۾ وينڊي ۾،
لھندي سج جي ٽِڪ جڙي آ،
آھھ ڪٿي سو ازلي وينجھر؟
نيري اڀ مان چنڊ ستارا،
ڪرن اشارا،
ساھھ سنيھا پائي تن جا،
ڇال ھڻي من پھچي تن وٽ،
بسنت- رت جي باک- ڦٽيءَ ۾
ھير ڏکڻ جي ھنج ۾ پنھنجي
اھنج مٽائي، من ريجھائي:
گھڙي نھ گذري- ساڳا ڪرڻا،
سج جون بڙڇيون،
رڃ جو اولو،
اڃ جو جھولو،
ساڳيو رولو،
ھر شيءِ آھي ساڳي ساڳي،
بوند بوند ليءِ ڀٽڪي ڀٽڪي،
ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪجي ٿڪجي،
ھرڻ ھٺيلا،
بيٺا سوچن!
ايتري فرصي ھجي،
رات ساري چنڊ جا چارا ڏسان!
واھھ جي ڪڙ تي پيل جي ڇانو سان پاڻيءَ مٿان،
ڪجھھ گھڙيون لڙھندو رھان!
ڪجھھ سرءُ جي شام ۾ سوچان سڙان، لوچان لھان!
ڪنھن پکيئڙي جي مثال،
صبح سانجھيءَ ٿو رھان
داڻي پاڻيءَ جي پٺيان!
زندگي منھنجي تخيل ۾ مگر
چھڪ واري چھنب، کنڊريل کنڀ آ!
راتـڙي، ھيءَ نور جي برساتـڙي،
ڪنھن مٿان ڇيڙي ستارن جي ستار،
آسمان مان پائي جڳ تي جھاتـڙي!
سارو عالم ننڊ ۾ آھي الوٽ،
ڪنھن جي ڪنھن جي جاڳ ٿي ان کي سڻي،
ساز، جو سنسار جي سيني ۾ آ،
عرش کان وھندي اچي ٿي فرش ڏانھن،
نور ۽ نغمي جي نئن!
ڄڻ تھ ڪوئي باز ھو منھنجو خيال،
جو اڏامي ويو فلڪ تي دور دور،
ننڊ جي ننڍڙي پکيئڙي کي جھٽي!
ھي انسان،
ھي ڪونجڙيون،
وھندي پاڻدءَ تي پاڇا ڪنديون،
اڏرنديون،
ٿيون وڃن ڪنھن طرف؟
ڪنھن طرف، صف بھ صف؟
ڪيستائين ھليو آ سندن ڪاروان!
ڪير ڄاڻي ڪٿي آ سندن آشيان!
ھي فراز زمين، وسعتِ آسمان،
پيارو پيارو جھان!
ڪھڙو پرڪيف آھي سفر!
ھاءِ پر!
ھي انھن جي دلين ۾ دھو،
ڪنھن شڪاريءَ جو خوف و خطر؟
ھا، مگر
ڪھڙو پرڪيف آ ھي سفر!
ڪامڻي رات، چنڊ چوٽيءَ ۾،
سينڌ ساري ڀري ستارن سان-
ٽھلندي ڪائنات ۾ آئي.
سانت ھن جي ستار آ، جنھن تي
ھوءَ سڄو وقت گيت ٿي ڳائي.
ڏينھن جا ڏنڀ مان بھ سھسائي،
ڪا گھڙي پنھنجي تند تاڻيان ٿو،
راڳ پنھنجا پري اماڻيان ٿو،
زندگيءَ جو حسين ھندورو،
پنھنجي گيتن سان ويھي واڻيان ٿو-
جيستائين اکين کي پوري ننڊ
(رات جي ڀيڻ، چلولي، چنچل)
مون کي آغوش ۾ سمھاري ٿي!
رات بدمست ٿي، ڪڪر ڪارا،
جھومندا آسمان تي آيا-
چاندنيءَ جو سھاڳ لٽجي ويو!
ھيءَ ٻٽي رات!
چنڊ ۽ تارا
ڪير ڄاڻي ڇپي ويا ڪيڏانھن؟
اوچتو آسمان جو ميدان،
ٿي ويو سارو گوڙ ۽ گھمسان،
وقت جي ديو جون رٿون ڊوڙيون،
چنڊ تارا لتاڙجي ويا سڀ،
روشني رات ڀر رھي اڻ لڀ!
اجنبي! آءُ، گھڙي آءُ، ٻھ ٽي پل آ رات:
بيھھ ولھھ ۾ تھ نھ،
تارا بھ ڄمي ويا ولھھ ۾!
سيءَ جي سير تھ ڏس، رات رڳون ڇوڙايون!
ھاءِ ھيءَ ٻاٽ، چنڊيءَ ڄڻ تھ چڳون ڇوڙايون!
ٿو ٻري مچ ھتي،
اچ ھتي،
ڪا گھڙي سيڪ ھٿن پيرن کي.
ھي ڦٽل پير وري پنڌ ڪندا،
تنھنجو سوڳنڌ ڪندا،
ھي ٽٽل ھٿ ھڻي ھنڌ ڪندا!
مان چوان ٿو تھ ضرور
وقت ايندو تھ وري چڪنا چور
ڪوڙ جو ڪنڌ ڪندا!
آ اھو مچ سھارو پنھنجو،
بس فقط سچ سھارو پنھنجو. . .
ڀؤ ٿئي ٿو ڪٿي ھي بھ وسامي نھ وڃي،
آگ اجھامي نھ وڃي!
اجنبي! آءُ، گھڙي آءُ، ٻھ ٽي پل آ رات!
آھھ گھنگھور گھٽا واري رات،
چو طرف تيز ھوا ۽ برسات،
نھ جياپو نھ جياپي جي بات،
موت ھر چيز ڪئي آھي مات،
پر ھتي ڏس تھ ڄڀيءَ جي ڄڀ تي،
ڪوئي آواز پيو ڀڙڪا ڏي-
”ٿي نھ مايوس ڪڏھن، اي پيارا!
”صبح ٿيندو تھ سوين نور جون نھرون ڦٽنديون،
”آس ۾ جان ڪندي اس پيدا.“
- پر خبر ناھھ ڪڏھن رات جون جھلون کٽنديون!
ڀؤ ٿئي ٿو تھ ڪٿي مچ وسامي نھ وڃي،
سچ وسامي نھ وڃي!
آگ اجھامي نھ وڃي!
ھر قدم تي زندگيءَ جو جام زھر،
ڪنھن نئين سقراط جو آ منتظر!
ھر گھڙيءَ سوري سڏي
ڪنھن نئين منصور کي:
ٿي ٻري شمع حيات،
آ جلڻ جنھن تي پتنگن جي نجات!
ڪوئي عيسى، ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات!
زندگيءَ جي سينڌ جو جھومر ٿيو،
جنھن سان جرڪيو حسن ذات!
ھاءِ بازار جھان!
جنھن ۾ ھر يوسف وڪامي،
ھر زليخا جنھن ۾ دامن چاڪ آ،
جنھن ۾ ھر شيءِ کان مھانگو آ خلوص،
جنھن ۾ سستو آھھ ھر شيءِ کان ضمير،
حسن و حق معصوم پينوءَ جي مثال،
مون اتي پنندا ڏٺا،
ٿي ڪئي فرھاد تيشي جي فروخت،
قيس ان ۾ محمل ليلى وڪيو،
سرجھڪائي ٿي ويو نوشيروان،
ھاءِ بازار جھان!
زندگيء جاودان،
جو تصور ڪيترو بي ڪيف آھھ!
ٿا وڃون دنيايء رنگا رنگ مان،
ھر قدم تي ھئي جتي قوس قزح،
پير پنھنجي جي ڪڙي!
۽ جتي موجِ صبا
ھر نفس لاءِ صورتِ زنجير ھئي!
ڪيئي زلف مشڪبو،
قيد جن ۾ ھئي اسان جي آرزو!
اڄ اھي زنجير ٽوڙي ٿا وڃون،
اڄ اھي ناتا نھوڙي ٿا وڃون،
عالم بي رنگ ويو ۾ دور دور،
آ جتي بَس ڪوئي نور،
جو فروزان بي سبب آ چوطرف،
جنھن جي بارش ۾ سدا،
تا ابد ھن زندگيء مختصر جي ياد ۾
روح رھندو اشڪبار. . .
بي قرار!
نظم
وري ڪونج ڪرڪي،
وري جوتِ جرڪي،
وري ڄاڻ ڄرڪي،
اٿي ميت، ڪر ڪي!
جڏھن رات آئي،
تڏھن تو عطائي!
ڏياٽي جلائي،
ڪئي روشنائي.
وڃي ٿي وھاڻي،
جڏھن رات راڻي،
نھ تو ساز ساڻي،
نھ تو تند تاڻي!
نھ ترساءِ پيارا،
نھ گھٻراءِ پيارا،
اٿي ڳاءِ پيارا،
پرينءَ لاءِ پيارا!
گھاو پيو مان پنھنجا پويان،
ڳاڙھا ڳاڙھا گل سيني مان
تنھنجي لاءِ سدائين سويان،
آءُ ڪلا جي ڪالي، تن کي
تنھنجي آءٌ لتڙ ۾ لويان!
زندگانيءَ جو جام پيئون ٿا-
۽ جڏھن جام ٿو اچي چپ تي،
ٿو تبسم شراب ۾ گڏجي:
مرڪ کي سرڪ سان محبت آ،
سرڪ کي مرڪ سان محبت آ:
مست آھيون مدام پيئون ٿا.
رقص و پرواز ۾ گذاريون ٿا،
زندگي چنڊ آ، چڪور اسين،
زندگي بادل آھھ، مور اسين:
سونھن کي ساھھ سان محبت آ،
ساھھ کي سونھن سان عقيدت آ،
سونھن تي ساھھ پنھنجو واريون ٿا.
سير سنسار جو ڪريان ٿو مان،
آسمان دور ناھھ، بس ھڪ گام،
مون نوائي ڏٺي ڪتيءَ جي لام،
مون ستارا ڇني، ڀري جھولي،
اڄ سجائي مٺي مٺي ٻولي،
زندگي، تو اڳيان ڌريان ٿو مان.
زندگيءَ جي خمار خاني ۾،
تشنگيءَ جي ڪمي نھ آ ڪائي،
ڀيڙ ساڳي اتي لڳي آئي:
آ اڃا صبح و شام گردش ۾،
جام و مينا مدام گردش ۾:
رند آيا ويا زماني ۾.
شام جي وقت روح جي ڇر ۾،
زندگيءَ جو نھنگ آ خاموش،
ٿي ويو ھر امنگ آ خاموش،
نھ جنون آھھ ڪو، نھ ڪوئي جوش،
جھاتي پائي رھيو آ صبر و ھوش،
زلزلي بعد روح جي گھر ۾.
روشني! روشني! ڪٿي آھين؟
موت آ حسن تي بھ پاتي جيت،
چاندني رات ۾ سمھي پيا گيت:
ڪنھن نھ ڄاتو تھ تون مري ويندينءَ،
چنڊ سان سير ۾ تري ويندينءَ:
نور جي جل پري! ڪٿي آھين؟
تو ڀريو ھو شراب اکڙين ۾،
جنھن کي آبِ حيات سمجھو مون،
آرزوءَ جي ثابت سمجھو مون:
اڄ نھ تون آن نھ پيار باقي آھھ،
ڄڻ سڄي ڳالھھ اتفاقي آھھ،
نھ خيال آ نھ خواب اکڙين ۾.
آرزو چور چور جام آھي،
جنھن جي مون بوند بوند پيتي آ،
عمر کان روز راند جيتي آ،
پر اھا جيت ڪيستائين آ!
ڳيت تي ڳيت ڪيستائين آ!
تشنگيءَ کي فقط دوام آھي.
ھاءِ مان ٿو نظر ڪريان جيڏانھن،
حسن عالم جي انتھا آ خاڪ،
ابن آدم جي انتھا آ خاڪ:
ٿو ڪري روح رات جو ريھون،
ساغر زندگي تھ ٿيو ڇيھون،
بوي ميءَ جو وجود ويو ڪيڏانھن؟
ھيءَ نماشام، ھي افق تي سج!
يا سڪو نان ڪو ڇپائي ٿي،
جھول گيڙوءَ- رتي بکاريءَ جي:
ھيءَ سرءُ ۾ ندي، پريان ھو ٻيٽ،
اِئن سڪي ويا جيئن بکئي جو پيٽ. . .
ڄڻ ڌڏي ويو ڏسي انھن کي سج.
منھنجي جھوليءَ ۾ آ تھ ڳايان مان،
چنڊ اڄ تون اداس آھين ڪجھھ،
نور مان ٿيو نراس آھين ڪجھھ!
ڳالھڙيون ڪجھھ ڪري محبت سان،
گھاو تنھنجا سبان نفاست سان،
تنھنجي منھن تان گھٽا ھٽايان مان.
گرچھ پر انتشار آ ھستي،
زندگي زندگيءَ کي ٿي گھائي،
آدمي آدميءَ کي ٿو کائي:
منزل زيست جو پري آ پنڌ،
پو بھ ھن چنڊ رات جو سوڳنڌ،
حسن جو آبشار آ ھستي.
آرزوءَ جي اداس نگريءَ ۾،
شام ميرانجھڙيون چڳون ڇوڙي،
آئي آھي مثال بيوه جي،
زندگانيءَ جو جام خالي آ،
گرچھ چوڌار قحط سالي آ،
مان چوان ٿو نئون شراب ڀريان،
پنھنجي ڪوزي ۾ آفتاب ڀريان،
آس اڀري نراس نگريءَ ۾،
آرزوءَ جي اداس نگريءَ ۾.
ھاءِ حياتي! ھي ٿوھر جو وڻ!
جڏھن اٿيون گھنگھور گھٽائون، جڏھن وٺو ساوڻ،
ھاءِ سندس ٻانھون ڦھلائڻ، ھاءِ سندس اڻ تڻ!
سنھي سنھي برسات الا! ھوءَ ڇاٽ اھا ڇڻ ڇڻ!
وئي پکڙجي پوڻي پوڻي، اکليا ان جا مڻ،
ٺھي ڊھي ويا، ڊھي ٺھي ويا، ڄڻ ڪڪرين جا ڌڻ،
ور وجھندي وڄ آئي پل ليءِ، واجھايو واھڻ،
گھرائيءَ ۾ لھرائي ڄڻ، صحرائي نانگڻ،
نيڻ نيڻ مان نشي نھاريو، گھلندو رھيو ڏکڻ،
دور دور تان ديدون آيون جندڙيءَ ۾ جھلڪڻ،
ھاءِ اھو ھن ويراني جو، ويرم ليءِ وسرڻ،
گھڙي پلڪ ليءِ سج جي ٻيڙيءَ جو جھڙ کي
جھاڳڻ،
پوءِ تھ اھائي تيز تپت ۽ ڄيري جو ڄرڪڻ،
نھ ڪي ڦلڻ ڦولڻ آ ان ۾، نھ ڪي جھلڻ جھولڻ. . .
ھاءِ حياتي! ھي ٿوھر جو وڻ!
ڪٿان اڏامي آيا پکيئڙا،
ڪٿي ھنن جو ديس!
ھو آڪاش ۾ اڏرڻ وارا دور دور تان آيا،
ڪنھن سي ھن پاپي نگريءَ ۾ پڃري ۾ ڦاسايا؟
ھڪ سندر سپني جئن ڏيکاري ڏئي جڳ جي مايا،
سارو جيون وھندي پاڻيءَ تي چوڏھينءَ جي ڇايا،
ويو انھن کان وسري، ڪھڙا پنھنجا ڪير پرايا!
ڪڏھين ڪڏھين نيري اڀ مان، تن کي نياپا آيا، |